شاعري

ڌرتيءَ جا گيت

ھن ڪتاب ۾ قومي زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورتحال جي ترجماني ڪيل آھي. آزاديءَ کان اڳ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي گذريو ۽ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر پوندو رھيو تنھن بابت شاعر جي سوچ ڪھڙا انداز اختيار ڪندي آئي اھا سڄي حقيقت ھتي واضح ٿئي ٿي.
ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن
Title Cover of book ڌرتيءَ جا گيت

مڪلي منھنجي جيجل مڪلي!

مڪلي منھنجي جيجل مڪلي!

مڪلي منھنجي جيجل مڪلي، تو ۾ مون ھنگلاج ڏٺو،
محل ڏٺو مون تخت بنا ۽ تاج بنا سرتاج ڏٺو،
آيل تنھنجي قسمت ۾ مون تانوَڻ ۽ تاراج ڏٺو.

ووڙيندي تو ۾ وندر کي، وڃي پھتس دور خلائن ۾،
وقت ورائي ڄڻڪي پاسا، ڦوڪيو روح فنائن ۾،
جُوڻ ڦِري نروار ٿي ائين ڄڻ سھڙيا ڪنگ تلائن ۾.

جهُور جَڏي تاريخ اچي وئي، ويس مٽائي ھستيءَ ۾،
مھريءَ وانگي منظر جاڳيا، مُند اچي وئي مستيءَ ۾،
فطرت ٿي شاداب ائين ڄڻ عيد جي سنبت وستيءَ ۾.

منھنجي اڳيان سو ڄام نظام ھو، جنھنجي سنڌ ۾ ڌاڪ ھئي،
سر کنڊ جي سرھاڻ جان پکڙيل، ھِن جي ھر ھنڌ ھاڪ ھئي،
خوشحالي ھئي جام ھتي، ڪا دل نہ ڪٿي غمناڪ ھئي.

ٻي پاسي دريا خان جو سنڌڙيءَ جو سالار ھيو،
اَڙيءَ اُڌيءَ اڙٻنگ سدا، ھر حالت ۾ ھالار ھيو،
مُھِمَن جو منھندار، دلير ۽ اڀرن جي آڌار ھيو.

سنڌڙي جي ھئي صورت ائين ڄڻ مارئي پنھنجي مارن ۾.
ماڻھن ۾ ھو مَرم ائين ڄڻ سُر، سُرندي جي تارن ۾،
ڀاڳ ڪيا ٿي ڀاڳ ائين ڄڻ، مينھن جي موج بھارن ۾.

سنڌڙي ساري سون ھئي ۽ ماڻھو موتين داڻا ھئا،
امن سان ھرڪو آسودو ھو، سَولا سڀ جا ٽاڻا ھئا،
جيڪي ھئا ۽ جئن بہ ھئا، سڀ پنھنجي رمز ۾ راڻا ھئا.

ملڪ ھو ائين آزاد الا، جئين گل جي بوءِ بھارن ۾،
مينھوڳيءَ جان مست ٿيو ٿي روح عجيب نظارن ۾،
رُودن رڳڙو ڪونہ ھيو، سڀ ڪُڙم رھيا ٿي قرارن ۾.

اوڏيءَ مھل ڪو لوڏو آيو، لڙھي ويا ويچار وري،
اکين اڳيان اَونٽار ۾ آيا، نئين سر جڳ جنسار وري،
ڄام نظام جي جاءِ تي آئي ڄام فيروز جي وار وري.

اک ڇنڀ ۾ مان پھتس سنڌ جي ڄام فيروز جي محفل ۾،
محفل ڇا ھئي ڄڻ تہ ھيو ڪو منگل لاتل جهنگل ۾،
رنگ رتل ھئا، موج مَتل ھئي، ننڍو وڏو ھو ھلچل ۾.

محل جي اڱڻ ۾ نر ۽ ناريون ائين ٽِليا ٿي نخرن سان،
مور ٽلن جئن ڊيلن سان ۽ چنڊ رمي جئن ڪڪرن سان،
رنگ برنگي ويس ائين ڄڻ پوپٽ پکڙيا چڪرن سان.

چنڊاڻن ۽ مانڊاڻن سان سينگاريل ويرانڊا ھئا،
ڳاڌيءَ ڳاڌيءَ ڳڀرو ويٺل، مڻيادار مھانڊا ھئا،
اڱڻ ھئا آباد ائين ڄڻ سانگ سنواريل ھانڊا ھئا.
ڳڀرو جن جو روپ ائين ڄڻ، پگهريل سون ڪوٺاريءَ ۾،
ڳڀرو جن جو جِسم ائين ڄڻ لسڙا پٿر اوساريءَ ۾،
ڳڀرو جن جي وَھي ائين ڄڻ قرني جا گل ٻاريءَ ۾.

ڳڀرو جن جي ڳالھ ائين ڄڻ، گيان مان جاڳيا ٻاوا ھو،
ڳڀرو جن جي جوت ائين ڄڻ گَج ۾ ٽاڪيل ڪاوا ھو،
ڳڀرو جن جا کيج ائين ڄڻ جهانجھ مٿي ڪي جاوا ھو.

ٻانھيون ٻانھان اوسي پاسي ھيا ائين ان محفل ۾،
نيلوفر جا ننگا گل ھئا ڄڻ تہ نوازيل جل ٿل ۾،
روحن سان ھئي راند انھن جي، ائين ڇمڪ ڄڻ پايل ۾.

ٻانھيون جن جا جوڀن جبرا جيءَ وڌئون ٿي جوکن ۾،
نانگ کنڀيون جهر جهنگ ۾ جئن پست جون ڏوڏيون پوکن۾،
ڏسي انھن کي اچرج مان ٿي اکيون اچي ويون دوکن ۾.

ٻانھان جن جي ھٿن ۾ پيالا ائين ٿي لڳا جنساريءَ تي،
نيل ھئا ڄڻ گنبذ تي ڄڻ سورج مکي ٽاريءَ تي،
پيالا ھئا متوالا ائين ڄڻ ننگا نيڻ بھاريءَ تي.

دور ھليو ۽ دُنگ کليا ائين دارونءَ جي سرھاڻ کَلي،
شرم وچان ڄڻ لال ڪنوار جي چھري تي لالاڻ کلي،
رخن تي آئي رونق ائين ڄڻ ڪڪرن مان چانڊاڻ کلي.

ھوريان ڏاڍيان ساز چُريا ۽ سري پيا سر موجن ۾،
سِڌا ڪيا ڄڻ ٻيڙين سِڙھ، ڄڻ انڊلٺ آئي اوجن ۾،
اڌمن کاڌي اُٿل ائين ڄڻ ٽاڪوڙا پيا فوجن ۾.

اُڀريا اُرھ آرس مان ڄڻ ٽڪريون جهڙ جي غبار وچان،
اٿليا بازو جوش مان ائين ڄڻ مڇين ڏنا ٽپ ڄار وچان،
وچڙيا جوڀن پاڻ ۾ ائين ڄڻ اٽڪي پيا ملھ خار وچان.

رنگ ولايت منجھ رسي، ڪئي روحن رم جهم کنوڻين ساڻ،
سونھن سان سھڙيو نينھن ائين ڄڻ، باھ ڪپھ جي پوڻين ساڻ،
آخر ٿي سا ڪار ڪري ڇا جا پاڻي لوڻ جي ڳوڻين ساڻ.

ھيڏانھن ھئا ھي رنگ تہ ھوڏانھن محل سرا خاموش ھئي،
راتين ۾ ھو رنگ نہ ڪوئي رونق ئي روپوش ھئي،
ھر ڪنھن کي ھئي چپ تي سوٽي، ٻاھر نوشا نوش ھئي.

عام جي حالت اھڙي ھئي ڄڻ ڌڻيءَ بنا ڌڻ رڻ پٽ ۾،
ھر ڪنھن کي ھئي نفسانفسي، ويل وھيا ٿي جهٽ جهٽ ۾،
جنھن بہ ٿي دانھيو جنھن بہ ٿي باھيو آيو ٿي سو مر گهٽ ۾.

وستي وستي ورونھن کان خالي، شھر مڙئي شمشان ھئا،
فصلن ۾ ٿي فاقا اسريا، وڻج سڀئي ويران ھئا،
موت ڪئي ٿي موج، حياتيءَ جا نہ ڪٿي سامان ھئا.

ڄام فيروز جي جَلوت خِلوت ڀريل ھئي بدڪارن سان،
ھن جو ھر ھڪ راز رھيو ٿي، بيگانن غدارن سان،
دريا گهڻو ئي ھنکي سمجهايو ڪن پارن سان.

ڄام فيروز او منھنجا سائين جئن سدائين ڌيان تہ ڪر،
ملڪ جو آھي تنھنجي امانت ان جو ڪوئي مان تہ ڪر،
تنھنجي ساري پَت ٿي وڃي پئي، تنھن جو ڪو ارمان تہ ڪر.

ڄام فيروز جو انڌو اونڌو ارڪانن کان نڪتل ھو،
پرمتڙيو ۽ پو ڍايو ٿي پنھنجي انت کي پھتل ھو،
دريا خان کي ڌار ڪيائين، پنھنجي تي جو بيٺل ھو.

دريا خان جي نڪري وڃڻ تي جشن ملھايو ڄام فيروز،
جيڪي ڪجھ ھو خزانن ۾ سو خوب لٽايو ڄام فيروز،
اھڙي وقت ۾ ارغونن جو ڌيان ڇڪايو ڄام فيروز.

جنکي ڄام نظام جي وقت ۾ جاڳيو جو جولان اچي،
سنڌ جي سرحد اورانگهي ۽ کڙوڪيائون طوفان اچي،
اٿيو جو دريا خان، انھن جو مات ڪيائين ميدان اچي.

ارغونن کي آئي شڪست ھو اھڙا خوار خراب ٿيا،
جو ٻيھر ھن ملڪ تي ڪاھڻ ليءِ نہ تيار شتاب ٿيا،
ليڪن جيرا جوش ۾ جلندي جلندي ھنن جا ڪباب ٿيا.

ھڪ ڏينھن جئن دستور مطابق ڄام فيروز ھو موجن ۾،
دشمن پنھنجو سينو ساھيو، انڌ اچي وئي اوجن ۾،
سمنڊ جي ڇولين وانگ ھيڪاندي ھلچل اُڀري فوجن ۾.
سنڌ جي قسمت ڪين ٿي پيئي آيا ڏينھن ڏھاڳ سندا،
ڀاڳ ڪري ويو بَر مُنھن، اٿليا ڍارا ڍؤنگ نڀاڳ سندا،
آس نراس ۾ مٽجي ويئي، آيا ڏينھن ڏھاڳ سندا.

اوچتي گهوڙيسوار اچي ويا پگهرن ھاڻا جسم کڻي،
ارغون آيا ارغون آيا ڳالھ ڪيائون اسم کڻي،
واويلا او ڄام سگهارا ڌاريا آيا ستم کڻي.

محفل ۾ ٿي ماٺ، اڏاڻا ڄام جا نشا آڙين جان،
درٻارين جا ڪنڌ جهڪي پيا ڪِرندڙ جهُرندڙ ماڙين جان،
ھڪل ڪيائين درٻارين کي مڇريل شينھن جي راڙين جان.

ڀير تي ڏونڪو ھڻو جو جُنبي جنگ ڪنداسين ڌارين سان،
سائينءَ جو سنھن تعدي اھڙي ٿيندي ھيل ڏڪارين سان،
عام چواڻي تعدي جھڙي ٻرڙي ڪئي ھئي ٻارن سان.

ھڪل ٻڌي ھشيار ٿيا سڀ درٻاري للڪار ڪري،
عھد ڪيائون، لڙنداسين اڄ، ڌارين تي يلغار ڪري،
انت انھن سان ائين ڪبو ڪڪرم ڪارونڀار ڪري.

درٻاري جي رينھن جوان ۽ شيرن وانگ بھادر ھئا،
درٻاري جي ناريلن جي ھاٺيءَ وانگ قداور ھئا،
درٻاري جي جنگ جا جوڌا، بجليءَ وانگ زورآور ھئا.

درٻارين مان ھئا سڀئي پر ھيو نہ حاضر دريا خان،
ڄام ڪيو ھو جنھنکي ڏمرجي شھر مسافر دريا خان،
پنھنجي اڪيلي سر ئي جيڪو پاڻ ھو لشڪر دريا خان.

ڀير تي ڏونڪو لڳو تہ سڀڪنھن ھٿ ۾ کڻي ھٿيار ڪيا،
جوڌا جوان ٿيا نروار ۽ ڪرڳل ڪارونڀار ڪيا.
صفون صفن ڏي ڌوڪي آيون، ڌوڙين انڌوڪار ڪيا.

تلوارون ٿي اُڀيون ھوا ۾ پھتيون خون خرابن ۾،
رت سان ڌرتي رڱجي ويئي تڙپيا جسم عذابن ۾،
ڪُڪڙن ۾ ڄڻ پيون تڪبيرون، ڀٽڪيا روح سرابن ۾.

سرڻين جان ٿي لامارا ڏئي ھر ڪنھن پنھنجا وار ڪيا،
ڪن ٿي بازو ڳچيءَ کان لاٿا ڪن ٿي ڌڙون سر ڌار ڪيا،
موت جي ڪونتل ڪڏي ڪڏي ٿي ڇاتين تي ھڻڪار ڪري.

دانھون دھشتناڪ ائين ڄڻ زخمي شينھن شڪاريءَ سان،
ھڪلون ھيبتناڪ ائين ڄڻ مرون ڏنو منھن ماريءَ سان،
ھڻ ھڻ واري ھوڏ ائين ڄڻ وٺ وٺ ٿي رن ڪاريءَ سان.

جنگ ائين رڻ ٻاريو ڄڻڪي باھ لڳي وئي جهنگل ۾،
وڙھندي جهڙندي مَري کپي ويا ڪونڌر ڪيئي ڪرڳل ۾،
ھڪڙن جا ٿيا لايا سجايا ۽ ٻيا آيا مشڪل ۾.

ارغونن جو زور وڌي ويو ڄام جو بازو ٽٽي پيو،
ڌارين ڌاڪ ڄمائي ھن جو ھر ھڪ حيلو کٽي پيو،
ڄام ڪلرجان ڪانہ ڪئي ھئي نيٺ سو ڀانڊو ڦٽي پيو.

کڙڪ پئي جو ڄام فيروز کي اٿلي چيائين گهوڙا ڙي،
گوڏن تي ھٿ ھڻندي ھڻندي روڄ وڌائين گهوڙا ڙي،
ملڪ تہ ويندو جان بہ ويندي رس او سائين گهوڙا ڙي.

جڏھن ڏٺائين واھ نہ ڪائي دانھيائين او دريا خان،
ڏمر ڪري جو ڌار ڪيو ھو پاڻ کان مون سو دريا خان،
سنڌ جو سورھيہ سنڌ جو وارث سنڌ جو بابو دريا خان.

ڪوٺيو ان کي چئوس تہ مادرِ سنڌ ھٿن مان وڃڻ تي آھ،
وارو ڪر ڪو دريا خان جو لڄ اسانجي لٽڻ تي آھ،
ھھڙي جيئڻ کان مرڻ ڀلو ٻيلي ڳالھ اسانجي ڳڻڻ تي آھ.

دريا خان اچي ويو ليڪن دريا خان وياڪل ھو،
ھن اينديئي ادب سان آکيو، مونکي اڳيئي ککيل ھو!
ڄام چيو ڇا دريا خان! ھي بہ ڪرم ۾ لکيل ھو؟

دريا خان وراڻيو سائين ڪرم ٻرم جي ڳالھ نہ آھ،
ملڪ کساييءِ پنھنجن ئي پرڪارن کان ٻي ڳالھ نہ آھ،
ڄام چيو او سورھيہ، کسجڻ جي تہ اڃا ٿي ڳالھ نہ آھ.

اسانکي تنھنجي ھمت گهرجي، اسانکي پويون داءُ کپي،
موت اسان جي ماڳ تي ڪڙڪيو، مئلن کي ڪو ساءُ کپي،
يعني او سورھيہ دريا خان! تنھنجو تڪڙو تاءُ کپي.
ڄام فيروز ڇپر ڌڻي مون توکي اڳيئي چتايو ھو،
تنھنجي انڌ اڙانگوڙين کان ملڪ جڏھن تنگ آيو ھو:
تنھنجي زوال ٿي سبب بڻايا سڀ جو اھوئي رايو ھو.

ڳھڻا پائي بغاوت جا ائين سازش پاڻ سنواريو پئي،
ڄڻ تہ طوائف ٺھي ٺڪي ۽ دريءَ مان ڪنھن ڏي نھاريو پئي:
انت اھائي ويل اچي وئي ڳڻتي جنھنجي ڳاريو پئي.

تنھنجي ٻيڙي انھن ئي ٻوڙي جنکي تو پڳدار ڪيو،
ھئي نہ جن۾ ٿوم بہ ڪائي تن کي تو منھندار ڪيو،
تڏھن تہ ڌارين ڌوڙيا لائي ملڪ جو ٻوٽو گار ڪيو!

ڄام چيو ھا دريا خان، تو اڳيئي رخ ھو ڏيکاري ڇڏيو،
مون نہ مڃي پر ڳالھ ڪا تنھنجي تنھنجو سبق وساري ڇڏيو،
ھاڻ ڀلا ڇا ٿي ٿو سگهي ڪجھ فيصل ڪر غم ڳاري ڇڏيو.

ڄام فيروز مان تنھنجو غلام ۽ وطن جو خدمتگار آھيان،
وقت تي جيڪي ڪيم سو سڀڪنھن ڏٺو ھينئر لاچار آھيان،
موت تي ميار اجائي ٿيندي سمجھ تہ مان بيڪار آھيان.

ڄام اٿي ڪري دريا خان کي آندو پنھنجي ڀاڪر ۾،
کاڏي تي ھٿ رکندي ان کي آکيائين ھينءَ آدر ۾،
ميٽ مندايون دَريل! ائين جئن ميٽجي ٿي مَرُ ساگر ۾.

دريا خان کي آئي ڇٻي ۽ جوان جهٻن ۾ ڳري ويو،
آھ ڪڍيائين اندر مان چئي ڄام سو دريل مري ويو،
جنھن جي ھڪل سان حريف تہ ڇا پر پھاڙ ڀي ٿي ڏري ويو.

ھاءِ ھي منھنجي سنڌ ھي منھنجي جند تو مونکان جدا ڪئي،
سارو پِڙ ويو پالھو ٿي تو پيدا اھڙي ھچا ڪئي،
ھاڻ تہ انجو بِلو نہ ٿيندو تو يا مون جا خطا ڪئي.

دريا خان ھي ڇا ٿو چوين ڪجھ سوچ اسان جو مرم تہ رک،
ملڪ اھو جو ماءُ برابر ان جو ڪوئي ڀَرم تہ رک،
ٻيو جي ڪين تہ ڀي تون پنھنجي سورھيائي جو شرم تہ رک.

دريا خان کي جوش آيو ۽ دريا خان تياري ڪئي،
ڀالو کنيو ھن ھڪڙي ھٿ ۾ ۽ ٻي ھٿ ۾ ڪٽاري ڪئي،
سندرو ٻڌي ۽ سينو ساھي گهوڙي تي ھسواري ڪئي.

ڌوڪي ويو ميدان ۾ ائين ڄڻ شينھن لنگهي ويو ٻيلي ۾،
ڌارين ۾ ڦوٽ پئي ڄڻ، مينھن وسي پيو ميلي ۾،
ڀاڱن ۾ پيا بدن انھن جا پئجي وئي رت ريلن ۾.

ھن جي ھٿيارن ھڪلن سان ائين ڇيھ وڌا ٿي ھاٺين ۾،
ڇريون پيون ڄڻ ڇيلن ۾ ڄڻ ڪرٽ ڪھاڙا ڪاٺين ۾،
رڙين منجهان ريھاٽ شروع ٿيا ڪونہ رھيو ڪو ماٺين ۾.

دريا خان ڪي مَـمَڻ مچايا غورابي گهمسان جئان،
درياھن جان پائيندو ويو وڌندو ويو طوفان جئان،
ھن ڌر جا اوسان خطا ٿيا اوڳن جي ارڪانن جئان.

ڏٺو جو ڌارين حال اھو سو مَن ۾ مندائي رٿڻ لڳا،
مڙئي منافق ڳولي ڦولي ساٿ انھن جو وٺڻ لڳا،
”گهر ڪا ڀيدي لنڪا ڍائي“ کيڏ انھيءَ سان وڙھڻ لڳا.

دريا خان جو انت اچي ويو ڀاڳ ڀڄي بيزار ٿيو،
موت منافق جهڙ جي ڌپ جان نڪري ۽ نروار ٿيو،
ھي تہ وطن جو دوست ھيو پر وقت نہ ھن جو يار ٿيو.

دريا خان دلبر ھليو ويو ائين ھاريءَ مان،
ٽٽي پيو ڄڻ اڀ مان تارو ڇڻي پيو گل ٽاريءَ مان،
رَمي وئي ڄڻ راند مان رونق، مزو ويو جو ياريءَ مان.

دريا خان پڄاڻي ڪئي ۽ ڄام ويو ائين گوئن ٿي،
پکي ويو ڄڻ آکيري مان آکيرو ويو ڪک پن ٿي:
ڀتر لڳا ڄڻ ٻيرن ۾ وئي ٽاري ٽاري پن پن ٿي.

الا او سنڌڙي تنھنجا سورھيہ ويڳاڻا ٿي منجهي پيا،
سڌڙين تنھنجو ساٿ لٽايو، ھاڙھين جا ھڏ ٽٽي پيا،
چنڊ جئان گهاوَ پرايا، تارن جا ڇھ ڇڄي پيا.

اُتر توکي اھنج ڏنا ۽ ڏکڻ توکي ڏکويو ھوءِ،
اولھ تنھنجا انگ لتاڙيا اوڀر توکي لويو ھوءِ،
لھندي چڙھندي سج ڏجها ڏئي رڻ ۾ توکي روليو ھوءِ.
گهڙيءَ سندي گهڙيال ٿي جا ٿي گلزاريون ڪيون لک الا،
ھيج ڪري ھُل وڌا ٿي سڀکي ٻارن وانگي ٻک الا،
کن پل ۾ ات ڏسڻ ۾ آيا ڪاريءَ وارا ڪک الا.
مڪلي! منھنجي جيجل مڪلي!!