اچو تہ بي قرار ٿيون
اچو تہ بي قرار ٿيون
جو درد مند دل جي واسطي قرار ٿو کپي
خزان نصيب زندگيءَ ليءِ بھار ٿو کپي
اچو تہ بي قرار ٿيون!
عظيم ٿيون جبل جئان، وسيع شھر وانگ ٿيون
محيط آسمان جان، عميق بحر وانگ ٿيون
حسين ماھتاب جان، عجيب مھر وانگ ٿيون
زمين جي گلن جئان، دلين جا شھريار ٿيون،
اچو تہ بي قرار ٿيون!
ھي صبح زھر خند ڇو، ھي شام دلفگار ڇو؟
ھي رات درد مند ڇو، ھي وقت غم شعار ڇو؟
ھي لال ڪنوار ڪائنات، ھاءِ سوگوار ڇو؟
اچو تہ گهوٽ ٿي ڪري انھيءَ تي جان نثار ٿيون!
اچو تہ بي قرار ٿيون!
بھار جھڙي آرزو سقم نصيب ڇو رھي
بھشت جھڙي زندگي الم نصيب ڇو رھي
ھي آدمي ھي ناخدا، ستم نصيب ڇو رھي
انھيءَ غريب ساڻ اھل دل ٿي غمگسار ٿيون،
اچو تہ بي قرار ٿيون!
ھي بي اصول بي وقار، بندگي جي زندگي
ھي تشنہ روح، خستہ جسم، زندگي جي زندگي
نٿي کپي نٿي کپي، ھي گندگي جي زندگي
اٿو تہ موت سان لڙي، حيات جو وقار ٿيون،
اچو تہ بي قرار ٿيون!
اچو تہ ظلم ليءِ بغاوتن جي ابتدا ڪريون
اچو تہ موت مار مامرن جي انتھا ڪريون
اچو تہ زندگي سان دوستي رکي، وفا ڪريون
اچو تہ غم نصيب آدمي جا غمگسار ٿيون،
اچو تہ بي قرار ٿيون!
ھي ميڻ جا مسيح، ۽ ھي سنگ خشت جا خدا
نصيب جا نقيب ۽ بلند و پست جا خدا
ڪري سگهيا بلو نہ ڪو ھي نيست ھست جا خدا
انھن جي لاءِ ڪيستائين محو انتظار ٿيون،
اچو تہ بي قرار ٿيون!
اچو تہ بي قرار ٿيون!