انسان دوست، محب وطن ۽ شاعر
مشرقي ۽ مغربي عالمن جي راءِ مطابق شاعري جذبات جي لطيف موسيقي، احساسات جي حسين مصوري ۽ تخيل جي وجداني ڪيفيت آھي. ھن جو دل ۽ دماغ ٻنھي تي اثر پوندو رھي ٿو. ھي حواس جي تندن مان نغما اُڀاري روح کي سرشار بڻائي ٿي ڇڏي، ھي جذبات کان علاوه شعور سان به رابطو رکي ٿي. ھن جي طفيل زندگيءَ ۾ ڪيئي روشنيون پيدا ٿين ٿيون ۽ ماڻھن کي رھنمائي نصيب ٿئي ٿي. ھي انسان کي جياپي جي ريت سيکاري ٿي. سندس ذھن ۾ زندگيءَ جو شعور اڀاري ٿي ۽ کيس زندگي بسر ڪرڻ جو مڪمل احساس ڏياري ٿي.
ڪنھن حقيقت پسند ادبي نقاد جي انھيءَ مختصر تمھيد کان پوءِ آءٌ خود ان جي ئي لفظن ۾ نياز جي شاعري سندس پرخلوص شخصيت جي صحيح عڪاس ۽ پنھنجي ماحول جي سچي ترجمان آھي. ان ۾ اجتماعي زندگيءَ جو احساس ۽ اظھار ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ موجود آھي. ھن جي شاعري شانائتي شاعري آھي جنھن ۾ زندگيءَ جو عرفان، انسان جي عظمت جو ايقان ۽ ان جي روشني ۽ مستقبل جو امڪان جھلڪي ٿو.
ھن جي شاعري زندگيءَ جي دک درد ۽ رنگ رومان سان گڏ قوم ۽ وطن جي شاعري آھي، ھي اڪثر قومي زندگي جي مسئلن کي پنھنجي شاعري جو موضوع بڻائي ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي اھڙيءَ طرح بلنديءَ کان وٺي پستي تائين اجاگر ڪندو رھي ٿو جو سندس شاعري اسان جي زندگيءَ لاءِ صحيح عڪاسي جو رتبو رکي ٿي. انھيءَ عڪاسيءَ ۾ انفرادي، اجتماعي، ذھني ۽ جذباتي زندگيءَ جا سمورا نقش بلڪل پڌرا نظر اچي رھيا آھن.
محترم نياز سان منھنجي پھرين ملاقات سندس شاعري جي شروعاتي دور ۾ اوڻيھ سؤ پنجيتاليھ ڌاري ٿي ھئي جڏھن پاڻ پندرھن يا سورھن ورھين جي ڄمار جو ھيو. ھاڻ ته ھن يار جي عمر ذري گھٽ پنجاھي سالن تائين پھچڻ واري آھي. زندگيءَ جي انھي طويل عرصي ۾ ھن شخص جيڪي ڏک سور ڏٺا تن جو سندس ذھن تي ڀرپور اثر پوندو رھيو. خاص ڪري ھڪ غريب ھاريءَ جي خاندان ۾ جنم وٺڻ سبب دنيا جي ھرڪا مصيبت مٿس نازل ٿيندي رھي جا ھن جي احساسات ۾ برابر ھلچل پيدا ڪندي آئي. ھن پنھنجي شاعري جي شروعات ۾ ئي غمِ جانان کي غم دوران سان ملائي انفرادي معاملا درگذر ڪري اجتماعي مسئلن کي پنھنجي شاعري جو موضوع بڻايو ۽ وقت جي تقاضا موجب تحريڪ آزادي سان پاڻ کي ھمڪنار ڪري ڇڏيائين. انھي طبعي ميلان مھابي کيس ملڪ جي عظيم مدبرن جي صحبت ۽ اصولي زندگيءَ جو قريبي مشاھدو ڪرڻو پيو جنھن ھن کي آدرشي زندگي عطا ڪئي. منھنجي خيال ۾ نياز صاحب نھايت خوش نصيب آھي جو کيس ايڏن اتانھن انسانن جو قربتون حاصل ٿينديون رھيون جن جي اڪسيري نگاھ ٽامي کي به ڪندن بڻائي ڇڏي ٿي.
نياز جي شخصيت سراپا غم آھي ليڪن انھيءَ غم سندس ذھن ۾ ڪابه تاريڪي پيدا نه ڪئي، ھي اٿاھ غمن جي باوجود زندگيءَ سان دلچسپي رکندو آيو، کيس ڪا خوشي ميسر نه ٿي تڏھن به پنھنجي مُرڪ ملھائيندو رھيو. سندس شخصيت جي اھا خصوصيت کيس خود اعتمادي جي جذبي سان نوازيندي رھي جنھن ڪري پاڻ زندگيءَ جي ھر قدم تي مايوس ٿيڻ بدران اميدن ڀريا اُمنگ اُڀاريندو رھيو.
اھا ڳالھ بنا ڪنھن وڌاءَ جي چئي سگھجي ٿي ته نياز وسيع ظرف رکندڙ ۽ زنده دل انسان آھي، سندس خلوص واقعي مثالي حيثيت رکي ٿو. عام انسانن وانگي ھن ۾ به ڪي خاميون ضرور آھن مگر جيتري قدر اصول جو تعلق آھي تنھن جي باري ۾ ھن جي شخصيت ڪڏھن به داغدار ٿيڻ واري ناھي.
اڪثر ڏٺو ويو آھي ته ڪي ماڻھون شاعر کي سندس شخصيت کان پري رکي پرکيندا آھن جا ڳالھ حقيقت جي بلڪل برعڪس آھي. ڪوبه شاعر جيستائين شخصي طور ڪنھن به معاملي ۾ پاڻ کي ذميدار تصور ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي تيستائين ان جي ڪنھن به فرض ادائي کي صداقت تي مبني چئي نٿو سگھجي.
شاعر کي شاعر ٿيڻ لاءِ وڏي محنت ۽ مشقت جي ضرورت رھي ٿي. پھريان ھي پاڻ کي سمجھڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پوءِ پنھنجي روح کي پرکڻ لڳي ٿو. کيس مختلف آزمائش ۾ مبتلا ٿي پاڻ تي درد انگيز ڪيفيت طاري ڪري ذھن جي اونھائين مان پار ٿيڻ جا حيلا ھلائڻا پون ٿا. جيڪڏھن سندس شخصيت آسائشن کان پاڪ ٿي شاعريءَ لاءِ آماده ٿئي ٿي ته ھن جي اھا شاعري انسان ذات ۽ قوم وطن لاءِ ڪارگر ٿئي ٿي ٻي حالت ۾ سندس شاعري محض شاعري ھوندي منجھس مجاز جو ڪوبه دخل نه رھندو.
نياز ھمايوني بنيادي طور قوم پرست شاعر آھي. جيتوڻيڪ ھي ترقي پسندي جي رنگ ۾ اشتراڪيت ڏانھن به رغبت رکندو اچي ٿو ان ھوندي به سندس قوم پرستيءَ وارو جذبو ڪڏھن فنا ٿي نه سگھيو آھي. سندس شاعريءَ ۾ جديد ۽ قديم فن ۽ فڪر جا عنصر ڏٺا وڃن ٿا پر ھن جيڪا ان ۾ نواڻ پيدا ڪئي آھي تنھن کي ڌيان ۾ رکندي اھو فيصلو ڏئي سگھجي ٿو ته نياز بيشڪ منفرد شاعر آھي. ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن.
ھي شاعري جنھن خوش اسلوبي ۽ روانيءَ سان نگاھون اُڪري ذھن جي گھراين تائين پھچي ٿي تنھن مان درجي به درجي اھو اندازو ٿيندو وڃي ٿو ته ھن ۾ فڪر جي بلند پروازي سان گڏ فن جي عجيب پختگي، موسيقي جي دلفريبي ۽ مصوري جي رنگيني قوس و قزح جا المست نظارا پسائيندي رھي ٿي. نياز جي شاعري جي ھر صنف ۾ مٿيان اثر ۽ قدر برابر سمايل آھن جن کي ڏسندي اھو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته اھا شاعري ڪنھن ڪوشش بدران قدرتي ڏات جي پيداوار آھي.
اھڙي قسم جي شاعري بھترين ۽ خوشترين طبيعت جي يادگار گھڙين جي سرگشت ھوندي آھي. ھر انسان جي قسمت ۾ اھڙيون اڻ وسرندڙ گھڙيون ضرور اچن ٿيون جڏھن ڪوبه جذبو يا خيال جنھن جو موضوع، مقام يا ڪردار نفسي ڪيفيت مان اڀرندو آھي ۽ اچانڪ انسان جي طبيعت ۾ وارد ٿي بنا پڇي واپس ھليو وڃي ٿو ليڪن انھي لمحي جي قيام جا اثرات ناقابل اظھار حالت ۽ سرخوشيءَ جي صورت ۾ ذھن تي رھجي ويندا آھن، جنھن ڪري ان جي ھلڪي يادگيري انسان کي سدائين لطف اندوز ٿيڻ جا موقعا ميسر ڪندي آھي. اھڙيون عجيب گھڙيون گھڻو ڪري انھن انسانن کي نصيب ٿين ٿيون جن جي احساس جي قوت ۽ تخيل جي قدرت انتھائي ذڪاوت ۽ وسعت واري ھوندي آھي. نفس جي اھا ڪيفيت جيڪا انھن گھڙين جي خاصيت مان شمار ٿئي ٿي ھر معمولي خواھش سان ٽڪرائيندي رھي ٿي. انھيءَ مان ئي نيڪي ۽ محبت جو احساس وطن جي حب ۽ دوستداري جي انداز جا جذبا پيدا ٿيندا آھن جن کي شاعر پنھنجي زبان ۽ انداز بيان وسيلي عوام تائين پھچائي ٿو. اھڙو شاعر نيڪيءَ جو علمبردار ، محبت جو مبلغ، وطن جي حب جو داعي ۽ دوستيءَ جو ديوانو ھوندو آھي. ھن جو ھر قول سچائي ۽ سونھن جو طلبگار ٿئي اھوئي شاعر قومن جي ذھن يا زندگيءَ ۾ انقلابي شعور اپائي سگھي ٿو. مٿيون اقتباس نياز جي شخصيت ۽ شاعري سان بلڪل ٺھڪي اچي ٿو. ھن پنھنجي شخصيت جي بناء تي شاعريءَ جي جيڪا آبياري ڪئي آھي تنھن مطابق وڏي وثوق سان چئي سگھجي ٿو ته سندس شاعري زنده جاويد شاعري آھي ۽ جيستائين سنڌ قائم آھي تيستائين ان جو اثر باقي رھندو. اھا شاعري اَيامن کان پٺتي پيل قوم کي اڳتي وڌڻ جو پيغام پھچائڻ لاءِ وارد ٿئي ٿي، اھوئي ھن جو وڏو ڪارنامو آھي. نياز پنھنجي شاعري جي صورت ۾ سنڌي قوم لاءِ اھا ميراث مھيا ڪئي آھي جنھن ۾ ڪڏھن به ڪا کوٽ اچڻي ناھي، ھيءَ شاعري ذھن جي تغير زندگي جي تعمير ۽ تھذيب تاريخ جي آئينه دار آھي. ھن مان ذميداري نڀائڻ جو درس، زندگي گھارڻ جو احساس ۽ انساني آدرش جي بجا آوري جو پيغام ملي ٿو. ھن ۾ قوم جي عروج ۽ زوال بابت تمثيلي طور تاريخي داستان دھرائي قومي زندگيءَ جي پستي ۽ بلندي جي صحيح تصوير پيش ڪئي ويئي آھي. پنھنجي تھذيب جو تحفظ ڇو ۽ ڇا لاءِ ضروري آھي اھا اشاريت به ھن شاعريءَ ۾ موجود آھي. نياز جي خيال ۾ تھذيب جو تحفظ تيستائين ممڪن نه آھي جيستائين انھيءَ ڪارڪردگيءَ ۾ وطن جي حب جو جذبو شامل نه آھي. ان ڪري ھي تھذيبي قدرن جي ترجماني سان گڏ حب الوطنيءَ جو صدائون به ڪري ٿو. سندس لوڪ گيت انھن صدائن جو مظھر آھن.
سنڌڙي تنھنجي سُک جي ساک بلي
ڦٽندي نيٺ ته پنھنجي باک بلي
نياز پنھنجي شاعري ۾ جنھن سِڪ ۽ سوز سان سنڌڙيءَ کي ڳايو آھي تنھن جو مثال ورلي ڪو ملندو. سنڌ سان سندس محبت عقيدت جي حد تائين ڏسجي ٿي:
آءٌ نه پوڄيان لوڪ جيان، ڌڻي ڪڏھن به دنيا جا،
منھنجي ڌياڻي سنڌ الا، صدقي جنھن تان سو سجود.
ھن جو جئڻ توڙي مرڻ صرف سنڌ لاءِ آھي:
جڳ چئي پاڻ ليءَ، آءٌ نه اھڙو ٿيان،
آءٌ تو ليءَ جئان، آءٌ تو ليءَ مران!
وري بي خوديءَ ۾ اچي چوي ٿو:
تنھنجي جذبي ساڻ جئان، تنھنجي مستيءَ منجھ مران،
پڇاڙيءَ اھو عھد به ڪري ٿو:
سنڌڙي تنھنجي نانوءَ تان صدقي، منھنجا سڀ سنگيت الا،
جيسين جيئندس، تيسين لکندس، تنھنجي غم جا گيت الا.
انھيءَ سوز گداز ۽ معصوم انداز سان نياز جڏھن سنڌڙي ڳائيندو آھي ته ٻڌندڙن جي دل ڀرجي ايندي آھي ۽ سندس اکيون آليون ٿي وينديون آھن.
آيل تنھنجي سورن جا ٿا، اسان کي اِئين اھڃاڻ لڳن،
ننڊ مان ڇرڪي ٻار جيئن ٿا، ماءُ جي ڇاتيءَ ساڻ لڳن.
يا:
روئندي روئندي نِير کُٽي ويا، لھو اچي ويو لڙڪن ۾،
آءٌ ڪيئن کلندي کير پيئان، منھنجي سنڌڙي آھي سڏڪن ۾.
اِنين نه آھي ته نياز رڳو سنڌ جي غم جا گيت ڳايا آھن. ھن غم جي اظھار سان گڏ اھا للڪار به ڪندو رھيو آھي ته:
سنڌڙيءَ ڪارڻ سودائي ٿي، سِر ڏئي ساري ڪرڻي آھ،
سنڌڙيءَ جا سرويچ جئن شل، سنڌڙيءَ جي پَت رکڻي آھ.
يا:
اڄ جو نعرو سڀان جي ھلچل، ميڙو انت مچي پوندو،
نيٺ ته سنڌ جي ساري ٿيندي، نيٺ ته جبر جھُڪي پوندو.
نياز جي شاعري ۾ ٻين خصوصيتن سان گڏ خاص خوبي اھا به آھي ته ھي آس ۽ نراس ٻنھي جو اثرائتي نموني اظھار ڪري ٿو. پھريان پنھنجي انداز بيان موجب ھر ڳالھ جو غمگين پھلو پيش ڪري پڇاڙيءَ نھايت جوش ۽ جذبي سان اميد جون ريکائون نروار ڪرڻ لڳي ٿو. جئن نظم ”زندگي اھڙي به ڇا“ ۾:
اي دکي دل تنھنجي غم کان گھائجي ويو آھيان
شام جي گل وانگيان ڪومائجي ويو آھيان
بس ڪر اي دل ھاڻ مان گھٻرائجي ويو آھيان.
وري نظم جي پڇاڙيءَ ۾ چوي ٿو:
اڄ ته ڪاھيون ڪاڪ تي، اي مينڌرا منزل ڌڻي،
ڏيل ڏاريون مومليون ماڻيون، ٿيون محمد ڌڻي
ٽوڙ بند ۽ لاھ ڦندا، ھل ته ٿيون دنگل ڌڻي.
اميد ۽ ياس جو اھو طلوع ۽ غروب نياز جي شاعري جي ھر صنف ۾ جادوگريءَ جي حد تائين نشانبر آھي، ايتري قدر جو ھن جي طويل نظم ”ھاءِ جيجل مارئي“ ۾ دک درد ۽ مايوسيءَ جي انتھا آھن ۽ دانھن کان پوءِ به نظم جي خاتمي تي ڀرپور اميد ۽ پوري جوش جذبي جو مظاھرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
شاعري ۾ تشبيھون سورھن سينگارن جو درجو رکن ٿيون. ان باري ۾ به نياز جيڪو ڪمال ڪري ڏيکاريو آھي تنھنجي ڇا ڳالھ ڪجي. سندس ھر تشبيھ سون وانگي نِج پئي لڳي:
1. ساھ کي ويا ائين سور وٺي ڄڻ
چنڊ گرھڻ ڙي ڍوليا
ھاءِ اسان جي جندڙي ٿي وئي
پنڊ پھڻ ڙي ڍوليا
2. ڪنڍيون ڀروان ته سنھڙا چپ بالو
اسان ترسون ڪينءَ تو وٽ سانڍيل سڀ بالو
3. تنھنجي لوڏ ۾ لھرا بينن جا
اسان مستيءَ ۾ ڇڙيا چيڻا سينن جا
4. تنھنجون ساھيڙيون ڀٽن تي ھيون انھي اوصاف ۾
ڄڻ ته گوپيون مندرن ۾ ڄڻ پريون ڪوڪاف ۾
5. جي نوجوان حسرتون کنڀين جئان کڙن پيون
جي يادگار ساعتون پکين جئان مڙن پيون
6. مست ٿي موھن دڙي سان جاڙ جئن مھراڻ ڪئي
اھڙي حالت ڪنھن اچي اڄ تنھنجي ھستيءَ ساڻ ڪئي
انھيءَ کان سواءِ نياز جون اڪيچار تشبيھون ٻيون به آھن ليڪن ھتي فقط انھن تي ئي اڪتفا ڪجي ٿي. مڪليءَ نظم ۾ ته نياز ايتريون تشبيھون آنديون آھن جو انھن جي ڳڻپ ڪرڻ ئي مشڪل ڪم آھي. ھن مان ھر تشبيھ اسان جي ماحول، تھذيب، تاريخ ۽ تمدن سان تعلق رکي ٿي تنھن ڪري انھن جو حسن ھيڪاري وڌيڪ دلفريب نظر پيو اچي. نياز بيشڪ جتي نظم جو بادشاھ آھي اتي تشبيھن تي به پورو عبور رکي ٿو، نياز جي زبان ۽ انداز بيان جا صرف ڪي مثال پيش ڪجن ٿا:
1. ھاڻ ته ڪاغذ جو گل آھيان
بي سُڌ ته به سُرت رھي ٿي
ھير نه مونکي ڀانءِ پوي ٿي
ماڪ نه مون کي راس اچي ٿي
رنگن ھوندي بي رنگي اف،
پاڻ کان پاڻ کي ڪرڀ لڳي ٿي
2. ھميشہ ھڪڙي مُرڪ ليءَ ٿا لڙڪ ڪيئي لاڙجن
ھميشہ ھڪڙي پور ليءِ ٿا سور ڪيئي تاڙجن
ھميشہ ھڪڙي عيش ليءَ ٿا ھانوَ ڪيئي ساڙجن
جھٻا اچن ٿا جيءِ کي ٽٽن ٿا ساز ساٿيو!
3. ھانوَ تي مُڱ ٿو ڏري ڪوئي ته ڀي چپ ٿا رھون
ساھ مُٺ ۾ ٿو ڪري ڪوئي ته ڀي چپ ٿا رھون
ننھن نڙيءَ تي ٿو ڌري ڪوئي ته ڀي چپ ٿا رھون
نانگ وانگي ٿو وري ڪوئي ته ڀي چپ ٿا رھون.
۽ ھي آھي نياز جي شاعري جي بي پناھ رواني:
1. ھو گھوڙا ھو ميدان جا مينڌرا
منزلون جن کي مومل جان مرڪي ملن ٿيون
ھلن ٿا ائين ڄڻ ڏکڻ جون ھوائون
ڊڪن ٿا ائين ڄڻ ته کنوڻيون کلن ٿيون
ويا ھو ويا ھوڪرا پئجي ويا
سوڀ ۽ ھار ليءَ سڀ جون ڇاتيون ڇلن ٿيون.
2. ھو جوڙا ملھن جا جتي جوان جوانن کي
ڀاڪر وجھي بي ڊپا ٿي وڙھن ٿا
گھڙي ٿا ڪمانن جان ٻيڻا ٿين
۽ گھڙي تير وانگي سڌا ٿي وڙھن ٿا
دسڻ ۽ ڪرڻ مرڪ مردن جو
ڊپ کان ٿي آجا ھي مھمير راجا وڙھن ٿا.
نظم مڪلي ۾ دريا خان جي دلاوري ھن رواني سان ٿو بيان ڪري:
ڌُوڪي ويو ميدان ۾ ائين ڄڻ
شينھن لنگھي ويو ٻيلي ۾
ڌارين ۾ ڦڙڦوٽ پئي ڄڻ
مينھن وسي پيو ميلي ۾
ڀاڱن ۾ پيا بدن انھن جا
پئجي وئي رت ريلي ۾.
اھا اٿاھ رواني تشبيھن جي ور وڪڙ مان ھينءَ سنڌا ڏئي پار ٿيو وڃي ٿي:
محفل ۾ ٿي ماٺ، اڏاڻا ڄام جا نشا آڙين جان
درٻارين جا ڪنڌ جھڪي پيا، ڪرندڙ جھرندڙ ماڙين جان
ھڪل ڪيائين درٻارين کي مڇريل شينھن جي راڙين جان.
نظم جي ھيڏي رواني کي شايد نثر جي رواني به نه پڄي سگھي.
نياز جون طويل نظمون تاريخي حيثيت رکن ٿيون جن لاءِ پڻ طويل تبصري جي ضرورت آھي پر مجبوريءَ سبب ائين ڪري نٿو سگھجي. حڪم آھي ته ھر ڳالھ اختيار سان ھجي. اھا پابندي خود شاعر کي وجھڻ کپي جنھن طويل نظم لکي طويل تبصري جو ڪارڻ پيدا ڪيو آھي.
غزل ۾ نياز اھوئي انداز ادا ڪيو آھي جنھن جي کانئس بھترين توقع رکي ٿي.
1. دعا گھرو دل جي سوجھري جي ته ٿي سڻائي
اکين سڄي جو ھتي ته ڪاريءَ تي پير آھي.
2. سچ آھ زھر ته به ٿا ان جا پئون پيالا
اي زندگي اسان جو ڪردار ياد رکجانءِ.
3. انسان جي عشق ۾ ڀي غم ڪرڻ سِک ميان
حاصل نه ٿيندي ڪٿان اھڙي غنا اوچتي.
4. زندگيءَ جا زخم لک ته به گھرو نٿا گھاوَ اڃا
مان ٿي ڇيھون ستن جي ڪٽار اي دوستو.
نياز جا دوھا ۽ وايون به پنھنجو مَٽ پاڻ آھن. خاص ڪري پڇاڙيءَ واري وائي- انسان سرا لاھي ته لاجواب آھي، ۽ ھي دوھو سڀني دوھن جو سرتاج:
آءٌ نماڻو ھاري زادو، ذات جو ڪوري نانءُ نياز،
سڀ ڪو ڄاڻي ڪين ٿو ڄاڻي، ڏنگن وارو ڏانءُ نياز.
فقط
محمد صالح عاجز
ايڊيٽير ھفتيوار ”صبح صادق“
نواب شاھ سنڌ