ڍوليا
ساھ کي ويا ائين سُور وٺي، ڄڻ چنڊ گرھڻ ڙي ڍوليا!
ھاءِ، اسان جي جندڙي ٿي وئي، پنڊ - پَھڻ ڙي ڍوليا!
ساٿ نه تنھنجو رھيو ته ڇا جي ھيج ته ڇا جا ھيئا،
آس نه ڪائي ھجي ته ڪنھن لئه دَر ۾ پايون ليئا:
راس نه آيو روح کي توريءَ ڏيھ ڏسڻ ڙي ڍوليا!
ھاءِ اسان جي جندڙي!
کام اندر ۾، چپ تي سوٽي، حال جنين جا ھھڙا،
ڏاڍ ڌڻي سي توسان ويھي سينا ساھين ڪھڙا:
راھ گناھ ڇڏي ڏي تن سان ھام ھڻڻ ڙي ڍوليا!
ھاءِ اسان جي جندڙي!
شام جو ڪنھن گھر ڏيئو ٿي جرڪين، ڪنھن گھر ڪرين اونداھي،
ڪنھن لئه تو وٽ جيءَ ۾ جايون ڪنھن لئه کوٽيل کاھي:
ڇاھ اھو کٽراڳ ته سڀڪجھ باب بڻڻ ڙي ڍوليا!
ھاءِ اسان جي جندڙي!
گھمين ته بادل گھور ٿي توتان، کلين ته بجلي ڇرڪ ڀري،
اچين ته سڀ جون اکيون ٺرن، جي وڃين ته سڀ جو ھانءُ ڏَري:
اسان مڃيوسي واھ واھ تُنھنجا رعب رکڻ ڙي ڍوليا!
ھاءِ اسان جي جندڙي!
اسان ڇڏيا سي ڀنور جان ڀيرا، ڪوريئڙي جان تانيون،
مڻيو مڻيو ڪري، ڇني ڇڏيوسين. ڳڻتين جون سڀ ڳانيون:
پاڻ ئي آھيون ماڳ ته ڇا جا پنڌ پُڇڻ ڙي ڍوليا!
ھاءِ اسان جي جندڙي!
*