اي وطن منھنجا وطن
اي وطن منھنجا وطن، پيارا وطن تون لک لھين!
تنھنجا ويرانا بہ ٿا مونکي وڻن تون لک لھين!
اي وطن منھنجا وطن، پيارا وطن تون لک لھين!
تنھنجي ٻٻرن جي ٿڌيري ڇانوَ بستن کان ڀلي
تنھنجي کيرولين جي مٺڙي لست پستن کان ڀلي
غير جي گينڊي کان وڌ تنھنجو ٻُڪن تون لک لھين!
تنھنجي ندين ۾ محبت ڦيريون پائي پئي
تنھنجي پوکن ۾ حياتي ڀيرويون ڳائي پئي
تنھنجي جهونگارن تان صدقي جان تن تون لک لھين!
تنھنجي ٻولي ڄڻ تہ اونداھيءَ ۾ ٽانڊاڻا اَلا
تنھنجا گفتا ڄڻ تہ چانڊاڻين ۾ مانڊاڻا اَلا
تنھنجي مجلس تي ملائڪ ڀي ڇڪن تون لک لھين!
تنھنجا جهانگيئڙا وسن جھڙا انھيءَ اھڃاڻ ۾
ڄڻ تہ اوندھ ۾ ستارا ڄڻ تہ گل چانڊاڻ ۾
شال سي ساوڻ جئان سرھا رھن تون لک لھين!
مومليون تنھنجيون مَرم واريون انھيءَ انداز سان
ڄڻ تہ ڪونجن جون قطارون ڄڻ تہ ڪي سُر، ساز سان
جن جي قدمن تي ستارا ٿا جهڪن تون لک لھين!
تو ۾ مريادا جون مرليون، تو ۾ سرندا ساءَ جا
تو ۾ وندر جي ولايت، شھر آدرڀاءَ جا
تو ۾ ڏکندا ٿا سُکن جا دم کڻن تون لک لھين!
او اَلا اڄ تنھنجي قسمت اي وطن ڪنگال آھ
تنھنجي دامن ۾ جياپو ٿي پيو جنجال آھ
ڪِن ڪيا تو ۾ گهڻا، ميرن مندن تون لک لھين!
تو جي جهوليءَ ۾ نپايا نانگ تن جهوري ڇڏيو
ڏنگ ڏاڍائن ھڻي، ڀترن جئان ڀوري ڇڏيو
تنھنجا سانگيئڙا سکن ليءَ ٿا سڪن تون لک لھين!
ڪالھ جن ٿاڪن تي سارنگ جي وسڻ جا ويس ھئا
منھنجي مارن جا گلابن جان گلابي ويس ھئا
اڄ انھن ۾ ڪانگ ٿا رڙندا وطن تون لک لھين!
توکي جيڪا ڀي لڳي گهر مان لڳي ڪو شڪ نہ آھ
ڏوھ ڇا ٻين کي ڏجي، پنھنجن ئي ڪئي ڪو شڪ نہ آھ
اڄ بہ توتي واڪ ٿا ڏيندا رھن تون لک لھين!
ڇا بہ ٿي تون منھنجو آھين، مان آھيان تنھنجو وطن
جيءُ جسو گهوري ڇڏيندس تو مٿان پنھنجو وطن
توکي رکڻو آھ سلامت جان من تون لک لھين!