ويچارن جي واٽ وٺي مان، ويراني ۾ ڀٽڪيو آھيان
ديواني جان پنھنجي ليکي ٽھڪ ڏئي پڻ سڏڪيو آھيان
دنيا ايڏا ڏنڀ ڏنا جو سورن ۾ سڀ سرت ھلي وئي،
يارن کي ڀي يار چوڻ کان ڪيئي ڀيرا ھٻڪيو آھيان
گردش ۾ گم رھندي رھندي ڪيئي تماشا آڏو آيا،
جام جئان ڪٿ ٽڪريو آھيان، ٺڪرن جان ڪٿ ٺھڪيو آھيان
سون تہ ناھيان ليڪن منھنجي ساک برابر سوني سائين
وقت جي آيو موت ٿي سر تي توکي ساري ٻھڪيو آھيان
چاندوڪيءَ مان ڀٽڪيل کي مون اونداھيءَ ۾ واٽ وٺائي
رات جي پوئين پھر پري کان ڏيئو بڻجي ٽمڪيو آھيان
تو تہ خوشيءَ جي ڳالھ نہ ڪئي تہ بہ تنھنجي آس تي خوش پيو گهاريان
تنھنجو قسم مان تنھنجي غم ۾ روئندي روئندي مُرڪيو آھيان
يار ”نياز“ ستارن جان جنھن سينگاريا سڀ سپنا منھنجا
شاعر بڻجي ان جي مُھابي جوھر وانگي جَرڪيو آھيان