شاعري

ڌرتيءَ جا گيت

ھن ڪتاب ۾ قومي زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورتحال جي ترجماني ڪيل آھي. آزاديءَ کان اڳ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي گذريو ۽ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر پوندو رھيو تنھن بابت شاعر جي سوچ ڪھڙا انداز اختيار ڪندي آئي اھا سڄي حقيقت ھتي واضح ٿئي ٿي.
ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن
Title Cover of book ڌرتيءَ جا گيت

سنڌڙي منھنجي ماءُ

سنڌڙي منھنجي ماءُ

سنڌڙي منھنجي ماءُ او منھنجي جيجل توتان گهور ٿيان
شال نہ ٿيان غدار سندءِ ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور ٿيان

آيل تنھنجي سارھ ڪھڙي تون ائين منھنجي گيتن ۾
شاھ سونھارو پوئي ويو جيئن آيت آيت بيتن ۾

ڪڏھن تہ تنھنجو روپ ھو ائين ڄڻ جلوو ٻانھينءَ واريءَ جو
ھئي حياتي ھيج ۾ ائين ڄڻ ڇيڄ ۾ ڇيڏڪ ڪنواريءَ جو

ڪڏھن تہ لال ڪنوار ھئينءَ اڄ بيوھ جان بيحال آ بوءِ
جيجل تنھنجي جهول کي جس پر دل وارن جو ڪال آ بوءِ

سانوڻ آيو سور ويا تہ بہ تنھنجو اھو ئي حال رھيو
ساڳيون لھريون ساڳيا لوڏا، ساڳيو سُک جو ڪال رھيو
وري وري ڪو واءُ سڻائو وري مِٽيءَ کي مانُ مِلي
سنڌڙي آھي اوسيئڙي ۾، مانَ ڪو دريا خان مِلي

سنڌڙي تنھنجي ڳالھ ڳڻي ٿا دريا خان کي ياد ڪريون
شال اھا دل ڌاري اسان اڄ تنھنجي جند آزاد ڪريون

آيل تنھنجي سورن جا ٿا اسان کي ائين اھڃاڻ لڳن
ننڊ مان ڇرڪي ٻار جئين ٿا، ماءُ جي ڇاتيءَ ساڻ لڳن

مڪلي ٿي اڄ ڳوڙھا ڳاڙي، مياڻي ٿي فرياد ڪري
آھي ڪو جو سنڌڙيءَ کي اڄ، سَڌڙين کان آزاد ڪري.

روئندي روئندي نير کُٽي ويا، لھو اچي ويو لُڙڪن ۾
آءٌ ڪينءَ کلندي کير پير پيئان، منھنجي سنڌڙي آھي سڏڪن ۾

سنڌڙي تنھنجا وير جيئن، تون شاد رھين آباد رھين
شال اچن سي ڏينھن جڏھن تون، جنجل کان آزاد رھين

اسان مڙڻ جا ڪينڪي آھيون، ڀلي ڪريو سو ڦند کڻي
مرويسون پر سنڌ نہ ڏيسون، ھوشوءَ جو سوڳنڌ کڻي

سنڌڙي آھ تہ سڀ ڪجھ آھي، سنڌڙيءَ سان ئي جندڙي آھ
اسان تہ ڪجھ ڀي ناھيون سائين، جيڪي آھي سنڌڙي آھ

سنڌڙي تو جي سور سَٺا، تن سورن جا سوڳنڌ کڻي
اسان ڪريون ٿا عھد تہ تنھنجا، ويري وڍبا رند کڻي

جيجل تنھنجي سام جهلي جن سڌڙين توکي سور ڏنا
انھن ئي سورن سڀڪنھن کي اڄ پوياڙيءَ جا پور ڏنا

اسان گهڻو ئي سکي چڪاسي، ھاڻي نہ ڪجھ سيکاري ڪو
وطن جي حب ايمان اسان جو، سوري ڀل سينگاري ڪو
ھاڻ اسان کي ھن ڌرتيءَ تي، دودو بڻجي رھڻو آھ
خود داريءَ سان جيئڻو آھ يا سورھيہ ٿي سِر ڏيڻو آھ

سنڌڙيءَ ڪارڻ سودائي ٿي، سر ڏئي ساري ڪرڻي آھ
سنڌڙيءَ جا سرويچ جيئن شل، سنڌڙيءَ جي پَت رکڻي آھ

سنڌڙي جا مخدوم بلال جي، سن جي سائين حيدر جي
تنھن سنڌڙيءَ تي ڌاڪ نہ رھندي ڪنھن بيگاني بيدر جي

سنڌڙي تنھنجي سانگين کي جن ڏني تپائي توڻي آھ
ساموئي جو سُنھن تہ انھن سان ھڪ ھڪاڻي ڪرڻي آھ

فيصل ٿيندا فتنا سارا، اسان کي چپ ٿي رھڻو ناھ
سنڌڙيءَ کي جن سودو سمجهيو، سؤلو تن کي ڇڏڻو ناھ

يا تہ اسان جا سِر ويندا يا ڌاريا ٿيندا ڌوڙ ھتي
سچ جي ساک سلامت رھندي، رھڻو ناھي ڪوڙ ھتي

ھيڪر دل درياھ ڪري، جئن اُٿلي پياسين اوٿر جان
سارا دوکا ڌوڙ ٿي ويندا، ڏونگر ڏرندا محشر جان

راڻا ڪاڻا راڄ ڏئي تو راڄ ڪيا رنجور مڙئي
تنھنجي ڪائي گهرج نہ آھ، کڻ دوکي جا دستور مڙئي

سنڌڙي ڪنھن ارغون جي ناھي، سنڌڙي ڄام نظام جي آھ
غاصب توکي ڪو حق ناھي، سنڌڙي سنڌ جي عام جي آھ

سنڌ تصور ناھ حقيقت آھ، مجاز نہ ٿيڻي آھ
”ڇا بہ ڪري ڪو ڪجھ بہ نہ ٿيندو، سنڌ سلامت رھڻي آھ“

سنڌڙي تنھنجي نانوَ تان صدقي، منھنجا سڀ سنگيت اَلا
جيسين جيئندس تيسين لکندس، تنھنجي غم جا گيت اَلا.