(۴)
آڏا ڏونگر ڏاڍ الا ڙي، سور ڀلا سھسائي ڪير
دنيا پنھنجي ڌُن ۾ پوري، روئندن کي پرچائي ڪير
ھيج تي ھرکي اھنج اڙياسين، اُڻ تڻ آئي انگل ۾
ھيڏا ھاڃا ھيڻي جندڙي، جهوريءَ جهوريو جنجل ۾
ڪڏھن تہ پنھنجو روپ ھو رم جهم، گلن جئان گجميل ھئا
ھاڻ تہ ائين ڄڻ ڪين ھيو ڪجھ، خوابن جا سڀ کيل ھئا
ھيکل ڪيچ ڪشالا پنھنجا، پکي بہ پانڌي ٿيندءِ ڪونہ!
ڪنھن جي ڪارڻ مرين ٿو مڱڻا، ڪير بہ ڪانڌي ٿيندءِڪون!
ساري رات سجاڳ رھي، جن نينھن نکاريو نور ڏئي
ساري رات انھن کي سپرين، سعيو ڪري ويا سور ڏئي
موتئي وانگر پري کان مھڪي، پاڻ لکائي ڄاڻن ٿا
پر وس پيارا پيار تہ ڄاڻن، پر نہ نباھي ڄاڻن ٿا
ليکي نہ ليکي لال جي ليکي، اسان تہ مست ملنگن جان
ريت پريت نہ ڄاڻي ڪو، تہ بہ پنھنجو پيار پتنگن جان
جن جو پيار اکين مان پڌرو، جن جي مرڪ ملھار ڀلا
تن سان ڪھڙا ويڇا رکجن، تن کان ڪھڙو عار ڀلا
درد مليا تہ بہ دل جون دعائون، پنھنجن ڌارين سڀني کي
مجبوريون معلوم اسان کي معاف ڪيوسي مڙني کي
پنھنجي خوشي خيرات انھن ليءِ ڪڏھن نہ سي غمناڪ ھجن
شاد رھن شل سدا گلاب جان، ھيرن جان حسناڪ ھجن
چنڊ اڱڻ تي اڀري نہ اڀري، پئبو ڪونہ پچارن ۾
پنھنجي رات بسر ٿي ويندي، يادين جي جنسارن ۾
نيٺ تہ ورندا ڏينھن، اسان ڀي نيھن نڀائي وينداسي
يار ”نياز“ حياتي آھ تہ پاڻ ملھائي وينداسي