ڪتاب جو نالو: ڇپر، ڇمر، ڇانورو
مصنف: ابراهيم منشي
ڇپائيندڙ: موسيٰ پبليڪيشن ڄامشورو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 21 اپريل 2019 ع
پڙهيو ويو: 1692 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 643 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ابراھيم منشي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم سان ھيڏي ساري محبت ۽ اٿاھ عشق، ھيڏي ساري قربانين، سالن جا سال جيل ۾ رھڻ ۽ ڪيتري ساري قومي شاعري ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏھن به اھا دعوى نه ڪئي اٿس ته آئون وڏو شاعر آھيان پر اھڙو اظھار ڪڏھن اشاري ۾ نه ڪيو اٿس. ھن جو مقصد ھو ته ٿوري به شاعري ڪجي پر سٺي ۽ سچي شاعري ڪجي جنھن ۾ مصلحت پسندي جو ڪو جُز به نه ھجي.
ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر پاران
  • ڪمپوزر پاران
  • مرتب پاران
  • مھاڳ
  • باب پھريون بيت

  • مشاھدو موت جو
  • نينڍ آھي نينھن جي
  • دوھا
  • ٻه سٽا
  • چوسٽا
  • ڇھه سٽو
  • ٽه سٽو
  • وايون
  • لڏو ھڏ مَ لاھ
  • محبت ڪونھي مُل
  • ھوريان ھوريان ھَل
  • ھر ھر ھر ڀيري
  • اَٿي اچ، اياز
  • سُور سنڌو ماءُ لئه
  • وٺي ڪو وڇيات
  • بلڪل بي گناھ
  • ويٺي وجھان آئون واجھه
  • ڪنگ پيا ڪن تنگ
  • ڇوريءَ کي اڄ ڇا ٿي ويو آ
  • نظم
  • ڀورا بادل
  • پاپي پُراڻا
  • سَنڌ سنڌوءَ جا ساڻا ساڻا
  • سڏ وراڪو
  • ڪنگن جا منھن ڪارا
  • ڪارو ناڻو
  • عارفاڻو ڪلام
  • مولوي احمد ملاح جي عقيدت ۾
  • نور جو لاٽون
  • مرحوم نجم ميمڻ جي ياد ۾
  • شيرِ سنڌ مير رسول بخش ٽالپر جي عقيدت ۾
  • شھيد فيض محمد ٽالپر جي عقيدت ۾
  • شھيد فيض محمد ٽالپر جي ياد ۾
  • باب ٻيو فاضل جو فراق

  • بيت
  • وائي
  • بيت
  • نظم
  • وائي
  • بيت
  • ڪافي
  • نظم
  • نظم
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • وائي
  • بيت
  • دوھا
  • نظم
  • غزل
  • باب ٽيون اوائلي عشقيه شاعري

  • راز
  • دل وڃائي ويٺاسون
  • اچڻ وارا ھئا جاني
  • منڊ مَ ڪر
  • ڪھڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو
  • ھونھاري ٻي طرح
  • ٿيو آنو اثر ڪونھي
  • جل جاڳائيندڙ ڇا ٿيه
  • ويو دونھڙا دکائي
  • سانوڻ سيارا
  • لقاءُ آھي لڪڻ تنھنجو
  • قابو ڪيو تو ڪيس ۾
  • قدر ڪھڙو ڪھڙو
  • فسانو بند ٿيو
  • اھو ميزان مونکي ڪر
  • رمزون رنداني
  • بستري داخل
  • انار کان آھي لذيذ
  • محبت لذيذ
  • وعدو وفا جو
  • وصل وارو ورائي ڏس
  • ڪُھندو وڃي
  • خاص خاص
  • خط خطن تي
  • دوست در ايندا اجھي
  • مفت مان ويندس مري
  • چمن دل جو ٿيو چِڪ چِڪ
  • داغ دل تي ٿيا نوان
  • لابارا لھي ويا
  • واپار جو ڪيو مون
  • ڪراچي جو نظارو
  • تنھن دلدار ڇا چئجي
  • ميدان مون لئه ڄڻ مقام
  • بتي، بوڪ پين سان جھيڙو
  • ھُت درڪار ھيرن جي
  • جيءَ نه گڏ جنجال سان
  • اچڻي بھار آھي
  • دادلا تون داد ڪر
  • مام مارڻ جو
  • نر ڦري ناري ٿيو
  • وڃي ويٺو وڏيرن ۾
  • ڀلا ناڻو آ نَر نَر
  • بنا زر جي نه ڪر بانور
  • لکئي جا ليک
  • آھن جو اثر ٿيندو
  • واڪن تي واڪ
  • باب چوٿون اوائلي ۽ آخري حمديه ۽ نعتيه شاعري

  • دعا
  • حمد
  • نُوري نظارا
  • محبوب سُبحاني
  • شال ٿئي ديدار
  • سرداري
  • معراج
  • مَڪان ۽ لامَڪان
  • نُور الھُدى
  • مرثيه
  • شفاعت
  • حضور
  • لولاڪ
  • آڌار
  • نظارا ڏيکاريا
  • رحمت جا دريا
  • اَول آخر
  • جرڪيا جڳ جنسارن ۾
  • رمضان منجھه رمزَون
  • شادي مبارڪ
  • ديني درسگاھون
  • سچو دين اسلام
  • ديوبند
  • باب پنجون
  • ھر بھار ڏسو
  • وري گلزار ٿي ويندو
  • لطافت ملي
  • درگذر زمانو
  • ڦورو
  • مقدمو
  • ڪاروان دشمن
  • منھنجي خلاف
  • يادگار
  • غمخوار ڪوئي ڪونھي
  • آرزو
  • ڏسڻ اچ
  • زمانو
  • نرالا نظارا
  • ڇا ڪجي
  • رھزن رھنما
  • آقا غلام
  • اي ڀٽ ڌڻي
  • وطن تان قربان
  • دشمني
  • سچ
  • نه ھلندو بھانو
  • ڪمال
  • ڪڏھن ايندا

  • ارپنا

    ارپنا


    شھيد عوام محمد فاضل راھُوءَ جي نانءُ
    جو منشي ۽ فاضل وچ ۾ الستي ۽ اويڙو عشق رھيو آھي


    آزاد سومرو










    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :


    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڇپر، ڇمر، ڇانورو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. ھن شاعريءَ جو سھيڙيندڙ غلام محمد آزاد سومرو آھي.

    ابراھيم منشي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم سان ھيڏي ساري محبت ۽ اٿاھ عشق، ھيڏي ساري قربانين، سالن جا سال جيل ۾ رھڻ ۽ ڪيتري ساري قومي شاعري ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏھن به اھا دعوى نه ڪئي اٿس ته آئون وڏو شاعر آھيان پر اھڙو اظھار ڪڏھن اشاري ۾ نه ڪيو اٿس. ھن جو مقصد ھو ته ٿوري به شاعري ڪجي پر سٺي ۽ سچي شاعري ڪجي جنھن ۾ مصلحت پسندي جو ڪو جُز به نه ھجي.

    ھي ڪتاب 2014ع ۾ موسيٰ پبليڪيشن، ڄامشورو پاران ڇپايو ويو آھي. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي نئين سر ڪمپوز ڪري آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    پبلشر پاران

    رب پاڪ جي ڪروڙين ڪرم جنھن مون جھڙي ھڪ غريب ۽ ناتوان بندي جي ھٿان ڇپائي جھڙو مشڪل ۽ ڪٺن ڪم ڪرائي رھيو آھي. اسان پنھنجي محدود ذريعن اندر ابراھيم منشي جي انقلابي شاعري جو مجموعو ”ڇپر، ڇمر، ڇانورو“ نالي ارڙھون نمبر ڪتاب ”موسي پبليڪشن“ ڄامشورو طرفان ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي.
    اسان جي سدا بھار ۽ سٻاجھڙي سنڌ جي ھن جديد دؤر ۾ ٻيا به ڪيترائي شاعر ٿي گذريا آھن، جن جي شاعري اعلي درجي جي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، پر اھڙن شاعرن ۾ ابراھيم منشي جي شاعري پنھنجو مٽ پاڻ آھي. سندن شاعري ۾ مزاحمتي ۽ انقلابي پھلو نمايان نظر اچن ٿا، ائين کڻي چئجي ته ھي ھڪ البيلو شاعر ٿي گذريو آھي، ھھڙي ڀلوڙ ۽ انقلابي شاعر جي شاعري ڇپائڻ ۾ اسان جو ادارو بي حد خوشي محسوس ڪري رھيو آھي.
    آخر ۾ مان انھن مھربان دوستن جو ذڪر ڪرڻ نھايت ضروري سمجھان ٿو جن صاحبن ھر موڙ تي منھنجي کُلي دل سان اخلاقي مدد ۽ رھنمائي ڪندا رھيا آھن. انھن دوستن جو مان ھميشه گڻ ڳائيندو رھندس. اُھي دوست ھي آھن: محترم شفيق جسڪاڻي صاحب، محترم الھنواز نوحاڻي صاحب، مرحوم لھڻو خان سارنگ جمالي صاحب ۽ محمد گاڏھي، اميد ٿو ڪريان ته اھي مھربان دوست آئينده به پنھنجي رھنمائي ۽ تعاون جو سلسلو دائم ۽ قائم رکيون ايندا

    توھان جو پنھنجو دوست

    حبدار علي گاڏھي، ڄامشورو
    تاريخ 01.07.2014


    ڪمپوزر پاران

    ڪمپوزر پاران

    ”انسان غلطين جو گھر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿ ڪا به غلطي ھجي ته نشاندھي ڪجو.

    شاھنواز ٽالپر
    ڪمپوزر
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    sntalpur@gmail.com








    مرتب پاران

    مرتب پاران

    منشي سنڌ جو البيلو عاشق

    سنڌ سڄي ھيرن جي کاڻ آھي. سنڌ سونھري سمنڊ آھي، جنھن ۾ سوين ساگر جا سائو بي بھا اَمُلھه ماڻڪ ميڙڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رھيا آھن ۽ اھڙن پاڻ پتوڙيندڙ پارکو ۽ پارس ماڻھن کي ميڙي سھيڙي سونھري سڳي ۾ سموئڻ لاءِ پيار سان پوئي ھڪ بي ملھائتي مالھا ٺاھڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھه نه آھي. پر پوءِ به ھن ڪَٺن ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاءِ ڪي کاھوڙي انسان جيءَ جاڳرتا جي جوت سان ھن جڳ کي جڳمڳائڻ لاءِ پنھنجي وس آھر جتن ڪري جاکوڙيو ضرور آھي. اھي لکين جس لھڻن.
    توھان سنڌ جي ڪنھن به خطي واھڻ يا وستيءَ ۾ ويندا ۽ پڇندا ته ھتي ڪو شاعر يا ڪو سُگھڙ ماڻھو آھي ته يقينن ملي توھان کي ڪونه ڪو اتي سُگھڙ يا سالڪ ماڻھو ضرور ملي ويندو. واضع ٿيو ته ھن سنڌ ڌرتيءَ سوين نه بلڪه ھزارين شاعر اديب سمجھو ۽ سالڪ ماڻھو پيدا ڪيا آھن.
    پوءِ ادب جي افق تي ھر ستاري جي پنھنجي پنھنجي چمڪ ۽ ڌمڪ آھي. جيئن ھر گل جي پنھنجي پنھنجي خوشبوءِ ھوندي آھي ھر ڏيئي جي روشني پنھنجي پنھنجي نموني ۾ نماءُ ڏيندي آھي.
    اھڙي طرح ھر شاعر جي شاعري ۾ شعور جو شعاع جيترو ۽ جھڙو ھوندو اوترو ئي سندس شاعري جو پڙاڏو پري تائين واسو ڪندو ۽ اوتري ئي ماڻھن جي من موھڻ جي منجھنس جادوگري سمايل ھوندي.
    شاعري جو سلسلو صدين کان اچي پيو قاضي قاضن، لطف الله شاھ قادري رحه، شاھ عبدالڪريم رحه بلڙي وارو وغيره پر شاھ عبدالطيف رحه تاريخ جو سونھري باب ته ڇا پر خود تاريخ بنجي ويو.
    اھڙي طرح ھر شاعر جو پنھنجو پنھنجو گس آھي، ڪي شاعر فقط عشقيه شاعري تائين پاڻ کي محدود رکيائون سي تاريخ جي دز ۾ دفن ٿي ويا. ڪي شاعر صرف حمديه ۽ نعتيه شاعري ڪندا رھيا. ڪي شاعر گڏيل شاعري ڪيائون . ڪي صوفياڻي رنگ ۾ عارفاڻي شاعري ڪري ڪُل انسانذات کي انسانيت جو درس ڏنائون ۽ ڪي شاعر پنھنجي ڌرتيءَ تي رھندڙ جھانگيئڙن، وانگيئڙن، سانگيئڙن کي سڏڻ، اُٿڻ، جاڳائڻ لاءِ جتن ڪندا رھيا. جنھن جي شاعري ۾ ابديت آھي ۽ حقيقت به، ۽ اھڙي شاعري ڪرڻ جي ڪري انھن کي سامھون ايندڙ حالاتن سان مھاڏو اٽڪائڻ ڪنھن جھاد کان گھٽ نه ھوندو آھي. اھڙا شاعر امر ٿين ٿا. پر وري اھڙن انوکن امتحانن مان گذرندي اُڪري پار پوڻ لاءِ پڇاڙي تائين ثابت قدم رھڻ تمام ڪَٺن ڪم آھي. اھڙا شاعر امر ٿين ٿا ۽ اھڙا امر انسان صدين م مس سِرجندا آھن، منشي محمد ابراھيم جو نالو اھڙن شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو ھڪ طرف غربت جي چَڪي ۾ پيسجندي پنھنجي حق ۽ سچ جي آواز کي بلند ڪرڻ لاءِ ھر اڳيان ايندڙ آمريت جي عذابن جو نه رڳو منھن ٽوڙ مقابلو ڪيو پر ٻئي پاسي جتي عام وڪري جي واڪ واري وھڪري ۾ جتي وڏا وڏا وِير به وڪجي ويا. اتي ھن پاڻ کي ثابت قدم رکڻ ۽ ھر آڇ کي ٺڪرائي زندگي جا انمول ڏينھن سالن جا سال قيد ڪڙولا قبول ڪندو رھيو.

    ھيڏي وِڪري جو نه وڪاڻو، تنھن کي مليو جيل ۽ ٿاڻو،
    جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھر ڪو پنھنجي اگھه وڪاڻو.

    جڏھن ته ڏات جي ڏيھه ۾ ڪيترا ڏوريندڙ ۽ ووڙيندڙ انمول انسان نظر ۾ اچن ٿا سڀئي پنھنجي سوچ ۽ ساڃھه آھر پنھنجي جوت جا جوھر جرڪائيندا رھيا آھن، پر مشڪل سان اھڙو ماڻھو ملندو جنھن کي ھڪڙي ئي وقت ڪيترائي اعزاز حاصل ھجن. سو ابراھيم منشي ھڪ اھڙو موتيءَ داڻو ماڻھو آھي، جنھن کي الله پاڪ جي ڏنل ڏات ۾ کوڙ ساريون خوبيون مليل ھيون. جھڙوڪ صورت ۾ سھڻو ۽ سندر، من جو مُھڻو ۽ مندر، سيرت جو سادو سٻاجھڙو ۽ ساڃھه وند، اعلي ۽ آدرشي اخلاق رکندڙ کلمک ڪچھري جو ڪوڏيو، ھڪ جيڏن سان ھڪ جھڙو، ٻڍڙن ۽ ٻارن سان ٻاجھارن ٻولن سان پيش ايندڙ دل وٺڻ جي انداز ۾، سون ساريکا روپ رکندڙ، جنھن سان چند گھڙيون گڏ گھاريائين سو وري ساري حياتي ملڻ لاءِ ماندو ۽ اندر جو آتو. يارن جو يار، دشمنن لئه تلوار، مُور نه من جو ميرو، بيباڪ بھادر، ٻاٻرن ٽانڊن جھڙي شاعري ڪندڙ، من موھيندڙ مڌر آواز، انھن سڀني خوبين سان گڏ الله پاڪ ھن ۾ ھي به ھڪ خاص خوبي رکي ھئي جو سچ سڀ ڪنھن کي چوڻ ھن جي ڏات ۽ ڏاھپ جو نانءُ ھئي.

    ڀلي ڪيسن ۾ اٽڪايو، ڀلي ڦاسين تي ڦٿڪايو،
    ڀلي لوھن ۾ لٽڪايو، ڀلي ٽانڊن تي ٽھڪايو،
    ڀلي سُورين تي سَھڪايو، ڀلي ميدان ۾ مارايو،
    اسان سوريءَ تي سنڌو ديس جا نارا پيا ھڻنداسون.

    اسان ھر د‍ؤر جي حاڪم کي حق جي ڳالھه چونداسون
    اسان وانگين جي ھر ويري وڏيري ساڻ وڙھنداسون

    مير ھجي يا پير ھجي يا ڪو وڏو وزير وِير ھجي پر سچ سڀ ڪنھن کي سڻائي ڇڏيندو، محنت ۽ ھمت به ھن کي ڏات ۾ مليل ھئي . جڏھن ھمت جي ڳالھه نڪتي آھي ته ھن جي ماضي ڏانھن ھلون ٿا، جڏھن يارنھن سال عمر ۾ يتيم ٻار بنجي ويو، سڄي گھر جو بار ھن جي سِر تي اچي ويو تڏھن به ھن ھمت نه ھاري، ٻنون مياڻ کان پلا کڻڻ لاءِ ھن کي آڌي رات جو اڪيلي سر اُٿي وڃڻو پوندو ھو. اتان پلا کڻي اچي گھر ڇڏي وري ڳوٺن ۾ واپار لاءِ نڪري وڃڻ، وري ٻِي رات اسر ويل اٿي ڪپور تان ڳڙ کڻي وري به ڳوٺن ۾ کپائڻ، وري ٻنيءَ ۾ سڄو ڏينھن ڪم ڪرڻ، رات جو ڳُنڌڻ نه ھئڻ ڪري اڌ ڍؤ ڪري سمھي پوڻ، بک ۾ ننڊ جو نه اچڻ، بک برداشت ڪري شاعري ڪرڻ ۽ ٻيا به انيڪ ڌنڌا ڪرڻ ۾ ھن ھمت ڪڏھن به ھٿان نه ھاري.
    انھيءَ الڙ عمر ۾ عشق جو تير ھن جو سينو سَٽي پار ٿي ويو. جڏھن ته عشق جي آنچ کان ڪو به بشر بچي نٿو سگھي، پر وري شاعر ( حساس دل) جڏھن ته ھر شاعر جي شروعات مجازي عشق جي رنگ سان ٿئي ٿي. اھڙي طرح ھن جي شروعات به عشقيه شاعري سان ٿي. جيڪا ھن ڪتاب ۾ ڏني ويئي آھي، جنھن جي ھر شعر تي اھا تاريخ، مھينو، سال ۽ جڳھه ڏني ويئي آھي ته جيئن پڙھندڙن کي اھا سُڌ رھي ته ھي اوائلي شاعري آھي جنھن کي قوم پرستي واري د‍ؤر سان نه ڀيٽين.
    پڙھندڙن کي ٻيو عرض ھي آھي ته منشي جنھن جنم ڀومي جنھاڻ سومرو ۾ جنم ورتو ۽ جنھن ماحول ۾ سرجيو نپنيو وڏو ٿيو جنھاڻ سومرو ۾ اتي اڄ به وڏا ديني مدرسا آھن. جتي دين ۽ اسلام جو ۽ مذھب جو وڏو ڳڙھ آھي ۽ ھن جي ذھن جي اوسر به مداح مولود سان ٿيندڙ مذھب جو ڪيئن نه اثر قبول ڪيو ھوندو ان ڪري ھن جي ذھن تي به مذھب جو جنون اثر انداز ٿيل ھو ۽ اھڙي ئي مذھبي شاعري به ھن ڪتاب ۾ شامل رکجي ٿي.
    جيئن جيئن ھن ۾ شعور وڌندو ويو تيئن تيئن ھي پاڻ به تبديلي آڻيندو ويو لطيف جي شاعري مان به خوب خزانو پرايو پر گھڻي کان گھڻو پنھنجي ذاتي مشاھدن ۽ مطالع مان سکيو، وري ساڃھه وند سوسائٽي مان پڻ خوب سکيو. 1967ع کان طبقاتي شاعري شروع ڪيائين. 1971ع کان قومي شاعري ڪيائين جنھن ڪري ڪيترا ڀيرا ھن کي جيل ۾ وڃڻو پيو. پر ڪڏھن به ڪنھن آمر جابر حاڪم جي اڳيان نه جھڪيو، نه وڪيو ۽ نه ڪڏھن ھڪ وک به پوئتي ھٽيو ۽ زندگي جي ٻين به ڪيترن انوکن امتحانن مان گذرڻو پيو، پر الله جي مھرباني سان ھي ھر امتحان مان ثابت قدمي سان اُڪري پاس ٿيو. صبر، سوچ، تحمل، ھن جا خاص ثمر ھئا.
    جنھن به محفل، جلسه ۽ پروگرام ۾ ھوندو ھو ته سڄي پروگرام جي وايو منڊل تي ھي ڇانيل ھوندو ھو. جتي وڏا پروگرام ، جلسا، محفل مشاعرا ٿيندا ھئا اتي ھر شاعر کي مس ھڪ ڀيرو موقعو ڏنو ويندو ھو اتي منشي کي ڊگھا ڊگھا نظم ٻڌائڻ جي باوجود به ٻه ٻه ڀيرا ٻُڌيو ويندو ھو ۽ سڄي محفل تي حاوي ھوندو ھو. منشي جي زندگي ۽ سياسي اُٿل پٿل تي ڪافي ماڻھن جا مختلف رايا آھن ان تي منشي جي ويجھي رھڻ وارا دوست وڌيڪ ڄاڻندا ھئا ته منشي ڇا ھو ۽ ڪيتري قدر قومپرستي جي رنگ ۾ رنڱيل ھو. مون کي اھو حق ڪونھي جو آءُ ويھي ان بابت وضاحتون ڪريان ڇو ته آءُ ڀاڻج ٿيان. مگر ايترو ضرور چوندس ته منشي سنڌ جو سچو عاشق ھو پروانو ھو جيئن پروانو ڪٿي به شمع کي جلندي ڏسي ٿو ته پروانو اتي اچي پاڻ پڇاڙي پُرزا پرزا ٿئي ٿو. اھڙي طرح منشي پنھنجي قوم کي غلامي جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڏسي ڦٿڪي ٿو جلي ٿو، پچي ٿو.

    جلان ڏسي جلان، ڌرتيءَ مٿي
    ھيڏي آھي ھلان، ته به کاھڙ سڄو کونگھرا . . . !!
    ايڏي وڏي قوم کي جڏھن کونگھرا ھڻندي ڏسي ٿو، تڏھن چوي ٿو
    جاڳيو سارو جڳ تون سُتين سِري ٻانھن ڏيئي
    سگھه ھوندي سنگھارن کي، جڏھن سوگھو ڏسان ٿو
    ڪيڏي نه وڏي قوم کي، ايندي گھوگھو ڏسان ٿو
    ھوشيار، خبردار ، تڏھن توکي چوان ٿو
    بارود تنھنجي بم ڪنا، ڪڏھن ڪين ڊڄان ٿو
    کڻي قوم ڪروڙ ھي، مان اچان پيو، اچان پيو
    باغي جو کڻي تاج مان، دشمن ڏي وڌان پيو
    اھڙي طرح ٻي جڳھه تي چوي ٿو
    مون بم ڀريا ڪئين بيتن ۾، تن گوريلن جي گيتن ۾
    ھر گيت ھي منھنجو گولي آ، ۽ گولي منھنجي ٻولي آ
    مون جنگ جبر سان جوٽي آ، ھر ڳالھه ٻي مون وٽ کوٽي آ
    غدار وطن مان ناھيان ناھيان، باغي آھيان، باغي آھيان
    پوءِ به جڏھن قوم کي اگھور ننڊ ۾ ستل ڏسي ٿو، تڏھن چوي ٿو
    ڪالھه ڪينجھر ڪپ تي، ڳوليم کڻي ڳاٽ
    رڳو ڪنگ ڪنڌيءَ تي، پاڻي لس لڙاٽ
    ٻي اونداھي ٻاٽ، ھنج نه ڏٺم ھڪڙو . . .!!
    ۽ جڏھن ھن قوم کي اونداھي جي عالم ۾ ڏسي ٿو ته پوءِ پرواني وانگر جيڏانھن به اميد جي ڪِرن ڏسي ٿو. اوڏانھن ڊوڙي ٿو. جيئن ڪو بيمار ڪنھن موذي مرض ۾ مبتلا ھوندو آھي ۽ جنھن به حڪيم، ڊاڪٽر، ڏاھي ۽ ويڄ جو ڏس پوي ٿو اوڏانھن پنھنجي ڇوٽڪاري جي اميد کڻي وڃي ٿو.اھڙي طرح ھي به پنھنجي جيجل ماءُ سنڌ ڌرتيءَ جو حلالي پٽ سنڌ جو البيلو عاشق جيڏانھن به سنڌي قوم جي دردن جو دارون دوا سمجھي ٿو اميدن جي آڌار تي اوڏانھن وکون وڌائي ٿو. سائين جي ايم سيد، فاضل راھو، ممتاز ڀٽو وغيره ۽ جڏھن به جنھن مان ڇوٽڪاري جي اميد نٿي ڏسڻ ۾ اچي اتان واپس ٿئي ٿو ، جھڙو ممتاز ڀٽي مان نااميد ٿي موٽيو.
    ھڪڙي ھي ڳالھه به وضاحت جوڳي آھي ته ڪافي دوستن جو رايو آھي ته منشي آخر ۾ متحده وارن سان ھو، ان لاءِ عرض آھي ته اڳ ۾ ذڪر ڪري چڪو آھيان ته منشي کي جيڏانھن به اميد جي ڪِرن ڏسڻ ۾ آئي آھي اوڏانھن ويو آھي. اھڙي طرح منشي جي اھا سوچ ھئي ته مھاجرن جو رھڻ ڪھڻ سنڌ ڌرتي سان آھي ته جيڪڏھن سنڌي ۽ مھاجر گڏجي دشمن سان وڙھون ته آزادي وٺي سگھجي ٿي. فقط اھا راءِ رکندڙ ھو ڪڏھن به مھاجرن جو ميمبر نه ٿيو، منھنجي روبرو جي حقيقت آھي ته منشي ديوان مشتاق ۾ داخل ھو. آءُ ساڻس گڏ رھندو ھوس. صبح سوير متحده جا چار ھمراھ آيا، جنھن ۾ ڊاڪٽر اقبال ايم پي اي ، ايم اين اي وغيره ھئا ھنن چيو ته اسان کي الطاف ڀائي فون تي چيو آھي ته ابراھيم منشي کي علاج لاءِ لنڊن اماڻيو سڀ خرچ اسان ڀريون ٿا ته منشي جنھن مھل جواب ۾ ھنن کي ٻوليون ٻُڌائڻ لڳو ته ھنن جي ھٿن ۾ پيئڻ لاءِ جھليل جوس به ڏڪڻ لڳا. چيائين ته اوھان مھاجرن جي اسان سنڌين لاءِ ڪڏھن به نيت صاف نه ٿي آھي ۽ نه ٿيندي. مون گھڻو ڪجھه چاھيو ته سنڌي مھاجر ھڪ ٿي دشمن سان وڙھون پر اوھان سنڌ جا نمڪ حلال اولاد نه ٿي سگھيا آھيو ۽ نه ئي ٿيندا. بھرحال ھنن جي آڇ کي ھن اھڙي طرح ٺڪرايو جو ھو وري اچڻ لاءِ ھمت ساري نه سگھيا ۽ بروقت مون نذير ميمڻ کي گھرائي ورتو. نذير ميمڻ سراج کي گھرائي عبرت اخبار ۾ خبر ھلائي ويئي ته جيئن سڄي قوم کي اھو شڪ وھم لھي وڃي ته ڪو منشي متحده وارن سان شامل آھي.
    بس منشي جي اھا مشن ھئي ته ڪٿان به ڪنھن جي به ھٿان آزادي ملي ۽ اھو موقف سائي جي ايم سيد جو به ھو. باقي ذاتي واسطا سڀ ڪنھن جا پنھنجا پنھنجا آھن، بھرحال منشي سائين جي ايم سيد سان متفق ھو ۽ شھيد فاضل راھو سان منشي جو ۽ منشي جو فاضل سان اھڙو الستي ۽ اويڙو عشق ھو. جنھن کي ڪابه طاقت ڪٽ نه ڪري سگھي . جنھن لاءِ منشي جي شاعري شاھد آھي. جيڪا ھن ڪتاب ۾ پڻ شامل ڪئي ويئي آھي ۽ ڪتاب جي ارپنا به فاضل جي نانءُ آھي. مطلب ته منشي سنڌ جو سچو سپوت پٽ ۽ سورھ سرواڻ ھو. ھر وقت، ھر گھڙي ھر واھڻ، ھر وستي، ريلي ۾ھجي يا جيل ۾، بسن ۾ ھجي يا گسن ۾، سنڌ واسين کي سجاڳيءَ جا سينھا، انقلاب آڻڻ، آزادي ماڻڻ جا پيغام ڏيندو رھيو. مثال طور 1980ع ۾ حاجي عبدالخالق جي پٽن جي شادي ھئي جنھن ۾ چيف منسٽر غوث علي شاھ ۽ پوري سنڌ ڪابينا جا وزير، صلاحڪار، مير ، پير، ننڍيرا، وڏيرا ۽ ٻيا به ھزارين ماڻھو شامل ھئا منشي کي چيو ويو ته شادي جي موقعي تي ڪو شعر ٺاھي ٻڌاءِ پر انقلابي نه ھجي.
    ھن جي رڳ رڳ ۾ سنڌ ڌرتيءَ جو عشق سمايل ھجي سو پنھنجي جيجل ماءُ سان دوکو ڪرڻ، منافقي ڪرڻ ھن جي مذھب ۾ نه ھو. سو اتي بروقت شعر ٺاھي ٿو، جنھن جي مٿان ٿل ۾ آيلن کي ڀليڪار جو رنگ ڏي ٿو، بعد ۾ ھر مصرع ۾ مڪمل طرح سڄي سنڌي قوم کي انقلاب جو سڏ ڏي ٿو.

    مبارڪ مِڙن کي ڀري پير آيا
    اوھان جي اچڻ سان ٿيا لايا سجايا

    ھي شاديون مراديون، شل ماڻيو آزاديون
    سدا سبز سايون، رھن سنڌ جون واديون
    لکين پُٽَ سنڌوءَ جا، اڄ سورھيه سامايا . . !!

    مَھڪ آ مينديءَ ۾، گھري رت راڻي
    ڏيندا سر سينگاري، ڪي اڄ ڪي سڀاڻي
    نه رھندي پُٽن تي، ڪا ڀونءَ جي بقايا . . !!

    اھڙي طرح 9 مارچ 1989ع ۾ ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد تي ڪُل سنڌي ۽ اردو مشاعرو ٿئي ٿو، سڀئي شاعر حضرات گڏجن ٿا. مخدوم طالب المولى جي صدارت ھئي. ھيترن سارن شاعرن مان فقط ابراھيم منشي کي عرض ڪجي ٿو ته مھرباني ڪري انقلابي شعر نه چئجان؟. . . !! پر ھن جي اندر ۾ جيڪا ولوڙ ھئي جيڪا پيڙاھ ھئي حب الوطني جي سا لڪائڻ ھن جي وس جي ڳالھه نه ھئي. ھن جو ضمير اتي به ملامت ٿو ڪري ته منشي متان جيجل ماءُ جو کير لڄائين. اتي ھي ظاھري عشق جو رنگ ڏيئي شعر لکي ٿو.

    مند آھي چري، رات آھي ٺري
    مھڪ موتئي سندي، واھوندي ۾ وري

    بعد ۾ سڄي شعر ۾ سنڌ واسين کي پيغام ڏيڻ، ڌرتي جو فرض چُڪائڻ کي فرض سمجھڻ افضل عبادت کي اوليت ڏيئي ٿو

    ٻئي ڪچي جون ڪنڌيون، ريٽ ۾ چيٽ ٿيا
    ڀرجھلا ڀونءَ جا، ڀاڳيا ڀيٽ ٿيا
    سونھن سنڌوءَ کي، ڏس ته ڪيڏي سَري

    کيٽ کستوري ٿيا، کوڙ کنھبا کِڙيا
    منشي مومل پَسي، مينڌار ڪئين مِڙيا
    تو بنا اي پرين، ھر پَري اوپري

    ۽ جڏھن ٽي وي تي گھرايو وڃي ٿو ته اُتي به قوميت جو پيغام ڏي ٿو ۽ جيڪڏھن جيل ۾ آھي ۽ محبوب جي ياد اچيس ٿي ته به جيڪو شعر لکي ٿو ان ۾ به ڪيترو انقلاب رکيل آھي اوھين پاڻ پرکي سگھو ٿا.

    ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسون
    سرنھن پيلا جھليندي گل، تڏھن کيتن ۾ ملنداسون

    جڏھن جھنڊا آزاديءَ جا، پيا جھر جھنگ جھوليندا
    ڌڻي ڀونءِ ڀيٽ پيا چڙھندا، انھن ڀيٽن ۾ ملنداسون!!

    ھن جي عشق جي ڪا حد نه آھي

    جيسين تندون ساھ جون، آھن ساھ سان سھمت
    رَتي روڪي نه سگھندي، تيسين ڪا طاقت
    مٽيءَ جي محبت، منشي ماٺي نه ٿئي . . . !!

    ھن پنھنجي قوم کي پيغام پھچائڻ لاءِ پارس ڪمپني جي ميوزڪ سينٽر ۾ ڳائڻو بنجي سازن تي به ڪيسٽ ڪڍرائي.

    ڳاءِ ڳاءِ ڳائڻا ٿورا ٿڃ جا لاھڻا

    ۽ ان ڪيسٽ ۾ جنگ جنگ آ جھڙا انقلابي گيت به پنھنجي انداز ۾ ڀريا آھن ڏسو ته ھن پنھنجي قوم لاءِ ڇا ڇا نه جَتن ڪيا آھن ۽ ڪڏھن به پنھنجي قوم مان مايوس نٿو ٿئي . . !!
    ۽ مير علي احمد سان ڪيترا نه گھرا ذاتي واسطا ھئا، پر جڏھن ھو ٻاھرين ملڪ رھي ٿو ۽ منشي شاعري ۾ خط لکي ٿو پر ڏسو ته ان ۾ ڳالھه ڪھڙي ٿو لکي.

    ڪرين پيو عيش انگلينڊ ۾، وطن وارن تي ڇا گذريو
    رھي ڀُورن سان وئين ڀُلجي، ھتي ڪارن تي ڇا گذريو

    سنڌ ڌرتي جي ۽ سنڌي قوم سان ھيڏي ساري محبت ۽ اٿاھ عشق ھيڏي ساري قربانين سالن جا سال جيل ۾ رھڻ ۽ ڪيتري ساري قومي شاعري ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏھن به اھا دعوى نه ڪئي اٿس ته آئون وڏو شاعر آھيان پر اھڙو اظھار ڪڏھن اشاري ۾ نه ڪيو اٿس. ھن جو مقصد ھو ته ٿوري به شاعري ڪجي پر سٺي ۽ سچي شاعري ڪجي جنھن ۾ مصلحت پسندي جو ڪو جُز به نه ھجي.

    مصلحت کي ھڻ موچڙو، اٽل عزم ڌار
    سائي تند تنوار، جنھن سان جڳ جاڳي پوي . . .!!

    اھڙي طرح ھر شاعر جي سڃاڻپ سندس شاعري آھي ۽ منشي جي سڃاڻپ ھنن شعرن سان آھي.

    ڪتيون ڪئين قيد ۾ گذريون، چڱو چيٽن ۾ ملنداسون
    سرنھه پيلا جھليندي گل، تڏھن کيٽن ۾ ملنداسون

    جھڙو ماڻھو تھڙو ناڻو، ھر ڪو پنھنجي اگھه اگھاڻو
    جيڪو ماڻھو ڪين وڪاڻو، سوئي ماڻھو موتي داڻو

    جنگ جنگ، جنگ آ، ۽ منھنجي توسان جنگ آ،
    پليت پير پري ڪر، ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ

    ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين ڪيٽي بندر کان ڪشمور
    موتين کاڻ ھيءَ ملڪ سڄو آ مارن ۽ مارو مور

    تون ڪالھه به ھئين ارغونن سان، ترخانن سان، غدارن سان
    مون ڪالھه به سُوري سينگاري ھئي، ھوشو، ھيمونءَ پارن سان

    مون پَڪ سڃاتا پنھنجا ھُئا گڏ، ڌارين سان ڪي ڌاري ۾
    ٿي واٽ ڏسيائون ويرين کي ويھي وانگيئڙن جي واڙي ۾

    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي
    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي

    ۽ ڌرتي کي ننگ سمجھڻ وارو شاعر ھميشه زنده آھي امر آھي ۽ امر رھندو.
    آخر ۾ آءُ محترم سائين عبدالرشيد جو نھايت شڪر گذار آھيان جنھن پنھنجي سڀني مصروفيتن کي ھڪ پاسي رکي ھن ڪتاب جو مھاڳ لکي ڏنو، خاص ڪري آءُ حبدار علي گاڏھي جو احسانمند آھيان جنھن منشي جو ھي ڪتاب پنھنجي اداري موسى پبليڪشن طرفان ڇپرائي ڏنو.

    غلام محمد آزاد سومرو
    ڀاڻج ابراھيم منشي
    موبائل فون 03073001211





    مھاڳ

    مھاڳ

    قديم سنڌ جي اوائلي شاعر قاضي قادن کان ويندي جديد سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو ذڪر ڪنداسين ته ان قديم ۽ سنڌ جي سفر ۾ اسان کي اھڙا چند شاعر ملندا جن جي شاعري ۾ زندگي جي ھر رمز ۽ صنف شامل ھوندي انھن ۾ شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف جو نالو سڀني کان مٿانھون ۽ معتبر نظر ايندو. جنھن کي نه صرف سنڌ ۽ سنڌين کي ناز ۽ فخر آھي بلڪه لطيف جي شاعري جا ڪيترائي پھلو انھن جي عملي زندگي ۾ شامل نظر ايندا. صوفيت کان ويندي عشق تائين زندگي جي سمورن پھلوئن جي ان ۾ عڪاسي نظر ايندي ان ساڳي جديد سنڌ ۾ ٻيا به کوڙ سارا شاعر آيا جن جي شاعري جن جو فڪر ۽ فلسفو اعلى درجي جو نظر ايندو پر اھڙن شاعرن ۾ ابراھيم منشي جو نالو تمام مٿانھون آھي ھونئن ته منشي جي شاعري جو ھر پھلو پنھنجو مٽ پاڻ آھي پر مشي ابراھيم کي ٻين شاعرن کان جيڪا مٿاھين انفراديت حاصل آھي سان ان جي مزاحمتي شاعري آھي. منشي جي شاعري ۾ جيڪو مزاحمت جو پھلو شامل آھي سو شايد سنڌ جي ٻين شاعرن جي حصي ۾ تمام گھٽ آيو آھي. منشي جي گيتن، واين، عزلن، مرثيه، عشق، صوفيت سميت شاعري جي سمورن پھلوئن ۾ به مزاحمت جو عنصر وڏي واڪي سمايل آھي ۽ ھن جي ھر سٽ سٽ ۾ سوز، محبت ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان عشق جي حد تائين لڳاءُ نظر ايندو ھُو جيل ۾ ھجي يا ريل ۾ ھجي ھو ھر ھنڌ بيباڪي ۽ جرئت جو مظاھرو ڪندي پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي دردن جي ترجماني ڪندي نظر ايندو،

    جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ جي
    وانگين ويل سويل سائي رھندي سوجھرو

    ڪنھن ڏاھي جو قول آھي ھر شاعر انقلابي نه ھوندو آھي پر ھو انقلابي شاعر ھوندو آھي. پر منشي اھو شاعر آھي جيڪو انقلابي توِڙي مزاحمت ٻنھي جو پيڪر آھي. انقلابي مان مراد اھا به نه آھي ته ڪو ھٿياربند جدوجھد ڪجي يا رياست کان پنھنجا حق وٺڻ لاءِ بمن ۽ بارود جو سھارو وٺجي پر انقلاب علم، عقل ۽ ڏات سان به آڻي سگھجي ٿو. ۽ منشي ابراھيم پنھنجي شاعرانه ڏات وسيلي پنھنجي من جو آواز، پنھنجي ڌرتي توڙي ان جي واسين جي ڏکن، دردن جي ترجماني پنھنجي ڏات ذريعي ڪئي. منشي نه صرف ھڪ اعلى صفت شاعر ھو پر ان سان گڏ قدرت ھن کي اھڙو ته دل لڀائيندڙ ۽ ٻين کي پاڻ ڏانھن متوجھه ڪندڙ سريلو آواز ڏنو ھو جو جڏھن جلسن جلوسن مجلسن توڙي محفلن ۾ پنھنجي گجندڙ آواز سان سُر آلاپيندو ھو ته حاضرين تي وجد طاري ٿي ويندو ھو.

    ھي ڳالھه نه ڳاڙھين ساڙھين جي، ھي ڳالھه نه بنگلن ماڙين جي
    ھي ڳالھه آ وانگين واڙين جي، ھي ڳالھه نه جلسن تاڙين جي
    ھن ڳالھه ۾ ڳُڻ اڻ ڳڻ ڳاڻا مونکي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا
    سنڌ سنڌوءَ جا ساڻا ساڻا، مون کي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا

    منشي جي شاعري لفظ ، تجنيس، رديف، ڪافيو، فڪر ۽ فلسفي جو اھڙو مجموعو آھي جنھن جي سٽ سٽ ۾ انقلاب، لفظ لفظ ۾ سحر ۽ بند بند ۾ بارود ڀريل آھي . منشي جي شاعري ۾ لفظ رقص ڪن ٿا لفظن جو اھو رقص ٻڌندڙ توڙي پڙھندڙ کي به رقص ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي.

    قمري سان گڏ طوطا تاڙا مور، ڪبوتر ڳيرا ڳاڙھا
    ڪُن ڪلاچيءَ تي ڏس ڪيڏي ويڙھ ھلي پئي واڳن سان
    قمري جھيڙيو جوٽو آھي ڪارن ڪارن ڪانگن سان
    بازن سان شھبازن سان ڏيھه ڏنگيندڙ نانگن سان

    اسان منشي جي سمورن شاعري جي مجموعن تي سرسري نظر گھمائينداسين ته وڳھه جا وريام، ڌونئيري ڏينھن ڌاڙا، ڌرتي دين ڌرم، گوندر ويندا گذري، اکر اکر کي اک ۽ پيغام مظلوم توڙي ھاڻوڪي ھن ڪتاب ڇَپر، ڇَمر، ڇانورو جي ھر سٽ، ھر لفظ ۽ بند ۾ منشي جي شاعري جو معيار انتھائي مٿانھون نظر ايندو.
    پنج درجا پاس، گڏھ تي سامان وڪرو ڪندڙ ۽ ٺيڪدارن وٽ منشي رھڻ وارو ابراھيم منشي سنڌ جي پي ايڇ ڊي ڪيل شاعرن توڙي اعلى تعليم يافته شاعرن کان سچ پچ ته تمام وڏو شاعر آھي منشي کي عطائي ۽ ڏات ڌڻي شاعر چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
    ھن نئين آيل ڪتاب ۾ منشي جي شاعري ۾ مزاحمتي شاعري، عشقيه شاعري، وايون، ڪافيون، حمدون ۽ نعتون ۽ سنڌ جي ناليوارين شخصيتن جھڙوڪ شھيد فاضل راھو، حاجي احمد ملاح، نجم ميمڻ، شھيد فيض محمد ٽالپر تي پڻ شاعري ڪري کين عقيدت جي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.
    فاضل کي ياد ڪندي منشي چوي ٿو:

    دودي ڏنو داد، راھو تنھنجي رت کي
    فاضل زنده باد، سنڌ ڄڻي پئي سُورما

    سنڌوءَ سينڌ سنڌور راھو رات ڀري ويو
    پل نه ھڪ پاسي ٿيو، ڪنا ڏوٿين ڏور
    ماڻھن ۾ مذڪور، ته راھو رڃ ڪري ويو

    وري ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته:

    راھو توريءَ رڃ ڏسان ٿو ماريل مارو مڃ ڏسان ٿو
    ڏاڍي تنھنجي اڃ ڏسان، سکر بکر سڃ ڏسان ٿو
    تون ماڻھو موتي داڻو ھُئين، تون جھانگيئڙن لئه جھڙ جا جھالا
    راھو تنھنجا رنگ نرالا

    منشي، مولوي حاجي احمد ملاح کي شاعرن جو شھنشاھ سڏيندي کيس ھنن لفظن سان ڀيٽا ڏي ٿو:

    شاعرن جو شھنشاھ آھي مولوي احمد ملاح
    شاھ کان پوءِ سنڌ کي مليو مسيحا واه واه
    جڏھن گيت تنھنجا ڳائجن، شاعر پيا شرمائجن
    ڳوليم وڃي عرب و عجم، تجنيس ٿي توتي ختم
    سِٽ سِٽ آ سوغات ڄڻ، بر ۾ بڻيل باغات ڄڻ
    مالھائون موتين جون چوان، يا جوتيون جوتن چوان
    ڪافيه رديف ۽ بحر جو، بيشڪ آھين تون بادشاھ

    يعني ائين کڻي چئجي ته زندگي جي اردگرد گھمندڙ سمورن ڪردارن کي توڙي ان جي پس منظر کي جنھن انداز سان منشي پنھنجي شاعري ۾ سمويئو آھي سو ھر ڪنھن شاعر جي وس جي ڳالھه ڪونھي.
    وائي ھجي يا نظم گيت ھجي يا غزل منشي جي شاعري جو پنھنجو رنگ ۽ ڍنگ نظر ايندو جيئن ھن بند ۾ چوي ٿو ته:

    تنھنجي جي محبت ۾ مٺا اڄ داغ دل تي ٿيا نوان
    اچ اچڻ جي مھل آھي ٿو وڃي ھي ڪاروان

    منشي جي زندگي جا سڀ حصا پنھنجي پنھنجي رنگ، ڍنگ ۽ انگ جي حوالي سان نھايت اھميت جوڳا آھن. زندگي جي پھرين حصي ۾ والد جي وفات کان پوءِ منشي ھڪ عام ڳوٺاڻي وانگر گڏھ تي سامان رکي ان کي ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري ٿو. جواني جي جوڀن ۾ عشق جي عذاب ۾ مبتلا ٿيڻ عشقيه شاعري ڪري ٿو. جواني جي ان جوڀن ۾ عشقيه شاعري سان گڏ ھو سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين کي پنھنجي شاعرانه اک قائدانه صلاحيتن سان ڏسي ٿو عوامي ۽ سياسي جلسن ۾ يڪسر تبديل ٿي وڃي ٿو. جڏھن سنڌ ۾ا يوبي آمريت سنڌ جي قومي وسيلن تي ڌارين کي پنھنجي ھٿن ۾ وٺڻ ۽ سنڌ توڙي سنڌ واسين سان ظلم جو آغاز ڪري ٿو ته منشي ۾ ھڪ نئون منشي جنم وٺي ٿو . جيڪو فاضل راھو جھڙن مٿيرن قومي اڳواڻن سان گڏ سنڌ جي حقن جي حصول واري تحريڪ ۾ شانه بشانه شامل ٿي وڃي ٿو. ۽ جھر جھنگ ۽ وستي وستي وڃي قومي جاڳرتا جي مھم ھلائي ماڻھن کي جاڳائي ٿو ۽ جيلن جون صعوبتون سھي وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. جنھن بعد ھڪ مضبوط ارادن وارو منشي جيل مان نڪري ٿو جيڪو ھاڻي آزادي کان سواءِ ٻي ڪنھن به شيءِ کي وٺڻ لاءِ تيار ڪونه ٿو ھجي.

    برابري سراسري اسان گھُرون ٿا ايتري
    پڇي کڻي ڪو ڪيتري اسان ٻڌايون ھيتري
    آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري
    جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي

    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي
    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي

    ھي اھو منشي آھي جيڪو ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين جي سنڌ واسين ۽ ان جي وسيلن انھن جي حقن، انھن جي تھذيب ، ثقافت ۽ تاريخي حيثيث جي ڦرلٽ خلاف سراپا احتجاج آھي ھي اھو منشي آھي جيڪو جيل ۾ ھئڻ دوران پٽ جي وفات تي حڪومت کان آزادي جي خيرات گھرڻ کي ڪفر ٿو سمجھي بلڪه سامراجن کي وڏي واڪي للڪاريندي چوي ٿو:

    جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،
    پليت پير ڪري پري ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ

    اھي ابراھيم منشي جي سماجي زندگي جا اھي جنم آھن جن جنھاڻ جي ابراھيم کي ابراھيم منشي بڻائي ھن کي سنڌ جي ھر زبان تي آڻي پنھنجي لاءِ عقيدت احترام توڙي سندن دلين ۾ عزت ڀريا مقام ڏياريا.
    منشي ابراھيم جي ھن ڪتاب ۾ به منشي جي زندگي جي انھن سمورن لاڙھن، چاڙھن جي خبر پوي ٿي منھنجي خيال ۾ منشي جي پھرين آيل ڪتابن کان وڌيڪ ھن ڪتاب ۾ منشي جي شاعري مان منشي جي پنھنجي ڌرتي، ڌرتي واسين ، قومي اڳواڻن سان عقيدت ۽ محبت جو وڌيڪ پتو پوي ٿو. خاص ڪري منشي جي مذھبي لاڙي جي باري ۾ ھن ڪتاب پڙھن سان معلوم ٿئي ٿو ھن ئي مزاحمت کان مذھب جو وڏو اثر ھو. سرور ڪونين صلي الله عليه وسلم کي ھنن سٽن سان عقيدت جي ڀيٽا ڏي ٿو.

    نور نراڙ ۾ ائين چمڪي جيئن چمڪي چنڊ ستارن ۾
    واحد پاڻ واکاڻيو آھي سڀني ٽيھن سِيپارن ۾

    منشي جي ٻي طرف جڏھن ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍن جي ظلم کي ڏسي ٿو ته بي ساخته چوي ٿو ته:

    جن ھنيا ٿي حق جا ھوڪا، سي ڦِري ڦورُو ٿيا
    بس رنڊيءَ جي راڳ تي گانا به افسانه ٿيا
    ڏس دنيا جي دور ۾ دانا به ديوانا ٿيا
    راز جا ھمراز ٿي، سورن جا سامان ٿيا

    ھتي اھو چوڻ بجا ٿيندو ته منشي ڌرتي کان وڌيڪ ٻي ڪنھن به شيءَ سان عشق نه ڪندو ھو. ھن جڏھن به جنھن به اڳواڻ کي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي جدوجھد ڪندي ڏٺو ته ان جي صف ۾ شامل ٿي ويو پوءِ اھو فاضل راھو ھجي يا ممتاز ڀٽو يا ھن جو سن جو سيد ھجي. فاضل جي شھادت منشي کي اڪيلو ڪري ڇڏيو جنھن بعد گھڻي وقت جي خاموشي کان پوءِ ھن ممتاز ڀٽو جي ڪنفيڊريشن واري نعري ھيٺان ان گان گڏ ھلڻ لڳو پر ھن جڏھن ڏٺو ته ھتي به سنڌ جي آزادي جي ڳالھه ڪونه ٿي ٿئي ته ھن ان کان به علحدگي اختيار ڪري ڇڏي. اھو ته بلڪل واضع آھي ته منشي جي شخصيت تي شاعري ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو اثر ھو ته سياست ۾ سن واري سائين جو سبق سمايل ھو. ان ڪري ھر ھر ھنڌ ڳالھه وري به سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڪندو ھو.

    ھي منشي آخر مرڻو آ ۽ ويس مٽائي ورڻو آ
    سو چئبو جيڪو چوڻو آ، ھڪ پير نه پُٺ تي ڀرڻو آ
    تو مٽيءَ کي مَن مان ڏيان اي سنڌ امان اي سنڌ امان

    منھنجي ذاتي راءِ ۾ منشي جي شخصيت صرف ھڪ شاعر واري نه ھُئي پر ھو ھڪ وڏو ۽ بيباڪ سياسي اڳواڻ ھئڻ سان گڏ ھڪ وڏو راڳي به ھو جنھن کي لطيف جي ڪلام تي ڪمال جي حد تائين دسترس حاصل ھئي ان ڪري ئي شاھ جي ڪلام کي منشي کان ئي تحت اللفظ ريڪارڊ ڪرايو ويو. منشي جي آواز ۾ اھڙو ته جادو ھو جو ھو جڏھن جلسن ۾ جھونگاريندو ھو ته مولانا عطاءالله شاھ جي بقول سڀني کان وڏي خوبي ان جو سچ ڳالھائڻ ھو. ڪنھن کي به ڪنھن ھنڌ وڏي واڪي سچ چئي ڇڏيندو ھو. جنھن سبب ماڻھو منشي کان متنفر ٿيڻ بجاءِ ان سان بيحد پيار ڪندا ھئا.

    مون جنگ جبر سان جوٽي آ، ھر ڳالھه ٻي مون وٽ کوٽي آ
    غدار وطن مان ناھيان ناھيان، باغي آھيان باغي آھيان

    منشي جي سڄي شاعري کي سھيڙي گڏ ڪرڻ ۽ ڪتاب ڇپرائڻ تائين سڄي جاکوڙ ۽ جدوجھد جو سَھرو غلام محمد آزاد جي سِر سُونھي ٿو جنھن وڏي محنت ڪري منشي جي سموري شاعري کي گڏ ڪرڻ، سنڀالڻ ۽ عوام جي ھٿن تائين پھچائڻ جو تمام انوکو ڪم سرانجام ڏيندو رھيو آھي . کيس لکين آفرين.

    عبدالرشيد سومرو
    صحافي جنھاڻ سومرو


    باب پھريون بيت


    ڏکن ڀريا ڏينھن


    مون جي ڏکيا ڏينھڙا، قيدن ۾ ڪاٽيا
    لڱ ته لوساٽيا، پر آئي منزل اوڏڙي . . . !!

    ڏنا جيل ڏڌا، جڏھن منھنجي جيءَ کي
    تڏھن مون لڌا، سندا پريان پيچرا . . !!

    جيل منھنجي جيءَ تي، ڏنيون جي جاٽون
    ثابت سيُون سي ٿيون، وانگين لئه واٽون
    لاٽون ئي لاٽون، ايندو نه ويندو اوجھري . !!

    جيل منھنجي جيءَ ۾، جوت جاڳائي جا
    آسُونھين لئه سوجھرو، سدا رھندي سا
    ڪانه ڀُلبي ڪا، آسُونھن واٽ اونداھ ۾ . . !!

    جيل جاڳائي جوت، جيڪا منھنجي جيءَ ۾،
    مات ڪري تنھن موت، ڏنا جُڳ جيئَڻ جا . . !!

    جيئن جيئن ڏنا جيل مون، گھاون مٿان گھاءَ
    تپي نڪتا تن منجھان، پيڙھين جا پڙلاءَ
    وڇوڙي جي واءَ، ويجھو ڪيو وصال کي . . !!

    جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ ۾
    وانگين ويل سويل، سائي رھندي سوجھرو . .!!

    مون جي گھاريا جيل ۾، ڏکن ڀريا ڏينھن
    تن ئي منھنجو نينھن، نکاري نئون ڪيو . . !!

    جي حياتيءَ ڏينھڙا، ڪاٽيم منجھه ڪوٽن
    کرن ۽ کوٽن، پرکي لڌم پيچرا . . !!

    پيئي مون پرک، جيل جاٽيندي جيڏڙا
    زندانن ضمير کي، لوڏيو ڀيرا لک
    اُڏريا ڪانا ۽ ڪک، جبل پنھنجي جاءِ تي . . !!

    جبل پنھنجي جاءِ تي، توڙي ڪئين طوفان
    چُري ڪيئن چٽان، پاڙون جنھن پاتال ۾ . .!!

    پُوري پيئي پروڙ، واحد جمع وچ جي
    لاٿي قيد قلب تان، ڌوئي ڌوئي ڌوڙ
    سارا سچ ۽ ڪوڙ، ٿيا اکيان اوڏڙا . . !!

    مونکي جيل جڏو ڪيو، ٽنگون ٻئي ٽوڙي
    پوءِ به آھيان سوار مان، قومي گھڻ گھوڙي
    مرڻ جيئڻ جن سان، رکيم جيءَ جوڙي
    ويا جي ٽوڙي، سي پيدل وتن پِندا . . !!

    قومي مقصد ڪاڻ، سوڍن سر تريءَ تي
    ڄاڻي ٻي سڀ ڄاڻ، ڇڏي ڇُليا ڇپرين . .!!

    آئون ۽ مان منجھان، جيل ڇڏائي جند
    پاتم نيئر نينھن جو، ته سنگت ساري سنڌ
    چور ٻه ٽي ڪي چند، باقي سڳا سڀ ڀائرو

    مان کي مُور نه مڃ، تون رک اسان، ۾ آس
    مارِي آھي مارڻو، راڄ مِڙي راڪاس

    تُرپ پتو جيئن تاس، لوڪان آھي لڪائڻو (1977 سينٽر جيل ڪراچي وارڊ 16)


    مشاھدو موت جو

    مشاھدو موت جو

    ڪارندا قبر لئه، ڪانوُ ويا ڪڇي
    ڪاري ڪنھن اڇي، موٽايو نه موت کي . .!!

    موت آھي ماڙھوئا، مٿي کان مٿي
    آوَس اھي اچڻو، اُڀرئي يا لٿي
    جھان جي جٿي، ھر ڪنھن آ ھرکائيو!!


    متان ڊڄين موت کان، موت نه آھي موت
    جِيءَ جنين جي جوت، سي جسم ري جيئرا رھيا . . !!

    مون مشاھدو موت جو، وڃي وريو ھان
    نانگ بلائون نرڳ جون، ٻارڻ ۾ ٻريو ھان
    حورن جي ھڳاءُ ۾، ٺينگ ڏيئي ٺريو ھان
    تڪون طھورا منجھان، پِي پِي ڀريو ھان
    چريو کريو ھان، ته به ماري ويس موت کي . . !!

    انگجي ويا انگ، پيو سونڪو ساھ ۾
    جوٽي اٿئون جيءَ سان، جيئڻ مرڻ جنگ
    ڪيڏا رُوپا رنگ، سلھاڙيل آھن ساھ سان . . !!


    16.11.1992


    نينڍ آھي نينھن جي

    نينڍ آھي نينھن جي

    ورھين ويساندرين واس، وٺون ويڙھي ۾ ويھي
    ھي ھميشه زندگي، رھي نه ڪنھن سان راس
    اندر جي اماس، اچ ته لالڻ لاھيون . . !!

    نينڍ آھي نينھن جي، سڏ پڙاڏو سِڪ
    في اَذکُروني اَذکُرکُم، ڇِڪ ڇِڪي تي ڇِڪ
    حقيقت ۾ ھڪ، آءُ تون ٻئي آھيون . .!!

    جوڳيئڙا ڏيئڙا، ٻاري ويٺا ٻاجھه جا
    پائي وڃو پيرڙا، لالڻ وجھي ليئڙا
    جيئرن جا جيئڙا ملي ماڻين محبتون . .!!

    مُنھن مقابل من ٿئي، موٽي ملاقات
    ساروڻيون سرير ۾، اُڀرن آڌيءَ رات
    پکن منجھه پرڀات، ويھي وِرھ ورھائيون..!!

    جدائي ۾ جندڙو، گھايل ٿو گھاري
    مون ته محبت جون رکيون، ڏياٽيون ٻاري
    جي اچين اوتاري، ته گوندر وڃن گم ٿي . . !!

    اچ ته اورڻ اوريون، ويھي منجھه ويڙھي
    سڏيون گڏي سنڌ جا، محبتي ميڙي
    سُرن کي ڇيڙي، وايون ڪي ورجائيون ..!!

    ايندن لاءِ اکيون، پسڻ رِيءَ نه پُوربيون
    جيڪي رب رکيون دوستن جي ديدار لئه .. !!

    چکائي چاھت منجھان، سڄڻ جا سُرڪي
    ڪينجھر جي ڪنڌيءَ تي، محبت سان مُرڪي
    ٻاجھاري ٻُرڪي، ڪيڏي مٺاڻ من تي .. !!

    مور ٽھوڪو ڇڏيو، ڊوڙي آئي ڊيل
    وِھاڻي جي ويل، پرت ونڊيئون پاڻ ۾ .. !!

    ڊڪندي ڏسي ڊيل کي، پَر پکيڙيا مور
    نينھن نڀايون ناچ سان، ڪارونجھر جي ڪور
    ھينئڙي سندي ھور، لحظي ۾ لھي وڃون . .!!

    نگر نگر نيلام، ھلن پيا ھَٽَ
    وکر جيئن وڪڻن پيا، پيرن ھيٺان پَٽَ
    اُٿي اک اُپٽ، بَچُ پُرين جَي پِٽَ کان .. !!

    ڏيا ٻاري ڏيھه ۾، روشن ڪر راتيون
    عشق جي اخلاص ۾، ذاتيون نه پاتيون
    ڪنڌ سھي ڪاتيون، سوجھرو ڏي سنسار کي . .!!


    دوھا

    دوھا

    ڪَڙين ڪَڙيل ڏسي ڪَڙھا ٿو پنھنجي قوم ڪروڙ
    وانگيئڙن کي ويل ۾ ڏسندي ور ور پون ولوڙ

    قوم جا ڪونڌر ڪيسن سُمھندين گھاٽي ڀنگ جي گھيرٽ ۾
    صدين ستل انسان اٿي پيا ھر ھڪ آھي حيرت ۾

    ڪارن گورن جنگ آ جاري جھر جھنگ ٻيلا ٻرن پيا
    حق صدين جا قومي پنھنجا وڙھن، وٺن ۽ گھُرن پيا

    ھر ھڪ ڀونءَ جا ڀاڳيا جاڳيا چورن ڀاڳين جاري جنگ
    سنڌ سڄي ڄڻ گھوٽي گھاٽي پيتي بُوبڪ ڀنگ

    ڌڻي ته ڌرتيءَ جو آ ھاري چور وڏيري چال ڏسو
    ڪار ۽ بنگلو رھي ڪراچي ھاريءَ جا ھت حال ڏسو

    ڪُتي ڪاھوجين، رھي راھوجين، بھي باھوجين، ڇو ته ڀلا
    اھڙي عادت سان ھي جت ڪٿ کائي پيئي روز کلا

    رڻ کان وڏيون راتيون ھت ۽ ڏونگر جيڏا ڏينھن ھتي
    گھاريا ويٺو آس انھيءَ تان وسندا محبت مينھن ھتي

    اُڀ ڌڻي جي آسري توکي ڪيڏا صديون سن سال ٿيا
    پاڻ تي ڀاڙيو جن ڀي ماڻھن تن جا عجب احوال ٿيا

    اُٿ، اُٿ ھاڻي اُڀ پراڻو ڊاھي اڏيون نئون نڪور
    ڏاڍ جبر جو جنھن جي ھيٺان رھي نه منشي ھورا کور

    1977ع سينٽرل جيل ڪراچي


    ٻه سٽا

    ٻه سٽا

    مان اوڀر کان نئون اُڀران پيو تون لھندڙ سج جو پاڇو
    منھنجي جوت سان روشن ٿيندو اتر، اولھه، ڪاڇو

    تو ته نه ڪڏھن چکيون قم ھتي ڪوڻيون
    تڏھن تو نه آئيون سنڌوءَ ساروڻيون

    ڌرتي جي جنگ وڙھيا آھيون وڙھندا رھنداسون
    پوتر پيار آ جيجل ماءُ سان پُٺ نه ڏينداسون

    سھندي جبر جگر تي توسان نڀايان ناتا
    ڪائي جي ڪرڇين تي ڄڻ پيرڙا مون پاتا

    ناھي پنڌ پري، اڄ پير ڀري، ھي اکڙيون ويٺيون آس ڪري
    ھيڪر ته حياتيءَ منجھه ملون، پوءِ ڪير جيئي ۽ ڪير مري

    جُھولي جھنڊي واري ڪار
    سيٽون ٽي ۽ چمچا چار


    چوسٽا

    چوسٽا

    ھن بيگانن جي بستيءَ ۾، ڪو ظالم آھي مستيءَ ۾
    ھتي پُٺن اگھاڙا پاڻي لئه، حيران ھزارين وستيءَ ۾
    ھُو چيٽ ڪتيون ويو چَٽ ڪري، ڪو چور وڏيرو چال ڪري
    پوءِ ڍايل پيو نت ڍنگ ڪري، ھر روز حرامي ھستيءَ ۾


    نه ڪي ميرن سندا ماڻھو، نه ڪي پيرن جا پُوڄاري
    اسان مظلوم ماڻھن سان، رھيا آھيون ۽ رھنداسون
    نه ڪي دربان ڪنھن در جا، نه ڪريون ڪنھن جي ڪمداري
    اسان حامي ته ھيڻن جا، رھيا آھيون ۽ رھنداسون


    ماڻھوءَ جي قيمت مقرر ناھي، موڙي ڪڏھن چاٽي آ
    ڪِن جي قيمت ٽوبو ڪاسو، ڪِن جي قيمت پاٽي آ
    ڪو لالچ ۾ ڏس ليٽي پيو، ڪو خوف حراس ۾ ھيسيل آ
    ڪو مجبوريءَ ۾ آھي مُبتلا، ڪن جو من ماٽي آ



    ھتي ٿي ظلم جي انتھا آھي ، ته اڄ آھي
    سؤ فيصد سچ کي سزا آھي، ته اڄ آھي
    مدد، نادر، ھلاڪو جو شرم کان، ڪنڌ جھڪيل آھي
    قدم قدم تي ٿي ڪربلا آھي، ته اڄ آھي




    مُلون ويري مذھب جو، مڙني کان مٿي
    خيرات ۽ زڪوات کي، ڪِٿان ٿو ڪَٿي
    پورھيت اونو پيٽ جو، پيو پورن ۾ پچي
    ھن مال ملي مفت ۾، اُڀرئي يا لٿي


    مُلون وِڪڻي مذھب کي، پيٽ ڏس پاري پيو
    پاڻ کريو کار مان پر، ٻار ٻيا کاري پيو
    حرام مان حلال لئه ، ورق ڏس واري پيو
    فتوى ڏيئي فتنه جون، ڏيھه ڏس ڏاري پيو


    سنڌ ٻڙڪي پئي، باھ ڀڙڪي پئي
    دل ۾ دوزخ ٻري، اک ڦڙڪي پئي
    ڌڻ ڌارين جا ڏسي، دل ڌڙڪي پئي
    پوءِ به وانگين جي ويءِ، وائکي وڙڪي پئي


    سنڌو سُڪو ۽ سنڌ سُڪي، ٻي ڳالھه آ سڀ بي طُقي
    ڏيئڻو اَٿنان ڏيو اُٿي رت جي ٻَلي رت جي ٻُڪي
    جھڪندا ائين ويندا جُھڪي ٿيئڻي ھئي سا ٿي چُڪي
    اڃان وفاقن ور چڙھيا پوءِ سنڌ اوھان کان وئي اُڪي


    مونکي باغي ۽ تون غدار ٿو سمجھين
    اھا منھنجي ڪيڏي نه آ خوش نصيبي
    بلاول به باغي ۽ ھوشو به ھو باغي
    ڪڏھن قوم سان ڪين ڇڏبي قريبي


    ھيڏي ھاھوڪار متي آ
    ڌُريون ڌر ٿيو ڌرتتي آ
    تنھنجي پنھنجي چيٽ ڪتي آ
    ڪا به نه تنھن م تنھنجي پتي آ


    چنڊ ۾ آ چوٿ تنھنجو ۽ ٻي تارن ۾ پتي
    قومون ڪنھن کي ڪين ڪي ڇوڏو ڇڏين
    قومون قوت سان ڇنيو ڇوڏا وٺن
    روئي ڪنھن نه حاصل ڪئي آھي رَتي


    تون تاج محل جي آھين طوطي
    ڀل چُونڊ چُڳڻ لئه تون موتي
    تون تارا ڪڍي ڀل کاءُ اکين جا
    مون لئه ڪافي آ تنھنجي جوتي











    ڇھه سٽو

    ڇھه سٽو

    سگھه ھوندي سنگھارن کي جڏھن سوگھو ڏسان ٿو
    ڪيڏي نه وڏي قوم کي ايندي گھوگھو ڏسان ٿو
    ھوشيار خبردار تڏھن توکي چوان ٿو
    بارود تنھنجي بم ڪنا ڪڏھن ڪين ڊڄان ٿو
    کڻي قوم ڪروڙ ھي مان اچان پيو، اچان پيو
    باغي جو کڻي تاج مان دشمن ڏي وڌان پيو


    ٽه سٽو

    ٽه سٽو

    چولي مٿي چٽ
    سڄر ھٿ ڪنھن سئيءَ سان
    آھي سجائي سٽ


    وايون

    وايون











    لڏو ھڏ مَ لاھ

    لڏو ھڏ مَ لاھ
    اُڀ واري جي آسري

    سائو پنھنجو پيٽ کنيدو
    بُکئي ويندو نيندو ساھ
    اُڀ واري جي آسري

    جاگيرن جا اجگر مالڪ
    تن سان ٺٺ ۽ ٺاھ
    اُڀ واري جي آسري

    چُر پر، محنت آ زندگي
    ماٺ مثل آ مئل باھ
    اُڀ واري جي آسري

    ھماليه به ھٽيو وڃي ٿو
    جي ھمت آھي ھمراھ
    اُڀ واري جي آسري

    جاڳ منشي جڳ جاڳاءِ
    نه ته نڪري وينديئي لاھ
    اُڀ واري جي آسري

    24.1.1998


    محبت ڪونھي مُل

    محبت ڪونھي مُل
    قيمت پُڇي ڇا ڪندين

    سھڻي، ساھڙ وچ ۾
    پيار آھي پُل
    قيمت پُڇي ڇا ڪندين

    پڙھي، پروڙي ڏس پيارا
    ڪتاب قصيدا ڪُل
    قيمت پُڇي ڇا ڪندين

    عشق ري انسان اڌورو
    ڀُلجي نه ڪجئين ڀُل
    قيمت پُڇي ڇا ڪندين

    منشي تي محبت سندي
    جُھلي آئي جُھل
    قيمت پُڇي ڇا ڪندين

    18.10.1998





    ھوريان ھوريان ھَل

    ھوريان ھوريان ھَل
    واجب ساھي وچ تي ناھي

    ڪين جھليندي ڏياچ ڏاتارن
    جھونا ڳڙھ جي جَھل
    واجب ساھي وچ تي ناھي

    ڄاڻ ته پھتي ڪُن ڪلاچ تي
    گھاتوئڙن جي گھل
    واجب ساھي وچ تي ناھي

    ڪالھه ڏٺا مون قومي ڪُونڌر
    ٻلواڻن جا ٻَل
    واجب ساھي وچ تي ناھي

    سنڌڙي ڄڻيا آھن سدائين
    منشي مانجھي مل
    واجب ساھي وچ تي ناھي

    7.10.1990





    ھر ھر ھر ڀيري

    ھر ھر ھر ڀيري
    سي مون جھليا جھول ۾
    سي مون پاتا پانڌ ۾

    ٻُڍڙي جھلي ٻانھن کان
    سُور ڏنا سيري
    سي مون جھليا جھول ۾
    سي مون پاتا پانڌ ۾ . . !!

    ڏک مليا جي ڏات ۾
    ھيئون تن ھيري،
    سي مون جھليا جھول ۾
    سي مون پاتا پانڌ ۾ . . !!

    ڪو ويو گونچ گلاب جا
    ڪان ھڻي ڪيري
    سي مون جھليا جھول ۾
    سي مون پاتا پانڌ ۾ . . !!

    ٽپھري ٽاريءَ مٿي
    ڳٽڪا ڪيا ڳيري
    سي مون جھليا جھول ۾
    سي مون پاتا پانڌ ۾ . . !!

    سمجھيا جي سماج ٿي
    منشي منھن ميري،
    سي مون جھليا جھول ۾
    سي مون پاتا پانڌ ۾ . . !!


    2.4.1985 حيدرآباد سنڌ


    اَٿي اچ، اياز

    اَٿي اچ، اياز
    گھر گھر پيو گھاڻي گھمي

    اُٿ سھايون سرڙا
    رکي جيجل راز
    گھر گھر پيو گھاڻي گھمي

    تنھنجون منھنجون ڳالھڙيون
    سچا باب بياز
    گھر گھر پيو گھاڻي گھمي

    سڏ پڙاڏو، سڏ نئون ڪو
    شوڪي چئو شھباز
    گھر گھر پيو گھاڻي گھمي

    ڪشي تند تنبير جي
    سوزان ساھي ساز
    گھر گھر پيو گھاڻي گھمي

    منشي ميھڻان ماءُ جا
    اچن پيا آواز
    گھر گھر پيو گھاڻي گھمي

    17.10.1983


    سُور سنڌو ماءُ لئه

    سُور سنڌو ماءُ لئه
    ڪو ساٿ سڳڙو سوريون
    اچ ته اورڻ اوريون . .!!

    ڏاڍو آھي ڏيھه ڏکايل
    ڏورڻ تنھن سان ڏوريون
    اچ ته اورڻ اوريون . .!!

    ڪنھن سان، ڪنھن سان ويھي ڪجن
    ڳالھيون نه آھن ٿوريون
    اچ ته اورڻ اوريون . .!!

    ڏيک ڏانئڻ جي پٺيان
    ويون ڀنڀلجي ڀوريون
    اچ ته اورڻ اوريون . .!!

    وڳ سان واري گڏي
    تن کي ترازو توريون
    اچ ته اورڻ اوريون . .!!

    ٻليون چاڙھي جيئن درياءَ جل کي
    تيئن گھورون سنڌ تان گھوريون
    اچ ته اورڻ اوريون . .!!


    جھول ڀرجي ويا ڏکن جا
    جھورين منشي جھوريون
    اچ ته اورڻ اوريون . .!!
    2001


    وٺي ڪو وڇيات

    وٺي ڪو وڇيات
    سارو سودو سچ جو آھي

    شوشا، شڪ شبھات وساري
    ھڻ لت لات منات
    سارو سودو سچ جو آھي

    حال حقيقت ھڪ ۾ ھڪ ٿي
    ٿي پئي رات برات
    سارو سودو سچ جو آھي

    اڇا ھيرا آڇيان ويٺو
    ذاتيلا ھر ذات
    سارو سودو سچ جو آھي

    سچ جو چشڪو چک تون چت سان
    موت کي ايندي مات
    سارو سودو سچ جو آھي
    منشي ماڻڪ ميڙڻ وارا
    دير نه ڪن دمسات
    سارو سودو سچ جو آھي

    16.2.1992


    بلڪل بي گناھ

    بلڪل بي گناھ
    راڻا رات رُسي وئين . . !!

    مون ته ڪيا قربان اوھان لئه
    سوڍا، ساھ، پساھ،
    راڻا رات رُسي وئين . . !!

    نڪريو پيئي نھاريان
    راڻا، تنھنجي راھ،
    راڻا رات رُسي وئين . . !!

    ڪَرھو، واري ڪاڪ تي
    ھڻي ڪام ڪر کي ڪاھ،
    راڻا رات رُسي وئين . . !!

    منشي اڄ نڪريو وڃي
    اندر منجھان آھ،
    راڻا رات رُسي وئين . . !!

    22.12.2002 جنھاڻ سومرو




    ويٺي وجھان آئون واجھه

    ويٺي وجھان آئون واجھه
    محبوبن جي ملڻ لئه . . !!

    پوندي مون مسڪين تي
    ٻاروچل کي ٻاجھه
    محبوبن جي ملڻ لئه . . !!

    پھچان شال پرينءَ کي
    جيل جھاڳي جھاجھه
    محبوبن جي ملڻ لئه . . !!

    مون کي ننڊ نھوڙيو
    ھو سنڀڙيا ساجھر ساجھه
    محبوبن جي ملڻ لئه . . !!

    پرچاءُ ڪارڻ پرينءَ جي
    “منشي” ڳايان مانجھه
    محبوبن جي ملڻ لئه . . !!

    28.4.2002 جنھاڻ سومرو




    ڪنگ پيا ڪن تنگ

    ڪنگ پيا ڪن تنگ
    ھيل به يار ھنجن کي . . !!

    ڪنگن پوشاڪون پٽ جون
    ھنجن اگھاڙا انگ
    ھيل به يار ھنجن کي . . !!

    وڪڻن ويٺا واڪ ۾
    پنھنجا نام ۽ ننگ
    ھيل به يار ھنجن کي . . !!

    نت نوان ڪئين رنگ انھن جا
    نت نوان ڪيئن ڍنگ
    ھيل به يار ھنجن کي . . !!

    جھر جھنگ، تن جا جھيڙا، جھڳڙا
    جاري جت ڪٿ جنگ،
    ھيل به يار ھنجن کي . . !!

    جنھن به وڻ تي ويھن منشي
    وجھن تنھن کي ونگ
    ھيل به يار ھنجن کي . . !!



    ڇوريءَ کي اڄ ڇا ٿي ويو آ

    ڇوريءَ کي اڄ ڇا ٿي ويو آ
    پنھنجو پاڻ کي ٺاھي ويٺي، ڳائي ويٺي

    ساڌي، سُوڌي نيڪ نمازڻ
    ڪنھن سان اک اڙائي ويٺي، ڳائي ويٺي
    پنھنجو پاڻ کي ٺاھي ويٺي

    دم دم ڊوڙيو ھو ته دريءَ مان
    لِڪيو ليئڙا پائي ويٺي، ڳائي ويٺي
    پنھنجو پاڻ کي ٺاھي ويٺي

    جھيڙا، جھڳڙا، رانديون، رونديون
    ڀوري سڀ ڀُلائي ويٺي، ڳائي ويٺي
    پنھنجو پاڻ کي ٺاھي ويٺي

    سھيلين ، سرتين، لوڪ جا طعنا
    پانڌ ۾ سڀ پائي ويٺي، ڳائي ويٺي
    پنھنجو پاڻ کي ٺاھي ويٺي

    پيچ اڙانگا پيار جا پائي
    “منشي” من منجھائي ويٺي، ڳائي ويٺي
    پنھنجو پاڻ کي ٺاھي ويٺي

    12.8.2001 جنھاڻ سومرو


    نظم

    نظم


    ڀورا بادل

    ڀورا بادل

    ڀُورا بادل ڀُونءِ اڃايل
    وڏ ڦڙي جي وار ڪري وڃ
    سڀ ترايون تار ڪري وڃ

    ھيڙو ھُوڪي ڪوئل ڪُوڪي
    جوڳي در در مرلي ڦوڪي
    پَليون پَٽ ۽ جند نه ڳارو
    روجھن ھرڻن تي ڏس مارو
    ويتر واسين تونس وڌي وئي
    ڪڏھن نه ڪنھن جي سار لڌي وئي
    گھر گھر آھي آھي گھيرن گھايل
    ڀورا بادل ڀونءِ اڃايل

    ڀرت ڀرڻ جا آتڻ اجڙيا
    چولن جا چِٽ اُلڙيا اُکڙيا
    ھڏن ھاڻا مرجھيل مکڙا
    ڪنھن نه مُڪا اڄ ڪنھن ڏي سُکڙا
    چوپاين جا چم ڳري ويا
    ماروئڙن جا مال مري ويا
    ساري سنيا تو وٽ سائل
    ڀورا بادل ڀونءِ اڃايل


    پاپي پُراڻا

    پاپي پُراڻا

    ٿو ڄاڻا سڃاڻا ھي پاپي پراڻا
    غريبن جي رت تي رھيا راڄ راڻا

    ھنن کي ھميشه خزانو کپي
    شراب ۽ ڪباب ۽ ٻيو گانو کپي
    ۽ نت عيش لئه نوجوانو کپي
    جدا ڪار بنگلو شھانو کپي
    وڃن روس ڪي آمريڪا اُڏاڻا

    ھميشه ھنن قوم نيلام ڪئي
    سِرعام بازار قتلام ڪئي
    پنھنجي سرس ساري صُبوح شام ڪئي
    رکي رنگ رميءَ جو جوا جام ڪئي
    ھنن پيڙھيا ھت ويڙھيچا ويڳاڻا

    رِٿي روح ۾ سي دولاپ ۽ ٺڳيون
    وٺن ووٽ ھڻيو ھميشه کڳيون
    نه وسريون غريبن کي آھن اڳيون
    ھي ھر ھر نه لڳنديون لڳيون سي لڳيون
    ويا ھاڻ سمجھي ھي سانگي سياڻا

    وٺن ھي سدا آڙ اسلام جي
    رکن مسلماني رڳي نام جي
    سماءٌ لھج صياد جي دام جي
    ھنن کي گھرج عيش آرام جي
    ھنن کي مِلون ۽ کپن نقد ناڻا

    ھي ظالم ۽ مظلوم جو اڄ ٽڪر
    سوين سُور سانگين سٺا سربسر
    ھي مومل جي محلات وارو مڪر
    ڀڃي “منشي” سوڍا ڇڏيندا سٻر
    خبردار، زردار، سوڍا ساماڻا
    1970




    سَنڌ سنڌوءَ جا ساڻا ساڻا

    سَنڌ سنڌوءَ جا ساڻا ساڻا

    سَنڌ سنڌوءَ جا ساڻا ساڻا، مونکي ڄاڻ ڄَريو آ مان ڄاڻا

    ھيءَ ڳالھه نه ڳاڙھن ڳلڙن جي، ھيءَ ڳالھه نه سنھڙن چپڙن جي
    ھيءَ ڳالھه نه ڪارن وارن جي، ھيءَ ڳالھه نه ناز نظارن جي
    ھيءَ ڳالھه گھري ٿي رت راڻا، مونکي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا

    ھيءَ ڳالھه نه ڳاڙھين ساڙھين جي، ھيءَ ڳالھه نه بنگلن ماڙين جي
    ھيءَ ڳالھه آ وانگين واڙين جي، ھيءَ ڳالھه نه جلسن تاڙين جي
    ھن ڳالھه ۾ ڳڻ اڻ ڳاڻا، مونکي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا

    ھيءَ ڳالھه آ قوم نچائڻ جي، ھيءَ ڳالھه آ مچ مچائڻ جي
    جا ڳالھه ڏاھن آھي ڏسي، سا ڳالھه نه ھِچڪائڻ جي
    اچ اورانگي سڀ آڏاڻا، مونکي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا

    ھيءَ ڳالھه نه پاڻيءَ واري جي، ھيءَ ڳالھه نه ڪاريءَ ڪاري جي
    ھيءَ ڳالھه نه ڍڪ ۽ ڍاري جي، ھيءَ ڳالھه نه مڙس آ کاري جي
    ڇو ڌرتيءَ کان آھيو ڌڪاڻا، مونکي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا

    ھيءَ ڳالھه آ اڳتي آڻڻ جي، ھيءَ ڳالھه آ سڏ سڃاڻڻ جي
    ھيءَ ڳالھه آ ڄاڻ ڄاڻڻ جي، ھيءَ ڳالھه آ منزل ماڻڻ جي
    متان ڙي منشي آھيو وڪاڻا مونکي ڄان ڄريو آ مان ڄاڻا


    سڏ وراڪو

    سڏ وراڪو

    سنڌ امڙ جو سڏ وراڪو، واڪو، واڪو
    ڌارين جو ڌرتيءَ ڌاڪو، واڪو، واڪو

    قوم جا ڪونڌر قوم جي ڪارڻ، ڪوپا پنھنجا ڪنڌ ڪپايو
    چورن سان اڄ چڪريون کائو، پنھنجي ڀونءِ بچايو
    ھيڏي ساري ھل ھلان ۾، سوڍا پنھنجا سينا ساھيو
    ڪاڪ محل جا اڏيل اڏائي، نوان ڪي نڪور ٺاھيو
    سِر اڏيءَ تي آڪو آڪو، واڪو واڪو
    ورو وڃڻ جي ويل وڃي ٿي، پر به ويئي ھيل وڃي ٿي
    مور مرن پيا، ڊيل وڃي ٿي، ڀونءَ تي وڌندي ڀيل وڃي ٿي
    گھر گھر چڙھيو ايل وڃي ٿي، جيجل بڻجي جيل وڃي ٿي
    قومن جي آزادي واري، راڻا، جاڳو ريل وڃي ٿي
    ھنيو آ دليرن دھل تي ڏاڪو، واڪو، واڪو
    سونھن سنڌوءَ جي سستي سستي، لٽجي پيئي بستي بستي
    منگھي پير جا واڳيل واڳون، تن ۾ ھيڏي ھستي ھستي
    ھي منھن ڪارا وردين وارا، درندن سان آھن دستي دستي
    مادر لئه ميدان ملھائڻ، آھي اوھانجو انگ الستي
    منشي ٿيندو ڌوم ڌماڪو، واڪو ، واڪو

    (18.3.1990)


    ڪنگن جا منھن ڪارا

    ڪنگن جا منھن ڪارا

    قمري جھيڙو جھيڙيو آھي، ڪارن ڪارن ڪانگن سان
    بازن سان، شھبازن سان، ڏيھه ڏنگيندڙ نانگن سان

    قمريءَ سان گڏ طوطا، تاڙا، مور، ڪبوتر، ڳيرا ڳاڙھا
    ٽاريءَ ٽاريءَ ڪوئل ڪوڪي، ڪونجن تان لٿا قحط ۽ ڪاڙھا
    ڪُنَ ڪلاچي تي ڏس ڪيڏي، ويڙھ ھلي پئي واڳن سان

    آکيرن مان اکيون کولي، ھر پکي پيو ٻوليون ٻولي
    امن، امن آواز اچن پيا، وڻ وڻ مان اڄ ھولي ھولي
    مور نچن ٿا ڪارونجھر تي، ڀاڳ وريو آ ڀاڳن سان

    سرخابن ۾ سونھن سوائي، مدت کان پوءِ موٽي آئي
    نرڳين کنئي سر تي ساھي، ھيڙي پنھنجي ھُوڪ ھلائي
    ٽوٻر اڄ ٽڪرائي ويٺو، تارن سان ۽ تانگھن سان

    پارھيڙين ڍَٻ، رَڇ ويڙھيا، پکين پنھنجا پر پکيڙيا
    ھنجن ھر جاءِ موتي ميڙيا، ڪنگن جا منھن ڪارا ٿيئڙا
    قمري باب مان ڪوڪ ٻُڌائي، منشي مڌر آوازن سان

    (1990ع)


    ڪارو ناڻو

    ڪارو ناڻو


    ڪيڏو ڪراچي اوڳاڇيو ڏس، ڪاريءَ رات ۾ ڪارو ناڻو
    ڏاڍو سستو پيٽ بکايل، سانگيئڙن جو ست وڪاڻو

    ھي ناڻو، ناڻو ڪين اٿيئي پر، پورھيتن جو رت اٿيئي
    ھي انگ اگھاڙن انسانن تن، سانگيئڙن جو ست اٿيئي
    اي سيٺ وڏيرا ڌاڙيلا تو، لوءِ لٽي لعنت اٿيئي
    ڀاڳيا جاڳيا ٿڏي ڇڏيندا، ٿرٿل ۾ تو ٿم ۽ ٿاڻو

    اڄ به ڪُوڻي گل کان ڪُونئرا، ڪيئي ٻاريا ٻار ٻَرن
    اڄ به ھڪڙي حب جي لاءِ، ماروئڙا ڪئين مفت مرن
    اڄ به ليکو ناھي لَکن ھت، لنگھڻ ڏينھڙا لنگھيو وڃن
    اڄ به اڻ کٽ انسان اھڙا، جن جي گھر ۾ اَنَ نه داڻو

    اَجھي، اٽي لئه اڄ به ڪيئي، وانگيئڙا ڏس واھن ۾
    اڄ به نانگا نيرانا ڪئين، ٻار ٻانھياريءَ ٻانھن ۾
    ڳڀي ڳڀي لئه ڳوٺاڻا ڪئين، اڄ به دربدر دانھن ۾
    اڄ به ھاري سنڌ سڄيءَ جو، سورن ۾ ڏس ساڻو ساڻو

    اندر تن جا اھڙا جھڙا، ڳاڙھا ٽانڊا ڌوڌ ڌڳن
    راتيون جن جون رڙندي گذرن ڏينھان جن کي ڏنگ ھڻن
    پِيءَ ويا پيءِ ويا پورھيتن جو، رھزن سارو رت رڳن
    گنھگھر گھارين روز گھمي پيو، گھر گھر ۾ تن گھاڻو گھاڻو

    چورن چوڏھن طعام تيار ۽ ڀاڳين چڙھيو ڪين ڪُنو
    ڪٿي ڀُڳن جا ڀاڃوڙا ڪنھن، پيٽ نه ڀريو اڌ مُنو
    کير ڦڙي لئه ڪنھن جو ٻچڙو، رات سڄي ٿي رت رنو
    رت پياڪو، رھزن ھت ڙي، سڏجي سڀ ڪو سيٺ سياڻو

    منشي ھڪ ڏينھن مارو اٿندا پوري مونکي آھي پڪ
    ڏينھن ڏھاڙا آھن ڏکيا جھانگيئڙن تي جھولا جَھڪ
    ٽڙ ٽڙ ھي ماڙيون ڪِرنديون ، لال لتوڙي ايندا لَڪ
    آس انھيءَ ۾ قيد ڪٽيان پيو ڄاڻ ھي آگم آگ اجھاڻو


    1977ع
    ڪراچي جيل



    عارفاڻو ڪلام

    عارفاڻو ڪلام

    پردي ۾ لڪيل پيارا، ھي پُور پتڻ وارا
    ويھي ته وڃايا ڪيئن، جي ڏينھن ڪَتڻ وارا

    جيسين سھپ سنڌن ۾ ھئي، تيسين ارٽ نه ارويو تو
    سُٽ پنھنجو نه سامھيءَ ۾ وجھي ڪڏھن نه توريو تو
    پَريان ٿي پيا پڌرا، تو وارا اڇا ڪارا

    ساگر جا جيڪي سائُو، مڙھ پنھنجا ويا تاري
    مڙھ ٻوڙي ڪيئي ھليا، گنگھر جيان گھڙيون گھاري
    وھندي ٿي رھي وَرھان، ڌرتيءَ تي اھا ڌارا

    ڪري مالھه کي مالھا تون، پنھنجي ارٽ کي اورين ھا
    چت چاھ جي چاھت سان، چرخي کي تون چوين ھا
    پر تو نه ڇڏيا دل تي، ڄمندئي ڄمائي ڄارا

    غرقور غفائڻ ۾، گدلاڻ گلي پائِي
    محبت جي کنڌي منشيءَ ڪري ٻاجھه ھُو ٻاجھائِي
    وڄندا پيا ويراڳين جا، اُتي نينھن ڀريا نظارا

    28.8.2001)


    مولوي احمد ملاح جي عقيدت ۾

    مولوي احمد ملاح جي عقيدت ۾

    شاعرن جو شھنشاھ آھي مولوي احمد ملاح
    شاھ کان پوءِ سنڌ کي مليو مسيحا واھ واھ

    ھر صنف ھيرن سان جڙيل، ھر بند موتين سان مڙھيل
    ھر بيت بلبل باتڙيون، ڄڻ رُت بسنت جون راتڙيون
    ھر مصرع، مصريءَ جون ڳڙھيون، جنھن ڀي پڙھيون جيءَ سان جڙيون
    ھجي بيت يا توڙي غزل ، ڄڻ ڀرت سان چولا چٽيل
    پاتا ملاح تون مُردن اندر، لفظن جي جادو ساڻ ساھ

    جڏھن گيت تنھنجا ڳائجن، شاعر پيا شرمائجن
    ڳوليم وڃي عرب و عجم، تجنيس ٿي توتي ختم
    سِٽ سِٽ آ سوغات ڄڻ، بَر ۾ بڻيل باغات ڄڻ
    مالھائون موتين جون چوان، يا جوتيون جوتن چوان
    ڪافيه رديف ۽ بحر جو، بيشڪ آھين تون بادشاھ

    تو قوم تي احسان ڪيو، قرآن کي آسان ڪيو
    پنھنجي ٿا ٻولي ۾ پڙھن، دم دم دعائون ٿا ڏين
    منظوم جو رکيو تو نظام، دنيا سڄي ۾ تنھنجو نام
    پيو تا قيامت ڳائبو، ور ور ڏيئي ورجائبو
    تو ساڻ حامي ھر گھڙي، آھي الله آھي الله

    تو ڏات جا ڏاتر ڏني، تنھن مان ڪڻان منشي پِني
    ٺاھيا ويھي ڪي شعرڙا، البته اڌورا ميرڙا
    توتان ڪيئن مان ڀيرو ڀڃان، ڪجھه ڏي اڃان ڪجھه ڏي اڃان
    سڀ راھرو ويندا رھيا، آءٌ پيو نھاريان تنھنجي راھ
    20.02.2001


    نور جو لاٽون

    نور جو لاٽون

    اکر اکر کي اکيون ڏيئي، تو جي بيت بنايا
    نابينن لئه نُور جون لاٽون، جھر جھنگ جھرمر لايا

    وينجھر ويھي جيئن ونڌ ونڌي، موتين جون مالھائون
    سِٽ سٽ تنھنجي اھڙي ، لاڏي لھي جيئن لائون
    نظم، غزل ۾ ڀري ڇڏيون تو، سانوڻ ھير ھوائون
    سنڌ سڄيءَ کي سڳنڌ ڪري وئي، ملاح تنھنجي مايا

    ٻاٻاڻن کي ٻولي ۾ تو، ڪامل سڀ قرآن ڏنو
    سولي منھنجي سمجھاڻي ۾، مارن کي تو مان ڏنو
    ڪيڏي فھم فضيلت سان تو، فائق ھي فرقان ڏنو
    علم، عقل ۽ فھم، فڪر سان، سڀئي سخن سمجھايا

    ڪامل ڪافيه، رديف تنھنجا، بيشڪ سھڻا بحر وزن
    ھر ھڪ مصرع مصري ڳڙيون ، ماکي کان وڌ ميٺ منجھن
    ڄڻ ڪي پوتيل تسبيح داڻا، داڻو، داڻو دُرِ يمن
    ورق ورق کي ورکا ڏيئي، ت کٽڻھار کڙايا

    علم ادب جي ملاح مڪڙي سينگاري تو آندي سِير
    دريا توکي داد ڏنو تو ويرون واري ڇڏيون وير
    ڳايو ڳايو ڳاھون تنھنجون، پرچارون ڪن پير فقير
    جھالڪ جھاٻا جھانءِ جھنجھيري، لفظن ۾ تو لايا

    سپن پيٽان موتي ميڙي، بند بند ۾ تو بند ڪيا
    کارا، ٻاڙا، ٻول مٽائي گوھر تو گلقند ڪيا
    جوت ڏنا جي جملا تو سي، پيار ڏيئي پيوند ڪيا
    ٻاڙوڌي جيان ٻوڙ ڪري ٿي اکر تو وٽ آيا

    سچل ، سامي، شاھ ڀٽائي، اڃا آھي چون اياز
    ھر ڪنھن پنھنجو پاڻ سان آھي، بغل منجھه بيازُ
    تنھنجون پنھنجون سونيون سنگھرون تنھنجا پنھنجا سوز ۽ ساز
    ھر ڪو منشي خيال جو مالڪ، ھر ڪنھن پنھنجي روح جا رايا


    2.2.1998


    مرحوم نجم ميمڻ جي ياد ۾

    مرحوم نجم ميمڻ جي ياد ۾

    وڌي وڻ ٿيو مس مس ته وڍجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    ڦٽُو وڻ دڙي ۾ املتاس ھو
    جنھن خوشبوءَ مان ھر ڪنھن وتو واس ھو
    اُڃاين پانڌيئڙن وڏي آس ھو
    گھڻو وقت کان اڳ ۾ وٺجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    جُھميل ساڻ جُھوڙن جنھن جون ٽاريون
    پکين جون پڪارون جنھن تي پياريون
    جنھن جي ڇانؤ ڪچھريون قرب واريون
    ڪري ياد، دل ٿئي ڦٽي ڦاريون
    اجل جي ھٿان پاڙان پٽجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    اچي جُنگ جواني ھئا ڪڍيا انگور
    سونھن سَت رنگا گل ٻيو لامن ۾ ٻُور
    ويھڻ سان وڻ ھيٺ سڀ ڪجھه سُرور
    جنھن جو درد دل کان ٿئي دم نه دُور
    وڏي واءُ ۾ وڻ سو وٺجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    اھو وڻ نشامبر ھو نِج نجم
    جنھن جا ڏار پکڙيل ھئا پورب پَڇم
    سنڌو لئه سٺا جنھن سدا سِر ستم
    مٽيءَ ماءُ سان گڏ ھُو گڏجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    لاکيڻو سڄي لاڙ جو ڇٽ ڇڳُير
    سندس وار سونا، پوڄڻ جھڙا پير
    سدا مُرڪ مُنھن تي نه ڪو من ۾ مير
    ڪُنڍو نڪ ڪماني ڪري ڀيٽ ڪير
    سفر ڪنھن وڏي ڏانھن سڏجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    ٻئي چشم چشمي ۾ چشما ٻه ڄڻ
    کڻي نيڻ کجڪي کِڙي ڄڻ کنوڻ
    ڏسي نيڻ نجم پيا حيرت ھرڻ
    ھلڻ ڄڻ حقيقي ھو مورن ٽِلڻ
    سڄي کير کان پاڻ کسجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    ڏسي بت بيھڪ ٿيا صنوبر لڄي
    ٻٽيھه ڏند موتين جي مالا سڄي
    جي ڳالھائي ڄڻ جلترنگ ويا وڄي
    جڏھن چپ کلڻ سان ويا ٿي کڄي
    ڪڪر جيئن تارن تان تڙجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    سُخن ۾ سچو ھي سنڌوءَ جو ٻچو
    سدا سڏ سانگين کي اچوڙي اچو
    آزاديءَ لئه پڙ ۾ پتنگ ٿي پچو
    سڄي سنڌ سنگھر ۾ بچايو بچو
    نه ھڪ منٽ مارن کان مٽجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    ھوڪا حق ھميشه ھُو ھڻندو رھيو
    سوين سِر تي سختيون ھُو سھندو رھيو
    سدائين سچي راھ رڙھندو رھيو
    ۽ وانگين جي ويرين سان وڙھندو رھيو
    اجل باز جي ھٿ ھُو جھٽجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    ارادي ۾ پختو جبل جيئن اڏول
    نه ڪو ساھ سانگو نه ھينئڙي ڪو ھول
    سو پاري ئي پاري ڪيئين جيڪو قول
    نه ٻوليو زبان مان ٻيائي جو ٻول
    اڌورن ارادن ۾ رھجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    نجم ري اُھي ڏينھن راتيون ڪٿي
    دڙي ۾ برھ جون سي باتيون ڪٿي
    لاکيڻي، لاکيڻون سي لاتيون ڪٿي
    ڳُڻن ڀريون ڳالھيون ڪھاڻيون ڪٿي
    ڏسي موت ھر دل دھلجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    اڙي موت توتي اچي موت شال
    ڪيمياگر ھي ڪُونڌر ڪُٺئي ڪھڙا ڪالھه
    جيئڻ جيءَ جَلين جو جِنين ري جنجال
    ھڻي پيئي ڌرتي ڌَڪن تي ڌمال
    منشي من مڻئي جيئن مڙھجي ويو
    ۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو

    20.01.1981


    شيرِ سنڌ مير رسول بخش ٽالپر جي عقيدت ۾

    شيرِ سنڌ مير رسول بخش ٽالپر جي عقيدت ۾

    مير ته مرندا ڄمندا رھندا، پر مارن جو ويو مير مري
    ڳڻتين ڳاريل ڳوٺاڻن لئه، ڏاڍي ٿي پئي ڳالھه ڳري

    مرد مٿير تو موت نه ھو ڄڻ، ويڙھيچن تان وِڄ ڪري
    واءُ اڻائو وانگين وريو، بي مُندائتي مُند ڦري
    سنڌ سڄيءَ جي سورن ساڙيل ، سانگين لئه ھتي توتي سِري
    ٻاٻاڻن جو ٻيلي ھئين اڄ، ٻاٻاڻن لئه ٻُنڀا ٻري . . .!!

    ھر ھڪ حاڪم ، جابر سان تو، جنگ ڪئي ۽ جيل ڪٽيا
    وقف حياتي ، خلق جي خدمت، وانگين لئه تو وِرھ وٽيا
    سي شل سلڙا سڀرا مورن، تو جي ٻنين ٻج ڇٽيا
    ڀونءَ جي ڀٽڪيل ڀاڳين لئه تو، ڳاٽي چائي ڳري ڀري .. !!

    تنھنجي عظمت، تنھنجي شفقت، تنھنجو مذھب، ماڻھو محبت
    شيرِ سنڌ جو شرف آ توکي، مليو واقع حق حقيقت
    داد ڏنو ٿي دشمن توکي، ڏسندي تنھنجي ھمت جرئت
    ڪين جھڪايو ڪنڌ ڪڏھن تو ، ظالم اڳيان ذات ذري . .!!

    وريا وڇوڙا، گھوڙا، گھوڙا ڇورا ٿي وئي ڇانگ سڄي
    لوئيارن جي لوءِ پيئي لٽجي، ٿي نسوري نانگ سڄي
    ھَئي ھَئي ، گھوڙا ھنج ھليا ويا، ڪانگ ڦِڙي ويا ڦانگ سڄي
    ڏيھه ڏسان ٿو ٿو ڏوٿيئڙن جو، ڏک ۾ پئي ٿو ڏيل ڏري . .!!

    جنھن به سُوراتي سڏيو توکي، تنھن ڏنو تو سڏ سان سڏ
    ٻيڙين ٻاڌارا، ٽانگن وارا، گدلا، گرڙا توسان گڏ
    ڪاڙھن ڪاڙھيا، سماج ساڙيا، توسان گڏ سي ھيڻا ھڏ
    اُٿي ۽ ويٺي اون انھن جي، ڄڻ ٿي تنھنجي کيپ کري . .!!

    منشي موت نه ماري سگھيو، اھڙا مانجھي مرد مٿير
    ھِتي ھُتي ھُو آھن حياتي، پردي پويان آھن پير
    موت کائي خود مات ڀڄي ويو، ھُو ته سڻاوا ڪن پيا سير
    مگر وڇوڙو وجود اسانجي، وڏي ڏيئي ويو ڄڀي ڄري . .!!





    شھيد فيض محمد ٽالپر جي عقيدت ۾

    شھيد فيض محمد ٽالپر جي عقيدت ۾

    تنھنجي رت جو واس وڻن مان، اڃان اچي پيو، ايندو رھندو
    ايندو رھندو، ايندو رھندو، تاقيامت ايندو رھندو

    تو جبل سان ھُئي جنگ ڪئي، تو ڌرتي ريٽي رنگ ڪئي
    تو ديس جي دوکيبازن لئه، ھئي ساري ترائي تنگ ڪئي
    اھڙو اڄ آواز گھڻن مان، اڃان اچي پيو ايندو رھندو . . !!

    ڪُونج ڪڙي ھئي، ڊيل ڍڙي ھئي، دانھن تي تنھنجي دل دڙي ھئي
    تو تنھن سڏ سان سڏ ڏنو ھو، گولين ساٿ به گڏ ڏنو ھو
    سوئي پڙاڏو وڻن ، ٽڻن مان، اڃان اچي پيو، ايندو رھندو . .!!

    فيض محمد، فيض نکيري، ڀونءِ ڀلايئه پنھنجي ڀيري
    توکي گھايئون گھيري، تون پڻ بيٺين نيھن نبيري
    ترندو ڪاسو تنھنجو مڻن مان، اڃان اچي پيو، ايندو رھندو . .!!

    جو چنگ چپن سان چوري وئين، ۽ ٻرندڙ وٽ کي سوري وئين
    سو ڀڙڪي منشي ڀنڀٽ ٿي پيو، جنھن تان سِر تون گھوري وئين
    ھر دل واسو ڪيچ ڪڻن مان، اڃان اچي پيو، ايندو رھندو .!!

    15.2.1981


    شھيد فيض محمد ٽالپر جي ياد ۾

    شھيد فيض محمد ٽالپر جي ياد ۾

    نرالو پيو نقشو ھِئين منجھه ھُري
    اھو وقت ساعت پيو سيني سرُي

    سِٽاءُ ھُئي ته ڪيئن سرزمين ٿئي سُکي
    گھريو رت جڏھن ھن چُکي با بُکي
    ڏنو فيض محمد سا ڏسندي بُکي
    اُتي سَو اڀري پيا سُورج مکي
    اڃان رت سندو ريج سنڌوءَ گھري .. !!

    صدين کان ڏيڻ رت سنڌي ريت آ
    ڏنو رت جنھن قوم تنھن جيت آ
    دنيا جي اھو ھر گلي گيت آ
    اھا ريت ئي قوم سان پريت آ
    نه ڦُربو وٺي جو ڦٻايل ڦُڙي . .!!

    شھادت جو شربت پيئن رُوح پاڪ
    مڃائي مجاھد ويا ڌرتيءَ تي ڌاڪ
    آڻين سِر اڏيءَ تي پرھ جا پياڪ
    مليو فيض کان فيض ئي منجھه فراق
    گھري سِر ٿو ٻيجھل پيو چنگ چُري . . !!

    جسم جان ڇيرن ٿي ڇڏيا ڇِني
    نه ورتئون حياتي پلڪ ھڪ پِني
    ڏنئون رَت جنھن تي سا ڀيڻي ڀِني
    سُتي سُورھيائي ھئي ڏاھن ڏَني
    تنين جي تراڙي ڪو ترندو تري . .!!

    وري اڄ وطن تي نئون واءُ وريو
    اي وارث وطن جا اٿي ڪجھه ڪريو
    سُوئر ٿا وڃن سنڌ سيڙھا چريو
    اٿو سِر سنڀايو ڪريو ٿا ڀريو
    لاھيو ڪَٽ قلب تان کاھوڙي کُري . . !!

    ھتي ھر قدم تي بلا ئي بلا
    ڌڻين تي ھتي ڌارين جا کلا
    سَري سانگين ھاءِ گھوڙا الا
    ھتي ھر قدم ڪربلا، ڪربلا
    سوين فيض محمد ٿي سنڌوءَ گھري . . !!

    گھڻا موت ماريا ھي ويو موت ماري
    فڪر فيض محمد ويو سوڍن سيکاري
    نه تاريخ ھي موت “منشي” ميساري
    چوان پيو سڀني کي پوڪاري پوڪاري
    کٽي آڻي کنھبو رکيو آ ڇُري . . !!
    16.2.1980ع


    باب ٻيو فاضل جو فراق

    بيت

    بيت

    ڪوجھن ڪرلاھو، ڪونڌر فاضل قوم جا
    ھميشه ھيڻن جو، آھو ھو لاھو
    ڏينھان ڏينھن ڏاڍ تي، ڏمريو ٿي ڏاھو
    قومي وڳ ڪاھو، ڌڻان ڇڄي ڌار ٿيو

    راھو تنھنجا رنگ، مون ڏٺا، مون ڄاڻ
    توريءَ وانگين ويڙھ ۾، وِلھا ٿيا وٿاڻ
    ٽوڙيندي ٽُٽي وئين، منجھان ڏوٿين ڏاڻ
    اڳيان جابر آڻ ، ڪُونڌر مڃيئي ڪانه ڪا

    راھو تنھنجا رنگ، مون ڏٺا مون خبرون
    چُرندو رھندو چئني ڏِسيين، تنھنجو چوريل چنگ
    لاٿا تو لتون ھڻي، ويڙھيچن تان ونگ
    جاني تنھنجي جنگ، جاري رھندي جڳ ۾

    فاضل جي فراق ۾ ، دانھه ڪئي درياھ
    ڌرتيءَ ڌونس مچائيو، گنجي ۾ گجگاھ
    رُنو رني ڪوٽ ۾، ٻيلن ۾ ھئي باھ
    اُڀري نڪتي آھ ، مڪلي موھن دڙي منجھان

    ڪونڌر توريءَ ڪير ٻيو، وٺندو ھارين حق
    وانگيئڙن تان ويا وري، ھڪ جھولا ٻيا جَھڪ
    تو پڄاڻا تيز ٿي، تاڪائُن جي تَڪ
    جُوڻ وٺي جاجڪ، اچ ته اڳيرا ٿيون . . !!

    راھا تنھنجو روح، وڙھندو رھندو ويريين
    جيسين تائين جوءِ تي، ساجھر ٿئي نه صبوح
    جيئڻ رڻ ۾ پاڻيءَ کوھ، تيئن تون اڃاين آسرو


    وائي

    وائي

    رُني سنڌ سڄي زارو زار وويار،
    فاضل جي ته فراق ۾

    بي مھلاتو موت کسي ويو
    دُولھه پُٽ دلدار وو يار
    فاضل جي ته فراق ۾ . . !!

    ڌارين لئه ھُو ڌرتيءَ تي ھو
    ڪُنڍو منجھه ڪپار وو يار
    فاضل جي ته فراق ۾ . . !!

    نگر، شھر ۽ جھوپي، چونئري
    عام پئي اوڇنگار، وو يار
    فاضل جي ته فراق ۾ . . !!

    ويرين سان ھُو وِير وڙھيو ٿي
    وک وک تي سؤوار وو يار
    فاضل جي ته فراق ۾ . . !!

    ڏاھو راھو ڏاڍ جي ڏيھه ۾
    ھيڻن سان ھموار، وو يار
    فاضل جي ته فراق ۾ . . !!


    منشي فاضل فرض نڀائيو
    مانجھي مڻيادار وو يار
    فاضل جي ته فراق ۾ . . !!


    بيت

    بيت

    سنڌوءَ سينڌ راھو رات ڀري ويو
    پل نه ھڪ پاسي ٿيو، ڪنا ڏوٿين ڏُور
    ماڻھن ۾ مذڪور، ته راھو رُڃ ڪري ويو

    راھو وڏي رک، سدا سانگيئڙن جي
    ڌاڙيلا ڌرتيءَ تي، لٿا اچي لک
    پر، اڳيان فاضل اک، پر نه پٽي سگھيا

    آيو المناڪ، واقعو ويڙھيچن تان
    جھانگيئڙن جھوري وڌو، فاضل جي فراق
    ڪيڏو منجھند ٽاڪ، ڪاڙھو رھيو قوم ۾

    فاضل ۾ڦيرو، ڪڏھن آيو ڪين ڪي
    لاکيڻي لالچ تي، من نه ڪيو ميرو
    نينھن نبيرو، سُورھ ڪيو سنڌ سان

    جڏھن به ڏکيا ڏينھن، ڪڙڪي آيا قوم تي
    مانجھي آيو ميدان ۾، شونڪو ھڻي شينھن
    نازڪ راھوءَ نينھن، ثابت رکيو سنڌ سان

    وڏا راھوءَ وڙ، ڪيا پنھنجي قوم تي
    بيٺو ھُو بند ڪيو، درندن جي دڙ
    ھن ته جابر جڙ، ٿي پٽڻ چاھي پٽ مان

    وَڌو وَڌو ويڙھ ۾، فاضل جو فرمان
    سانڍي رکجان ساھ سان، ڌرتيءَ جو ڌيان
    متان غير گمان، آڻيو آزادي ۾ . !!


    سنيھا ساري سنڌ کي، راھو مُڪا رات
    سر ڏيئي سوغات، امڙ کي آجي ڪريو

    راھو رنگ ڪيا، ڪيڏا پنھنجي قوم لئه
    جھر جھنگ جھاڳي جھريون، آيو اڻ ميا
    درندن ديا، ڪُونڌر ڪڏھن ڪانه ڪئي

    ڪينجھر، ڪاورنجھر ٻئي، راھوءَ رُنا رت
    ڪوٽ ڏيجي ڪَر کڻي، پرکي ڏني پت
    آڇيا انگ اُڇت، پاونگ فاضل پِڙ ۾

    سنڌوءَ سونھن سُسي وئي، فاضل وڏي وَٿ
    ڪِرشن مُنھن تي بانسري، راھو ھٿ ۾ رَت
    سڳر ساٿ ۽ سٿ، راھو رات رُلائي ويو

    راھو تنھنجو رنگ، ڪونه ڄاڻي ڪو ٻيو
    تو ته سنڌوءَ، تان گھوريا، نياڻيون ۽ ننگ
    جيلن سان تو جنگ، وڙھندي ورھن کان ڪئي

    راھو رُڃ ڪري وئين، راڄ روئاري رات
    تنھنجي ٽڪر ٽوڙيا، ڪيڏا لات منات
    سنڌوءَ کي سوغات، ڪونڌر ڪنڌ ڏيئي وئين . .!!

    راھا گھڻا راڄ ۾، ھي راڄن جو راھو
    اصل اباڻن جو، آھو ڪر لاھو
    ڏونگر ھي ڏاھو، ڪيڏا ڪَٽي آئيو . . !!

    راھا تنھنجو روپ، پرکندين پڌرو
    جھڙو اندر اُجڙو تھڙو ڌرتيءَ ڌوپ
    ٻيائي ٻھروپ، فاضل ٻئي فنا ڪيا . .!!

    فاضل جي فراق ، متيون مُنجھائي ڇڏيون
    ڌرتيءَ تي اڄ ڌاريان، ڪيڏا خوش ڪذاق
    ھاڻو ھيبتناڪ، دھشت راھو دھليا

    مصري ماکيءَ کان مٺو، يار جو ھو يار
    فاضل ڦونڊ نه سکيو، ڌرتيءَ جو ڌوپار
    سنڌڙيءَ جو سينگار، راھو رات رمڳيو
    راھو ھو راکو، اصل اباڻن جو
    بانڪو، بي ساکو، ڪڏھن نه ٿيو قوم ۾

    فاضل سڀ ڦٽا ڪيا، قومي ڪم ري ڪم
    وڙھندو رھيو ويرين سان، جيسين دم ۾ دم
    کنيا ھن کڙيا ڪري، غريبن جا غم
    ويڇا ۽ وھم، راھو رکيا ڪين ڪي


    راھوءَ لئه روئي ، ڪڍيا پار پنوھاريين
    ڪولھي ڀيل شڪاريين، ڪونه بچيو ڪوئي
    ڌرتيءَ کي ڌوئي، راھو ويو رَت سان


    راھؤ جي رغبت، ماريل ماروئڙن سان
    ڌارين لئه ڌرتيءَ سان، ساڳي گنيئر گت
    ھئو حقيقت ۾ اباڻن آٿت
    سورھ فاضل سٿ، ڏسان نٿو ڏيھه ۾ . . !!

    راھؤَ جو رھيون، ڳالھيون ڳوٺاڻن ۾
    اڻ مِٽ امر رھنديون، ڪونڌر جي ڪيون
    اھي اڻ ميَون ، وسارڻ کان وڏيون


    نظم

    نظم

    راھو تنھنجا رنگ نرالا، جُڳ جُڳ جيئدين جُنگ جوالا
    مارن جي تون من جي مالا، دشمن لئه تون بڙڇيون ڀالا

    راھو توريءَ رُڃ ڏسان ٿو، ماريل مارُو مُڃ ڏسان ٿو
    ڏاڍي تنھنجي اڃ ڏسان ٿو، سکر بکر سُڃ ڏسان ٿو
    تون ماڻھو، راڻو، داڻو ھئين، تون جھانگيئڙن لئه جُھڙ جا جھالا
    راھو تنھنجا رنگ نرالا . . !!

    تو سَٽ پچائي سورن جي، تو مدد ڪئي مجبورن جي
    ھي ڌرتي کانيل کورن جي، دولاپ، دغا دستورن جي
    تو ڌوتا ڌڪ ڌنارن جا ، پر اڃان به ڪجھه ھئا آلا آلا
    راھو تنھنجا رنگ نرالا . .!!

    راھو رھندا راڄ ڏسي وئين، ڪيڏا تن جا ڪاڄ ڏسي وئين
    ڀاڙين، مڙسن ڀاڄ ڏسي وئين ، ڪي ڪي ڌرتيءَ ڌاڄ ڏسي وئين
    نينھن نڀايو ڌرتيءَ سان، جن پيئندي زھر جا پُر پيالا
    راھو تنھنجا رنگ نرالا . . !!

    وردين جو تون ويري ھُئين، ۽ پنوھارن لئه پيري ھُئين
    تون ڌارين جا جي ٿم ۽ ٿاڻا ڪانِ انھن لئه ڪيري ھئين
    توکي سنڌ جا سارين ويٺا ڪولھي، ڀيل، شڪاري ، ٻالا
    راھو تنھنجا رنگ نرالا . .!!

    ڄام کڻايو نوريءَ ڄارو، راڻي تي ڪيو مومل مارو
    سُور سنڌؤَ جو سر تي سارو، کلي کنيو تو ڏيئي ڏارو
    منشي من ماروئڙن لئه، تون ھئين ڄڻ موتين مالا
    راھو تنھنجا رنگ نرالا . . !!


    وائي

    وائي

    راھُو ھو راڄن ڪاڻ ، الا
    ڇپر، ڇمر، ڇانورو

    سُورھ سانگين لاءِ رکيو ھو
    سر سدا سانڌاڻ الا
    ڇپر، ڇمر، ڇانورو . . !!

    سِيئن ساڙيل ڪاڙھن ڪاڙھيل
    ڀاڳيئڙن جو ڀاڻ الا
    ڇپر، ڇمر، ڇانورو . . !!

    ڪارو ويس آڪاش ڪيو
    روئي ڏنو مھراڻ الا
    ڇپر، ڇمر، ڇانورو . . !!

    سوين سپه سالار ڏٺاسون
    اھڙو ڪٿي اڳواڻ الا
    ڇپر، ڇمر، ڇانورو . . !!

    ھر ماڻھوءَ ۾ مڻيا منشي
    ھي ته ھو ھيرن کاڻ الا
    ڇپر، ڇمر، ڇانورو . . !!


    بيت

    بيت

    اُميدون انبار، مارو کڻي من ۾
    ٻُڌندڙ کي ٻڌائيون ٿي، سورن سماءَ چار
    ماندو سدا مدد لئه، پنھنجي پھچ اَھار
    بانڪي کنيا بار، سانگين سوراتن جا . .!!

    جن جو ڪوئي ڪونه، انھن تنھنجو آسرو
    انھن جي تو اندر ۾، اٺيئي پھر اون
    انھيءَ عمل ڇو نه، ھند، سنڌ ھاڪ تو . !!

    مرد تنھنجون مجلسون، ناھن وسارڻ وس
    جيئن ڪو ابر اڃين تي، وسي ڪري وس
    راحت ھر ڪنھن روح لئه، تو رھاڻيون رس
    اھڙا ماڻھو مس، صدين آھن سرجندا . !!

    ڏٺيون ساري ڏيھه، مڙسيون تو مٿير جون
    سلھاڙيل ساھ سانگين سين، جيئن روپي کي ريھه
    ڇنڻ ڪرڻ ڇيھه، مُور نه تو منھن تي . .!!

    فاضل ٿي فرھاد، ٽڪر ٽورڻ آئيو
    دليري ۽ دانائي ۾، ٿي دشمن ڏنو داد
    فڪر ۽ فرياد، سدا تو سانگيين . .!!

    دودي ڏنو داد، راھو تنھنجي رت کي
    فاضل زنده باد، سنڌ ڄڻي پئي سورما . . !!

    راھو تنھنجي رت ۾، مينديءَ جي مھڪ
    ڪيڏا ھي ڪٽڪ، لٿا تنھنجي لوءِ تي . .!!

    رعيت راھوءَ کي ڏٺو، ڇَڙي ۽ ڇنڊي
    وِرھ ويڙھيچن جا، ورتا ھن ونڊي
    مانڊين منڊ منڊي، ڪُٺو ڪونڌر قوم جو . !!






    ڪافي

    ڪافي

    وساريان نه وسرن، راھوءَ جون رھاڻيون
    جنھن سنڌ جي سڏ تي، گھوريا پُٽ نياڻيون

    ونھين ويڙھيچن سان، ورھن کان وراڪو
    رھيو ھو راھوءَ جو، ته ڌارين تي ڌاڪو
    مانجھيءَ جي مرڻ جو، ھو وڻ وڻ ۾ واڪو
    لکي ڇا لکان مان، تنھن ڪونڌر ڪھاڻيون . !!

    وڙھيو ٿي ويرين سان، ھي بانڪو بھادر
    ھيڻن ھارين لئه، ھڪل ساڻ حاضر
    جبل جيئن جوڌو، بيٺو ھو برابر
    اھڙو جوان جاني، ڪٿان ھاڻ آڻيون. .!!

    مُھاڏن، مُھاڏا، مُڙيو ڪين مانجھي
    پتڻ ھو پنوھارن ، وڏو ونجھه وانجھي
    نه ٻيڙي ٻاٻاڻن ، لاکيڻي ڪئي لانجھي
    مٿيري، مرڪايون ملاحن مياڻيون . .!!

    وانگيئڙن جو وارو، وڏو وڙ وڙاتو
    سماجي ستايل، تنين نينھن ناتو
    پڪي پھه پنوھارن ، سان جنھن پيچ پاتو
    روئن رت راھوءَ لئه ھاري ۽ ھارياڻيون . .!!

    ڪڍيو ڪنڌ نه ڪُونڌر، پسي جيل جايون
    مٿيري مٿي تي، وانگين لئه وَسايون
    سچا سانگين سان، جنھن جا سڱ، سگايون
    اچو گڏجي منشي، سندس تند تاڻيون . .!!


    نظم

    نظم

    ٻيون سڀ راھون رد اٿيئي، راھوءَ واري راھ کپي
    چوڏس چڻگون، چڻگون ٻاري، چاھت اھڙي، چاھ کپي

    آڌي مانجھي، صبوح ۽ سانجھي، وِير وڙھيو ٿي وانگين لاءِ
    ڏاڍ جبر سان جنگ ھئي جاري، ھن جو جھيڙو جھانگين لاءِ
    ساھ سلھاڙي سُورھ ڇڏيو، سنڌ امڙ جي سانگين لاءِ
    گھور امڙ تان گھوري ڏيندس، سنڌ کي جي مون ساھ کپي

    ڪوڙا ماڻھو، ڪوڙيون ڳالھيون، ڪوڙا ڍارا ڪوڙيون فالون
    ڪوڙا ليکا ڪوڙا چوکا، ڪوڙا مرد ۽ ڪُوڙيون زالون
    فاضل کي ھو فڪر انھن جو، جن جي پيرن ڇنل ڇالون
    ٺوڪي ٺاھي ھن چيو ٿي، ڪونه ٺڳن سان ٺاھ کپي

    ڪنھن کي ساڙھي ، ڪنھن کي ڏاڙھي، ڪو پيو ڪوڙي ڏاڙھ ڏھاڙي
    مُنھن موچارا دل جا ڪارا ، ڀونءَ جي ڳالھه تي سڀيئي ڀاڙي
    ڌارين جا ھي ڦريون، سنڌ ته سورن ساڻ سلھاڙي
    اَن کڻي ويا ڌَنَ کڻي ويا، گرگن کي ھاڻ گاھ کپي

    کاشا ھڻيو ھِت روز کڳيون، مسڪينن سان ڪن ٿا ٺڳيون
    لھري تن جي جيڪي لڳيون، تن کان وييون پويون اڳيون
    اھي ته ڪنھن جو سيڻ نه سڳيون، ڌرتي سان دونھيون ڌڳيون
    فاضل اچ ته فيصل ڪريون، بنڀور واري باھ کپي

    سُکي ستابي آبي تابي، سنڌ سموري ڏسڻ گھرون ٿا
    ڏسڻ گھرون ٿا چُرون پرون ٿا، ڪنھن جي سيني سَپ سُرون ٿا
    جيئن جُھرون ٿا تيئن ٻُرون ٿا سچ ته موتين جيئن پُرون ٿا
    ڇڏيو اسان وٽ ڇا ھي ھنن، ھاڻي ماڻھو ماھ کپي

    پَٽ پنجابي پاڻ کڻي ويا، پورھيو سڀ پٺاڻ کڻي ويا
    ڪھڙي ڏِس کان قاتل آيا، سوني ڪراچي کاڻ کڻي ويا
    لانگ بوٽن جي لانگ لڳي پئي، ڀاڳين جا سڀ ڀاڻ کڻي ويا
    واھن ۾ پئي واري اڏامي، ڪنھن ڪرڻ ويساھ کپي

    ڪير لٽيرا ڪير ھت لوٽا، ڪھڙا سچا ڪھڙا کوٽا
    ھڪ رسي ۾ جوٽيل جوٽا، نيئپر جا سڀ پوٽيون پوٽا
    ڪن جون رھڙون ڪن جا رونٽا، ڪن جا ٺونشا ڪن جا سونٽا
    منشي ماٺ گھڻيئي ماريا، وانگين ٻي ڪا واھ کپي


    نظم

    نظم

    ھُو راھو راڄن راڻو ھو، ۽ ماڻھو موتي داڻو ھو
    ھو ننڍي وڏي ۽ ٻار ٻُڍي سان، ھر دم ھاڻو ماڻو ھو

    ھي سنڌي ماڻھو تارا تارا، ھُو ته سڀن ۾ چنڊ چٽو
    ڳولي لھندين اھڙين ڳالھين، ڇھن ڪروڙن منجھه ڇٽو
    جھڙو اندر تھڙو ٻاھر، اڇو اجرو چٽو پٽو
    ھو ڄارين ڄاين ڄاڻو ھو، ۽ ڪڏھن نه ڪوماڻو ھو

    ھن جوڳ پچائي جوڙڻ جي، ۽ ڪڏھن ڪين ٽوڙڻ جي
    ھو سانگين جھانگيئن ساٿي ھو، ۽ مُور نه ڪئي مُنھن موڙڻ جي
    ھو تار مان پار اُڪارڻ وارو، ٻولي نه سکيو ٻوڙڻ جي
    ھُو قوم جو نقد ناڻو ھو، جو ڪنھن در ڪين وڪاڻو ھو

    ھو بيٺو آھي ھُجُومن ۾ ڏس، ھماليه جيان ڪر کڻي
    سنڌوءَ جي سڏ سان سڏ ڏيئي، وانجھي آيو ور کڻي
    پٽ به پيءُ جي پنڌ جو پانڌي، ساڳيو اچي پيو سُر کڻي
    ھُو ڀونءَ جي ڀاڳين ڀاڻو ھو، ۽ مور مکڻ جو چاڻو ھو

    ھو يارن جو ھو يار سدا، ۽ ٻول مٺا سرڪار سدا
    ۽ جھر جھنگ رھندڙ جھانگيئڙن لئه، ھيرن جو ھو ھار سدا
    ھر راڻي راھو روح ۾ رھندو، وانگين جو ويچار سدا
    ھُو اٿ ويھه منجھه اياڻو ھو، پر سيني سوچ سياڻو ھو

    ھو ڪڏھن اعلى امير ھيو، ۽ ڪڏھن قيد اسير ھو
    پر کاھڙ وارن ساڻ ھميشه، جھڙو کنڊ ۽ کير ھيو
    ۽ ديس وندن جا درد ڏسي بس، ٿيندو ھو دلگير ھو
    ھي ديس اھڙو ديپ اجھاڻو ھو، جو سنڌوءَ سَنڌ سَنڌ ساڻو ھو

    ھن پنھنجي حياتي ڪري ڪڙي، ھر جابر سان ھئي جنگ لڙي
    ھر ڪنھن وقت تي کليل ھن وٽ، ماروئڙن جي لاءِ مڙھي
    اڄ سو راڻو راڄ ۾ ناھي، ڄڻ ويئي ساري ڪاڪ ڪڙھي
    ھن سانگين سٿ سيباڻو ھو، ۽ پنوھارن لئه پاڻو ھو

    ھُو ڇَنن ڇورن ڇَٽ ھيو ، ۽ پاڻ ئي پنھنجو مٽ ھيو
    ھو سنڌ سڄي کي ناز مٿس، ھر ڏک ۾ ھر ڪنھن وٽ ھيو
    ھو آسوندن جي آس سدا، ۽ سانگيئڙن سان سَٽ ھيو
    ھو ٿاڪ ٿڪين لئه ٿاڻو ھو، ڪڏھن الجھي ڪين اجھاڻو ھو

    ھُو خوش سدائين خدمت ۾ ، ڪو ھن جو مٽ نه ھمت ۾
    ھو بانڪو شير بھادر بيشڪ، ڪو جھڙس ناھي جرئت ۾
    منشي ھن جو مٽ نه ٿيندو، ڪو شان و شوڪت شفقت ۾
    ھر ھر ھڪ ساھ سِيباڻو ھو، اڄ لوٺو يار لڊاڻو ھو














    وائي

    وائي

    ٻھڳڻ تنھنجا ٻول
    ٻارن منجھه ٻُرن پيا

    جُڳ جُڳ ھوندين جيئرو
    ڍاٽي ڍٽ جا ڍول
    ٻارن منجھه ٻُرن پيا

    ادا ڪير ڪري سگھندو
    راھُو وارو رول
    ٻارن منجھه ٻُرن پيا

    جھانگين لئه جھيڙا ڪندي
    تو نه جھلي جھول
    ٻارن منجھه ٻُرن پيا

    جن پاءُ گھريو ٿي پيار جو
    تو ڏنا ڀري ڏول
    ٻارن منجھه ٻُرن پيا

    کِلي مِلئين کيڪار سان
    ھر ڪنھن لٿا ھول
    ٻارن منجھه ٻُرن پيا


    ڄاماڻيون ڄڻي ويون
    اھڙا پٽ اڏول
    ٻارن منجھه ٻُرن پيا

    منشي لِکن ڪين ڪي
    ڪڏھن ڪوڙا قول
    ٻارن منجھه ٻُرن پيا


    وائي

    وائي

    ڀاڳيو ڀونءَ ڀلوڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو

    پوھ جي پاري پنوھارن لئه
    سُورھ ھو ڄڻ سوڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو . .!!

    چيلھه ٻڌي اٿيو چورن تي ڪري
    گنئر جيئن گجگوڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو . .!!

    امبر آھ ڪري چيو ائين
    جھڙس ڪونھي جوڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو . .!!

    ٻاٻاڻن تي ٻوڏ وري ائين ڄڻ
    ڀڳي بند اروڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو . .!!

    سِري، وچولي، لاڙ لٿا ڄڻ
    ڪوپا ڪنڌ ڪروڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو . .!!

    ڏيھه سڄي تان ڏاڍ ٽرڻ لئه
    جوڌي جي جاکوڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو . .!!

    مِٽيءَ سان ھُو مٽي پنھنجي
    ويو نڀائي توڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو . .!!

    ھِت ھُت منشي سونھندا رھندا
    مانجھي منھن تي موڙ
    ڪونڌر فاضل ڪالھه ڪُسي ويو . .!!










    وائي

    وائي

    ھيڏي ساري ھاڪ
    راھو تنھنجي راڄ سڄي ۾

    اندر تنھنجو اجرو اھڙو
    جھڙو ٻالڪ پاڪ
    راھو تنھنجي راڄ سڄي ۾.. !!

    ڌرتيءَ جي دل ڌڌڪو کاڌو
    عرش رُنو افلاڪ
    راھو تنھنجي راڄ سڄي ۾.. !

    دردوندن لئه ديس پنھنجي ۾
    ھُئين ٿڪن لئه ٿاڪ
    راھو تنھنجي راڄ سڄي ۾.. !!

    ھارين، مزدورن تان منشي
    تو پڄاڻا ماڪ
    راھو تنھنجي راڄ سڄي ۾.. !!




    وائي

    وائي

    ٻابيھي جا ٻول
    ڪير وساري سگھندو سنڌ ۾

    محبت جرئت خلق جي خدمت
    ٽيئي ھن جا ٽول
    ڪير وساري سگھندو سنڌ ۾

    موتي ڄڻ مھراڻ کڻي ويو
    آھي پاسان پيئي اول
    ڪير وساري سگھندو سنڌ ۾

    سانگيئڙن جي ساھ سان سبيل
    عاشق ھو انمول
    ڪير وساري سگھندو سنڌ ۾

    پيرون پٽ پيا، ڇو ته ڇڄي پئي
    جھيڻن جھانگين جھول
    ڪير وساري سگھندو سنڌ ۾

    ڪڏھن رنگ رتول ۾ رڱيل
    ڪڏھن مست الول
    ڪير وساري سگھندو سنڌ ۾


    ھن جي کاتي ڊاٺ نه گھوٻي
    کاتا ٻيا ڀي کول
    ڪير وساري سگھندو سنڌ ۾

    منشي ماڻھن ميڙ ۾ ھوندي
    ڄڻ رڻ ۾ آھيان رول
    ڪير وساري سگھندو سنڌ ۾


    وائي

    وائي

    وانگين سان واڳيو، الا
    راھي پنھنجو روح ازل کان

    ڌڻ کان ڌڳ پل ڌار نه ٿيئڙو
    ڀونءَ سچو ڀاڳيو
    راھي پنھنجو روح ازل کان

    ڏوٿين ڏک ۾ اک نه جھپڪي
    جوڌو سدا جاڳيو
    راھي پنھنجو روح ازل کان

    قومي ڪم ۾ ڪسر ڪراڙو
    دودو نه ڪڏھن داڳيو
    راھي پنھنجو روح ازل کان

    راھوءَ تان ڪئين ريلون لنگھيون
    سورھ سدا ساڳيو
    راھي پنھنجو روح ازل کان

    منشي موت مٿير مارن کان
    چنبي ۾ چاڳيو
    راھي پنھنجو روح ازل کان


    بيت

    بيت

    ڪولھي، ڀيل ڪاوڙيا، ڏاڍو مٿي ڏاڍ
    فاضل ساڻ فراڊ، ڪھاڙي ڪيڏو ڪيو . !!

    ڪار مُنھان اي ڪاريا، ڪيئن رجايئي رُڪ
    سِڌو ٿئين نه سِراڻ ڏي، چيلھه پونئي چُڪ
    لوءِ سڄي تان لُڪ وَسائي ويھي رھين . .!!

    راھو رتو ڇاڻ، وھنجي ويس وجود
    سنڌوءَ کي سجود، ڪندي ويو قرب مان .!!

    راھو سڄي راڄ جو، روُحان ھو راکو
    ڦلاڻي لاکو، سر ڏيئي ويو سنڌ تان .!!

    ويڙھيچن واڪو ڪري، رُنو رڳو رت
    آھي ڪنھن ۾ سَت، جو وڙھي ويڙھيچن لئه

    فاضل ٿي فرھاد، ٽَڪر ٽوڙڻ آئيو
    سَين ھنيائين سنڌ جي، اُوچي ڪنڌ آزاد
    وڄي پئي وير جي، نگري نگري ناد
    فاضل جو فولاد، عزم اباڻن سان . !!

    راھو تنھنجو رت ، ڌرتيءَ کي ڌوئي ويو
    پوري تون پاري وئين، پنوھارن سان پت
    تنھنجي طريقت، ماڻھن کي موھي وئي . !!

    کلي ڇپر کٽ، راڻي راھوءَ کي چيو
    ھلي آ تون ھيج مان، سُورھ پُٽ سمٽ
    جنھن تو ڄائو ماءُ آ، تنھن تي سونو ڇٽ
    گھوڙا، ھھڙا گھٽ، پُٽ ڄڻينديون پدمڻيون .!!

    فاضل جي فراق، متيون مون منجھائيون
    چارئي پھر چِت ۾، چُريو چُرن چاڪ
    ڌرتيءَ مٿي ڌاڪ راھو تو رھندي سدا .!!

    راھوءَ ، جون رھنديون، ساروڻيون سرير ۾
    سِڪون نه تنھنجون، سورما، لوڪ ڏٺي لھنديون
    وِرھ ۾ وھنديون، اکيون امڙ سنڌ جون .!!


    دوھا

    دوھا

    رات ويو ٿي رڻ ڏي راھي، جھاڳي جھاڳي جھاڳ الا
    ڏيھه سڄي کي ڏنڀ اچي ويو، ديسوندن دل داڳ الا

    ڪوٽ ڏجي جي قلعه وانگر، بيٺو رھيو ببر شينھن
    ڌرتيءَ جي ھت ڌاڙيلن سان، وڙھندو رھيو راتو ڏينھن

    گھاٽي جنگ گھڙڻ لاءِ، وانگين جي ھڪ ئي واٽ ھئي
    راھو تنھنجي راھ روشن، ٻي اونداھي ٻاٽ ھئي

    ماڻھو روز مرن ٿا منشي، ڀريا تريا ڀاڻ ڇڏي
    ھن جون فقط ڳڻ ڳوٺ ۽ ڳالھيون، ھيرن جي ويو کاڻ ڇڏيي







    نظم

    نظم

    راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو، دنيا ۾ ھُو دنگ ڪري ويو
    ھر جابر سان ھُو جنگ ڪري ويو، راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو

    مانجھي ھو مھراڻ سڄي ۾، چئين ڏسيين چوٽان چوٽ
    گھر گھر ۾ ھو گُھوگُھو واڄو، گھوڙا ، گھوڙا، ھھڙو گھوٽ
    سنڌ امڙ جو سڏ پيو ڪَن تي، ايندو اُلري ھو اڻموٽ
    ڏکين، بکين، ماريل ماڻھن، ھي ته ھميشه اڀرن اوٽ
    جتي مٿيرن مارڪون ملنديون، سؤ اُتي انگ ڪريو ويو
    راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !

    ھر جابر لئه ھو جوکو ھو، ۽ ابليس لئه اوکو ھو
    ھٿان ھچارن موت انھيءَ جو، ديس سڄي سان دوکو ھو
    ھو چندن ول جيان چوکو ھو، ۽ سانگيئڙن لئه سوکو ھو
    ٻج ٻاجھارو، نينھن جي ناڙي، پيار ڀريو ھو پوکو ھو
    سنڌ ٻنيءَ کي ريج ڏيئي رت جو، سونا سونا سنگ ڪري ويو
    راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !


    ھن بسنت رُت جي برکا ڏسندي، پير ڀريندي پاتو ھو
    آزادي جي اک ڏسڻ لئه، اندر ھن جو آتو ھو
    ھر سڏ سنڌوءَ سان حاضر ناضر، کليل ھن جو کاتو ھو
    ھن پيچ ڪو پختو پاتو ھو، ۽ نينھن ڀريو تنھن ناتو ھو
    ھو ڏاڍ ڏمر ڏھڪاءُ کي ڏاري، جيئڻ جبر جو تنگ ڪري ويو
    راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !

    ڇانوڻين ۾ ڇرڪ پيا ٿي، راھوءَ نالي ڪيڏو راز
    تنھنجو نالو ھو ڄڻ ڀالو، دشمن ديس مٿان شھباز
    سنڌ وطن جي سانگي ھر ھڪ، ننڍي وڏي جو تنھن تي ناز
    چُرندا رھندا ٻُرندا رھندا، سُرندا رھندا، تنھنجا ساز
    آگم، آگم ويس وسڻ جا، اُڀ ۾ ڪئين آڙنگ ڪري ويو
    راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !

    ھو آجائيءَ لئه آيو ھو، ۽ سنڌوءَ جو سرمايو ھو
    ھن قوم جو ڪيڏو بار ڳرو ڏس، پنھنجي سِر تي چايو ھو
    ھن ڏينھن تتي ۾ ڏونگر ڏوري، ڏک کان بُت به بچايو ھو
    ھن قوم جي ڪارڻ قيد ڪٽيا منجھه، جيلن پاڻ جلايو ھو
    پرکا پرکيءَ جي ھن پِڙ ۾، پوريون ڏس پاونگ ڪري ويو
    راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !

    ھن نارا ھڻي جڳ جاڳ ڏني، ۽ عمر سڄي اھا آڳ ڏني
    ھن ديس وندن کي دڳ ڏَسي، ھئي ويڙھيچن کي واڳ ڏني
    ھن ھاڻن ھٿ مان کسي دسي، ميھارن کي ماڳ ڏني
    سنڌ سڄيءَ ۾ فاضل، منشي، سانگين لئه سارنگ ڪري ويو
    راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !

    25.2.1988










    غزل

    غزل

    راھُو جو رُوح پيو پُوڪاري، ھتي جي ھيڻن ھارين کي
    پُختائي پيغام مُڪائين، نِڌر نماڻين نارين کي

    حق حقيقي ھڪ ھڪ پنھنجو چوران چُڪائي وٺڻو آ
    ڇيھان ڇيھه به ڇڏڻو ناھي، ڌرتيءَ تي ھن ڌارين کي

    روڄ ۽ راڙو ٻڌندو پاڙو، ڪر نه اگھاڙو پاڻ کي پنھنجو
    الري اڀري اسري نِبري، چَٽ ڪري ڇڏ چارين کي

    وڻ وڻ کي پيو واءُ ٻڌائي، تيز تکا طوفان اچن پيا
    پاڙون قوم جون پُختيون آھن، جھونڪا ايندا ٽارين کي

    اڄ سڀاڻي سنڌ سياڻي، وَھنجي اُٿندي رت ۾ راڻي
    پرکا مُنشي پوندي پاڻھي، ڏيھه ڌڻي ۽ ڏوھارين کي


    28.01.1988






    باب ٽيون اوائلي عشقيه شاعري

    راز

    راز

    ڳالھائڻ تو ڳُڙ جون ڳڙيون سوين چُريا ڄڻ ساز ڪئين
    سانڍي رکيا سيني ۾ مون راڻل تنھنجا راز ڪئين

    عرض ڪريان ٿو اڳيان تنھنجي آزي يار نيازي
    پيار پنھنجي جي پارت پيارا دنيا دوکيبازي
    جھرڪيءَ وانگر جَھٽي نه وڃنئي ھتي ھلن پيا باز ڪئين

    ننڍي لاڪُر نينھن تنھنجي جون نس نس ۾ آھن ناڀُون
    تو بِن پيارا ائين پچان ڄڻ ٽانڊن تي آ ، آڀُون
    ساري حياتي سِر تي کڻندس نازڪ تنھنجا ناز ڪئين

    اجرڪ اوڍين ائين لڳين ٿي ڄڻ ڪنھن ڪاڪ جي مُومل
    نيڻ نشيلا ناحق ڪيڏا واٽ ويندن کي ڪن قتل
    سوين ته تو سوگھا ڪيا شاھ، گدا، شھباز ڪئين

    ڪينجھر ۾ ڄڻ ڪنول لڳين ٿي، ناز ۽ انداز ڪري
    راءِ ريجھائين رمزن ۾ نُوريءَ وارا نياز ڪري
    منشيءَ جو من موھي مَنڊيو، ڪري قريبا ڪاز ڪئين

    (1999ع)


    دل وڃائي ويٺاسون

    دل وڃائي ويٺاسون

    عشق اڌورو، پورُو سُورو، اسان بار برھ سِر ڌَرياسون
    ناحق نازڪ نينھن اڙائي، دل وڃائي ويٺاسون

    دل ڏنيسون، ڪجھه نه مليوسون، ڏک ڏٺاسون ڏاڍا
    قلب مٿان کڻي ڪات ڪھاڙا، جيئن ور ڏيو وڍين واڍا
    دردن اچي ديرو ڄمايو، اسان شوق شباب ڇڏياسون

    سودو ڪيم سمجھي سھانگو، پيو تن جو مُلھه مھانگو
    اديون البته عشق اڙانگو، نينھن برابر نانگو
    تار تکي کي سمجھي تانگھو، جيرا جوش جلاياسون

    جتي باھ ٻري، اھا جاءِ جلي، قدر ٻئي کي ڪھڙو
    سُور اسانجي جي سُڌ اسانکي، ٻيو ڀانئي مون جھڙو
    رُوح ڏٺوسين رِيجھه ڪرڻ لئه، ٻيڻا ڦڦڙ ڦٽاياسون

    منشي من جو محرم ايندو، روئڻ مان ڪجھه ڪين ڪي ٿيندو
    سدا خزان جو دؤر نه ھلندو، ڪڏھن ته بھار به کلندو
    آئي عجيب جي عيدون اينديون، گڏجي گھر گھر گھمنداسون

    (1949ع)


    اچڻ وارا ھئا جاني

    اچڻ وارا ھئا جاني

    الائي ڇو نه اڄ آيا، اچڻ وارا ھئا جاني
    اسان جي روح کي راحت، ڏيڻ وارا ھئا جاني

    اندر منھنجو عجيبن لئه، اداسي آ ٿيو عاجز
    سدا غمگين جا سڀ غم، ڪٽڻ وارا ھئا جاني

    وساريان ٿو نٿا وسرن ، وسارڻ خود ويو وسري
    فنا ٿيو حال فرقت ۾، پسڻ وارا ھئا جاني

    اچڻ وارن جا اڄ دل تان، ويھان ڪيئن آسرا لاھي
    اچي منھنجي اڱڻ تي اڄ، ٽِڪڻ وارا ھئا جاني

    متان منشي ڪرين ماتم، اچڻ وارا اجھي ايندا
    ڏيئي گوڏي سان گڏ گوڏو، ويھڻ وارا ھئا جاني

    10.10.1958ع


    منڊ مَ ڪر

    منڊ مَ ڪر

    اي مٺا محبوب مون سان، مڪر وارو مَنڊ مَ ڪر
    ڏيل ٿيو ڏک ۾ آ ٻرو، ڏوھ ڏسي تون ڏنڊمَ ڪر

    حال اڄ ھيڻو ڏسي تون، ھٿ مَ کڻ ھاءِ حبيب
    ڇيڙ ڇاڙن سان ڇڪي تون، ڇاڻ ڇيڙو ڇنڊمَ ڪر

    لوھ لکئي جا لنگھي، لالڻ ويندا لحظي اندر
    وِرھ جي واپار کي وچ، واٽ تي تون وَنڊمَ ڪر

    مون سِڪي سالن ڪنا تو، ساھ سان سانڍين سڄڻ
    ڪو زمانو قرب وارو، اڄ ڪنڊا ۽ ڪنڊمَ ڪر

    محب ڇڏ منشي سان ماڻا، اي مٺا ماھِ لقا
    روح مان ڪڍ رنج راڻا ، راز ۾ ڪو رَنڊمَ ڪر

    11.11.1956ع



    ڪھڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو

    ڪھڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو

    قريبا قرب وارن کي ڪُھڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو
    دوناليون دل مٿي دلبر چِٽڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو

    نه ڪر مھجور سان ماڻا، سوين دل سور ساماڻا
    رُسڻ جي ريت ڇڏ راڻا، رُسڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو

    جدا جاني رھڻ مان ڇا ڏٺو تو آ سڄڻ سائين
    پياسيءَ کان پري پيارا، رھڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو

    گھڙيءَ ۾ گھور سان گھائي، ڪري دلڙي ديواني وئين
    انھيءَ دل تي ته خنجر جي، وَھڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو

    مٺا منشي کي مارڻ مان، جي ماڙي ڪا ملي توکي
    ته ھڻ تلوار تون بيشڪ، الارڻ مان ڪين ڪجھه ٿيندو


    15.10.1958



    ھونھاري ٻي طرح

    ھونھاري ٻي طرح

    آئون نھاريان ٿي نماڻو، ھُو نھاري ٻي طرح
    آئون اچڻ جو ڏيان اشارو، ھو اشاري ٻي طرح

    شوخ نظرون، شرم شيڪو ۽ نٿو شدت ڇڏي
    آئون ڪري پريم پوڪاريان، ھو پوڪاري ٻي طرح

    عشق ۾ البيلو ٿي، اڻ پڇيو تنھن ڏي وڃان
    آءُ اُچاريان عشق خبرون، ھو اُچاري ٻي طرح

    روبرو سھڻو صنم، سامھون جڏھن ايندو اٿم
    آءٌ ڪريان ڪوشش بيھڻ جي، ھو بيھاري ٻي طرح

    دل ته منھنجي دام ۾ ۽ خيال ھن جو خام ۾
    ڪيو مرڻ منظور منشي پر ھو ماري ٻي طرح


    25.11.1967



    ٿيو آنو اثر ڪونھي

    ٿيو آنو اثر ڪونھي

    ڪُٺل دل جو قريبن وٽ، اڃان ٿيو ڪجھه قدر ڪونھي
    ملڻ ٿيندو نه ٿيندو سو، خدا ڄاڻي خبر ڪونھي

    سوين صدمان سڄڻ خاطر، سٺا مون سُور سيني ۾
    عجيبن جي اڃا دل ۾، ٿيو آنو اثر ڪونھي

    رقيبن سان رھاڻين ۾، رھي رلمل روزانو ٿو
    اسان لئه آسري وارو، عجيبن وٽ اکر ڪونھي

    مُڏي ڪاتيءَ سان پيو ماري، نه ڄاڻي قياس مان قاتل
    نجيبن جو نماڻن تي، نرم ھڪ ڏينھن نظر ڪونھي

    مٺا منشي جي محبت جو، مزو ھيڪر تون ماڻي ڏس
    ٻيا مجنا ڪُٽيءَ وارا، پيئڻ وارو زھر ڪونھي


    10.06.1958



    جل جاڳائيندڙ ڇا ٿيه

    جل جاڳائيندڙ ڇا ٿيه

    اي مٺا محبوب مونکان، منھن لڪائي ڇا ٿيئي
    سڪ اندر سھڻا سڄڻ، سينون سڪايئي ڇا ٿيئي

    منھن مقابل جي مٽين، محبوب منھنجي ڀَر ڪنا
    مون ڪئي ڪوشش بيھڻ جي، وک وڌايئي ڇا ٿيئي

    آءُ نھاريان ٿي نماڻو، تون نھارين ڇو نٿو
    جي وري واپس ٿيس، پٺ تي نھاريئي ڇا ٿيئي

    پالپڻ کان ٻنگ توسان، اڄ ڇني ڇاکان ڇڏيئي
    جان تي جيئري جدائي، جل جاڳائي ڇا ٿيئي

    محب منشي ساڻ ماڻا، ڪر نه راڻا ، ڇڏ رُسڻ
    وصل جا وعدا ڪري، دل تان وساريئي ڇا ٿيئي

    12.11.1949



    ويو دونھڙا دکائي

    ويو دونھڙا دکائي

    دکي دل تي دلبر ويو دونھڙا دکائي
    ڏيئي پيار پھرين ويو جيءَ جلائي

    ڪئي مون رحم جي کي درخواست دلبر
    پڙھي ھي پروڙي ڪھل ڪو مٿم ڪر
    مگر تنھن نه مڃيو ويو منھن ڦيرائي

    سُتل سک ۾ سنسار مون لاءِ ماتم
    برھ باھ ٻاري اڳي ائين نه ڄاتم
    ھنر ھو ته پنھنجا نوان نت ھلائي

    صبَا وڃ سڄڻ کي سڄي سُڌ سڻائي
    ڇڏيو جت اوھان اُت ڏيو ور واجھائي
    ويٺا ڇو اوھين اِت ڀلا سي ڀُلائي

    مٺا منشي محبت ۾ ماندو مدامي
    قبولي ڪڏھن کان جنھن اھنجي غلامي
    ايڏو ظلم ھاڻي نه ظالم جڳائي

    (13.9.1954ع)


    سانوڻ سيارا

    سانوڻ سيارا

    پائي پيچ وصل جا پيارا
    لنگھي سِڪ ۾ ويا سانوڻ پيارا

    اچ جلدي جيءَ جا جاني، ڪر محب مٺا مھرباني
    آھي دنيا فاني، لاھي دل تان غم غبارا

    سھڻا تنھنجي در جو ساقي، ٿيو مجھب ملاقاتي
    آھيان خاڪ جو پتلو خاڪي، ور جلدي جيءَ جيارا

    تڪيان راھون ڪڏھن تون ايندين، اچي گولو ساڻ گڏيندين
    مٺا محرم من جو ٿيندين، ڏيئي درد دوا ديدارا

    مٺا منشي ملڻ لئه ماندو، جنھن کي عشق اري ۾ آندو
    ناھي پل ته وِرھ کان واندو، ڏي قلب اچي قرارا

    17.06.1957



    لقاءُ آھي لڪڻ تنھنجو

    لقاءُ آھي لڪڻ تنھنجو

    اچڻ منھنجو وڃڻ تنھنجو، مرڻ منھنجو ، وڃڻ تنھنجو
    ستمگر ٿي ستم ڪر تون، پيو سھندس سڄڻ تنھنجو

    ڪري ڏس ڌيان تون دل ۾، ڪٿان ڪاھي اچان تو در
    بجاءِ ديدار جي دلبر، لقاءُ آھي لِڪڻ تنھنجو

    جلايم جان ۽ جيرا، پيا ڦڦرن اندر ڦيرا
    ڏسي ھر ھر ھلڻ تنھنجو، گھمڻ تنھنجو ڦِرڻ تنھنجو

    دوناليون ديد جون ڇوڙي، ڇڏيئي جيرا جگر ٽوڙي
    نه وڃ تون مُنھن موڙي، مٺا گھرجي ملڻ تنھنجو

    تنھنجي جلوي ڪيا جاني، لکين منشي فنا فاني
    قريبا جت ڪُسڻ منھنجو، جيبا اُت ھَسڻ تنھنجو


    28.11.1949



    قابو ڪيو تو ڪيس ۾

    قابو ڪيو تو ڪيس ۾

    دل ڦري تو دلربا، آيس جڏھن تو ديس ۾
    قرب جو پائي ڪمند، قابو ڪيو تو ڪيس ۾

    تون آھين شيشن ڌڻي، شنوائي تنھنجي مان ڀريان
    پر وڪالت وارو ناھي، آھيان ابتر ويس ۾

    رشوتي پئسو وٺي ويو، پاسو رقيبن جو ڪري
    ڇا ڪريان شاھد ڏيئي ويا، شاھديون ٻئي بيس ۾

    جج ۽ جُوري جاچ ڪيائون، ڪيس ٿيو ثابت سچو
    ڪيئون قلم جي ڪاروائي، ريس مان تن ريس ۾

    واھ ڪورٽ ڪاروائي، حُسن وارن جي ھتي
    ڪئين ڏنم زندان “منشي” قسم ساڳئي قيس ۾


    21.7.1949



    قدر ڪھڙو ڪھڙو

    قدر ڪھڙو ڪھڙو

    مُحبت جو توکي قدر ڪھڙو ڪھڙو
    تنھنجي دل پٿر تي اثر ڪھڙو ڪھڙو

    رقيبن سان رلمل رھين ھر گھڙي تون
    قريبن تي تنھنجو ڪڪر ڪھڙو ڪھڙو

    نوازيا تو نرمل ڪيئي نيش نيھي
    نرم تو نڌر تي نظر ڪھڙو ڪھڙو

    آيا اھل دل ڪئين تنھنجي عشق آتڻ
    بچي توکان سگھندو بشر ڪھڙو ڪھڙو

    لٽيا ڪاروان تو اميدن جا ڪيڏا
    اڃا وڌ انھيءَ کان حشر ڪھڙو ڪھڙو

    مري مست منشي محبت ۾ تو لئه
    سواءِ تنھنجي سھڻا صدر ڪھڙو ڪھڙو


    19.9.1958


    فسانو بند ٿيو

    فسانو بند ٿيو

    جنھن خزان جو خاتمو ڪيو، سو خزانو بند ٿيو
    جنھن بھاني ھو جياپو، سو بھانو بند ٿيو

    جن ھنڌن تي ھنجھه ھئا اُت ڪُوڪ اڄ ڪانگن ٻُڌان
    جو نشانو نازور جو، سو نشانو بند ٿيو

    آستائن تي اچڻ کان اڄ رقيبن روڪ ڪئي
    بي بھا گوھر اھو بس ٿي بيگانو بند ٿيو

    دلربا دلدار کي اڄ پڻ اکيون ساريو سڪن
    جنھن زماني گڏ رھياسون سو زمانو بند ٿيو

    دور ٿيو دلبر اکين کان دانھه ڪھڙي در ڏيان
    جنھن فڪر منشي کي موھيو سو فسانو بند ٿيو


    7.12.1959



    اھو ميزان مونکي ڪر

    اھو ميزان مونکي ڪر

    محبت ميم ۾ مولا، اھڙو مستان مونکي ڪر
    ھزارين لک دفعا ھن کان، اڃان حيران مونکي ڪر

    جدائي تي جدائي ڏي، جلي ھي جسم مون جنھن کان
    اڃان وڌ آءِ و زاري جو، عطا ارمان مونکي ڪر

    ڪري تلوار سان تجلا، جتي ڪن راند مون رانجھن
    مُھابي مير مُرسل جي، اھو ميدان مونکي ڪر

    حبيبن کي پوي حاجت، جتي صدقي يا اضحى جي
    اُتي قادر ڪسڻ جي ڪم، لئه قربان مونکي ڪر

    کڻي جت نازور نيزا، چٽين نشان نازن جا
    چوي منشي منھنجا مالڪ، اھو ميزان مونکي ڪر


    22.12.1962
    دڙو


    رمزون رنداني

    رمزون رنداني

    محبت ميم جي من مان، ٽَڪو ھڪڙو ٽُٽي ناھي
    ونگي وارن جي وچ ۾ جا، سا ڇرڪن سان ڇُٽي ناھي

    ڪوھن تي ڪوھ وڃن ڪٽجيو، ڪرڻ جي سي سواءِ ڪنھن جي
    اِھي سڀ سڪ سنديون سوچون، ڪُٽيل اڳيان ڪُٽي ناھي

    بھانن جا بندر ٺاھي، ٻڌان جھوڙا جھازن کي
    اھي رمزون رنداني سڀ، ڪا ماني گھر کٽي ناھي

    نه ڪو ھاري، زمينداري، نه ڪو آھيان ڪو واپاري
    صرف دلدار دلداري، ڪا ٻاجھر ڪا ڦٽي ناھي

    مقاطعفدار ٿيو منشي، مرڻ تائين ته محبن جو
    اھڙي ڪا رات ڪانھي ڪا، پرھ جنھن ۾ ڦُٽي ناھي


    22.12.1962



    بستري داخل

    بستري داخل

    بستري داخل ڏٺم بيمار جنھن بيمار ڪيو
    مون دنيا جي رنگ تي ڳولي سو پنھنجو يار ڪيو

    بي سبب بلبل نھاري باز کي آ ھٿ ڪيو
    دير ٿي دمسات جي طعام مون تيار ڪيو

    ديد جون ڇوڙي دوناليون صاف سيني تي سٽئين
    ناز جو نشان پھريون جيڪو جگر مان پار ڪيو

    شوق اھڙي مان سدائين ڪن شھزادا ٿا شڪار
    جت ڪُٺو سو اُت ڇٽو ري تبر تلوار ڪيو

    مست منشي تو سواءِ ٻيا ويا ڪُسي اُت ڪئين ڪروڙ
    ڪنھن نه ڪنبدي ات چپن مان چُسڪ ۽ چوڪار ڪيو


    12.5.1960



    انار کان آھي لذيذ

    انار کان آھي لذيذ

    رُوءِ روشن يار جو گلزار کان آھي لذيذ
    ھو چنبيلي، موتئي اَنار کان آھي لذيذ

    ڇا گلابي گل ھجي گونٽو کڻي گرنار جو
    سونھن ۾ سوسن سندي سينگار کان آھي لذيذ

    گلبدن جي گفتفگو ۾ ڇا مٺو آھي مجاز
    چپ چُريا بس ڪونج جي ڪڻڪار کان آھي لذيذ

    بت بلوري برق بجلي کي نه طاقت سان عجيب
    جا بجاءِ جنت سندي جنسار کان آھي لذيذ

    دوست جي ديدار ڪيا دانا ديوانا لک ھزار
    دنگ دنيا ۾ ڏٺم ھر بار کان آھي لذيذ

    ماٺ ڪر منشي ثنا ڪاتب ڪندي قاصر ٿيا
    ھڪ پدم پرينَ سندو سنسار کان آھي لذيذ


    2.5.1960
    اولڊ گنج بحر


    محبت لذيذ

    محبت لذيذ

    لڳي يار سھڻي جي صحبت لذيذ
    مٺي آھي ماکيءَ کان محبت لذيذ

    نه مصري، مٺائي نه ميوو، انگور
    لبن جي لڳي تي لطافت لذيذ

    شَڪر شير، شربت کان شيرين اندر
    عجيبن جي آھي ته عادت لذيذ

    سوين لک سھڻا پيا سينگار ڪن
    حبيبن جي غربت ۾ حالت لذيذ

    مدامي محبن ساڻ منشي ھجي
    ته جنت کان وڌ روح کي راحت لذيذ


    2.9.1960
    گنج بحر


    وعدو وفا جو

    وعدو وفا جو

    ڏاڍو لذيذ آھي ، غم يار دلربا جو
    محبوب دل جي دلبر، دلدار دل صفا جو

    جيئن جيئن جدائي صدمان، تيئن تيئن مزو مدامي
    جيءَ ۾ جشن ٿو سمجھان، جاني سندي جفا جو

    تصوير تنھن سڄڻ جي، اوڏي سدا اکين کي
    ٻيو دور آھي دل کان، دولاپ سڀ دنيا جو

    مون ساڻ عشق منھنجو ، قادر ڪيو جي قائم
    پرواھ ڪابه ناھي، وعدو مليو وفا جو

    منشي مزو محبت، ماڻيو جو آھي مخفي
    بيشڪ شھد، شڪر کان، وڌ آ قسم خدا جو


    7.1.1962
    گولاڙچي چڪ نمبر 2


    وصل وارو ورائي ڏس

    وصل وارو ورائي ڏس

    اسان سان پرت جو پختو، پيارا پيچ پائي ڏس
    سڙيل دل سان سڄڻ سھڻا، سينو پنھنجو تون ساھي ڏس

    جدا توکان جيئڻ جاني، آھي جنجال ھن جيءَ کي
    وڇوڙي جون ڇڏي واٽون، وصل وارو ورائي ڏس

    قريبا ڪر قدر ڪو تون، ڪُٺل دل ٿي ڪري ڪيھون
    برھ جي باھ پئي ڀڙڪي، اچي ان کي اُجھائي ڏس

    ھلي دلبر تو آيس در، ڇڏي ڇاکان وئين تون گھر
    ظلم ايڏو ڇڏي ظالم، اسان سان لئون لڳائي ڏس

    مٺا محبوب منشي کي، تو ماڻن سان ڇڏيو ماري
    سوين لک سُور ٿيا سامھان، پَتي تن مان ورھائي ڏس


    11.4.1961
    نودو ٻارڻ


    ڪُھندو وڃي

    ڪُھندو وڃي

    ڏس قدم ڪھڙي طرح ھُو خار مان کڻندو وڃي
    تير چشمن جا چِٽي، ھينئڙي اندر ھڻندو وڃي

    قياس مان ڪجھه ڪين ڄاڻي، رحم جو ناھي رواج
    ڪان سو قاتل کڻي، قابل ته ڪيئن ڪُھندو وڃي

    ناز جا نيزا وٽس ۽ ٻيا ڀرُون ڀالا کڻي
    جيئن اچي مارڻ لئه مون ڏي، تيئن وري وڻندو وڃي

    حال دل جو مون حبيبن، جي اڳيان جو پيش ڪيو
    سو سڄو بيڪار ويو، ڪئين سنگدل سڻندو وڃي

    مست منشي ساڻ مولا، ھڪ دفعو مرڪي ملاءِ
    جنھن جدائي منجھه جاني، سوز دل سڙندو وڃي


    13.4.1961
    نودو ٻارڻ


    خاص خاص

    خاص خاص

    خوبصورت خواب ۾، خبرون ٻڌايون خاص خاص
    سي سلڻ جھڙيون نه جي، سھڻي سڻايون خاص خاص

    چپ چپن تي چار ٿيا، چُڻ ڀُڻ چڱي چوري چپن
    سي مِٺيون ماکيءَ ڪنا، ٿيون وات وايو خاص خاص

    حرف ھر ھڪ ھو حبيبن، جو مثل مرجان جي
    محب مونکي ٿي ڏنيون، ور ڏيئي واڌايون خاص خاص

    راڳ ھليو رات ساري، روپ رنگين رمز ۾
    جام ميڙيا جام جاني، مئي مٺايون خاص خاص

    مست منشي کي ڪري خود، مست ٿي موٽيو پرين
    ڪيون قريبن قرب واريون، ڪاروايون خاص خاص


    20.2.1962



    خط خطن تي

    خط خطن تي

    خط لکيا مون خط خطن تي، خط نه لکيو يار خط
    ھي به تن سان گڏ لکان ٿو، روئي زارو زار خط

    راز دل جو روبرو جيڪر نٿا ڏيو جاز وَر
    ھن برھ بيمار کي لاچار لک ھڪوار خط

    جي اوھانکي وقت واندائي نه آھي ايترو
    مھرباني سان لکو بس ڪي اکر ٽي چار خط

    جو جدائي ۾ جَلي جيئري جنازو ٿي ويو
    تنھن سڪايل کي لکو سڪرات ۾ سرڪار خط

    ڇا لکان ليکو لکڻ کان آ لنبو لاشڪ گھڻو
    سوز جي ساڙيل کي سھڻا صرف ڏيو سڌ سار خط

    مِڙ مدايون مُحب مون ڏي ڪر مٺا مونکي معاف
    پاڻ تون پنھنجو سڃاڻي لک پرين ھن پار خط

    تنھنجي محبت جو قسم ھي خون دل جو اڄ ڪڍي
    ترت تنھنجي لاءِ مون تازو ڪيو تيار خط

    تو ڪيا بيمار خود بيمار ھڪ بيمار ڪئين
    پوءِ برھ جي بيمار کي بيمار لک بيمار خط

    جا دکايل دل ڪري ٿي دانھون تنھنجي درد ۾
    تنھن ته دلبر دل ڏُکيءَ کي دوست لک دلدار خط

    حال ٿيا ھيڻا ھجر ۾ ڪل نه آندي ڪنھن وري
    ڪنھن ڪبوتر ڪانگ يا قاصد نه آندو ڪار خط

    جيئن ولر کان ڪونج وڇڙي ۽ روئي ريھون ڪري
    تيئن روئان مان رات ڏينھن ٿو من ملي منٺار خط

    ماٺ ڪر منشي تون مخفي مام رک من ۾ مُدام
    اڄ صُباح ايندا سگھا سڄڻن ليکا پنج چار خط


    28.2.1962
    رمضان المبارڪ – مولچند ٻيلو


    دوست در ايندا اجھي

    دوست در ايندا اجھي

    دل نه ڪر دردن کان دانھون، دوست در ايندا اجھي
    پيا وڇوڙا جي ورھن جا، سي وري ويندا اجھي

    ڪالھه آندو کان قريبن، ڪانگ ڪاغذ قرب جو
    ٿاڪ ٿر ٿاڻا ڪندا، ٿورا ٿڪين ٿيندا اجھي

    اڄ عجيبن جي اچڻ لئه، آئون اجاريان ٿو اڱڻ
    ڏيھه ڏِس ڏسيون ته ڏوري، ڏڍ ڏکي ڏيندا اجھي

    جنھن جي ڪارڻ مون جلايا، جيءَ جگر جيرا جسم
    سي نماڻي کي نوازي، نازور نيندا اجھي

    محب جي، مھمان ايندا، تن لئه منشي ماس ڪور
    خوبصورت کِل خوشيءَ مان، کاڄ سي کيندا اجھي


    30.01.1962



    مفت مان ويندس مري

    مفت مان ويندس مري

    دل دکيءَ کي دلربا ڏي، ڪو دلاسو دلبري
    تنھنجي محبت ۾ مٺا نه ته، مفت مان ويندس مري

    عشق تنھنجي ۾ عجيبا، آگ اڌمي ٿي اندر
    ڏيو ڏکايل کي دوا، ديدار جي کولي دري

    پاڻ غرضو ٿي پرين، پاسو نه ڪر پينار کان
    ور ڇڏي واٽن مٿان، ويجھا اچو واپس وري

    ناز جي نيزن سنديون، نوڪون ھڻي ڪيئي ناتوان
    چھڪ چشمن جا ڏيئي، چيري ڪئي تو دل چري

    محب من ماڻا ڇڏي، منشي سان ڪر ڪا مھتري
    روڄ جون راھون ڇڏائي، ڪر رُلين سان رھبري


    11.8.1962
    ھيرڻ جاگير


    چمن دل جو ٿيو چِڪ چِڪ

    چمن دل جو ٿيو چِڪ چِڪ

    صنم سھڻا سندم سائين، ستائي تنھنجي سِڪ سِڪ سِڪ
    ڀري پيرا پرين پيارا، پياريو پرت پِڪ پِڪ پِڪ

    نماڻن نينھن وارن کي، نوازيو نازور ھيڪر
    چلڻ چارا چُڪي ويئڙا، چمن دل جو ٿيو چِڪ چِڪ چِڪ

    ڪشالا ڪئين ڪري دلبر، اچان ديدار ڪئه تو در
    ڪري لائق لڳائي لئون، ليئا پائي نه لِڪ لِڪ لِڪ

    سڙي کامي ٿيو آ سوز ۾، سينو سڄو سَل سَل سَل
    عجيبا عرض اونايو، تون آخر ۾ ھي ھڪ ھڪ ھڪ

    مُدت کان تو ڪيو مجبور، آ منشي کي محبت ۾
    اچي تنھن جي اڱڻ ھيڪر، ڪنھن ٽَل سان تون نه ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ


    1.1.1962
    گولارچي چڪ نمبر 2


    داغ دل تي ٿيا نوان

    داغ دل تي ٿيا نوان

    تنھنجي محبت ۾ مٺا اڄ، داغ دل تي ٿيا نوان
    اچ اچڻ جي مھل آھي ، ٿو وڃي ھي ڪاروان

    بي سبب بيمار آھي، تو بنايو پاڻ کي
    ھت دوا تو لئه رکي آ، چاھ ڏاڍي مان چوان

    ھت خميرا خوب خاڪا، ٻيا مڙيئي معجون مفت
    سڪ اندر تنھنجي سڄڻ ٿيا، سور سيني تي سنوان

    شعر لکندي شوق تنھنجي، منجھه شاعر ٿي ويس
    ناز جا نيزا ھڻي، نازڪ نه ڪر تون ناتوان

    مون مُٺل منشي مٿي ڪر قرب وارا ڪجھه قياس
    آب اکين مان آ جاري، اَشڪباري آ روان


    15.12.1961
    ٽنڊو محمد خان


    لابارا لھي ويا

    لابارا لھي ويا

    لڙيو ڪونه لالڻ لابارا لھي ويا
    وجھي ٻنگ ٻيا اڄ ٻھاري ٻئي ويا

    ڪري ڪيتريون ڪوششون ۽ ڪشالا
    ھڻي ھٿ ڪئي مون جا موتين جي مالا
    سمجھدار سمجھي ڏنيسون سنڀالا
    نشا پي رکيا تن نمونا نرالا
    ڪھڻ لاءِ اسان جي کڻي ڪات ڀالا
    ٺڪائن ٺلن تي ٺڳن سان ٺھي ويا

    اڃا بخت مس مس ھو بيدار ٿيئڙو
    ته ھوشيار ھڪدم ھو اغيار ٿيئڙو
    جنھن کي يار سمجھيم سو بيزار ٿيئڙو
    جنھن جي پرھ ۾ بت بيڪار ٿيئڙو
    دکي دل کان دلبر ڌڪي ڌار ٿيئڙو
    وٺي ھو ستمگر سڄڻ کان صحي ويا

    ڌُريائين جي ڌاريان رھن ڪيئن سي رت
    ٺھي ڪيئن ٺڳن ساڻ ڀائيوارو ڀت
    مڙيئي ٿي ويا موڳا منجھي وين مت
    ڪٿي ڪارپت سي ڪري ويا ڪپت
    سمورو اسانجي ھو سيني جو ست
    ڪري ھٿ ھميشه لئه قاتل ڪُھي ويا

    ڪٽيم ڪاڻ جنھن جي عمر انتظاري
    سوين سُور صدمان برھ بيقراري
    ڪرم سان قريبن گھڙي وصل واري
    ته آيا اتي اوچتو چار چاري
    ڪري ھُل چيائون ھماري تمھاري
    ارادا اسان جا اڌورا رھي ويا

    نه مَڙ موت کان مُور منشي مدامي
    ڪَٺي ٿي قريبن سان ڪر تون ڪلامي
    ڪندين تيستائين تون غيرن غلامي
    سھي سور سختيون ٿي سھڻن سلامي
    گروڙي جا گفتا ۽ ڪر يا جامي
    ڀٽائي ۽ بيڪس ھو ڇاڇا چئي ويا


    12.10.1962
    بزم مشاعره دڙو


    واپار جو ڪيو مون

    واپار جو ڪيو مون

    واپار جو ڪيو مون، سو دل کان دور ڪونھي
    گھاٽي يا فائدي ۾، ڪنھن جو ضرور ڪونھي

    جاءِ چڱي مون جوڙي، کولي ڇڏيم ٽجوري
    بازار جي ٿي وئي موڙي، تنھن جو ته سُور ڪونھي

    اوڌر ڪيم الاھي، پئيسو رکيم نه پائي
    سڀ ويا وچان سا کائي، حاڪم حضور ڪونھي

    پنھنجا ڪنھن سانگ سانگي، آيا اتي اورانگي
    سمجھيا مون پاڻ وانگي، پر اکين ۾ نور ڪونھي

    واپار مُٺ جيئن وارِي ، سا ڪانه مون سنڀاري
    پنھنجن کي مون سيکاري، سمجھيم قصور ڪونھي

    جا ڪمپني بنايم، آڏو ڦري سا آيم
    ھڪ ڏينھن نمي نھاريم، آسڻ مزور ڪونھي

    ايڪھٺ سال ٿيو پورو، منشي ڪيم مشورو
    ويو فائدو سمورو، مرڳوئي مُور ڪونھي


    12.1.1962
    حيدرآباد سنڌ


    ڪراچي جو نظارو

    ڪراچي جو نظارو

    ڦيريم نظر، پيئي خبر، ساري صدر، آ بي قدر
    پتلي ڪمر، ھڻندي ٽڪر، ھوندو مگر، سارو مڪر

    ٽيڊي گرل، سينا ڀريل، آھن اصل، سڀيئي کريل
    ٺاھيو ولر، نڪريو ٻھر، ڪن سي قھر، شام و سحر

    ابروعجيب، ٻيا لال لب، ڪن روز شب، ڪيڏا غضب
    سي باخبر ۽ بي فڪر، ڏيو سي چڪر، ڦٽين جگر

    ننگا جسم، ٻيا ڪئين قسم، بس بي حيا ۽ بي شرم
    آچر ڇنڇر، سارو شھر، ايندو نظر، ھوا بندر

    پاڪ آستان، واھ مسلمان، منشي چوي، ڪرڪو ڌيان
    اڳيان بشر، ايندو حشر، پڇندو اتي خالق خبر


    9.6.1963
    ڪراچي


    تنھن دلدار ڇا چئجي

    تنھن دلدار ڇا چئجي

    ڪيو بيمار، جنھن بيمار، تنھن بيمار ڇا چئجي
    ڏيئي جو پيار، ٿي ويو ڌار، تنھن دلدار ڇا چئجي

    محب ماري، ٿو خوش گھاري، ۽ منھن ٽاري نه ڏيکاري
    ھلان حجت، ڪري نفرت، ڀلا پوءِ يار ڇا چئجي

    گھٽي گھر وٽ ، بيھي ڀر وٽ، اچي در وٽ ڪيم دانھون
    سُڻي دانھون، ھڻي ٻانھون، ٿيو پاھون ، پار ڇا چئجي

    ڇڏي مجبور ، ٿي ويو دور، ٻيا مون پور، اُن پِڙ تي
    ايڏو سرڪار، جو ھر بار، آھي خار ڇا چئجي

    تن ۾ تار، تنھن سرڪار، جي ھروار منشي کي
    انھن جو آر، ٿيو ٻئي پار، بس لاچار ڇا چئجي


    14.3.1962
    دڙو


    ميدان مون لئه ڄڻ مقام

    ميدان مون لئه ڄڻ مقام

    يار اڄ ڪنھن خار کان، درڪا ڪئي کيڪار بند
    ڪار بند، وھنوار بند، ۽ چار بند، گفتار بند

    ھٽ مڙيئي ھٽ ٽاڙ ھئا، چوڏس چڱي مون ڪئي چڪاس
    دار بند، چوڪار بند واپار بند، بازار بند

    جنھن چمن ۾ چؤطرف، چُون چُون چڱي چِيھن سندي
    سو چمن چوڌار بند، چمڪار بند، چينگھار بند

    مون ڏٺو سڀ ملڪ ھو، ميدان مون لئه ڄڻ مقام
    آر بند، سڌسار بند، ٻيو ڌار بند، ديدار بند

    مُنھن ڪري منشي اٿي، منزل ڏي موٽيو ڇا ڪري
    يار بند، ڪيو يار بند، دلدار بند ، منٺار بند


    20.2.1962



    بتي، بوڪ پين سان جھيڙو

    بتي، بوڪ پين سان جھيڙو

    رھيو آ روح کي باقي، بَتي بُوڪ پين سان جھيڙو
    سراسر آھي سيباڻو، صنم جي سين سان جھيڙو

    گذاريان ڏينھن ڏکن ۾، ۽ روئڻ لئه رات ڪافي آ
    لکڻ سان لُڙڪ ڪن لارون، لڳائي لين سان جھيڙو

    سمھڻ سان سُور ڪن سنگھرون، ستائي سار ساجن جي
    اکين جو ٿي پوي آرام، ۽ ٻيو چين سان جھيڙو

    نياپو ننڊ جو جيڪر، کڻي آئي اوٻاسي ڪا
    اُڀا نشتر عجيبن جا، نوان ڪن نين سان جھيڙو

    رھي مذڪور منشي کي، مدامي محب جو من تي
    سنجھي کان آ صُبوح تائين رھيو بس رين سان جھيڙو


    3.5.1962



    ھُت درڪار ھيرن جي

    ھُت درڪار ھيرن جي

    س س: لکي لولي، ٻڌي ٻولي، ٿيان گولي، گھگيرن جي
    ج – م: اھا ٽولي، ھڻي گولي، ڇني ڇولي ، ڇڳيرن جي

    س س: سنڀاري مينھن، وارا ڏينھن، نِئي ٿو نينھن، ڪريان ڪيئن
    ج م: سُڪائي رت، اھائي گت، وڃائي مت، مٿيرن جي

    س س : ھتي بادل، ڪئي ٿاڌل، ھِتي ڦاٿل، پيو ڦٿڪي
    ج م: اول الفت، پوءِ ڪفلت، اھا عادت، اميرن جي

    س س: ٻڌي ٻولون، جھلي جھولون ھُتي گولون، ته گڏ چونڊيم
    ج م: وٺي ويا ڀر، اھي دلبر، ادا اڪثر، وڏيرن جي

    س س: سپاھي ساڻ، ڇڏ ڇڪتاڻ، جيءَ جنھاڻ، ۾ ناھي
    ج م: نه منشي مار، تون سرڪار ھُت درڪار ھيرن جي
    سوال سپاھي، جواب منشي


    17.8.1962


    جيءَ نه گڏ جنجال سان

    جيءَ نه گڏ جنجال سان

    س¬ م : خط نه لکيو خوبصورت ، خاص ڪھڙي خيال سان
    ج – س : مست تنھنجي مُحب کي، آھي محبت مال سان

    س – م: ڇو قريبن جي ڪرين ٿو، مون ڪُٺل مھندان ڪوار
    ج س: توجھا تابان ڪيا ھن، ترڪ ھڪڙي تال سان

    س – م: سِر ويو، صدقي ٿيو، سھڻي سڄڻ ساجن مٿان
    ج – س: عشق ناھي راند ڪرڻي، برھ وارا بال سان

    س – م: ابتدا کان عھد منھنجو، آھي البته سان عجيب
    ج س: ھن ڇڏيا واعدا وساري، ڇُوٽ پھريين ڇال سان

    س – م: ھُو وساري ، مر وساري، مون نه وسري مُور مور
    ج – س: ھُو سنڀاري سڻڀ سيرو، تون ھڻين دم دال سان

    س – م: بس مرڻ تائين ڪندو، منشي ته ماتم محب لئه
    ج – س: ڪر سپاھي جيئن صبر، جيءَ نه گڏ جنجال سان


    اچڻي بھار آھي

    اچڻي بھار آھي

    س م: منظر اداس آھي، دل بيقرار آھي
    ج س: مايوس ٿي نه بلڪل، اچڻي بھار آھي

    س م: دائم دکائي دل کي، دردن ڪيو ته ديرو
    ج – س : اِنَ مَعَ العُسرِ يُسرا، جوڙيو جبار آھي

    س – م : ميخون ھڻي جي مخفي، ماري ويا نه موٽيا
    ج – س : ايندا اڱڻ اھي اڄ، جن انتظار آھي

    س – م: سالن ڪنا ته سڪندي، صدمان سوين سٺا مون
    ج – س : ويندا لھي وڇوڙا، غم ڏينھن ٻه چار آھي

    س م : مون لک لکيا لفافا، لالڻ لکيو نه ھڪڙو
    ج – س : ارمان ڪر نه اُن تي، ھُو بي ميار آھي

    س – م: منشي مڃي مڙيئي، مُحبن ميار مون ڏي
    ج – س : صابر ٿي چئي سپاھي ، صاحب ستار آھي
    ميم ماريا معتبر
    س – س : ميم جو ڪر ماتم مخفي، اي ميان مذڪور ميم
    ج – م : ميم مان محبت ملي پر، ٿي ڪري مجبور مير

    س – س : مست ٿيا ان ميم ۾، مانجھي متارا ۽ مٿير
    ج – م : ميم مالا ڪيا، ڪي ڪي ڪيا مھجور ميم

    س – س : ميم سان مليو ٿيون جن، سي مدامي موج ۾
    ج – م : ميم کان جن منھن مٽيو، تن کي ڪيو مقھور مير

    س – س : ميم جي ميدان ۾ ، ڪي موھيل مشتاق ڏس
    ج – م : ميم ماريا معتبر ۽ ميم ڪيا معذور ميم

    س – س: ميم ڪيا ڪي ملڪ والي، ڪي سپاھي ميم ۾
    ج – م: ميم ۾ “منشي” مري شل ، جيئن مُئو منصور ميم


    15.10.1962
    سوال سپاھي، جواب منشي


    دادلا تون داد ڪر

    دادلا تون داد ڪر

    جو چيو تو سو چوڻ، تنھنجو ذرا تون ياد ڪر
    دل ڏني آ دانھه توکي، دادلا تون داد ڪر

    تو وساريو مون نه وسريو ، آ وفا جو واعدو
    قول جي قالو بلى جا، سي نه تون برباد ڪر

    پرت جا پيوند پائي، تو ڪيو پنھنجو پرين
    ڇڏ جدائي ھاڻ جاني، ڪين دل ناشاد ڪر

    جنھن سال ڪئين صدمان سٺا، تنھن کان صبر ھاڻي ويو
    مھر سان محبوب تنھن، ھيڪر اچي آباد ڪيو

    تنھنجي محبت ۾ سدا، منشي مري ماندو مٺا
    بس سڙيل دل سوز وارن، کي اچي تون آباد ڪر


    1962ع



    مام مارڻ جو

    مام مارڻ جو

    نه پُڇ مونکان سبب سھڻا، اکين مان آب ھارڻ جو
    متان مجرم ٿئين تون ئي، منھنجي روح کي روئارڻ جو

    حقيقت حال منھنجي جي، مڙيئي معلوم تو آھي
    ٻڌائي ڇا ٻڌايان، تو ائين غمگين گھارڻ جو

    سوين صدمان سھي سر تي، بنايو حال مون ھھڙو
    اڃان تنھنجي مٺا من جو، ٿو ڏسجي مام مارڻ جو

    سُڪون پاتم جي سپني ۾، تنھنجي محبت جي محفل مان
    اسم ڏيئي اجنبي مونکي، ڌرم ڌاريئي ڌڪارڻ جو

    مرڻ جھڙو ٿيو منشي، اسير عشق ۾ عاجز
    مگر احساس تو دل ۾، نه ٿيو نرمل نھارڻ جو


    28.12.1962



    نر ڦري ناري ٿيو

    نر ڦري ناري ٿيو

    بيقراري جي بدن تي، بار اڄ ڀاري ٿيو
    ڀرت پنھنجن مان وئي، اکين مان جر جاري ٿيو

    بي سبب بھتان آيا، ھڪ ٻه ٽي ھڪٻئي پٺيان
    ڏک انھيءَ ۾ ڏيل تي، ور ڏيئي وجد طاري ٿيو

    رات ڏينھن جن سان رھاڻيون، سي روحاني ٿيا رقيب
    سوز انھيءَ کان سڙي، سارو جگر واري ٿيو

    ناز دل جا راز دل جا، خاڪ خوشيون ٿيون ختم
    ملڪ سڀ ميدان مون لئه، ۽ زمان زاري ٿيو

    ھڪ مونجھارا ميم جا، من تي مدامي مچ مچن
    چوٽ سِر تي سُور چوڻا، ملڪ سڀ ماري ٿيو

    جو سھارو مون ٿي سمجھيو، سو سراسر سُور ٿيو
    بي گناه بھتان ڏيئي، نر ڦري ناري ٿيو

    مُڙ نه منشي مشڪلاتن، منھن ڏيڻ مردن جو ڪم
    آسرو الله تي رک، جو بي بھا باري ٿيو


    15.2.1962
    8 رمضان المبارڪ


    وڃي ويٺو وڏيرن ۾

    وڃي ويٺو وڏيرن ۾

    جدا جيئري ٿيو جاني، جاڳائي جوش جيرن ۾
    غريبن کي ڇڏي غم ۾، وڃي ويٺو وڏيرن ۾

    نمي ويو نقد ناڻي تي، نشانبر نازور منھنجو
    ڏسي بنگلا ۽ بازاريون، رکيائين دل کي ديرن ۾

    اسان وٽ رَب رُکي حاضر، حناني بند ھُت حلوا
    کٽي بيضن وڃي بازي، نشو رکيل ھو نيرن ۾

    اسان وٽ بافتو مشڪل، ھُتي ھو بوسڪي بخمل
    ھُتي ڌوٻي ڌوئن ڪپڙا، اسين صابڻ جي سورن ۾

    اجايو مست ٿي منشي نه شڪوه ڪر شريفن جي
    وڏي ڪنھن ھُو ڦندي ويئڙا، ڦيرائي تنھن کي ڦيرن ۾


    25.12.1961



    ڀلا ناڻو آ نَر نَر

    ڀلا ناڻو آ نَر نَر

    سڀن کان ذات زورا ور ، زماني ۾ آ زر زر زر
    ھجي پيسو ته ڀر کيسو، فڪر ٻيو ڪين ڪر ڪر ڪر

    عجيبن عشق منھنجي جو، قدر ڪوڏي قدر نا ڪيو
    چڙھي ويو ور وڏيرن جي وجھي ويٺو ھُو ور ور ور

    اسان ناحق جگر جيرا، جلايا جانين جي لئه
    مگر اغيار سان گڏ ھُو، گھمي ٿو روز گھر گھر گھر

    مون جنھن کي باوفا سمجھيو، سو سھڻو بيوفا نڪتو
    نمي ويو نيش نوٽن تي، ڀلا ناڻو آ نَر نَر نَر

    چيو مون حرف حرف چپ چوري، ته وعدا ياد ڪر پنھنجا
    چيو دلبر دعا ڪريو، جھلي درگاھ جو در در در

    غريبيءَ جي مرض منشي، اندر توکان سوين سھڻا
    ڪُسي ڪيمون ٿيا قابل، نه ڀلجي وٺ تون ڀر ڀر ڀر


    25.12.1961 گولارچي چڪ نمبر 2


    بنا زر جي نه ڪر بانور

    بنا زر جي نه ڪر بانور

    دڙي خاطر دِڙي تي تون، دڙيو بيٺو ته دڙ دڙ دڙ
    سڄڻ ويو سون تي سِرڪي، سڙيو ويٺو تون سڙ سڙ سڙ

    وڪامي پئي وفاداري، دنيا دولاپ آ ساري
    اجايو روح پنھنجي کي، روئاريو پيو تن رَڙ رَڙ رَڙ

    بنا زر جي نه ڪر بانور، محبت ناھي ماڻھن ۾
    وجد ۾ ڇو اچي ڪنھن جو، وڃائين ويٺو وڙ وڙ وڙ

    تون پنھنجي پيٽ ۾ مشڪل، نه اٿيئي پان جو پئسو
    ھُتي گھُرجي حجت لاءِ، ھزارن جي ٿي ھڙ ھڙ ھڙ

    متان منشي ڪرين ڪنھن جي، اجائي تون گلا غيبت
    خدا کي ياد ڪر ھڪدم، لڳائي ڇو تو لڙ لڙ لڙ


    7.1.1962 گولارچي



    لکئي جا ليک

    لکئي جا ليک

    منھنجو محبوب اڄ زر تي، وڪامي ويو، وڪامي ويو
    پکي پاليم سو پڃري مان، اڏامي ويو، اڏامي ويو

    سوين صدمان سھي سر تي، جو سانڍيم ساھ سان سھڻو
    مٽي محبوب مُنھن مونکان، مدامي ويو، مُدامي ويو

    دلالن دعوتون ڏيئي، پرين پنھنجو بنائي ويا
    دُکايم دِيپ جو دل ۾، اجھامي ويو، اجھامي ويو

    نه ٿي ڄاتم ته ڪي پنھنجا ، پرايا ٿي پرين نيندا
    اسان جو درد اڄ ٻيڻو، اُڀامي ويو، اُڀامي ويو

    لِکئي جا ليک سڀ منشي، سبق سُورن جا سِک سِک سِک
    جو اُڀريو سو وري آخر، وِھامي ويو ، وِھامي ويو


    6.1.1962
    گولاڙچي


    آھن جو اثر ٿيندو

    آھن جو اثر ٿيندو

    روئڻ نارائگان ويندو، محبت جو قدر ٿيندو
    اسانجي درد جو شاھد، ڪتي تارو قمر ٿيندو

    خدا در دير آھي پر، اصل انڌير ڪانھي ڪا
    يقين سان ٿو چوان ھڪ ڏينھن، آھُن جو اثر ٿيندو

    ڪشالن، ڪوششن، صدمن، روئي راتين وھائڻ جو
    ته شاھد شوق مان ھر ھڪ، پيڃاري جو پٿر ٿيندو

    جَلڻ کامڻ پَچڻ پَر ۾، اسان آھي بچايو ايئن
    قيامت ۾ جيئن ڪافر لئه، برو برپا حشر ٿيندو

    مُڙڻ منشي جو ڪم ناھي، صفا سچ جنھن چيو آھي
    اسان ئي نينھن وارن تي، نرم نرمل نظر ٿيندو


    11.1.1962
    حيدرآباد سنڌ


    واڪن تي واڪ

    واڪن تي واڪ

    محبت اسان کي بنايو آ پاڪ
    ھڻي ھاڻ سگھندو نه دشمن ٻٽاڪ

    مونجھارا مڙيئي من مٿان ميم لاٿا
    ڪِريا قلف قلبئون کُليا تَن جا طاق

    سوين سُور صدمان سھي سر مٿي جي
    ڪڏھن کان ڪناري ڪنڌي ٿياسون ڪاڪ

    نظارا، اشارا، نوان ڌارياسون
    نوان ٺاٺ ٺاھي ٿيس ٺيڪ ٺاڪ

    گھُريوسون، مليوسون، ڪيوسون، شُڪر
    رکي ڪونه محنت ڪڏھن رب رزاق

    ٿيو مُنھن ڪارو ته دشمن سندو
    اھوئي وٽس آ حقو نڙ تماڪ

    محنت، محبت پلئه منشي پيا
    ڀلا ڇو نه ھاڻي ڏي واڪن تي واڪ


    12.1.1962
    حيدرآباد


    باب چوٿون اوائلي ۽ آخري حمديه ۽ نعتيه شاعري

    دعا

    دعا

    ڪرم ڪر، ڪرم ڪر، ڪرم ڪر خدايا
    ھي دل نيڪن ڏي، نرم ڪر خدايا

    اُھا مَت ڏي مونکي، جنھن ۾ رب تون راضي
    نوازش سان پنھنجي بنائين نمازي
    دنيا آخرت ۾، ڀرم ڪر خدايا

    ڪمايو مون ڪَچ ڪُوڙ آ عمر ساري
    وساري مون توکي ، حياتي گذاري
    تون رحمان راحم، رحم ڪر خدايا

    پناھ جو ڏيئي پردو، ڍڪھڻار ڍَڪ تون
    ھمئه ھٿ ۾ تنھنجي ، تون ھادي تون حق تون
    مھربان مھر ڪا، مٿم ڪر خدايا

    سگھو ميٽ منشي، جون مالڪ مدايون
    تون باري تعالى، بخش ڪر ڪچايون
    قبوليت ۾ منھنجو، ھي نظم ڪر خدايا


    (1962ع جنھاڻ سومرو)


    حمد

    حمد

    يا غني، غفار تون، قادر، قوي ، ڪلتار تون
    پاڻ ٺاھين، پاڻ ڊاھين، جڳ سندو جبار تون

    جھنگ جھر ۽ باغ بُوستان، ڪُل مٿي تنھنجو قدم
    سر زمين ۽ ارض و سما، ڏينھن سندو ڏاتار تون

    جوڙ جي جنسار جوڙين، جڳ اندر جن و بشر
    روز تن رزاق رسائين، پاڪ پالڻھار تون

    تون جيارين، تون ئي مارين، تون ئي باري بادشاھ
    تون ئي خالق، تون ئي مالڪ، خاص خلقڻھار تون

    تون ئي عالي ، تون ئي والي، حاڪمن حاڪم به تون
    توکي طاقت، توکي قدرت، سڀ مٿان سرڪار تون

    ٻاجھه تنھنجي کي ڏسي، ڪوڙين ڪبيرا مون ڪيا
    ميٽ منشي جون مدايون، باري بخشڻھار تون



    2.9.1962


    نُوري نظارا

    نُوري نظارا

    پرور پسايو مونکي، مدني سندا منارا
    نوري ڏسان نظارا

    سَنڌ سَنڌ سِڪي ٿو ساري، ديدار لاءِ دلبر
    حرمين ڏي ھلايو، ھي عيبدار ھيڪر
    ڪري ٻاجھه ٻانھڙي تي، واريو وصل جا وارا
    نوري ڏسان نظارا

    طواف مان ڪريان اُت، ڪعبي سندو ته دم دم
    پِرتئون پيان مان پاڻي، جو پاڪ آھي زم زم
    ھن سال حاجين سان، شافع ڪريو شمارا
    نوري ڏسان نظارا

    پيرن ۾ پھچ ناھي، پئيسو نه آھي پائِي
    ھٿ ۾ ھمئه آ تنھنجي، تو وٽ نه دير ڪائِي
    ھِتي حال ٿيو آ ھيڻو، نيڻين وھائي نارا
    نوري ڏسان نظارا

    منشي جو ھت ھِجر ۾، سَل سَل سڙِي ٿيو سينو
    ڏيکار تنھن کي ھيڪر، مالڪ مڪو مدينو
    روضو ڏسي، نبيءَ جو، قلبئون اچي قرارا
    نوري ڏسان نظارا


    13.8.1963 ع بروز اڱارو
    ڪراچي سنڌ


    محبوب سُبحاني

    محبوب سُبحاني

    اڳي آدم ڪنا آگي، بنايو نُور نُوراني
    ڪري ختم النبي خالق، مُڪو محبوب سبحاني

    جڏھن ڄائو مَڪي مُرسل، ھلي ھر جاءِ ويئڙو ھُل
    شعاع نئون ھي ٿيو شامل، ڪيو جلوو جڏھن جاني

    لٿو ڪفران سڀ ڪارو، وريو اسلام جو وارو
    لڳي ويو دين جو نارو، آيو لولاڪ لاثاني

    اسان جو رھنما رھبر، پيارو پاڪ پيغمبر
    ڪئي جبرئيل جنھن جي در، مٿي دم دم ٿي درباني

    جڏھن معراج ويو مُرسل، مچي ويو آسمان تي ھُل
    احد، احمد جي ٿي محفل، ڪئي الله احساني

    نه مٽ جنھن جو ڪوئي ٿيندو، ھلي محشر ۾ سو ايندو
    اڙين آڌار سو ٿيندو، ڪري مرسل مھرباني

    نه منشي غم قيامت جو، کنيو ھُن بار اُمت جو
    اِذن ھن کي شفاعت جو، ڏنو ڏاتار رباني


    2.3.1962


    شال ٿئي ديدار

    شال ٿئي ديدار

    آھيان جنھن جي اولي، دل ساٿي ڳولھي، مدني ڏسان منٺار
    شال ٿئي ديدار

    وارث والي، بي مثالي، جنھن جو جڳ منجھه جوت جمال
    جيءَ جو سو جاني ناھي، جنھن جو ثاني ملڪن منجھه مثال
    سوئي پُوڪايان، راھون نھاريان، مان ملي مھندار
    شال ٿئي ديدار

    ڪوثر ، مُزمَل، طحه، نمَل، شان ڪري قرآن
    والفجر ۽ والعصر، فائق آ منجھه قرآن
    اِذن شفاجو واعدو وفاجو، ڏنو انھيءَ ڏاتار
    شال ٿئي ديدار

    انھيءَ جي آئي، غم ڪوئي ناھي، منڊيو جتي ميزان
    ھلي پاڻ ايندو، ھٿڙا ڌريندو، امت جو اڳواڻ
    پاڻ ئي ستائيندو، رب کي رِيجھائيندو، ويندا لھي ويچار
    شال ٿئي ديدار

    منشي مدامي تنھن جي غلامي، ٿو قبولي غلام
    پڙھان مان ساري، وري ڏيئي واري، تنھن تي صلاتون سلام
    مرڻ جي ويلي، ڪنھن به حيلي ڪلمون ڏجئين آڌار
    شال ٿئي ديدار


    1962ع


    سرداري

    سرداري
    ادا اُمتي احمد تي، پڙھو صلوات سؤ واري
    مٿي تي موت آ ماري

    نه آدم کي اجازت جت، نه ابراھيم اختياري
    نجي الله نفسيءَ ۾، محمد صلي الله عليه وسلم اُت به مختياري

    نه ڪو يوسف نه ڪو يونس نه ات يعقوب جي ياري
    نه ھلندي ھُود جي ھوندي، پيو ذڪريا ڪندو زاري

    نه موسى جي اُتي مرضي، نه ڪا عيسى جي آڌاري
    اُتي ايوب ڀي عاجز ، ۽ ھوندو لوط لاچاري

    سواءِ عربي احمد جي، نه ڏي دائود دلداري
    مھر مڱتو مڱي “منشي” ڪجا سانيم ڪا سرداري


    10.6.1969 جنھاڻ سومرو



    معراج

    معراج

    سرور سُونھارا، دل جا پيارا، دل کي ساري
    سيد گھوڙي چڙھي آ

    مولي گھرايو توکي معراج مٿي، ڏاتر رکيا تولئه ڏاج اتي
    ڏيندو شفا جو تو تاج اُتي، تنھن لئه ٿي تيار
    سيد گھوڙي چڙھي آ

    سائين تولئه عرش سينگاريا، منزل منزل تي مَلڪ بيھاريا
    قربئون ڪري اڄ بيٺا قطارا، حُورن ٺاھيا ھار
    سيد گھوڙي چڙھي آ

    تو کي جُتي سان جاني گھرايو، آھي اھو ٿيو رب جو رايو
    سنڀري سگھو ھل ڪر تون سعيو، باري کنيا بار
    سيد گھوڙي چڙھي آ

    منشي سان مرسل مدد ڪجائين، جيئري زيارت پاڻ پسائين
    مرڻ ويلي تون ياد ڏجائين ڪلمي جو آڌار
    سيد گھوڙي چڙھي آ


    (28.6.1962)


    مَڪان ۽ لامَڪان

    مَڪان ۽ لامَڪان

    فرشتن فلڪ تي ڪيو ٿي، برابر ايئن بيان تنھنجو
    ڏنا تو ڏاج ۾ ڏاتر، زمين تنھنجي زمان تنھنجو

    نظر ناسُوت تي تنھنجو، حُڪم ھاھُوت تي تنھنجو
    جدا جبروت تي جلوو، عجب آھي عيان تنھنجو

    تجلو طُور تي تنھنجو، لقا لاھوت تي تنھنجو
    خدا جو تون، خدا تنھنجو بيان ڪھڙو ڪيان تنھنجو

    جُتيءَ سان وئين اُتي جاني، جتي محبوب سبحاني
    تون ٿئين مھمان مالڪ جو، ۽ مالڪ ميزبان تنھنجو

    نه تو جھڙو ٿيو، ٿيندو نه ڪي ڄائو نه ڪي ڄمندو
    چوي “منشي” مٺا مرسل ، مَڪان ۽ لامڪان تنھنجو



    16.12.1964
    جنھاڻ سومرو


    نُور الھُدى

    نُور الھُدى

    ماھِ لقا، مرسل مٺا، تنھنجي شفا روز جزا
    قرآن مُڪو توتي خدا، نبين ۾ تون نور الھدا

    تو لئه زمين، تو لئه زمان، تنھنجو مڪان ۽ لامڪان
    اي ھاشمي ھر دو جھان، تو کي ڪشف، ڪشف الدجى

    معراج تو لئه خاص ٿيو، اخلاص تنھنجو پاس ٿيو
    رحمان توسان راس ٿيو، تنھنجو بيان بلغ العُلى

    خود خاص توڙي عام ٻئي، توکي جھان انعام ٻئي
    ھڪ ميم مخفي نام ٻئي، ھوُ احد، تون احمد

    منشي طلب ديدار جي، جنت نه ڪو جنسار جي
    بس التجا بيمار جي، ھيڪر پسايو مصطفى



    6.6.1965



    مرثيه

    مرثيه

    شاھن کٽي شھادت، ميدان ڪربلا ۾
    سِر تي سٺا صغيرن، ڪئين ڪانِ ڪربلا ۾
    ميدان ڪربلا ۾

    پاڻي بند ڪيو پليتن، معصوم اُڃ ۾ تڙپن
    پاڻي گھرڻ جي عيوض، وسڪار تير ڪڙڪن
    ڪونڌر ڏسو ٿيا ڪھڙا، قربان ڪربلا ۾
    ميدان ڪربلا ۾

    قاسم لڌيون ٿي لائون، ھٿ خون مان رڱيايون
    ناني کي خوش ڪيائون، چوري نه چپ چيائون
    تقدير تي رُنائون، ڏيئي جان ڪربلا ۾
    ميدان ڪربلا ۾

    ڪوفين ڪيا ظلم زاري، روئي فاطمه پياري
    ٿي آسمان رُنو ۽ ڌرتي رُني ٿي ساري
    زينب، سڪينه، زھره، زندان ڪربلا ۾
    ميدان ڪربلا ۾
    حاڪم جو حڪم آيو، ڪنڌ ڪونڌرن ڪپايو
    معصوم ماءُ جو اصغر، اڪبر به ڪين آيو
    “منشي” چوي ٿيا ڪھڙا، مھمان ڪربلا ۾
    ميدان ڪربلا ۾


    1.1.1964


    شفاعت

    شفاعت

    رھبر اسان جو مُحمد ٿيو آھي
    قيامت جو تنھن جي ڪري خوف ناھي

    جنھن کي تاج طحه ڏنو ڏاتر
    جھان ھي ٻئي قادر ڪيا جنھن جي خاطر
    ڪوثر، مزمل، ٿو قرآن ٻڌائي

    صفت ۾ سراسر سندس ڪو نه ثاني
    جنھن جي در جي جبرئيل ڪئي درباني
    مالڪ مليو ٿي جنھن کي عرشئون آڻائي

    نه عيسى، نه موسى، نه ھود، يونس
    قيامت ۾ نفسي زبان منجھه ھونديس
    اُتي اُمت جو عربي کنيو بار آھي

    مدامي آ منشي کي مُرسل جي محبت
    ڪندو سو اسان تي شافع شفاعت
    ويو جو اسانکي ڪلمون پڙھائي


    (7.8.1963)


    حضور

    حضور

    پسندي حسن حضور
    ويا ٿي درد سڀئي دور
    محبت ڀريا ميم جا مڪڙا
    ميم ڪَيَس مخمور
    ويا ٿي درد سڀئي دور
    يوسف ثاني ٿئي نه ڪنعاني
    ڇا پري، ڇا حُور
    ويا ٿي درد سڀئي دور
    مشرق مغرب والي واه واه
    ڏٺم نسورو نور
    ويا ٿي درد سڀئي دور
    مرسل آئي منشي ڏس تون
    ملڪ ٿيا مسرور
    ويا ٿي درد سڀئي دور



    13.8.1963
    ڪراچي سنڌ، بروز اڱارو


    لولاڪ

    لولاڪ

    جنھن کي لاڳ مليو لولاڪ
    اسان تنھن سان لئون ته لڳائي آ
    پرور جو سو خاص پيارو
    نور ڀريو آ جنھن جو نظارو
    جنھن جي عرشن مٿي اوطاق
    باري پاڻ ته بنائي آ
    ڏسي ھادي سان ھمڪلامي
    جبرئيل ڪئي جنھن جي غلامي
    وئي ھلي حورن ۾ ھاڪ
    سڄڻ سواري آئي آ
    اُڀ زمينون عرش سينگاريا
    منزل، منزل تي مَلڪ بيھاريا
    کولي دريون، در طاق
    مٿي محفل مير مچائي آ
    منشي رک تون محبت انھيءَ جي
    ٿيندي اڳيان شفقت به انھيءَ جي
    رحم ڪندو رب پاڪ
    اھا وات سدائين وائي آ


    (17.8.1963)


    آڌار

    آڌار

    شڪرانه شاد مانا، ڄامن جو ڄام ڄائو
    اُمت سڄيءَ لئه، عربي، آڌار بڻجي آيو

    شافع ڌڻي شريعت، تحفو سندس طريقت
    ماڻي آ جنھن معرفت، سو ھڪ ٿيو اندر حقيقت
    رحمت جو ساري جڳ تي، وايو منڊل ته ڇايو

    ظلمات رات ويئي، روشن دنيا ٿي پيئي
    عالم سڄي ۾ عيدون، سانگي سَرھا سڀيئي
    پسندي حسن حبيبي، حورن ته ھل مچايو

    نبين سندو نبي تون، پُوري جھان لئه پارس
    ھيڻن سندو ته حامي، وِلھين سندو ته وارث
    فلڪن مٿي فرشتن، ٿي گھوٽ کي گھمايو

    منشي نبيءَ جا نالا، نوانوي نرالا
    امت جي لئه اجالا، منڪر جي لاءِ ڀالا
    جبرئيل جنھن جو خادم، باري ته ھو بنايو


    (1972ع)


    نظارا ڏيکاريا

    نظارا ڏيکاريا

    تنھنجي عشق عربي، ٻئي جڳ اجاريا
    تنھنجي نور نرمل، نظارا ڏيکاريا

    حَجر ۾ شَجر ۾، بحر توڙي بَر ۾
    اَبر ۾، ظُھر ۾، ۽ شمس و قمر ۾
    تنھنجي جوت جلوي، جڏا جيءَ جياريا

    چمن ۾ ۽ بَن ۾، زمين و زمن ۾
    ڪَکن ۾ پنن ۾، ۽ ٻوٽن گلن ۾
    تنھنجي سونھن سَرور، ھي سامان سنواريا

    بيان ۾ زبان ۾، نِھان ۾ عيان ۾
    جھان ڪاروان ۾ ، مڪان لامڪان
    تنھنجا ٻول ٻھڳڻ، طيُورون تنواريا

    ھي منشي تو مرسل سندي در جو دايو
    تنھن کي پاڻ پنھنجو، پيارا پسايو
    تنھنجي پاڪ پِڪ ڪئين، پياسي پياريا


    رحمت جا دريا

    رحمت جا دريا

    ڀلي ڄام ڄائين، سڄڻ سونھن ڀريا
    ڏٺي تنھنجي روضي، منھنجا نيڻ ٺريا

    مَلڪ، جِنَ، حورون، پَريون پرستان جون
    سنواريئون سينگاريئون، گليون گلستان جون
    اُڀيون ادب سان تو، جتي پير ڌريا

    تون قنديل تو ۾، ڪئين ڪھڪشائون
    اجاگر ٿيون اسلام، جون راھ راھون
    وَھايا دنيا ۾، تو رحمت جا دريا

    تنھنجو خود خدا سان، رھيو نيھن ناتو
    تنھنجو نينھن ناتو، خدا خود سڃاتو
    مڙن مؤمنن جا، سڀئي ڪاڄ سَريا

    تون طارق جو تڪيو، نبي ڄام نرمل
    تون اڪمل، مڪمل، تون مڙني جو مرسل
    اسان تي مھر ڪج، اسين چريا کريا

    (2001 رمضان)


    اَول آخر

    اَول آخر

    سڀني نبين ۾ آھي نشامبر، اسان جو پيارو نبي پيغمبر
    سڀن کان افضل سڀن کان اڪمل، سڀن کان اول، سڀن کان آخر

    ٻنھي جھانن سندو ھي وارث، پرين اسانجو سو پڌرو پارس
    ھي خود آ موتي، ھي خود آ جوتي، سڄي دنيا کان سوايو سارس
    خدا چيو خود انھي لئه جوڙيا، جھان ٻئي ھي آھن مون بھتر

    ھي اُڀ، ڌرتي ھي چنڊ، تارا انھيءَ جي نور جا آھن نظارا
    سمنڊ ھي دريا، پکي پکڻ ۽ ڏسين ٿو جيڪي درخت سارا
    شمس، قمر ۾ شعاع جو آھي، اُھو ته ھن جي ذري برابر

    اُھو اسان جو، اسين انھيءَ جا، اسان سان ٿيندو حشر ۾ حامي
    انھيءَ جي معرفت مديون ميٽبيون ، اسين انھيءَ جي ڪريون غلامي
    پُٺِي انھيءَ جي پيا ته آھيون، اڳيان اُڪاري ڇڏيندو ٿر بر

    عروج جنھن جو معراج ماڻڻ، نماز نعمت اتان کان آڻڻ
    انھيءَ جي منشي ته ڄاڻ ڄاڻڻ، بني ھي بازي آ جنھن جي ڪارڻ
    سوايو ساري دنيا کان صاحب، بنايو جنھن کي آھي سراسر


    (2001ع رمضان المبارڪ)


    جرڪيا جڳ جنسارن ۾

    جرڪيا جڳ جنسارن ۾

    نُور نِراڙ ۾ ائين چمڪي جيئن، چمڪي چنڊ ستارن ۾
    واحد پاڻ واکاڻيو آھي، سڀني ٽيھن سيپارن ۾

    تاج طحه وارو پائي، واليل واري وِک وڌائي
    اقراءَ کي ارشاد بنائي، جُز ۽ ڪُل جي جوت جڳائي
    بسم الله چئي برقعو لاٿئين، نازل ٿيا نينھن نظارن ۾

    ڌڻ ھليا ٿي ڌڻين ڌاران، بيگانا ئي بيگانا
    انھن ڌڻن جو ڌڻي ٿي آيو، مچي ويا ھر ھنڌ مئخانا
    وڻ وڻ مان واڌايون آيون، جرڪيا جڳ جنسارن ۾

    منشي ميگھه ملھارون موٽيون، وييون اگھامي کريون کوٽيون
    رُوءِ زمين ٿي روشن پيئي، جرڪي اٿيون جبلن چوٽيون
    فرق فنا ٿي ويو فڪر سان، اڇن توڙي ڪارن ۾



    (2001ع رمضان المبارڪ)



    رمضان منجھه رمزَون

    رمضان منجھه رمزَون

    ڀاڳن ڀريو ڀلارو، مھينو ھي آ مسافر
    وڏي شان مان وارو، مھينو ھي آ مسافر

    رمضان منجھه رمزون، رحمان خوب رکيون
    بي انت برڪتون ڪئين، کولي ڏسين جي اکيون
    سارو نور جو نظارو، مھينو ھي آ رمضان

    روزا ، نمازون روح سان، پڙھيون جنھين پڙھايون
    فردوس مان فرشتن، واڌايون تن لئه لايون
    اٿ ٿي نه تون آ سارو، مھينو ھي آ مسافر

    اڳيان سال جو سفر آ، ڪنھن ڪل حياتي پاتي
    ڪرڻو اٿئي ڪري وٺ، آھي بيوفا حياتي
    دنيا جو ڇڏ خسارو، مھينو ھي آ مسافر

    منشي ھي مؤمنن لئه، آھي امتحان جو مھينو
    ڪر عشق سان عبادت، ڪڍي قلب مان ته ڪينو
    سمجھي ھي وڃ اشارو، مھينو ھي آ مسافر


    (2001ع رمضان)


    شادي مبارڪ

    شادي مبارڪ

    شڪرانه شاد مانا، شادي جي رات آئي
    ڀائر سڀئي ٿيا ڀيڙا، بڻجي برات آئي

    ھي جو ھُيو ھميشه، سالن ڪنا سڪايل
    تنھن کي ڏيو ته کيرون، مائٽ ٿي منھن مقابل
    صد مرحبا مبارڪ، ھر ڪنھن جي وات وائي

    اندر سنديون ته آسون، پرور سڀئي پُڄايون
    سائين ڪندو سدائين، سڀ ڪنھن سنديون سڻايون
    ڏس چؤطرف چمن ۾، ھر ڪنھن آ لات لائي

    الله ڪندو ته رھندو، آباد آشيانو
    قادر سندي ڪرم سان، محبت ڀريو ميخانو
    دل سان گھرون دعا ٿا، سڀ تنھنجا ذات ڀائي

    منشي چوي محبت، تنھنجي صحيح سلامت
    ھادي سندي حڪم سان رھندي ته تاقيامت
    اھڙي گھري دعا ٿي، جيڪا جمات آئي


    (1972ع)


    ديني درسگاھون

    ديني درسگاھون

    ھي ديني درسگاھون، اسلام جي نشاني
    جنھن جي ئي دم سان قائم، دنيا ۾ مسلماني

    ھي علم ڏي ھدايت، ڪري دُور ٿو جھالت
    اسلام جي عدالت، سيکاري سچ صداقت
    ھن جي ڪريون حفاظت، ڪڍي دل مان بدگماني

    ھن علم جي وسيلي، حاصل ٿئي حق پرستي
    ھن علم سان سڃاڻي، ھر ڪو نبيءَ جي ھستي
    ھن علم ۾ ھي تحفو، قادر مُڪو قرآني

    ھن علم جي طفيلي، ايمان رھي سلامت
    ھن علم ئي ٻڌايو، ٿيندي اڳيان قيامت
    جت ڪم نه ڪوبه ايندو، جيءَ جو جگر ڪو جاني

    منشي اُتي محمد، شافع ڪندو شفاعت
    جنھن کي پنھنجي پياري، آھي اصل کان اُمت
    آھي وڏي انھيءَ تي، مالڪ جي مھرباني


    (1971ع جلسه مدرسه جنھاڻ سومرو)


    سچو دين اسلام

    سچو دين اسلام

    جنھن دين اُجاريو دنيا کي، سو دين سچو اسلام اٿئي
    منھن موڙ نه مسلم ھن کان رک ، نينھن خدا جو نام اٿئي

    ھن دين کي خاوند خاص ڪيو، ھن دين کي پرور پاس ڪيو
    ھن دين کي راحم راس ڪيو، ھن دين ڪفر کي ناس ڪيو
    ھن دين دنيا کي روشن ڪيو، ٻيا دين دنيا جا دام اٿئي

    ھي دين مُحمد مرسل جو، ھي دين ته عربي اڪمل جو
    ھي دين نبي تنھن نرمل جو، ھي دين قريشي ڪامل جو
    جنھن ڪاڻ جُڙيا ھي جڳ ٻئي، جنھن ھٿ ۾ شفقت جام اٿئي

    ھن دين کي حق ڏنا، ھن دين ظلم کي ڌڪ ڏنا
    ھن دين ڇڏائي شڪ ڏنا، ھن لاڳ لکين لاشڪ ڏنا
    ھن دين ۾ پورا پيار ڀريا، رب پاڪ ڏنا پيغام اٿئي

    صديق، عمر، عثمان ته ڏس، ۽ حيدر جھڙا جوان ته ڏس
    حسين، حسن جو مان ته ڏس، شبير شبر ذيشان ته ڏس
    ۽ حارث، خالد، خان ته ڏس، سي اکين جا سڀ آرام اٿئي
    ھي دين جا وارث عالم ھي، جن رکيا ادارا قائم ھي
    رھي مسڪين وٽ دائم ھي، ڄاڻي ڇا وڏيرو ظالم ھي
    تھذيب فرنگي جنھن ڪئي پسند، تنھن دوزخ در انعام اٿئي

    ھن دين کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ھت سيمٽ جھڙا ٽڪڙ سُڪا
    ھي دين نبي جو سکن پيا، سوين ابھم کائي ڀور ڀُڪا
    ڪجھه مسلم مؤمن سو ذرا، ڏينھن محشر اڳيان قيام اٿئي

    اڄ دين ھتي مظلوم ٿيو، ھر ماڻھوءَ من محروم ٿيو
    ۽ ڪوڙي علم لئه ڪاليجن ۾، ھر جاءِ ھُل ھُجوم ٿيو
    اڄ علمائن کان ٻڌڙي ادا، جو قادر جو ته ڪلام اٿئي

    ھن دين اسان کي ڇا نه ڏنو، ارڪان ڏنا ايمان ڏنو
    ھو مسلم کي ھن مان ڏنو، ھن قادر جو ته قرآن ڏنو
    احسان الاھي جا توتي، ھر وقت صُبوح ۽ شام اٿئي

    ھن دين جي خدمت فرض ادا، اھو ڄاڻ تون پاڻ تي قرض ادا
    ھن دين جي محبت من ۾ رک، سڀ ميٽجي وينديئي مرض ادا
    ھن دين تي رحمت راحم جي، اي مؤمن مرد مدام اٿيئي

    ھي دين ته يار يتيمن جو، نه اميرن جو نه وڏيرن جو
    غمخوار ھي دين غريبن جو، ۽ منشي آ مسڪينن جو
    ھي گوھر، جوھر دين اٿيئي، گل اٿيئي، گلفام اٿيئي



    21.11.1971
    جلسه جنھاڻ لاءِ


    ديوبند

    ديوبند

    ٻُڌ ٻڌايان دين جا ھي درد مند
    ھند ۾ روشن ڪيو جن ديوَبند

    مولانا نانوتوي قاسم امام، جنھن جو مڙني کان مٿاھون آھي نام
    جو سھي سختيون سوين سر تي مدام، ھند ۾ جنھن ڪفر جو موڙيو ته ڪنڌ

    جنھن جو ٻيو اُت رشيد احمد ھو رفيق، عشق جنھن کي ھو الاھي سان عميق
    تنھن به گوھر ڪيا گھڻا پيدا ڪيا عميق، کوليا اسلام جا تنھن راھ رند

    مرد محمود الحسن مرشد مِڙن، ڪئي شروع آزادي جي تحريڪ جن
    مالٽا جا قيد ڪاٽي يڪ سخن، جنھن سوين پيدا ڪيا ساڃھه وند

    ھر جڳھه حسين احمد ھاڪ تو، ملڪ ۾ مدني مچائي ڌاڪ تو
    عشق سان طلسم جا ڪيريا ڪاڪ تو، عام لئه بنيا مثال اخلاق تو
    پاڪ ڪئين پاپن کان ڪيا دل پاڪ تو، ۽ فرنگين کي وڌا تو ڪئين ڪمند

    آھي انور شاھ ڪشميري ماب، حفظ ۾ جنھن جا ھا ڪُل ڪتاب
    خاص جنھن کي حفظ ۾ مليو خطاب، ۽ سندن شيرين زبان ۾ شير قند

    تاج امروٽي ڪرامت جو ڌڻي، ھڪ نظر ھندو ھزارن تي ھڻي
    دين ۾ داخل ڪيائين پيرن پڻي، اڄ به اکيون اھڙن جي لاءِ آسوند

    ۽ حماد الله صاحب حال جو، ڇا ٻڌايان مان انھيءَ جو مرتبو
    لال خود ھو لکن کي لال ڪيو، اڄ به جنھن جي سنڌ ۾ ھر جاءِ سڳنڌ

    ۽ عبيدالله سنڌي مايئي ناز، سامراجين جا پروڙ يا جنھن ته راز
    جو جلا وطني ۾ عرصو درازا، ماسڪو افغان ڪڏھن تاشقند


    پاڻ مَٽ پنھنجو عطاءالله شاھ، سؤ سلامن جا بخاري بادشاھ
    پشت پنھنجي تو ملھائي رب راھ، دين ڪارڻ ڪاٽيا تو قيد و بند


    ھي سڀئي ھئا ته صاحب انقلاب، جن فرنگين کي ڪيو ھت بي نقاب
    ڪي شھادت جام جيلن ۾ جناب، ڪي ڪُسي گورن ھٿان ويا گل گلاب
    ھاڪ تن جي اڄ به آھي ھر ڪنھن ھنڌ

    دين دل ۾ عشق تن کي انوَري، سڪ سدا سِينن سندن ۾ سروري
    پاڪ دل ۽ پيروي تن پروري، روح روشن سان ڪئي تن رھبري
    وصف “منشي” تن ڪندين تون ڪيتري جن نظر سان ڪيا نظارا نظر بند



    21.11.1971
    جلسه مدرسه جنھاڻ سومرو


    باب پنجون

    باب پنجون

    اوائلي مُتفرقه شاعري

    غزل



    ھر بھار ڏسو

    ھر بھار ڏسو

    لطافتن ۾ حياتيءَ کي خوشگوار ڏسو
    دعا اِھائي آھي ته ھر بھار ڏسو

    جگر فگار ڏسو، چشم اَشڪبار ڏسو
    چمن جو رنگ ڏسو، موسم بھار ڏسو

    فريب جنھن کي زماني سدا ڏنو آھي
    انھيءَ جو آھي زماني تي اعتبار ڏسو

    عَدُو اسانکي مٽائڻ جي ڪئي گھڻي ڪوشش
    اسان جو شان مگر آھي برقرار ڏسو

    زبان تي مھر خاموشي ۽ خيال تي بندش
    اسان جو آھي چمن ۾ ھي حال زار ڏسو

    سڄڻ نه آيو نه ڪي ايندو اھو يقين منشي
    دلِ حزين کي مگر آھي انتظار ڏسو



    11.7.1963 بزم مشاعره لاڙڪاڻو (طرح چمن جو رنگ ڏسو موسم بھار ڏسو)


    وري گلزار ٿي ويندو

    وري گلزار ٿي ويندو

    سگھو انڪار مان مِٽجي، وري اقرار ٿي ويندو
    سڄو گلزار نئين سر ھت، جُڙي جنسار ٿي ويندو

    اُھي ٽاريون، اُھي ٻوٽا، اھا ڪوئل، اھا قمري
    چمن ۾ چھچٽو ساڳيو، چڱو چوڌار ٿي ويندو

    خزان جو خاتمو آھي، بھاري ٿيندي برگن ۾
    اجھو بس بلبلن سان ھي باغ وبھار ٿي ويندو

    ھُو ڏس صياد پنھنجا دام، ڇوڙي پيو ۽ ويڙھي پيو
    فريبي نيٺ دنيا ۾، ذليل خُوار ٿي ويندو

    بڪاري باغ جا موٽي، اچڻ وارا اجھي آيا
    ھي “منشي” گلستان سارو، وري گلزار ٿي ويندو


    30.11.1963 (ڪراچي سنڌ)
    طرح مليل – فريبي نيٺ دنيا ۾ ذليل و خوار ٿي ويندو


    لطافت ملي

    لطافت ملي

    غم زندگي ۾ ٿي راحت ملي
    حقيقت منجھان ٿي حقيقت ملي

    پتنگ جيئن پچائي جڏھن پاڻ ڪو
    تڏھن ان منجھان ٿي ڪرامت ملي

    جدائي پٺيان وصل جيڪو اچي
    تڏھن ، ان منجھان ٿي لطافت ملي

    ڏني دل مون جنھن کي امانت ڪري
    نه ٿي اڄ سا واپس امانت ملي

    چمن دل جو ويران آباد ٿئي
    ڪنا بي مُروت، مروَت ملي

    ڪريان ڇو نه قربان مان جان، زر
    جي قدمن ۾ تنھنجي عيادت ملي

    وصل گھوريان مان وڇوڙي تان واري
    جدائي ۾ منشي تي جنَت ملي


    20.12.1960


    درگذر زمانو

    درگذر زمانو

    درگذر زمانو ڪو دم رھي رھي
    دلربا تنھنجو ٿو غم رھي رھي

    بيوفا بھانا ڪر تون ڦٽا ڦٽا
    چار روز چٽڪو جوڀن جٽا جٽا
    زر نه روز ڪنھن جو ظالم رھي رھي

    خُوبرو خدارا، ڇو ٿئين خفا خفا
    جان من ڪرين ڇو جاني جفا جفا
    ھي نه حسن تنھنجو حاڪم رھي رھي

    نازور نوازين نوڪر نيازمند
    قرب ۾ قريبا ڪاٽي ڏيان ته ڪنڌ
    خاص تو خوبرو جو خادم رھي رھي

    محبت ۾ تو لئه ٿو منشي مري مري
    قرب جو ڪُٺل چؤ ڪيئن ڪري ڪري
    باھ برھ جي ۾ ٿو بيدم رھي رھي



    20.12.1962
    طرح مصرع – درگذر زمانو ڪم دم رھي رھي


    ڦورو

    ڦورو

    ڏس دنيا جي دؤر، دانا به ديوانه ٿيا
    راز جا ھمراز ٿي، سورن جا سامانه ٿيا

    جن ھنيا ٿي حق جا ھوڪا، سي ڦِري ڦورُو ٿيا
    بس رنڊيءَ جي راڳ تي ڳانا به افسانه ٿيا

    ويس واه واه جو ڍڪي، دل رکيئون دولت مٿي
    سوز وارن جي ته سامھون، جانه به انجانه ٿيا

    جي ڦِري ويا ڦِيڻ تي، تن جو چُڪو چکيل نه ھو
    ڇا لکي لکندين انھن، طعنا به شادانه ٿيا

    ماٺ ۾ ميٺاج ھئي پر، ماٺ کان لالچ ۾ ميٺ
    نيٺ پنھنجي نسل جا، ھر ڪنھن نشانه ٿيا

    سچ چوڻ کان مُڙ نه منشي، سچ رھي سچ ٿو سدا
    ھٿ مڙيئي ھادي جي آ، آنا واري جانه ٿيا


    10.2.1962


    مقدمو

    مقدمو

    ويو وچ راھ ۾ لُٽجي، اميد ڪاروان منھنجو
    نه ڪئي ڪنھن ڪامراني ڪا، ٻُڌي بس داستان منھنجو

    سُڪون خاطر ڪري ڪَک ڪَک، بنايم جُھوپري جيڪا
    اُھو ڀي تيز طوفان اڄ ، ڦٽايو آشيان منھنجو

    ڪريان فرياد سر ٽڪرائيان، ڪنھن در وڃي دانھيان
    ڏسي ھن حال ۾ مونکي، ٿيو دشمن جھان منھنجو

    تمنائن جي خوني کان، نٿو بدلو وٺڻ چاھيان
    جڏھن دشمن زمين آھي، ۽ دشمن آسمان منھنجو

    مُقدَر کي چوان منشي، ڪريان ڪنھن جي شڪايت ڇو
    بھانن جي بنِي بازي، تڏھن دشمن زمان منھنجو



    6.3.1963
    ڪراچي سنڌ



    ڪاروان دشمن

    ڪاروان دشمن

    قضا دشمن، فضا دشمن، زمين دشمن، زمان دشمن
    عجيب حالات کي ڏسندي، ويو ٿي آسمان دشمن

    ڪتي قطب و قمر دشمن، دنيا جي ھر نظر دشمن
    زمين جو ذرو ذرو ۽ مٿي ٿي ڪھڪشان دشمن

    مُقدَر تي روئان ٿو مان، ڪريان ڪنھن جي شڪايت ڇو
    جتي مھمان ويس ٿي مان، اتي ھو ميزبان دشمن

    جتي آھيان اُتي دشمن، جتي منزل اُتي دشمن
    سفر پورو ٿئي ڪنھن پر، سڄو جي ڪاروان دشمن

    فراقِ يار جو منشي، بيان توکان عيان ٿي ويو
    تڏھن ٿيا مھربان دشمن، مڪِي توڙي مَڪان دشمن


    15.12.1964



    منھنجي خلاف

    منھنجي خلاف

    بيڪسي منھنجي ڏسي ٿيو، ھر بشر منھنجي خلاف
    جنھن نظر ڏانھن ڪئي نظر مون، سا نظر منھنجي خلاف

    چنڊ دشمن ھو سو ھو پر، ٿيو ڪڪر منھنجي خلاف
    بد نصيبي ڏس ته ٿي پيا، بحر و بر منھنجي خلاف

    ٿي وطن کان بي وطن مون دُور جت ديرو اڏيو
    اجنبي ھوندي به ٿيا، شام و سحر منھنجي خلاف

    ڪوچئه جانان ۾ پھچي، راز ھي مون تي کُليو
    ذري ذري تي نمايان، ٿيو اثر منھنجي خلاف

    حسرت ديدار دل ۾، ۽ اميدون گڏ کڻي
    مان ويس جنھن جنھن نگر، سو نگر منھنجي خلاف

    نيٺ منشي بدنصيبي، اوج ٿي پھتي وڃي
    اڄ ته پاڇو ڀي آ ٿيو، سَر بَسر منھنجي خلاف


    7.1.1964 ڪراچي سنڌ


    يادگار

    يادگار

    دنيا ۾ يادگار رھندي، منھنجي جفا تنھنجي
    مٺا مشھور ٿي ويندي، رضا منھنجي، سزا تنھنجي

    صنم ھي زندگي ساري، گذاري مون جَڏِي جنھن پر
    تڏھن ڀي دل ۾ دائم، دعا منھنجي دغا تنھنجي

    زماني رنگ بدلايو، نه بدلي دل ڪڏھن توکان
    قبولي ڪين تو ڪنھن پر، صدا منھنجي ادا تنھنجي

    لکين لاھي لڏو لڏيا، ھٿين خالي ھتان ھليا
    ھميشه ڪين ڪي ھوندي، نه ڪا منھنجي بقا تنھنجي

    مئو منشي محبت ۾، اڳي کان موت جي مارڻ
    ڏسي ڏاتار پيو ھر دل، صفا منھنجي خفا تنھنجي



    12.11.1964ع



    غمخوار ڪوئي ڪونھي

    غمخوار ڪوئي ڪونھي

    نه ڪنھن جو رقيب آھيان، نه ڪنھن جو حبيب آھيان
    ڪنھن کي نه جو وڻي ٿو، مان سو غريب آھيان

    ڪنھن جي ڪريان ڇو شڪوه، ڪنھن سان ڪريان تقاضا
    تقدير تي روئان مان، جو بدنصيب آھيان

    ڪنھن لاءِ عيد اضحى، مون لاءِ برپاءِ ماتم
    ڪنھن کي ٻڌايان روئي، ڪنھن جو قريب آھيان

    ڪنھن پر ڪريان ڪوڪارون، قاتل ھٿان پيو ڪُسجان
    بازن جي گھيري ۾ آيل، مان عبدليب آھيان

    منشي ڏيکاريان ڪنھن کي، زخمن سدا ذخيرا
    غمخوار ڪوئي ڪونھي، نه خود طبيب آھيان


    4.3.1963



    آرزو

    آرزو

    تنھنجي بازر مان ڪفن جي آرزو
    تنھنجي دامن ۾ دفن جي آرزو
    تنھنجي محبت ۾ مٺا آرام ويو،
    مونکان ھر ھڪ طعام ۽ قيام ويو
    دل کي تنھنجو اھڙو آ دام پيو،
    مونکان وسري پاڻ پنھنجو نام ويو
    صرف مونکي تو صحن جي آرزو
    تات تنھنجي وات ۾ ليل و نھار،
    ھر گھڙي ھي جان توتان جانثار
    عشق تنھنجي ۾ اکيون ٻئي آبشار،
    ڪو سڪون دل کي ڪٿي ناھي قرار
    ناھي ڪا سوسن سمن جي آرزو
    تنھنجي سايهءِ ۾ سمايل آ سڪون،
    ھر اڃايل ھر بکايل کي سڪون
    گھاءُ گھايل دل دکايل کي سڪون،
    ھر زماني جي ستايل کي سڪون
    تو سواءِ ناھي چمن جي آرزو
    خام تنھنجن جو ٿي خادم رھان،
    در مٿي دربان تو دائم رھان
    قول تنھنجي تي سدا قائم رھان،
    آدميت ۾ ٿي مان آدم رھان
    ناھي ڪا دُرِ يمن جي آرزو

    (22.12.1964)


    ڏسڻ اچ

    ڏسڻ اچ

    ڀري پير پيارا، ڏکويل ڏسڻ اچ
    ڇڏي مُحب ماڻا، مُئل سان ملڻ اچ

    جنازي کي پنھنجي ھٿن سان سنواري
    ڍلايون ڍڪي ڍوليا تون ڍَڪڻ اچ

    اُميدن تي تنھنجي پساھ پيو ھڻي ھي
    ڪري ٻاجھه پنھنجي عجيبا اڱڻ اچ

    ڪري وَڙ تون وريام اچ واڳ واري
    قريبا ڪُلھي لاءِ ڪانڌي ٿيڻ اچ

    ڪري مھر منشي تي محبوب پنھنجي
    شھادت جون ڪلمون لحد تي لکڻ اچ

    (20.12.1964)


    زمانو

    زمانو

    جن زماني کي سنواريو آھي
    تن کان بيزار زمانو آھي

    آسرو آھي، دلاسو آھي
    زندگي ناھي، تماشو آھي

    آءٌ تنھائي ۾ تنھا ناھيان
    مون سان گڏ سُور سوايو آھي

    تنھنجي ياد آئي جڏھن اي دلبر
    مون سِرشوق جھڪايو آھي

    ڪھڙا آڌارا، اميدون ڪھڙيون
    منھنجو ڪوئي نه سھارو آھي

    ڪو کِليو، خوب کِليو، ٽھڪ ڏيئي
    مون سدا نير وھايو آھي

    ڪِن کي ڪَڻ ڪِن کي مَڻ مليو منشي
    ھن جو انداز نرالو آھي


    1964ع (جديد الشعراءَ) تان کنيل


    نرالا نظارا

    نرالا نظارا

    خدايا تنھنجي قدرت جا، نرالا ٿيا نظارا سڀ
    ڪٿي ماتم، ڪٿي محفل، اھي آھن اشارا سڀ

    فنا کي تو پناھ ڏيئي، رکيو آ رنگ اھڙي ۾
    مُنجھي پيا موھجي مانجھي، اڇا البته ۽ ڪارا سڀ

    ڪنھين کي باغ ۽ بنگلا، عجب ٻيا عيش دنيا جا
    گنديءَ ۾ ڪي گذارين ٿا، سدا سانوڻ سيارا سڀ

    سڏائي ڪو پيو صوفي، سڏائي ڪو پيو صاحب
    وڃون ڪيڏانھن اسين ھاڻي، چُڪي ويا چلڻ چارا سڀ

    پنڻ لئه پير پيا ڪاھي، مُريدن کان گھڻا مُرشد
    چَرس آ چالو آ چارئي پھر، پر آھيون پاڳارا سڀ

    ڏسي ھي رنگ دنيا جا، نه دل کي وجھه دليلن ۾
    خدا کي ياد ڪر “منشي” ڇڏي ڏي ٻيا خسارا سڀ


    2.6.1962


    ڇا ڪجي

    ڇا ڪجي

    زندگي آزاد ناھي ڇا ڪجي
    وقت ڪنھن کي ياد ناھي ڇا ڪجي

    درد دل ڇو ٿي ڪرين آه و فغان
    ھت ڪو ٿيئڻو داد ناھي ڇا ڪجي

    ڇا ڪندي شيرين زبان شيرين سندي
    جي رھيو فرھاد ناھي ڇا ڪجي

    ڇا شفا بيمار ڏي بيمار کي
    خود جڏھن ھو شاد ناھي ڇا ڪجي

    اھل دل دنيا منجھان منشي ويا
    جي عدل آباد ناھي ڇا ڪجي


    1964ع ڪراچي



    رھزن رھنما

    رھزن رھنما

    راھزن، سو رھنما آھي
    راھ ويندن جو اڄ خدا آھي
    ھر نظر ۾ پيام الفت جو
    ھر ادا جان فضا آھي
    منھنجون آھون ٻڌي توکي
    ٿي مسرت وري عطا آھي
    حال دل مان کوليان ڪنھن سان، يار
    يارن کان ڇو جدا آھي
    سور صدمان ۽ بي رخي تنھنجي
    دل کي ڇا ڇا نه ٿيو عطا آھي
    رات ڪاري ۽ پنڌ اڙانگو
    ڪوئي ساٿي نه رھنما آھي
    درد جو ڪر نه جان من درمان
    درد منشي جو لادوا آھي


    9.11.1963
    ڪراچي سنڌ
    طرح شاعر بزم سرشار ڪراچي
    (يار يارن کان ڇو جدا آھي)


    آقا غلام

    آقا غلام

    ڪبوتر گذر گڏ ڪري ڪانگ سان
    ڏٺم دوستي نور جي نانگ سان
    ڳجھون مور گڏجي گذر ڪن ھتي
    بنيو باز ڳيرو قفس ھڪ ھتي
    جنھن سيج آقا، انھيءَ تي غلام
    عجب رنگ قدرت ڏٺم انتظام
    گذاري پئي حور لنگور سان
    ڀري ڪانگ پيو پيٽ انگور سان
    پتل سون ساڳيو ھتي اگھه ملن
    جيڪو ملھه ماڻڪ سو ڪائو چون
    ڪري سگ سھي جي ھتي ٿو سنڀال
    رھي دوست دفتر ڪوئو ڪوٽوال
    بيدا مرغ ھڪڙي ھتي اگھه ملن
    ڳجھي ڳالھه ھن کي ڪي سمجھو سلين
    محبت جو منشي نه آ دؤر اڄ
    فقط آھي لالچ جو ٿيو زور اڄ


    7.5.1965


    اي ڀٽ ڌڻي

    اي ڀٽ ڌڻي

    حال دل جو ڇا چئي مان ڇا چوان، اي ڀٽ ڌڻي
    ڪارگر اڄ ناھي ڪا، آه و فغان اي ڀٽ ڌڻي

    ھر ڪنھن کي سور پنھنجا، پور پنھنجا الا مان
    ناھي ڪنھن ھمنوا ڪو ، مھربان اي ڀٽ ڌڻي

    اڄ نه شادابي گلن ۾ ۽ نه ڪو رنگ چمن ۾
    ٿي ويو ويران آھي گلستان اي ڀٽ ڌڻي

    نياز، نوڙت، خَلق، نيڪي، دوستي، شرم وحيا
    ملڪ وارن لئه سدائين، ٿو گھران، اي ڀٽ ڌڻي

    غيرفاني فلسفو ۽ فڪر تنھنجو دائمي
    ھر اکر ھر لفظ تنھنجو، جاودان، اي ڀٽ ڌڻي

    بيت تنھنجا دل کي آٿٿ ڏين صبح مَسا
    نام تنھنجو ٿو رھي، ورد زبان، اي ڀٽ ڌڻي

    بس اھا التجا منشي جي آھي آخري
    تنھنجي روضي تي اچي، جلوا ڏسان، اي ڀٽ ڌڻي


    1964ع
    ڪتاب تان کنيل


    وطن تان قربان

    وطن تان قربان

    ڪندس جان قربان وطن تان زبان تان
    ويو سر ته ڇا ٿيو انھيءَ بس بيان تان

    ڏيئي جنم جنھن آ اسانکي جياريو،
    سدا جنھن ۾ ساوڪ سيارو، اونھارو
    جنھن پرت مان پاڪ پاڻي آ پياريو،
    رڳن جون ڏيان رت تنھن آب روان کي

    ھنجن جي ھنڌن تي ڪِريا ڪانگ ڪارا،
    لويلو کسين لولا ڏيو سي لامارا
    ڪري چون ڪان ڪان ملڪ ھي ھمارا
    اڏاري ڪڍو تن انھيءَ آشيان تان

    سنڌين جو سھارو سنڌو آ ويچاري
    جنھن جي ٻاجھه واري آ ٻولي ٻاجھاري
    ڏيان ڇو نه ان تان پنھنجي جان پياري
    اصل ڪونه ھٽندس انھي امتحان تان

    مرڻ کان ته منشي مڙيو آ نه مڙندو،
    سدا سنڌ لاءِ ڏيئي ور سو وڙھندو
    کڻي شير شمشير شيرن جيئن لڙندو،
    نه آزار ويندو ھي جيسين اسان تان

    28.12.1962
    بزم يوسف دڙو
    طرح – ڪندس جان قربان وطن تان زبان تان


    دشمني

    دشمني

    دشمني انسان جي انسان سان
    چند ڪي انسان ھت ايمان سان

    لٺ کڻي، ڏاڙھي رکي، مُلان ٿيو
    دوستي دل ۾ مگر شيطان سان

    جنھن جي نيت جون نگاھون نانگ خود
    قلب تنھن جو آ ڀريل ڪفران سان

    خود، خودي جي خم ۾ جيڪو مبتلا
    ڇا ڪندي تقرير تنھن جي تان سان

    موڪلائي ويا مجاھد ھاءِ ھاءِ
    دين جي خدمت ڪي جن جان سان

    مرغ کائڻ جا مجاھد اڄ گھڻا
    پر جھادي دل نه آ ڪنھن جوان سان

    رھنما جي ويس ۾ ھي راھزن
    ڪاروان ھن ڪئين لٽيا ڪمان سان

    پيٽ خاطر فوج ۾ ڀرتي ٿيو
    سو لڙي ڇا پرت جنھن جي پان سان

    غم نه ڪر منشي ھو غازي آئيا
    قرب جنھن جو آھي سچ قرآن سان
    23.6.1965ع


    سچ

    سچ

    چوڻ سچ ٿي وئي آ عادت اسانجي
    ڪري ڀل پيو ڪو شڪايت اسانجي

    زخيرا جي زخمن جا آھن ھزارين
    ٻڌائڻ نه آھي جھالت اسانجي

    ٿيا راھزن رھنما جيڪي تن کي
    گوارا ڪندي ڪين غيرت اسانجي

    جيڪو رت اسانجي کي پاڻي ٿو سمجھي
    ڪري سو نه سگھندو امامت اسان جي

    عدو جو ته اڄ ٿي ويو خاتمو پر
    جلي ڀل ڏسي سو قرابت اسانجي

    مدامي نه منشي مڙيو سچ چوڻ کان
    اھا آھي افضل عبادت اسانجي


    1964ع


    نه ھلندو بھانو

    نه ھلندو بھانو

    خاڪي خاڪ ٿيندين ڇڏي ھي خزانو
    اجل جي اڳيان ڪونه ھلندو بھانو

    بدن تي بندا بوسڪي ھت ٿو ڀائين
    ٻيا ته تبت سرھا سينٽ لائين
    ھُتي پٽ ۾ ھوندو، پيو بت بيگانو!!

    نيت ۾ نيون نت ٺڳيون روز ٺاھين،
    سفارش ڪريو حق ھزارن ٻوڙائين
    آھين اڄ صباح تي، نه رھندو نشانو .!!

    ھتي باغ بنگلا ٿو بھتر بنائين
    طرح طعام تازا ۽ ڪيما ڪُٽائين
    مدامي نه رھندو، ميان ميخانو .!!

    منافق رھين ۽ سياسي سڏائين
    رکين دل ۾ ھڪڙيون ٻيون ٿو ٻڌائين
    رٿين روز تازو، طمع جو ترانو . .!!

    جتي پاڻ پرور ويھي تِر توريندو،
    اتي ڀاءَ برادر نه ڪو ڏک ڏوريندو
    جتي منشي مولا، منڊيندو ميزانو .!!


    12.9.1962


    ڪمال

    ڪمال

    ھڪ ڏينھن حرام سوئر ٻئي ڏينھن حلال آھي
    ڪھڙو نه ڪوڙ جو ھي ڪيڏو ڪمال آھي

    روزا، نمازون، اضحى خيرات، حج ، زڪواتون
    ھاٿي جي ڏندو وارو ساڳيو مثال آھي

    من ۾ منافقي ۽ سڏجي پيو سياسي
    انھيءَ ڪمال جو ڀي ھڪ ڏينھن زوال آھي

    دستور ھن دنيا جو ڏاڍو ڏٺم نرالو
    جيري جي ڪاڻ ٻڪرو ھت ٿيو حلال آھي

    ڪنھن ساڻ ورھ ونڊجي ڪنھن سان ڪجي حقيقت
    جنھن کي ٿا جوان سمجھون سوئي دلال آھي

    موسى جي ديس ۾ جو، ابليس کي سڃاڻي
    اھڙو ملڻ مجاھد، اڄڪلھه محال آھي

    ظاھر زبان ۾ شيرين باطن ۾ بد ديانت
    دل ۾ دغا ۽ دوکو ھٿ ۾ حمال آھي

    ڪونجون ڪڪڙ ھنڊيءَ ۾ خالي ڏسڻ جا آھن
    کائڻ جي وقت ساڳي بي داغ دال آھي

    منشي متان ڪو ڀلجي اڄڪلھه جي سياستدان تي
    اپريل فول وارو ھي ڪوڙو قوال آھي
    7.7.1969ع


    ڪڏھن ايندا

    ڪڏھن ايندا

    خدا لڳ خلق جي خدمت، ڪرڻ وارا ڪڏھن ايندا
    دکايل دل سنديون دانھون ، ٻڌڻ وارا ڪڏھن ايندا

    ڇڏي سچ پيا سياست ۾، اسانجا رھنما رھبر
    رياخوري ۽ رشوت تي، رھيو ھر ھڪ ته آفيسر
    نه ڪو جج ۽ نه ڪو جوري، وڪيلن ۾ وڏا اڄ ور
    سچا حاڪم صفا سچ جي، چوڻ وارا ڪڏھن ايندا

    نه ڪو عالم عمل وارو، ڏسون بيٺل ھتي بھتر
    پوڄاري پيٽ پنھنجي جا، ڏسڻ ۾ ٿا اچن اڪثر
    ابوبڪر رضه عمر رضه عثمان رضه ھادي آڻ ڪو حيدر
    غريبن جي سدا غم کي، ڪٽڻ وارا ڪڏھن ايندا

    نبي صه جي دين جا وارث، پٿر کي جن ڪيو پارس
    خدايا آڻ ڪو خالد، يا حمزو ڪو ھتي حارث
    بنارس، روم، بمبئي۽ ھئا فاتح مٿي فارس
    انھن جي انتظاري آ، اچڻ وارا ڪڏھن ايندا

    سٺو آھي تدارڪ ھت، ڪُوئا بنيا ڪلارڪ ھت
    ملي سِک کي صدارت ھت، مڙيئي ميمبر منافق ھت
    تون سائين آڻ سالڪ ھت، ڪو مانجھي مرد مالڪ ھت
    پليتن جون ھتان پاڙون، پٽڻ وارا ڪڏھن ايندا

    وڏيرا ور ڇنڊي اٿيا، اچي ويو وقت ووٽن جو
    مڙيئي ميمبر ٿيا ميڙو، غونو ٿي ويو نوٽن جو
    شرابن ۽ ڪبابن لئه، ٿا چوسين رت غريبن جو
    بري ان ريت باطن کي، ڀڃڻ وارا ڪڏھن ايندا

    سنڀالي کڻ قدم منشي، کليل آھي قلم سؤ ڏھ
    لکين ٿو شعر جي سچ جا، ھليو ويندين سڌو ٺھه پھه
    چون جيئن چيئرمين، ميمبر، سدائين سو پيو تون سَھه
    ملاقاتي پيو جاچيندين، ڏسڻ وارا ڪڏھن ايندا



    30.8.1963
    جنھاڻ سومرو
    بزم مشاعره علي محمد سپاھي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2451076
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627229
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ