(۲)
توسان پنھنجو پيار ائين ڄڻ چشمي تي چانڊاڻ پرين
ھڪ جهلڪي ۽ ٻيو جرڪي، ٿي رم جهم روح رھاڻ پرين
سال ٿيا جو سک نہ ڏٺوسين، ساھ نہ سنبريو ساءُ وري
پاھڻ ٿي پئي آھي دل، تون پارس بڻجي آءُ وري
پنھنجا پور ۽ سور اھيئي، لالڻ تنھنجي لوريءَ ۾
آليون اکڙيون جهمنديون رھنديون، جيسين جندڙي جهوريءَ ري
ويٺا تنھنجي واٽ نھاريون، گذريل ڳالھيون ياد ڪري
مَھريءَ وارا موڙ مھاران، وسريل ڳالھيون ياد ڪري
جڏھن بہ تنھنجي ياد اچي ٿي، ڏاڍي اوکي نبري ٿي
ماڪ جئان ٿا ڳوڙھا ڳاڙيون، ميڻ جئان دل پگهري ٿي
اوسيئڙي جي آڙاھن ۾، اسان کي تنھنجي تاس رھي
پنھنجو ميل محال تڏھن ڀي وري ملڻ جي آس رھي
تنھنجي سٻاجهي صورت سان جي ھيڪر اکڙيون چار ٿين
پرھ اسان جي بوند ٿي برسي، برپٽ تي گلزار ٿين
ھر ھنڌ سونھ سوائي سائين، ھر ھنڌ نينھن نيارو آہ
ڇا بہ ھجي پر پنھنجي ڪارڻ، تنھنجو پيار پنارو آہ
سڀ ڪنھن پنھنجا وسريا ساريا، تو نہ لڌي ڪل وسرين جي
ڪالھ ۽ اڄ جي وچ ۾ سھڻا، وٿين وجهي وئين ورھين جي
اسين سدا آزاد، ٿياسي باند نہ ڪنھن جي بھاني ۾
يا ”نياز“ اسان کي ناھي ڪنھن جي ڪاڻ زماني ۾