شاعري

ڌرتيءَ جا گيت

ھن ڪتاب ۾ قومي زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورتحال جي ترجماني ڪيل آھي. آزاديءَ کان اڳ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي گذريو ۽ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر پوندو رھيو تنھن بابت شاعر جي سوچ ڪھڙا انداز اختيار ڪندي آئي اھا سڄي حقيقت ھتي واضح ٿئي ٿي.
ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن
Title Cover of book ڌرتيءَ جا گيت

سنڌ سدائين جيئي شال

سنڌ سدائين جيئي شال

سنڌ سونھاري، سرجڻھاري سڀ جي پياري جيجل وانگ
ھن جا راڻا، ساھ سيباڻا، ھن جون سوڍيون مومل وانگ
ھن جا گيت، سڀن جا گيت، ڳائن ٿا سڀ ٻيجل وانگ

سنڌ سڀاڳي ڀاڳ ڀري ھئي، سانوڻ جي برسات جئان
پر نہ رھايو قسمت ھن سان، ڪاري قھري رات جئان
ھاڻ تہ ھن تي ڏينھن اچي ويا، بيوھ جي اوقات جئان

سنڌ ٿي سڏڪن ساڻ سنڀاري، مياڻيءَ وارا مانجهي اڄ
سر ڏئي جيڪي سام بچائن، راڄ دلارا مانجهي اڄ
ھاءِ ھجن ھا جيئرا جيڪر، ھوشوءَ پارا مانجهي اڄ.

ھوشو جيڪو سنڌ جو سورھيہ، راڄ سڄي جو راڻو ھو
حب وطن جو ڪوڏيو ڪونڌر، جنھن کي ملڪ تي ماڻو ھو
آزاديءَ جو پروانو ڄڻ، لکن ۾ ھڪ داڻو ھو.

ھوشو جنھن جي جنگ ھئي تن سان، جن جا جڏا پرڪار ھئا
ھڪڙا ڌاريا جيڪي لوڀي، ٺوڳي ۽ خونخوار ھئا
۽ ٻيا پنھنجا جيڪي اوڻا نپنا غدار ھئا

سنڌ ۾ ڌارين اکيون وڌيون ۽ سنڌ جو ڀاڳ لُٽڻ لڳا
ھن جو ارڪو ترڪو کڻندي پنھنجا گهر تڙ ڀرڻ لڳا
سنڌ کي مفت جي مال جيان بي رحم ھٿن سان لٽڻ لڳا

ڍؤ نہ ٿيو تہ بہ پوڍاين جو، آخر حرص جي ھام ھڻي
واسينگن جان وڌندا آيا، ويرين واري لام ھڻي
پنھنجا پنھنجو ننگ وڃائي، گڏيا انھن سان گام ھڻي

سنڌ ڇٽي وئي بگهڙن کان پر واسينگن جي وات پئي
ڏاڍائين جا ڏنگ لڳي ويا ڏونگر کان ٿي مات پئي
ويچاريءَ سان ويل وھيا، ڄڻ بر ۾ ڪنھنجي رات پئي

سنڌ جا وارث ويڳا ٿيا، سنڌ جي واھر ڪانہ رھي
پائيندڙ جان پائي آيا ڌاريا، آڌر ڪانہ رھي
آزاديءَ جي ڪابہ توقع رتيءَ ماتر ڪانہ رھي

جڏھن وطن جي آزاديءَ کي، آندو ڌارين خطري ۾
ڪوئي ڪنھنجو ڪونہ رھيو، وڌو سڀ کي ڌڪارين خطري ۾
سنڌ پڪاريو آھن ڪي جي، واھر وارِين خطري ۾.

ھڪل ڪري ڪنھن مرد پڪاريو، آيس آيس آيل مان
جاڳي مرد جي غيرت ائين ڄڻ، بجليون نڪتيون بادل مان
آيو ھوش مان جوش ۾ ائين ڄڻ، ڇوليون اڀريون ساحل مان.

ھي ھو، ھوشو آيو جيڪو، طوفانن جان شور ڪري
گاج جئان گجگوڙ ڪري، ماحول ڇڏيائين اور ڪري
ڪير آھي جو منھنجي وطن کي، غلام بڻائي زور ڪري.

منھنجي وطن کي ڪوئي بالم، ڪنھنجو غلام نہ رھڻو آھ
جيسين غيرت باقي آھي، تيسين غير سان لڙڻو آھ
آزاديءَ سان جيئڻو آھي، آزاديءَ سان مرڻو آھ

آزادي حق آھ اسانجو، ڌارين جي جاگير نہ آھ
آزاديءَ تان سڀڪجھ صدقي، ٻي ڪائي تدبير نہ آھ
ڌارين جي جو ڪري غلامي، سو ڪوئي مھمير نہ آھ

ھوشو مرندو مري ويو تہ بہ، قبول ڪيائين نہ غلاميءَ کي
وري ڪوئي منصور ھليو ويو، ڏئي تياڳ جوانيءَ کي
سنڌڙي اڄ ڀي فخر منجهان، ٿي ساري اھڙي مانجهيءَ کي.

سنڌڙي جنھن جي آزاديءَ تان، ھوشو ٿيو قربان الا
ھوشو جنھن جي حب الوطني، ھن جو ھئي ايمان الا
ان جي وطن مان پيدا ٿيندا، ھوشوءَ جھڙا جوان الا

جيڪي بڻجي شير وطن جي، ويرين کي للڪار ڪندا
ڪيرائيندا قيد جا ڪوٽ، ۽ مندن کي مسمار ڪندا
سنڌڙي تنھنجو عشق سلامت، نعرو ھي نروار ڪندا.

آزادي دا ننگ رکيسون _ سنڌ سدائين جيئي شال
مور نہ ڪنھن دي غلام رھيسون، سنڌ سدائين جيئي شال
مرويسون پر سنڌ نہ ڏيسون، سنڌ سدائين جيئي شال.
(ھوشوءَ جي ورسيءَ تي لکيل)