مگر زندگي، زندگي !
الا زندگي تنھنجي صدمن تان صدقي
تون شيرين اسان تنھنجا فرھاد آھيون
تمنا جي تيشي سان اڳتي وڌون ٿا
محبت جي مقصد جي رُوداد آھيون
زمانو ٿو برباد سمجهي تہ ڇا ٿيو
اسان تنھنجي غم ساڻ آباد آھيون
اسان تنھنجي قدرن تي ايمان آڻي
انھن کي سدا زندھ رکندا رھيا سي
امانت جا سونپي تو سچ جي اسان کي
انھيءَ جا نگھبان ٿيندا رھيا سي
جڏھن وقت آيو تہ سڀ ڪجھ تياڳي
وفائن جي راھن تي رمندا رھياسي
تون انجيل بڻجي جڏھن دل ۾ آئينءِ
تہ عيسي۱ جئان روح بيدار ٿي پيو
صليب آيو سر تي تہ ڀي ساک تنھنجي
مليو موت تہ بہ ڪونہ ويچار ٿي پيو
ڪيو عشق تو ساڻ جنھن ڀي ديواني
اھو آدميت جو معيار ٿي پيو
تون سھڻي جئان سير جو سانگ آھين
تو مومل جئان ڪاڪ سينگاري آھي
تون گل جي سڳنڌ ۽ تون دل جو اُمنگ
تو چانڊاڻ کي چال سيکاري آھي
ڪيو آھي تو موت کي مات جت ڪٿ
تو ھر ھنڌ ھر سوڀ ڏيکاري آھي
تون سقراط جو ذھن منصور جو دم
تون گوتم جو گيان ۽ تون قرآن جي دل
تون تخليق جو نور عبادت جي لائق
تون ڪعبو تون ڪاشي تون يزدان جي دل
تون شھباز ۽ شاھ تون بي نياز
تون سچل تون سامي تون انسان جي دل
مگر زندگي، زندگي _ زندگي
تون غم جي غبارن ۾ لَٽجي وئينءَ
تون معصوم، مظلوم مجروح آھين
تون انسان زادن کان ڦٽجي وئينءَ
اجهو صبح آيو اجها ٿي سڻائي،
متان ھيانءُ لائين تہ مٽجي وئينءَ.