شاعري

ڌرتيءَ جا گيت

ھن ڪتاب ۾ قومي زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورتحال جي ترجماني ڪيل آھي. آزاديءَ کان اڳ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي گذريو ۽ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر پوندو رھيو تنھن بابت شاعر جي سوچ ڪھڙا انداز اختيار ڪندي آئي اھا سڄي حقيقت ھتي واضح ٿئي ٿي.
ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن
Title Cover of book ڌرتيءَ جا گيت

پرھ ڦٽيءَ کان پوءِ

[b]لوڪ ڪھاڻي
[/b]

[b](ھي طويل نظم ون يونٽ واري دور سان تعلق رکي ٿو. ليڪن ھن جو مقصد صرف انھيءَ دور جي حالتن تائين محدود نہ ھيو، ان ڪري نظم جي مستقل افاديت جي پيش نظر ھن جي ٻيھر شايع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.)
[/b]

(۱)

آکاڻي ٻُڌ! مور ۽ ھرڻ جي سولي سَنھنجي آکاڻي
منھنجي ملڪ جا ننڍڙا وڏڙا ماڻھون پنھنجي آکاڻي
راتين جو رولاڪ رھي ٿو ڳايان تنھنجي آکاڻي

ھڪڙي جهنگ ۾ مور ۽ ھرڻ رھيا ٿي پاڻ ۾ يارن جان
گڏجي سڏجي راند ڪندا ھئا ڀيچي بنجي ٻارن جان
سچ جا سانگي قرب جا ڪانگي ھُيا سي ماکيءَ لارن جان

مور جو صُوفين وانگ رھيو ٿي ڌيان نہ دنياداريءَ سان
ھرڻ مڙئي ھو ھيڪاندو ھر حالت ۾ چوياريءَ سان
اھڙيءَ ريت گذاريو ٿي پئي ھرھڪ خود اِختياريءَ سان

مور سدائين سچ چوندو ھو ڪوڙ جي ھن وٽ ڪار نہ ھئي
ظالم جي سگھ سگهري توڻي تڏھن بہ ھن کان تار نہ ھئي
پر ارمان جو ھن ناکـئي جي ٻيڙي ھتڙي پار نہ ھئي

ھن جو سچ ٿي مَچ لڳو ٿي ھُوڙ ھيالن جي ھستيءَ کي
نيٺ ٿي ھي بيزار ھليو ويو ڇڏي سندن خرمستيءَ کي
پنھنجي ليکي الڳ وسائي ويٺو ڪنھن ٻيءَ وستيءَ کي

ھرڻ ھيو جنھن جهنگ ۾ تنھن ۾ گدڙ بگهڙ ڀي جام ھيا
ڦاڙھن ۽ ڦِيڪارين سان گڏ ٻيا ڀي ڪي گگدام ھيا
شينھن جي شاھي ھئي انھيءَ جا ظلم ستم ڀي عام ھيا

ھرڻ ھو تَايل شينھن کان سو ٿي ننڊ ۾ ڇرڪ ڀريندو رھيو
ھن جو وات ٿي پاڻي ٿيو ۽ ھِن جو ھانءُ ٿي ھڄندو رھيو
ھرڻ شڪار تہ شينھن شڪاري اھو تماشو ھلندو رھيو

قصو ڪوتھ! ھرڻ کي جو ھڪ ڏينھن ستايو تاس اچي
ڊوڙي ڊوڙي پھتو پياسي جهنگ جي ڍوري پاس اچي
شينھن ھيو جو تاڙ ۾ تنھن جو سارو ڪم ٿيو راس اچي

ٻيلاٽي مان ٻوٿ ڪڍي ھن ھرڻ کي ھاھاڪار ڪئي
تو ڇو ايندي اُجري ڍوري ميري او مردار ڪئي
بيھ اِتي نہ تہ سير ويندءِ جي چرپر تو ھيڪار ڪئي

ھرڻ چيو ھيءَ وَھندڙ ڍوري آھي ميري ٿيڻي ناھ
شينھن وراڻيو بس ڪر گيدي ڳالھ ڪا تنھنجي ٻڌڻي ناھ
گستاخي جا ڪييءِ انھيءَ جي سزا تہ توتان ٽَرڻي ناھ

اُنکان اڳي جو ھرڻ چوي ڪجھ شينھن ڏنو ٽِپ جهَٽ پٽ ۾
ھرڻ بہ ھو ھوشيار سو ان ڀي وار وڃايو ھڪ سَٽ ۾
کامي پَڄري شينھن چيو پٽ! نيٺ تہ ايندين ٻي جهٽ ۾

ھرڻ تہ ھيڪر بچي ويو پر ٻيھر ان ڏي نہ خير ھيو
دل ۾ چيائين ڪجھ بہ نہ ھو بس! شينھن جي مَن ۾ مير ھيو
اھڙا بھانا ڳوليائين ٿي ڄڻ تہ سندس ڪو وير ھيو

ھرڻ چيو ھن شينھن کان ڪھڙيءَ ريت بہ جند ڇٽڻ گهرجي
ارچڻ آھي اوکي ليڪن ڪو تہ اُپاءُ ڪرڻ گهرجي
ھر ڪنھن سان ھي ھاڃا آھن ھلچل ڪابہ ھلڻ گهرجي


(۲)

اُڀ تي اُڀريون ڪاريون ڪڪريون وِندر آئي وَستيءَ ۾
پورن جي پاتال مان نڪري مور اچي ويو مَستيءَ ۾
ڪوھياري ڪوڪار تي ھرکي ھيج وڌا ھل ھستيءَ ۾

ڪڪريون جن جي ڪَرھ ائين ڄڻ پِرھ وَھيءَ جا انگ کڻي
ڪنور جيان پئي ڀنور ڀِرايا رم جهم رم جهم رنگ کڻي
مور ائين جئن ڳائي ھَمرَچو ھاري ھٿ ۾ سَنگ کڻي

ڪڪرين جرڪي جهمر ھنئين ٿي اُرھ اُڀاريل گورين جان
مور پکيڙي پريت پرن ۾ ڇيڄ وڌي ٿي ڇورين جان
واءُ ڏنا ٿي وِرھ وَراڪا بود ۾ آيل ڀورين جان

ائين ڪندي اُت ھرڻ اچي ويو ڇوُھي جھڙو ڇَند ڪري
مور کي ڏسندي ماٺيڻو ٿي بيٺو رَند تي رَند ڪري
ھي ڀي ٿي ويو سانت سگهو ئي ڦٽا سمورا ڦَند ڪري

مور ۽ ھرڻ جي ياري ھئي سو مور جو ان کي ڏک ۾ ڏٺو
دل ۾ چيائين ھي جو ھِنکي اٿم ھميشه سُک ۾ ڏٺو
تنھنکي اڄ ھي ڇا ٿي ويو ڇو کيس مون اھڙي مُک ۾ ڏٺو

آخر اُنکان پڇا ڪيائين ھرڻ ھٺيلا خير تہ آھ
آھين ڪھڙيءَ اُڻ تڻ ۾ اڄ رَنگ رنگيلا خير تہ آھ
ھھڙو حال ڇو تنھنجو ٿي ويو او اربيلا خير تہ آھ

مُنھن تہ مٿي ڪر سچ تہ ٻڌاءِ ڇو روئڻو روپ بڻايو ٿي
توسان ڪائي ويڌن آھي يا ڪو ڍَؤنگ رچايو ٿي
عشق ۾ ڦاٿو آھين يا ڪنھن ماريءَ ڏِيل ڏَڪايو ٿي

ھرڻ چيو سڀ خير آھي ھڪ خبر ٿو توکي ڏيڻ گهران
تنھنجي صلاح سان سوَلي ٿيندي سور ٿو توسان سلڻ گهران
اُڻ تڻ آہ اھائي ڀائو! بار ٿو ھلڪو ڪرڻ گهران

توکي سڀ سڌ آہ تہ اڄڪلھ پنھنجو گذر ڪيئن تنگ آھي
موت جو آھي سر تي سايو جنھن کان جياپو دنگ آھي
ڪڪ ٿي ھن ڪيڪاند کان جوٽي پاڻ جهول سان جنگ آھي

مور چيو مون سمجھو ڪونہ تون ڪھڙو ٿو جنجال ڪرين
ان کان اڳي جو متيون منجهائي تڪڙ ۾ ٻائيِتال ڪرين
بھتر آھي تہ دل کولي تون مونسان سارو حال ڪرين

ھرڻ وراڻيو، ڳالھ ھيءَ آھي تہ جهنگ جو پنھنجو ننگ آھي
مور چيو ھا، ھرڻ چيو اُت شينھن جي ڳؤري ٽنگ آھي
پاڻ کي گهرجي آزادي سو پنھنجي شينھن سان جنگ آھي

مور چيو سڀ ٺيڪ مگر ھي مھم تہ ائين سر ٿيڻي ناہ
جيسين ساٿ نہ ڏيندا سڀ: تيسين مصيبت ٽرڻي ناہ
آزاديءَ جي ساک او سھڻا، ھِڪ ٿيڻ بِن رَھڻي ناہ
ھرڻ ٻڌايو ائين ئي آھي تہ مان اڪيلو ناھيان ڀاءُ
سڀني جي ساٿ سان ھي ڪم ٿيندو سمجهو آھيان ڀاءُ
مور چيو بس سمجهي ويس مان ڀي تہ اھو ٿو چاھيان ڀاءُ


(۳)

ھوڏانھن ھرڻ جو بار ٿيو ھلڪو ھيڏانھن مور کي موج چڙھي
ڪڪر نھاري ڪُوڪ ڪيائين پل ۾ اُمنگ ويا اوج چڙھي
ڄڻ تہ درياہ جي دل ڌڙڪي ڄڻ فتنو ٽارڻ فوج چڙھي

ھرڻ چيو ھي آزاديءَ جا گيت ٻڌي ائين ڀايان ٿو
ڄڻ تہ جواني واپس آئي ڄڻ تہ وري لَنو لايان ٿو
مور وراڻيو تڏھن تہ مان ڀي بُودَ ۾ ڀرجي ڳايان ٿو

ائين چئي ۽ مور اُڏاڻو روح کي جئن رولاڪ ڪري
لحظي ۾ سڀ غم لاھي جن ڇڏيو ٿي کيس ھلاڪ ڪري
ھرڻ اُتي ئي بيٺو رھيو ڄڻ، بيٺو ھو ڪو ٿاڪ ڪري

ھن ويچارو منھنجو دوست ھي مور ٿو جئن آزاد رھي
مان ٿو چاھيان منھنجو مَن ڀي آجو ۽ آباد رھي
روح رھي رنگينين جان صَبا جئان دل شاد رھي

اُرہ ڪڍي جئن ڪڪر اچي تئن ڇاتي تاڻي ڇال ڏيان
انڊلٺ وانگي اوج تي پھچي چنڊ کي دل جا حال ڏيان
ساري ھستي موج ۽ مستي جهُڙ ۾ جهُمريون جال ڏيان

آزادي سا نعمت آھي جنھن کان مان محروم آھيان
بيوس بي اختيار غلاميءَ آہ ڪيو مظلوم آھيان
ھن کان زيادہ ذلت ڪھڙي ڀاڳ ڦٽل محڪوم آھيان

آزادي ٿي گهرجي مون کي پنھنجن پيارن ٻچڙن لاءِ
عمر سڄي جي سِڪندا رھن ٿا گونچن ڪچڙن لاءِ
اکڙيون جن جون اُداس سدائين آھن سپن سچڙن لاءِ

آزادي ٿو چاھيان مان تنھن ماندي ماندي ماديءَ جي
ڀلجي ڀي نہ نھاري آہ جنھن واٽ ڪڏھن آباديءَ جي
حسن ھراس ۾ اُن جو ويو پئي باہ ڏسي برباديءَ جي

آزادي سا آزادي جا قسمت کي بدلائي ڇڏي
ڏور ڪري سڀ ڏکڙا پنھنجا حالت کي بدلائي ڇڏي
سُک جو بھانو بڻجي ۽ ھن زحمت کي بدلائي ڇڏي

ائين ئي پنھنجي پؤرن ۾ ھو وِک وڌائي ھلڻ لڳو
مور جي ڪوُڪ تي ڪن کڻي ۽ اڃا ھو تڪڙو ٿيڻ لڳو
تنھن دم ٿورو سُرڪو ٿيو ھو ڪنڌ ورائي ڏسڻ لڳو

ڏٺائين تہ مور جي ڊپ کان ھڪڙو نانگ ائين ئي ڀڄندو ويو
ڄڻڪو تڪڙو تير ھيو جو ڪمان منجهان ٿي ڇٽندو ويو
حيرت مان ھي ان کي ھرھر جوُءِ اڙائي ڏسندو رھيو

(۴)

جيئن ھو آيو مور اڳيان تيئن انکي چيائين حسرت سان
تنھنجي حياتي ڪيئن ٿي گذري آزاديءَ ۾ حشمت سان
آءٌ ئي آھيان جو ٿو گهاريان يار غلاميءَ ۾ وحشت سان

مور چيو ھان ڪيئن ٿو ڀائين پنھنجي ڳالھ نرالي آہ
منھنجي رعب کان ساري وَستي ظلم ستم کان خالي آہ
ھرڻ چيو ھا مون ڀي جاچيو تنھنجي جوت جلالي آہ

تو جا ڪوڪ ڪئي تہ انھيءَ کان ڪنڊ ۾ ڪنبندڙ سپ ڏٺم
ڪانگ ڪٻر جيئن ڇڙڪ کان ڇرڪي اھڙو ان تي ڊپ ڏٺم
ڳالھ نہ پڇ ڪيئنءَ ناھر جھڙي نانگ تي طاري تپ ڏٺم

ھي فيض آھي آزاديءَ جو جنھن کان دلاور آھين تون
توکان ھرڪو ھيسيل آھي ايڏو بھادر آھين تون
مان بہ ائين ئي ٿيڻ ٿو چاھيان جئن بختاور آھين تون

مور چيو ائين ٿي سگهي ٿو پر ھڪڙي ڳالھ ٻڌي ڇڏجانءِ
سڀڪجھ آہ ھشياريءَ سان ھي حرف تون ڳنڍ ٻڌي ڇڏجانءِ
آزادي بہ انھيءَ سان ٺھندي باقي ڀيد ڪڍي ڇڏجانءِ

تون جو آزادي ٿو طلبين ظالم شينھن جي شاھيءَ کان
سوچي سمجهي کڻجانءِ پير ۽ بچجان ھرھڪ کاھيءَ کان
توکي ھشيار رھڻو آھي بگهڙ بَدون جي تباھيءَ کان

ائين نہ ٿئي جو جڏھن تون ساري ھلچل سان آزاد ٿئين
بگهڙ اچي بيداد ڪري پوءِ ناحق ۾ برباد ٿئين
اڄ ئي توکي سوچڻ گهرجي سڀان متان ناشاد ٿئين

ھرڻ وراڻيو ناممڪن! جيئن تون ٿو چوين تيئڻ ٿيڻو ناہ
آزاديءَ کان پوءِ اسان وٽ ڪو ڀي ٽمجهڻ مچڻو ناہ
بگهڙ بہ پنھنجو ڀاءُ آھي اُنکان ڇيھو رسڻو ناہ

مور چيو ائين آہ تہ پوءِ ھو گوءِ ۽ ھو ميدان ادا
جلد وڃي لڳ پنھنجي ڪم کي پڪو ڪري ايمان ادا
ھمت تنھنجي حامي ٿيندي بڻجي وڃ طوفان ادا

ھرڻ ويو سو جُھدُ ڪيائين جهنگ جي يارن ساڻ ملي
عھد ڪيائين ٻوٽو ڪوئي ٻاري رھبو ھاڻ ملي
آزاديءَ جو عزم سلامت: آزادي بس ڄاڻ ملي

ھوڏانھن شينھن ھلايا حيلا ھيڏانھن ھلچل عام ھلي
ھيڏانھن ڦاسيون جيل تہ ھوڏانھن جنگ جي جرئت جام ھلي
شينھن تہ ڏاڍا وَس ڪيا پر ھڪ بہ نہ ھن جي ھام ھلي
آخر شينھن خيال ڪيو ھي ھلچل ختم نہ ٿيڻي آہ
آزادي ٿا طلبين جيڪي تن جي ھوُڏ نہ ھٽڻي آہ
بھتر آھ تہ ھلجي ھاڻي پنھنجي دال نہ ڳرڻي آہ

شينھن ھليو ويو آزادي ڏئي جهنگ جي ننڍڙن وڏڙن کي
ڏک ڏولائو ڪونہ رھيو سک پھتو ڏاڍن جڏڙن کي
شينھن ڪيو ڪنھن حرفت سان ائين پورو سڀني جهڳڙن کي

(۵)

آزاديءَ جي لاءِ ڏياريءَ جھڙو جشن ملھايو ويو
وڏڙن ڪيون ڪچھريون جهنگ کي خوب سجايو ويو
ننڍڙن پاران ماڻھن وانگي ھڪڙو سانگ رچايو ويو

جنھن ۾ ٿي ڦيڪاري منڊم سِيھڙ صاحبلوڪ ٿيو
ھيرو بڻجي باندر آيو وِلين جبل جو ٻوڪ ٿيو
ڀُوليءَ پاتي ٽيڊي ڊريس تہ واہ جو سھڻو جَوڪ ٿيو

نقل ڪيائون پاڪستاني فلم جو پنھنجي ناٽڪ ۾
ھيرو ٻيڙي ھڪليندي پيو ڦاسي روڊ جي ڦاٽڪ ۾
ولين کڻي ويو ھيروئن کي ڊڊيءَ تي چاڙھي پارڪ ۾

سازن تي ٿيو شروع دو گانو ائلي ڙي گهل گهوڙا ڙي
ھِجر ۾ منھنجي ڪانچ ٿي ڦاٽي انگي کي جهل گهوڙا ڙي
جهاڪن ۾ ويو جهڳو مسيت ٿي ٿاڻي تي ھل گهوڙا ڙي

ٿاڻي تي جو ھيرو پھتو ھيروئن ٿي ٻيل اچي
جهٽ پٽ شاديءَ شغل ٿيا ۽ راس ٿيو ھئن ميل اچي
گهوڙو صوبيدار جي گهر ۾ ٽانگي کي ويو جيل اچي
آزاديءَ جي موقعي تي پڻ تقريرن جا تال ٿيا
بگهڙ گدڙ ٿي آيا مقرر ”چئي اڄ ڏاڍا ڀال ٿيا“
ڏولاون جا ڏچا لھي ويا سکيا ستابا سال ٿيا

ليڪن ھاڻي ڳالھ ٻڌو! ڪي بي گهر ڀائر ڏسجن ٿا
جن جو ناھي نام ڪٿي ڪو بيوس بڻجي ڀٽڪن ٿا
پنھنجا آھن پنھنجا ٿيندا مڙس مُھانڊا پَسجن ٿا

ھرڻ چيو ڪا ڳالھ نہ آھي بيشڪ تن کي اچڻ ڏيو
ملڪ خدا جو گهڻوئي آھي بي گهر کي گهر ڪرڻ ڏيو
جيءَ ۾ جايون آھن تن جون ميلو مَچڻ ڏيو

بگهڙ گهرايا ڀائر پنھنجا جيڪي پھتا لَڏ کڻي
ڪتا ٻلا سڀ گهلي آيا ليڪن سکڻا ھَڏ کڻي
وِھندا ويا سڀ وارث بڻجي خير گھُرن لئہ کڏ کڻي

ٿوري وقت کان پوءِ گدڙ کي بگهڙ گهرايو مان ڏئي
خانبھادر ڳالھ ڪيانءِ ٿو ھڪڙي ٻڌجان ڌيان ڏئي
گدڙ وراڻيو نوڪر آھيان رھندس تان تي تان ڏئي

سس پس ۾ ھن ھنکي چيو ڪجھ گدڙ بگهڙ سان گڏجي ويو
لالچ تي بئيمان ٿي آخر خانبھادر ٺڳجي ويو
صبح ٿيڻ تي سڀ کان اول دُھل تي ھوڪو ھلجي ويو

”اِجها ٻڌو ھيءَ ڳالھ! ٿي آھي فيصل جا اڄ رات ميان
جهنگ سڄي کي گڏي ڪجي ٿو وحدت ۾ يڪذات ميان
پاڻکي ڪثرت ڪين کپي بس! بَرتر پنھنجي بات ميان“

(٦)

ھيڏانھن ھي اعلان ٿيو ۽ ھوڏانھن جهنگ ۾ رنگ ٿيا
وحدت ٿي واسينگ تہ ويري قلم قضا جا انگ ٿيا
بگهڙن جا ڀِڀ ڀرجي ويا ۽ بڇڙاين جا دَنگ ٿيا

ڏاڍاين سان ڏھڪائي تن گهوٽ مڙئي گمنام ڪيا
پوکون پاڻي جايون جهڳيون ھرڻن لاءِ حرام ڪيا
شينھن بہ اھڙا ڪين ڪيا ھا جھڙا ھنن ڪھرام ڪيا

ڪرسيون ويون سو کڏ ۾: تڏيءَ جي وسعت ڪانہ رھي
گذر سفر ويا گڏہ جا سنڱ ٿي پيٽ جي پورت ڪانہ رھي
ھر ھارو منھن ڪارو گدڙ جو ٽڪي جي عزت ڪانہ رھي

ٽانڊي لاءِ جي آيا ھا سي رڌڻي جا ويا مالڪ ٿي
مالڪ ھڪڙي ڪنڊ ۾ ويٺا ماڳھين ڇورا ٻالڪ ٿي
جن کي ڪلمو ڀي نہ اچي تن مسجد موکي سالڪ ٿي

انڌا اونڌا ويڄ اچي ويا دُنگيون ڌاري بچڪين ۾
جنھن کي ڀي ٿي ستي ڏنائون اچي ويو ٿي ھڏڪين ۾
فضل ربي جا ڦند پکيڙي ڦري لٽي ويا ڦڙڪين ۾

اُڙد جي دال کي چَھري ٻوڙ جو روپ ڏياري ڌوڌن سان
سڀ جي وات ۾ وجهندا ويا چئي کائو مڪئي جي ڍوڍن سان
وائي بادي لاءِ اٿو اڪسير ھي پست جي ڏوڏن سان

ھرڻ جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي، ھن ويچاري سان قھر ٿيو
سيھڙ ۽ ٻيا ساٿي اُن جا ڪنھن جو نہ پنھنجو پھر ٿيو
اٿندي وھندي عذاب ۾ آيا سڀ جو جياپو زھر ٿيو

مور ڪئي ھئي ڳالھ جا ان سان تنھن جا نتيجا پسڻا پيا
بگهڙن پنھنجا ڀال ڀلايا ھرڻ کي ڪنڊا ڪڍڻا پيا
گدڙ ڪئي جا گيند انھيءَ کي بہ ڏينھن جا تارا ڏسڻا پيا

بگهڙ ڪيا ھا وعدا جيڪي تن جو نہ ڪوئي پار ٿيو
جهڙي ڇالي تھڙي پني گدڙ جو ٻوٽو گار ٿيو
ڪوڙي واءُ تہ ڪوڙي وڏائي خانبھادر خوار ٿيو

ھرڻ ۽ ان جا ساٿياري جن آزاديءَ لئہ جَتن ڪيا
تن جو ڀاڳ نڀاڳ ٿيو سک سانت غلاميءَ ڪَٺن ڪيا
نابوديءَ ڪيا ناس مڙيئي ٽڪا پنجا جي ھنن ڪيا

(۷)

ھاڻ ٻڌو ھي قصو جو آہ ڪاٺ ڪھاڙي جو يارو!
ان جو بيان ڪري ٿا آکاڻي کي ھلايون پو يارو!
وندر ۾ ڀل واڌ ٿئي؛ ھا ڳالھ ڪيم ٿي سو يارو!

معصوم شاھ جي مناري جيڏو ھڪڙو وڻ ھو واھ مٿي
کڻي ڪھاڙو چڙھي ويو ڪو واڍو ان جي لاءِ مٿي
وڻ جو ڏار وڍي ۽ ان کي اڇلايائين راھ مٿي

ڦونڊ ۾ ڀرجي ڪھاڙي چيو او وڻڙا ڇا ٿو سمجهين تون
ڏاڍو ڏيل ٿي ڏيکارييءِ؟ ڪيئن ھڪ ئي ڌڪ سان ڍرڪين تون
وڻ وراڻيو تنھنجي ڪھڙي مجال! اجايو ٿو مُرڪين

منھنجو ڳَن جي تنھنجي پُٺ ۾ گڏہ جي پڇ جان ڪين ھجي
ڏار تہ ڇڏ پر ٽار جي ڪاڻ بہ تو وٽ ٽان ٽان ڪين ھجي
منھنجا پنھنجا ڪونہ ٿيا نہ تہ تو وٽ مان مان ڪين ھجي

ھرڻ سان جيڪا پنھنجن ڪئي سا ھرڻ جو حال نھوڙي وئي
ھرڻ بہ تن کي اھڙي ھنئي جو ٻيڙي انھن جي ٻوڙي وئي
آہ ڇا نڪتي ڄڻ تہ ھئي ڪا اُوٿ جا ٽوڙھا ٽوڙي وئي

(۸)

ھرڻ سڏايو ميڙ تہ يارو! اچو تہ ڪو ويچار ڪجي
وري مصيبت آئي آھي ٻارڻ ڪو ٻيھار ڪجي
يا تہ ٿجي بَکُ باھين جو يا سوريءَ جو سينگار ڪجي

ميڙ ۾ ڏاڍا بحث ٿيا پر ڳالھ نہ ڪائي فيصل ٿي
مايوسي ۽ مند فڪري کان ڪانہ سڻائي مشڪل ٿي
آخر ھرڪو ماٺ ٿي ويٺو مجلس ويئي مھمل ٿي

ھي جو ھنن جا حال ادا ڙي! بگهڙن ڪيا بيحال ھيا
جن جي شوداين ۾ شامل شينھن جا تيرھن تال ھيا
شينھن بگهڙ ۾ فرق نہ ڪوئي ساڳيا ڪڪرم ڪال ڪيا

بگهڙ ڌُريان ئي ڌاريا ھا تن ايندي اھڙا وار ڪيا
جهنگ جا اصلي جهانگي وڇوڙي ھڪ ٻئي کان جن ڌار ڪيا
ھڪڙن ماڳ وسايو ۽ ٻين پنھنجا پراوا پار ڪيا

طاقت جا ھيڪاندي ھئي سا حصا پتيون ٿي ويئي
چادر ھئي جا ڍَڪُ سڀن جو چَتيون چَتيون ٿي ويئي
سيرن جھڙي سرت سموري ماسا رتيون ٿي ويئي

انھيءَ ڪري ھي ماٺ ٿي ويٺا متان وري ڪو ممڻ مچي
ھرڻ کي ڪا پرواھ نہ ھئي چئي ڀلي بُرن تي ڀنڊڻ مچي
ماٺ مان ورڻو ناھي ڪي ڀي شور ڪيو جئن اڱڻ مچي

ھرڻ نہ ھو مايوس جو ان کي نئين ٽھيءَ ۾ آس ھئي
نئين ٽھيءَ جا نَون اُمنگن ساڻ اچي ٿي راس ھئي
بيداري ھئي بَلي انھن جي جنھن ۾ نہ ڪائي لاس ھئي

اوڏيءَ ويل ھي واقعو ٿيو، جنھن ڦيرو آندو فطرت ۾
ساري مجلس ان کي ڏسندي پئجي ويئي حيرت ۾
پاسي کان ھڪ ڪوريئڙو مشغول ھو پنھنجي محنت ۾

ڪوريئڙو جو غار جي ڪنڌي پار ڪندي ٿي ڪري پيو
ھر ھر پنھنجو زور لڳائي ڪوشش ۾ ٿي وري پيو
نيٺ ٿيو سوڀارو ان جي آس جو ٻيڙو تري پيو

مجلس ۾ ٿي سرھائي ھر منھن تي اھڙي مرڪ آئي
ڄڻ تہ خيال خمار ۾ ڪنھن جي چپ تي چميءَ جي سرڪ آئي
ھاٺيون ويون فولاد ٿي جن تي ٿورو اڳ ھئي ڍرڪ آئي

مايوسين جا لاھ ويا اميد وري انگور ڪيا
ھڪ ئي واقعي ساڻ سڀن گم خاموشي جا پور ڪيا
اوندھ جا ٿيا پلوَ پري نروار نظارا نور ڪيا

سڀن چيو اڄ کان پوءِ اسان کي ڀي ائين ڪرڻو آھ
جَتن ڪيا جن جَس کٽيو تن محنت جو ڦل ملڻو آھ
آزادي ايمان اسان جو آزاديءَ لئہ لڙڻو آھ

(۹)

ڪالھ ڏٺو سي ھرڻ وڌو ھل ھمت ڌاري جهنگل ۾
بگهڙن لئہ ھن لاھي پاھي ڌوڙيا لاتا دنگل ۾
مَچ مٿي جيئن پتنگ مڙن تيئن ٽپي پيا سڀ ڪرڳل ۾

ھمت کي ڪا ھار نہ آھي وري جو گڏجي غيرت سان
ھڪدم ٻيڙا پار ٿين ٿا حاجتمند جا حُجت سان
ھرڪا طاقت ڪمزور آھي پُڄندي ڪانہ حميت سان

ھرڻ رعايت ڪانہ ڪئي ڪا بگهڙن جي برباديءَ لئہ
سارو زور لڳايو ٿي ھُن سچي پچي آزاديءَ لئہ
آزادي جا ھئي ضروري خوشحالي آباديءَ لئہ

بگهڙن ڪيئي بھانا ڪيا پر ھڪ نہ ھلي مردارن جي
ھرن چيو بس ڇڏڻي ناھي بوءِ ڪٿي بدڪارن جي
اڄ کان پوءِ نہ ڏسڻي آھي اَوکائي آزارن جي

بگهڙ ھيا ڄڻ ڪين جا ڪُنا پڌرا ٿيا پرڪارن مان
ائين ٿي ڪٽبا ڪرندا ويا جيئن ڇڻي پوي ڇَھ ٽارن مان
ڳوڙھن بدران جنسي رَت ٿي ڳڙي انھن جي تارن مان

ظالم ھونءَ تہ ڏاڍا آھن پر جي انھن جي اُتري ٿي
ھڪ ئي ڌڪ سان ڀوسي تن جي سارين وانگي نڪري ٿي
مظلومن جي آھ اڻانگي اوٿر ٿي جيئن اڀري ٿي

ھرڻ کي ڏاڍا وس ڪيا ويا پر نہ لٿو ھو پنھنجيءَ تان
ھڪل اھائي دفع ٿين سڀ ڌاريا ڌرتيءَ منھنجي تان
ڀلي وڃن ٿي دوزخ داخل ھنيا اسان جي اھنجي تان

چٻرو آيو ميڙ کڻي چئي ھرڻ ھٺيلا بابو ٿيءُ
منھنجي ڀنڀيءَ ڏاڙھيءَ ڏي ڏس ضد نہ ڪر ڪجھ ڏاھو ٿيءُ
بخش بديون تون بگهڙن جون ڪر صلح صفائي لانجهو ٿيءُ

ھرڻ کلي چيو ھي ڙي چٻرا صدقو تنھنجي ڏاڙھيءَ تان
آءٌ ڪو ماڻھو ناھيان جو ٿيان ڳھلو تنھنجي ڳياڙيءَ تان
بگهڙن سان مان صلح ڪريان؟ وڃ ڪانگ اڏاري ڪياڙيءَ تان

تون اڄ پير فقير ٿي آيو آھين پنھنجي حرفت سان
توکي سوچڻ کپندو ھو اڳ منھنجي حال تي حجت سان
ظلم جي ظلمت ڪڍيا ٿي جنھن دم تختا منھنجا ذلت سان

چٻري آکيو ڇا بہ ھجي پر توسان ٿو اقرار ڪريان
پاڻھن ڏس تون منصف ٿيندين ڪيئن ٿو دور غبار ڪريان
بگهڙ کي ڪھڙي طاقت آھي ڀيڻسان جو بڻ گار ڪريان

ھرڻ چيو سڀ ڳالھيون ڪوڙيون مون کي مھلت ڏيڻي ناھ
موٽي وڃ او مرشد سائين رکڻي تنھنجي رکڻي ناھ
رحم ڪيو جن مون تي نہ ڪوتن ساڻ مروت ڪرڻي ناھ

چٻرو پنھنجي چھنب کڻي ۽ چلتو ٿيو چِرڙاٽ ڪري
ھرڻ اڳي کان اڳرو ٿي ۽ وڙھندو رھيو ڌوڌاٽ ڪري
بگهڙن جو ٿيو ڍينگو ڍيري ھليا ويا گهو گهاٽ ڪري


(۱۰)

بگهڙن ويندي اوناڪيو او ھرڻ تو ڪھڙو ڪال ڪيو
اھڙو ڪونہ ڪندو ڪو ڪنھن سان جھڙو تو اڄ وبال ڪيو
شاھ ھياسي پر تو گداگر وانگ اسان جو حال ڪيو

ھرڻ جي ورنديءَ ڪيو پڙاڏو وقت اسان جو وقت آھي
سخت رھيو جو پاڻ تہ اُن جي لاءِ رويو سخت آھي
اسان کي گهرجي ڪين غلامي آزاديءَ جو خفت آھي

آزاديءَ جي ساک اسان کي ھاڻ سدائين رکڻي آھي
ڀلجي ڀي نہ غلاميءَ جي ڪا ذلت ٻيھر ڏسڻي آھي
ظالم ڀي ڇا ياد ڪندو ھر حال تہ ڪرڻي ڀرڻي آھ

شينھن ڪيون جي ارڏايون سي آڏيون آيون ان کي نيٺ
بگهڙن ڀي جي ويل وھايا تن ئي رلايو تن کي نيٺ
انڌ جو پنڌ ئي ٿورو آھي وڌڻ نہ ڏيندو ڪن کي نيٺ

ھاڻ او منھنجا ھمراھو ھي منھنجي نصيحت ياد ڪجو
ظالم ٿي جي اوھان بہ پيدا ڪئي ڪا ھيبت ياد ڪجو
حشر اوھان جو بہ اھڙو ٿيندو ھنن جي درگت ياد ڪجو

ظلم جي قائم آھ تہ ظالم ڪڏھن بہ قائم رھڻو ناھ
مظلومن جي تقديرن تي دٻدٻو دائم رھڻو ناھ
دل جي زندھ آھ تہ ڪوئي جوکم سالم رھڻو ناھ

منھنجا پيارا ھموطنو! ھي ملڪ اوھان جو پنھنجو ٿيو
وري نہ ڌاريو دِھ ۾ آڻيو ڌاريو دوست نہ ڪنھنجو ٿيو
ٻي صورت ۾ اوھان ڏٺو ڪيئن پنھنجو جياپو اھنجو ٿيو

ھاڻ نہ ڪنھن کي ڏيئو ٻاري گهر ڏيکاريو غافل ٿي
سڌڙيا اھڙي سَڌ رکي ٿا اچن اسان وٽ عاقل ٿي
جو بس ڪھڙي ڳالھ ڪجي ڄڻ اُڀ تان آيا آندل ٿي

پوءِ جڏھن ٿا پير کُپائن اعرابيءَ جي چانگي جان
تنبو تاڙي چون ٿا ھڪدم نڪرو ٻاھر نانگي جان
پاڻ ٿي پيش امام رھن ٿا اسان ٿا ڀٽڪون ٻانگي جان

انسانن جا حال ڏسو ڪيئن آيا غير جي گهائيءَ ۾
پنھنجو پاڻ وڃائي ويٺا ھردم آھن ھائيءَ ۾
دولھ دريا خان جا پويان اچي ويا جيئن آئيءَ ۾

جنھن ڀي قوم نہ بدلائي آھ پنھنجي قسمت حڪمت سان
قدرت ڀي نہ انھيءَ ۾ آندو آھي ڦيرو قدرت سان
ناھ حياتي ڪجھ ڀي ليڪن آھي سعي ۽ ھمت سان

ھلو تہ ھاڻي مور جي ناچ تي جشن ملھايون جانب ٿي
ھيج ڪئي آھ ھلم ھلا مستي وئي آھ غالب ٿي
اچو تہ جنبي جشن ملھايون غاصب ويا سڀ غائب ٿي

ھرڻ ھلائي ھلچل ھينءَ ۽ ھينءَ انھيءَ جو مھت ٿيو
ھمت سان آزاد ٿي آخر خوشحال ۽ خوش بخت ٿيو
يار ”نياز“ اٿي تہ ھلون بس آکاڻيءَ جو انت ٿيو