ھاءِ جيجل مارئي!
تون نٿين بڻجي سگهين دل جي ڌياڻي مارئي
مان اڃا سمجهان ٿو توکي سا پراڻي مارئي،
جا عمر جي ڪوٽ ۾ ھئي قيد اباڻي مارئي!
وقت ٿو توکي رکي ھردم ڏکاڻي مارئي!
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
توکي ھر ھڪ دور ۾ بيوس ڪري مَنڊيو ويو
ماڳ تي پھچڻ کان اڳ ئي راھ ۾ رنڊيو ويو
ڪٿ تہ چوراڻي مَڏيءَ جان تنھنجو وڙ ونڊيو ويو
ڪٿ وري توکي ائين ڦاڪون ڪري ڦنڊيو ويو
ڄڻ تہ ڀاڱن ۾ ڪِني مڇي وڪاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تون اُھا آھين نہ جا سسئي ٿي وڻراھن ۾ مُئي
تون اُھا آھين نہ جا سھڻي ٿي درياھن ۾ مُئي
تون اھا آھين نہ جا مومل ٿي آڙاھن ۾ مُئي
تون اُھا آھين نہ جا ٻاگهي ٿي راتاھن ۾ مئي
ياد آھ مونکي سندءِ ساري ڪھاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
جئن وسائي خانقاھن جي ڏيئي کي واءُ اچي
جئن وڃائن ڪاٽڪو ڀاڳين جو سَنجهي ساءُ اچي
جئن ڏين ننڊايلن ٻارن کي کڙڪا ڊاءُ اچي
جئن کڻن دُلبو ڪري ڪنھنجو جواري داءُ اچي
توسان اھڙا ڪم ٿيا ڪوڙين اياڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
نيھن جا ناريل توتي ڇانوَ گهوريندا وَيا
سونھن جا رابيل توکي بوءِ بخشيندا وَيا
ڪي سڪايل ٿي سِري تولاءِ سوپيندا وَيا
ڪي پراھان ٿي ۽ پنھنجو جيءُ جهوريندا وَيا
ڪَن ڪري سؤدو ڪئي تنھنجي پڄاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
اڄ نہ سي سانگي ھيا جي ساھ سيباڻا الا
لوڪ لوٺئي ۾ رھيا باقي انڌا ۽ ڪاڻا الا
ڪوڏ جو مُلھ ٿا وڪامن لال لاکيڻا الا
رت جا ڍُڪ ٿا ڀرين وينجهار ماٺيڻا الا
ڪو بہ ناھي جو ٿئي ھن ويل ساڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄڻ جي راڻي مارئي!
مست ٿي موھن دڙي سان جاڙ جئن مھراڻ ڪئي
اھڙي حالت ڪنھن اچي اڄ تنھنجي ھستيءَ ساڻ ڪئي
تنھنجي لوئيءَ تي اندر ڪارن ائين ڇڪتاڻ ڪئي
ڄڻ اچانڪ جُلھ گهوڙيسوار تي کٽياڻ ڪئي
تنھنجي لولي تنھنجي ٻولي ڪين اگهاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
آئي ٽانڊي ڪاڻ ھئي جا بورچياڻي پنڌ ھڻي
وئي اھا ئي ڏيھ جي ڏائڻ اسانجي ٻنڌ ھڻي
دانھيون ٿا جي تہ تون ڇو وئينءَ اسانجي سنڌ ھڻي
آئُٽي نِپٽي وراڻيندي ٿي آکي ڪنڌ ھڻي
آءٌ ئي آھيان اوھانجي گهر ڌياڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
سُئي سڳو پنھنجو، پرائو ٿي ويو کن پل اندر
ڄڻ تہ وئي لُٽجي الا رن زال ڪا ڪرڳل اندر
ائين نڌڻڪا ٿياسي ڄڻ ڪو اجنبي جهنگل اندر
جان وئي جٺ ڦٺ ۾ آيو جيئڙو جنجل اندر
ڄڻ پگهرجي پل ۾ ٿي وئي برف پاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
ڪِرڙ جو مکڙيون ڪوماڻيون ۽ ڀتر جا گل ويا
چيٽ جا چانڊول اڏامي ويا اڪن جا ڦل ويا
روح راتاھن ۾ آيا رونقن جا ھل ويا
ڇيھ پيا ڇاتين اندر دلڙين کان وسري بل ويا
سور سيڪاٽيو سڪو اکڙين جو پاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تو مُھابي ھئا مزي ۾ مامرا مھراڻ جا
ناچ ٿي سڳنڌن ڪيا ۽ گيت ھئا چانڊاڻ جا
راتڙين ٿي رنگ لاتا ڏينھن ھئا مانڊاڻ جا
چو پچو ۽ چھچٽا ھئا قرب جي ڇڪتاڻ جا
کل خوشي ھئي ڄڻ تہ ڪا ميراث اباڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تون پکي ۾ پَدمڻي ۽ لوءِ ۾ لالي ھئينءَ
تنھنجا ڳڻ ڳايا ٿي ڳوٺن بود ۾ بالي ھئينءَ
روپ ھو تنھنجو رتانڻ جان سکن پالي ھئينءَ
لئي جي شڪر جان مٺي ڪوڙاڻ کان خالي ھئينءَ
ٿي رھينءَ سڀ جي نظر ۾ سالڪاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
سَرس تنھنجي سونھن ھئي جيڏين اندر جرڦل جئان
ٽھڪندي ٽلندي وتينءَ ٿي بودلي بربل جئان
ھيج تنھنجي ڀانءِ تي سڀکي پئي درمل جئان
ھاڻ تنھنجا حال ھيڻا ٿيا سڙيل حرمل جئان
ڪئي سُکن توکان سويري موڪلاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تنھنجيون ساھيڙيون ڀٽن تي ھيون انھيءَ اوصاف ۾
ڄڻ تہ گوپيون مندرن ۾ ڄڻ پريون ڪوھ قاف ۾
تنھنجا جهانگي ائين ٿي ڀاسيا ڏيھ جي اطراف ۾
ڄڻ تہ اِندر جي سڀا معصوم ڄڻ اعراف ۾
مَٽ نہ ماڙيون ھيون مَنھ جي تو چواڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تون پواڙيءَ گل جئان ٿي پئي لڳينءَ وڻراھ ۾
ڇمڪڻي گل جي ڇڳن جان ٿي ٺھينءَ ھر ٺاھ ۾
جئن وسن جھڙا رھن السيءَ جا گل ڦل گاھ ۾
تئن مھانڊا تنھنجا سانڍيل ھئا سڀن جي ساھ ۾
تو ۾ تلسيءَ جون سڳنڌون ھيون سنھاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تنھنجي دل درياھ ھئي ۽ تنھنجو من ماڳن ڌڻي
سادگيءَ ۾ ڀي سونھاري ٿي رھينءَ ڀاڳن ڀري
تنھنجا ھٿ اوٺيئڙن جان ٿي رھيا واڳن ڌڻي
تنھنجي در پانڌي ھيا سڀ تون ھئينءَ آڳن ڌڻي
ھاڻ تنھنجو سج لھي ويو ٿي سمھاڻي مارئي!
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تنھنجي جندڙيءَ سان جياپو ھو سڀن جو جوءِ ۾
ھئا مڙئي ڏکڙن ۾ ۽ سکڙن ۾ سرھا روءِ ۾
ھيڪڙائيءَ کان نہ ٻاھر ھو ڪو ھا ۽ ھوءِ ۾
سيبتائي ھئي سلامت شڪل ۾ ڇا خوءِ ۾
ھئي نہ آڌرڀاءَ بن ڪنھنجي تڳاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تو بنا اي سيبتي آھي سُڃن جو واءَ سواءُ
پيو ڏڪر ٿي ويو بکن جو ۽ اُڃن جو واءءُ سواءُ
وسنو وئي ويران ٿي: ويڙو پُڃن جو واءُ سواءُ
ھيانوَ کي کائڻ اچي ٿو ھي رُڃن جو واءُ سواءُ
ھَي ھچارن کان ٿي ويئي ڪاڪ ڪاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تنھنجا اوٺيئڙا اداس آھن ۽ بر پٽڙا اداس
راتڙين رم جهم وساري ٿي ويا ڏينھڙا اداس
ويا ڇڏي وندر کي ويلا رھجي ويا روحڙا اداس
ماءُ کان وڇڙي ٿين ٿا بَر ۾ جيئن ٻچڙا اداس
ھاءِ ڀي وئي ھوءَ ڀي وئي، ھُل ھُلاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
جن پَٽن ۾ پڃ ڪييءِ تن جو وَليون ويران ٿيون
جن جهڳين ۾ جواني آندءِ سي ڊھي ميدان ٿيون
جَن ڦڙين ۾ ڇيڄ کيڏييءِ سي ڦِري طوفان ٿيون
سينڌ سرمن جون وَسيون سڃ جو وڃي سامان ٿيون
جوڻ ڦيريو جَر ڦريو اکرن تي پاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
ٽاڪ مانجهاندي جو جن ٿي چنگ چوريا ڇانوَ ۾
اڄ نٿا آڻي سگهن چارڻ اھي سر ڏانوَ ۾
لَڙ ۾ ويا لانجها ٿي لاڏا لوڏ ناھي لانوَ ۾
وِڀ جا ورڙاٽ آھن وڍ پون ٿا ھيانوَ ۾
باغ ويا ڀڙڀانگ ٿي تو بن نماڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
ڪوئلن سان جن ڪڍي ليڪا ٿي نوٽڻ راند ڪئي
سينڍ ۾ ڪوھياري ڳائيندي ٿي اڻ تڻ ماند ڪئي
بئنسري تي بيٿ آلاپي ٿي جن دل باند ڪئي
تن حليمن جي حياتي ڏوجهرن ڪيڪاند ڪئي
اجنبي ٿيا ساز کان سر، سالڪاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
جيءَ ٿا جلندا رھن لوبان جان تو واسطي
سور ٿا وڌندا اچن سرطان جان تو واسطي
ڪيس ٿا اوڏا ٿين ارمان جان تو واسطي
بند ٿا ٺھندا وڃن زندان جان تو واسطي
سوچ آھي سانت ۾ سڀ جي سياڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
سونھن تنھنجي سانوري ميرو سندءِ سينگار ھوءِ
ماڳ مانڊاڻا ڇڏيا وڇڙي ويا سينگار ھوءِ
دل تي ديپڪ دَوَ ڪيا ڳائي ڪو ڪينءَ ملھار ھوءِ
شل نہ ڪنھن کي ڏينھن ڏيکاري اھڙا ڏاتار ھوءِ
تنھنجي سورن جي نٿي ڏسجي پڄاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
جن جو جوڀن آھ اڄڪلھ اوج تي اجرڪ جئان
جن جا چھرا ٿا ڏين ڏيکاوَ نئين ڪمرڪ جئان
جن جي ھر ڳالھ آھ رنگيلي اُچي اجرڪ جئان
تن کي توکان ئي ملي سوڀيا اڇي ابرق جئان
تون ائين ٿئينءَ، شھر ۾ ڄڻ ڪا جوڳياڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
نيڻ مارن جا الا روئي ٿڪا تو کانسواءِ
کاڄ پيا کھ وِھ ٿيا پيرون پڪا تو کانسواءِ
ھار ۽ سينگار جي سڌ آ نہ ڪا تو کانسواءِ
منھن ٿيا تيلن ڦليلن بن جهڪا تو کانسواءِ
سيڪ آيل وڻ جي ڄڻ مکڙي ڪوماڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تنھنجي ساھيڙين ڇڏي ميندي وساري ڏينھن ٿيا
سينڌ تان سندر سڀاڳين کي اتاري ڏينھن ٿيا
راز رمزون ۽ اشارا ويا گذاري ڏينھن ٿيا
چئنچلن جي چلولائي کي سِڌاري ڏينھن ٿيا
کل خوشي وارين ڪچھرين ڪئي پڄاڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
جن ھندورن ۾ ٿي جهوٽيا لال لاکيڻا ڪڏھن
جن اڳنڌن ۾ ھيا موجن جا مانڊاڻا ڪڏھن
جن اوطاقن ۾ ھيا کنڊ کير ڏاڏاڻا ڪڏھن
جن گلابن ۾ ٽليا ٿي ھاءِ ٽانڊاڻا ڪڏھن
تن جا ريٽيا رند، ويراني نماڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
تنھنجي چانگن جون چڙيون ائين ٿيون پيون آواز ڏين
جئن وسوڙيل کي خلائن مان ڪي ياديون ساز ڏين
تنھنجيون ماٺيڻيون ادائون ائين پيون انداز ڏين
ڄڻ قلندر جي ملنگن ٿي ٿا سپُنا راز ڏين
توکي سڏڪن ساڻ ٿا ساريون اباڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
ڪين ٿي مايوس او منھنجي مٽياڻي مارئي
سون ورني ۽ ڌنارن جي ڌياڻي مارئي
آءٌ ڪندس واھر سندءِ سر ڏئي نماڻي مارئي
بند مان توکي ڇڏائيندس اباڻي مارئي
تون وري ٿيندينءَ ماڳن جي مالڪياڻي مارئي،
ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!