منھنجي ڌرتي
منھنجي ڌرتي، ھي سندم ديس دلارن جو وطن!
منھنجي سرويچ، سدا مور، سنگهارن جو وطن!
ھن جي تاريخ جو انسان اُتاھون سڀ کان
ھن جي تھذيب جو منھن مانُ مٿاھون سڀ کان
ھن کي تاراج ڪندڙ، پاڻ ٿو تاراج ٿئي
آھ برباد بہ آباد سگهارن جو وطن!
ھن جي غيرت کي نہ ڪنھن سان ٿو ڀيٽي سگهجي
ھن جي حجت کي نہ ڪنھن ريت ٿو ريٽي سگهجي
ھن جو ھر ڏاڍ ڏمر ساڻ مُھاڏو آھي،
ھي ڪڏھن ٿي نہ سگهيو آھ، مَيارن جو وطن!
منھنجي ساڻيھ ڏٺا غير جا پرڪار سوين،
ھن کي پنھنجن مان بہ معلوم ستم گار سوين
منھنجو ساڻيھ سڃاڻي ٿو گل ۽ خار مڙئي،
بي خبر ناھ خزائن کان بھارن جو وطن!
ھن تي ڌاريو تہ ڪڏھن ڌاڪ ڄمائي نہ سگهيو
ھن کي پنھنجو بہ ڪڏھن ماري مڃائي نہ سگهيو
ڪير آھي جو مٽائي سگهي مانڊاڻ سندياس
ڪير آھي جو ڪري مات، متارن جو وطن!
منھنجي ڌرتيءَ جو گنھگار نہ بخشيو ويندو
ڪوبہ غاصب ڪوبہ غدار نہ بخشيو ويندو
روپ رھبر جو وٺي سگهندو نہ رھزن ڪوئي
ھاڻ بيدار ٿيو آھ، ڀلارن جو وطن!
منھنجي ڌرتي ٿي جڏھن خواب مان بيدار ٿئي
ھن جو مندو ٿو حياتيءَ مان بيزار ٿئي،
ھن جو منصور سدا حق جو نعرو ٿو ھڻي،
ھن کي تاريخ سڏيو آھ، سچارن جو وطن!
ھي وطن منھنجو وطن، منھنجي اباڻن جو وطن
منھنجي معصوم اياڻن ۽ سياڻن جو وطن
شال تاريخ جي ان دور جان آزاد رھي
جنھن کي سڀ ڪو ٿو چوي، چنڊ ستارن جو وطن!
منھنجي ڌرتي، ھي سندم ديس دلارن جو جو وطن!
منھنجي سرويچ، سدا مور، سنگهارن جو وطن!