او سنڌو سونھاري سنڌو
او سنڌو سونھاري سنڌو، توکي جهڪي ٿا سلام ڪريون
تون ئي اسان جو عشق ۽ مذھب، توريءَ ٻيو نہ ڪلام ڪريون
جيڏي تو ۾ موج ۽ مستي، تيڏي ھستي مانجهين ۾
صبح جو نُور ڀرين ٿا جيڪي، اوندھ آيل سانجهين ۾
ھيءَ ڌرتي ھيءَ سرجڻھاري، ھيءَ ڌرتي اباڻي آھ
ڪير جو ھن تي ڌاڪ ڄمائي، اھڙي ڪنھن جي ھستي آھ
صدين کان پوءِ آئي سُجاڳي، جاڳي اٿيا شھمير مڙئي
مادر تنھنجو مانُ سلامت، مھل ڪندا مھمير مڙئي
سنڌڙي تنھنجا سورھيہ جاڳيا، ھاڻ متان دل لاھين تون
تو ليءِ سرڙو آھ تريءَ تي، اڄڪلھ سڀ ڪجھ آھين تون
انڊلٺ وانگي رنگ برنگي، اجرڪ لونگيون مارن جون
ڳالھيون ۽ ڳُڻ ڳائڻ ويٺا، تنھنجن سوڀن ھارن جون
ھيج ڪري ائين نڪرن جيڏيون، المست ٿي تنھنجي جهونگر ۾
ڄڻ تہ ستارا سونھريءَ تي ڄڻ ڪنول قطارون ڪينجهر ۾
ھي سڀ تو ليءِ آھ سنڌڙي، ٿيا ڌاريا جنھن کان دنگ ڏسي
ايندڙ نسل نہ پٺتي پوندو، ھي پنھنجي مقدس جنگ ڏسي
ڌاريا تنھنجي دال نہ ڳرندي، ڇو ٿو خلق کلائي وڃين
سنڌ ڪو حلوو ناھي جو تون، ڳيت ڏئي ڳڙڪائي وڃين
سنڌ سڪندر کان بہ نہ ٿي ھئي زير، تہ توکان ڇا ٿيندي
تو جھڙي جنجاليءَ جي ھت جاءِ ڪڏھن بہ نہ ڪا ٿيندي
تون ڀي ٻڌ او چنيسر پارا! تنھنجي بہ ھاڻ کُٽي آھي،
تنھنجي مڙسي تنھنجي ڪرسي ڪنھن کان ڪين ڳجهي آھي.
تو جي ڌارين سان ساڻ مِلي ۽ ڀال ڀلايا پنھنجن سان،
تن جا ڪيتا لوڙين ويٺو، جُٺ ڦِٺ طعنن تُنڪن سان.
ڪر موڙي تاريخ اُٿي آھ، دھرائي ٿي پاڻ وري،
دودي وارو درد کڻي اڄ آئي آھي ساڻ وري.
ھاڻ نہ ڪوئي ڳوڙھا ڳاڙي، ھاڻ نہ ڪو دلگير ٿئي،
ھاڻ اھا ئي ھمت گهرجي، تبديل جيئن تقدير ٿئي.
آڏا ڏونگر ڏاڍ تڏھن ڀي، ڇاتي تاڻي ھلڻو آھ،
گولين سان منھن گهوٽ ئي ڏيندا، پٺتي پير نہ ھٽڻو آھ.
جنھن بہ شھادت ماڻي آھي، پنھنجي وطن جي واھر ۾،
آمر اُھوئي رھجي ويندو، باطن توڙي ظاھر ۾.
اڄ جو نعرو سڀان جي ھلچل، ميڙو اَنت مَچي پوندو،
نيٺ تہ سنڌ جي ساري ٿيندي، نيٺ تہ جبر جهُڪي پوندو.
دريا خان جي دل جو قسم، اَڄ ھوشوءَ جھڙا جوان ھتي،
سوڀ جو سودو سِر سان ڪرن جي، اھڙا ڀي انسان ھتي.
تون ڀل ڊاھ ۽ ٺاھ پيو، ھي دھشت جا دستور ميان!
ڪنھنکي ڪھي پر ڪنھنکي ڪھندين، ملڪ مڙئي منصور ميان!
سوريءَ تي سر تڏھن بہ پنھنجو نعرو ھوندو جيئي سنڌ!
جيئي سنڌ تہ جيئي جند، ھرڪو چوندو جيئي سنڌ!