شاعري

ڌرتيءَ جا گيت

ھن ڪتاب ۾ قومي زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورتحال جي ترجماني ڪيل آھي. آزاديءَ کان اڳ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي گذريو ۽ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر پوندو رھيو تنھن بابت شاعر جي سوچ ڪھڙا انداز اختيار ڪندي آئي اھا سڄي حقيقت ھتي واضح ٿئي ٿي.
ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن
Title Cover of book ڌرتيءَ جا گيت

اُوسيئڙا ٿا آس اورانگھن، تانگھ ٿي پويان پير کڻي

اُوسيئڙا ٿا آس اورانگھن، تانگھ ٿي پويان پير کڻي
آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي

نِرڙ تي ھٿڙا رکندي تنھنجي واٽ تڪيندي وَرھ ٿيام
ھانو کي آٿت ڏيندي، ٿڌڙا ساھ ڀريندي ورھ ٿيام
اڌما ٿا ڪھرام مچائن، اُڻ تڻ پئي ٿي تند تڻي،
آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي.

ياد آيا جئن پور پرايا، ٿي ويا پنھنجا سور سوايا ھوءِ
مايوسين جي ميڙ منجھايو، گذري پاڻ تي ڇا ڇا ھوءِ
اکڙيون لڙڪ ائين پيون لاڙين، انبن مان جئن ٻور ڇڻي،
آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي.

آڌيءَ رات ۾ چنڊ اداس ۽ منھنجو روح نِراس اَلا
ھن کي ڀانءِ نه تنھائي، نڪي مون کي جدائي راس الا
ھاءِ حياتي ھنئي ھچائن، شال نه ڪنھن کي ماءُ ڄڻي
آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي.

تو جئن منھنجي حال تي ھردم وقت پيو ٿو وار ڪري
آءٌ ته ويٺس دل ھاري پر آس اڃا پئي سار ڪري
سور اھيئي سانده آھن، سانول جيڪا توکي وڻي،
آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي
آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي.