ھاريءَ جي نالي
او ھاري! سوچ سدورا، ويل نہ آھ وڃائڻ جي
دنيا ڏس تہ سجاڳ ٿي ويئي، تون بہ تہ ڪر ڪا جاڳڻ جي.
وقت ڪري ٿو واڪا توکي، لاڳاپا سڀ لاھي آءُ
وقت جي واڳ ورائڻ ڪارڻ، پنھنجا بازو ساھي آءُ.
پوئين پھر اُڀاري ٿي پئي، سانت ۾ ڪڻڇي لات وري
تون ڀي صبح جي سين ھڻي، اٿ رات کي ڪر پرڀات وري.
تنھنجا ڏينھن بدلجن بيشڪ، پر جي پاڻ سنڀالين تون
وھم ڀريا ويچار مڙئي جي دل کان دور ھڪالين تون.
ڪانئر، جڳ جون ڪاڻيون ڪڍندي پاڻ کي ماري جيئن ٿا
مرد سدائين پنھنجي اڀل تي، پاڻ جيئاري جيئن ٿا.
موج ڀرئي مھراڻ جئان اُٿ، لھرين سان للڪار ڪري
سانوڻ جان اچ سرھو ٿي، وڃ ويرانا گلزار ڪري.
قطري مان درياھ ٿئي جئن، تون بہ ڪندو رھ ڪار ائين
جو پوکيندين سوئي لڻندين، کڻندين ٻيئي ٻار ائين.
پورھئي مان ٿي پارس پيارا، ھينءَ نہ ماڳھن پاھڻ ٿيءُ
پاڻ سان گڏ تون پنھنجي ملڪ جي خوشحالي جو ڪارڻ ٿيءُ.
تانگهي ۾ پؤ تاڻي، جي ٿو چاھين ٻيڙو پار ٿئي!
تاري وڃ تون پاڻ انھيءَ کان اڳ جو پاڻي تار ٿئي!
مشڪل ۾ مايوس ٿي منجهندي پاڻ نہ تو گمراھ ڪجانءِ
اوکي ويل او منھنجا ھاڙھي، ھمت کي ھمراھ ڪجانءِ
تنھنجي طاقت ساڻ ھلي ٿو، جڳ جو چرخو صبح ۽ شام
تڏھن بہ توکي آھي پنھنجي پيٽ جو اُلڪو صبح ۽ شام.
تنھنجي حياتي ڏکن ۾ گذري، پورھئي توکي سُک نہ ڏنو
تو تہ ڏنا لک لوڪن کي پر توکي دنيا ڪَک نہ ڏنو.
پنھنجي ڪروڌ ۾ پاڻ کي ڳارين، مارين پنھنجي ڀائن کي
پنھنجيءَ ۾ ئي پورو آھين، ٽارين ڪيئن بلائن کي.
پاڻ کان ٻاھر آءُ تہ توکي دنيا جي ڪا خبر پوي
پاڻ کي سمجهڻ سؤلو جي ٿي دنيا تي ڪا نظر پوي
تون تہ سدائين سادو سودو، پرمتڙيو ٿي گهارين ٿو
سچ تي توکي باور ناھي، ڪوڙ تي جان بہ وارين ٿو.
تنھنجي خطائن توکي ٻوڙيو، ھاڻ تہ ڪا ھشياري ڪر!
ڪيسيتائين ننڊ ۾ ھوندين، ڪڏھن تہ جاڳڻ واري ڪر!
جيڪو راھ سئين نہ قبولي، دنيا اُن ليءَ رھزن آھ
ھيءَ سڀ شامت عملن جي، تقدير نہ ڪنھن جي دشمن آھ.