ڪتاب جو نالو: مونا طور سينا
مصنف: فقير حاجن نظاماڻي
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: لطيفيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 08 اپريل 2020 ع
پڙهيو ويو: 748 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 157 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريء، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ : کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين
  • ڪينهي ٻيا قريب، ڌارا تو دوست مون
  • لطيف جو عاشق حاجن نظاماڻي
  • شال حاجن لکندو رهي!!
  • محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن!
  • شاهه سائين جو راڳ
  • لطيفي راڳ جون وايون
  • شاهه جا راڳي
  • لطيفي ساز دنبورو
  • لطيفي دُعا
  • لطيفي ذڪر
  • لطيفي سماع
  • لطيفي مسافري
  • وڏي اوطاق
  • مونا طورسينا، سدا سنياسين
  • واقف نه وڻڪار جي، اڳ نه ڏيھه ڏٺوم
  • جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ
  • سڪ سڪندين لاهه، وڇوڙيا ميڙ پرين
  • گُر کي گڏيا ڪاپڙي
  • نااميدي نيج ته اوڏي ٿئين اميد کي!
  • دل ۾ درختن
  • غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اناسي اُوجھرين
  • سُٽ انهين جو سڦرو، جي پر ۾ پڃائين
  • ڪيو مطالع مون، هيءُ ورق وصال جو
  • نه ڪنھن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام ويا
  • مديني جا شاهه سُڻ منهنجا سڏڙا
  • وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾!
  • جيئن ٿا پڇن ان کي، تيئن جي پڇن الله
  • ڏهاڳ به ڏٺوم، سھاڳ به سنڀران
  • توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي
  • جي فنا ٿيا فقير، هَلو تڪيا پَسون تن جا
  • بيکاري کي بر ۾ ويو ڪيف چڙهي
  • بادشاهه ڀلا ڀٽ ڌڻي
  • آيو عَلي شِير، مَرڪيو مَديني ڌڻي،
  • حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو
  • تدبيران تقدير، آهي جابر جيڏيون
  • رات سھائي ڀونءِ سنئين پِرت نئين پنڌ پور
  • هاري هنئيونم لوڏ، سُکن پوندين سسئي
  • دوست ڪُهائي دادلا
  • ڪَن ڪَٽ، ڪا پَٽِ، ڪاپڙي
  • پڳھه پاسي گھار، آيل سامونڊين جي
  • اول الله عليم
  • وحدت جي وِهانءِ، جي ويا سي وڍيا
  • مشاهدو محبوب جو سامي سڃاڻيج
  • ڪَر ڪُل ئي، قادر حوالي ڪَمُ
  • هڻَڻَ، هَڪلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ
  • جوڳي تنهنجي جوڳ ۾، ڳالهيون گهرجن ڳچ
  • سُتا سڀ پئي، سندي معلم آسري
  • طالب قصر ، سونهن سر
  • آگميو آهي، لڳھه پس لطيف چئي
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب نمبر 171
    سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب : مونا طور سينا
    موضوع: لطيفيات
    ليکڪ : فقير حاجن نظاماڻي
    لي آئوٽ ۽ ٽائيٽل: مهراڻ علي سهتو
    ڪمپوزنگ: نديم مڱريو/رضوان احمد بوزدار
    ڇاپو پهريون : مئي 2019ع
    ڇپيندڙ : سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد 03003513966
    مٺو ٽاور، سامهون عبرت پريس ويجهو دوابا پوليس لائين گاڏي کاتو حيدرآباد

    ڊجيٽل ايڊيشن :
    2020ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    قيمت : 400/=

    Moona Toor Cena
    Latifiyat
    By: Faqeer Hajjan Nizamani
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    بابا سائين
    امڙ
    ادا ۽ ٻارڙن جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مونا طورسينا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب فقير حاجن نظاماڻي جي مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي ھن شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، راڳ، سُر ۽ ساز تي لکيا آھن. ساجد سنڌي لکي ٿو:
    فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2019ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    جيئن تنبوري جي تار مان نڪرندڙ پرسُوز آلاپن جي مقناطيسي ڪشش من پاتال ۾ پيهي پاڻ طرف ڇِڪي وٺي ٿي، تيئن لطيفي سُرن جي لفظ لفظ کي حفظ ڪندڙ لطيف جي فڪري پڙلاءُ جو ورد ڪندڙ سندس فقير به تصوف جي رنگن ۾ رنڱجي اهڙا وجودي ڪنايا بڻجي وڃن ٿا جن جون روحاني رمزون آسپاس جي ماحول کان بي خبر ٿي حقيقي زندگي جي تاثير سان همڪنار ڪن ٿيون. لطيفي راڳ ۽ رمز کي پنهنجي وجود ۾ جذب ڪري اسان جي ليکاري دوست فقير حاجن نظاماڻي جتي لطيفي سنتن کي اپنائڻ ۽ روحاني تسڪين سان سُروريت ماڻڻ جو شرف ماڻيو آهي، اُتي هو لطيف جي فڪري پيغام جي پرچارڪ ڪندي پڻ پاڻ ملهايو آهي.
    فقير حاجن نظاماڻي جي قلم جي تقويت ۽ رواني خاص طور مُرشد لطيف جي شاعريءَ کي مختلف پهلوئن جي حوالي سان آشڪار ڪرڻ جي مشق نهايت جاندار ۽ هينئين سان هنڊائڻ جهڙي ان ڪري به آهي جو سندس لکڻ جو ڏانءُ بلڪل منفرد ۽ انوکو آهي، هونئن به فقير حاجن جي مضمونن جو محور شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ لطيف جي لطيف ٻولي ئي رهيو آهي پر سندس لکڻين ۾ شامل سمجهاڻيون، اشارا ۽ اسلوب ايترا ته سهڻي نموني ۽ سادگي سان بيان ڪيا ويا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ مٿان عجيب سحر جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، سندس لکڻيون لطيفي رمزن کي سمجهڻ جو آسان ذريعو به آهن ته لطيفي راڳ کي پروڙڻ جو بهترين حل به آهن.
    ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ لطيف جي آڳنڌ تي تنبوري جي تار سان اڻٽٽ سٻنڌ ڳنڍيندڙ فقير حاجن نظاماڻي جو لطيفي موسيقيت سان بي پناهه چاهه توڙي جو ننڍپڻ کان بابا سائين جي آڱر پڪڙي سندس نقشِ قدم تي هلڻ جو سبب به چئي سگهجي ٿو پر اصل ۾ سندس سڀاءَ ۾ شامل نياز ۽ نوڙت سميت لطيفي راڳ سان اُنس ۽ قربت کي عين عبادت تصور ڪرڻ جو سچ کيس گهڻن کان ممتاز بڻائي ٿو، اُهو ئي سبب آهي جو فقير حاجن نظاماڻي جي هِن ڪتاب “مونا طور سينا” ۾ شامل مضمون هميشه لطيفي لات جي سچائي ۽ آگاهي جو سرچشمو ڀاسين ٿا، جيڪي پاڻمرادو اندر ۾ پيهي “پيهي پروڙين پاڻ” جي حقيقت کان آشنا ڪن ٿا ۽ سندس اِها ئي خوبي کيس گهڻن لطيف جي روايتي پارکن کان منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي.
    سمبارا پبليڪيشن پاران لطيفيات جي موضوع تي آيل ڪيترن ئي ڪتابن مان فقير حاجن نظاماڻي جي هيءَ تصنيف بعنوان “مونا طور سينا” پڙهندڙڻ لاءِ نهايت مفيد ۽ ڪارائتي سوکڙي ان ڪري به آهي جو فقير حاجن خاص طور لطيفي راڳ جي اهڙن رُخن کي سامهون آندو آهي جيڪي اڳ ڪڏهن به ڪتابي شڪل ۾ منظرعام تي ناهن آيا، جن کي لطيف جو هر عُشاق پروڙڻ ۽ پرکڻ لاءِ هميشه اتاولو رهيو آهي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد


    پنهنجي پاران

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي مرشد سرڪار جي فڪر تي ڪم جي شروعات ڪيئي سال اڳ، اديبن دانشورن، ڏاهن ۽ عقيدتمندن ڪئي آهي، هرڪو پنھنجي وس آهر انھي ميدان ۾ لٿل آهي. ڪيترائي ليکڪ، لکي ويا ۽ ڪيترائي انھي ڪم ۾ رُڌل آهن. اسان جي حاضري شل مالڪ جي در تي قبول پوي.

    ڪوڙئين تنھنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ
    مونکي ڇڏ مَ داسڙا، وڃان نه وڙواند
    مون ڳچيءَ پاند، تو چنيسر هٿ ۾.

    منھنجو محسن، منھنجو استاد، منھنجو روحاني رهبر، منھنجو بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي، پاڻ انسانيت جي سڃاڻپ طور سڃاتا ويندا آهن. لطيفي پيچري ڏانھن بابا سائينءَ جن راغب ڪري مون کي وٺي ويا، سٻاجھه، شفقت، پيار، هيٺائين ۽ نوڙت جھڙين خوبين سان پاڻ مالامال هئا. پاڻ هر اربع جي رات پنھنجي اوطاق تي لطيفي راڳ جو پروگرام ڪرائيندا هئا. ان کان علاوه پاڻ به راڳ ڪندا هئا ۽ هڪ رات جي وقفي کان پوءِ جمع جي رات سگھڙن جي ڪچھري ڪرائيندا هئا. اوطاق تي راڳي فقير ۽ آس پاس جا محبتي ماڻھو اچي گڏ ٿيندا هئا. راڳ رھاڻ جو سلسلو پندرهن کان سورهن سال هليو پوءِ راڳ ٿيڻ جي خبر جڏهن سيد غلام شاهه ٻُڌي ته بابا سائينءَ کي خميس جي رات، درگاهه تي راڳ جي حاضري ڀرڻ لاءِ چيائون. ائين بابا جن پوءِ سڄي زندگي درگاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي راڳ جي حاضري ڀريندا رهيا. پاڻ، لطيف سرڪار جي رسالي جا حافظ هئا. بابا سائين لطيف سائينءَ جي درگاهه تي حاضري ڪرڻ لاءِ اربع جي ڏينھن خميس رات اڪثر پنڌ ويندا هئا.
    سن 2000ع ۾ جڏهن مون سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ حيدرآباد ۾ رهڻ جو بندوست ڪري، وڃڻ وقت بابا سائينءَ کان موڪلائڻ وقت جڏهن ڀاڪر پاتم ته بابا جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا. ائين ٿي لڳو ته آئون ڪنھن ٻئي ولايت وڃي رهيو آهيان. بابا جي لازوال محبت مَن کي موهي ڇڏيو. آئون حيدرآباد صرف هڪ ئي رات رهي سگھيس، پوءِ پڙهائيءَ لاءِ روزانو گاڏين ۾ اچ وڃ ٿيندي رهي. بابا سائين جن هڪ ڏينھن منھنجي ٻانھن مان جھلي چيو “بابا حاجن راڳ سک” چيائون “حاجن جڏهن تون درگاهه تي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ ڳائيندين ته منھنجي قبر کي به ملائڪ مبارڪون ڏيندا” ان ڳالھه منھنجي زندگي جا سڀ رخُ مرشد سائينءَ ڏانھن موڙي ڇڏيا. جنھن رات مون راڳ جو پھريون بيت ڏنو، يعني راڳ ڳايو هو، ان رات بابا سائينءَ مٺائي ورهائي هئي ۽ لطيفي ڌاڳو پڻ مونکي ٻڌو هو. لطيفي راڳ جو آواز ته ڄڻ پينگھي ۾ ٻڌو هو پر راڳ ڳائڻ جو بلڪل سوچيو به نه هو. منھنجو راڳ ڳائڻ بابا جي دُعا آهي، جنھن جي نتيجي ۾ سن 2000ع کان اڃان تائين مرشد جي در تي حاضري ڀريون پيا، اڳتي به مالڪ کي پارت آهي، سرڪار جي ويب سائيٽ www.shahabdullatifbhittai.com پڻ ٺهرائي آهي، جنهن ڪم ۾ منهنجو ساٿ رضوان بوزدار ٽنڊوالهيار، سڪندر غلام نبي، صلاح الدين نظاماڻي ٽنڊو سومرو، عمير ۽ فضل محمود ڏنو آهي.
    جھڙي تھڙي حال سين، پُري پنھون ڏي

    بابا سائين جن 29 مارچ 2002ع، بمطابق 14 محرم تي جمعي جي ڏينھن ڪچھري ڪندي، لطيف سائينءَ جن جا بيت پڙهندي، اکين ئي اکين ۾ موڪلائي وڃي ڌڻيءَ جي حُجري ۾ هميشه جي لاءِ آرامي ٿيا. ان ئي جاءِ تي بابا سائينءَ جي آخري آرامگاهه ٺھيل آهي، جتي بابا سائين جن ڪجھه مھينا اڳ بيھي چيو هو ته هنن آرام ڪندڙن جا ڪيڏا نه نصيب ڀلا آهن، جو هنن کي لطيف سائينءَ جي حُجري ۾ جاءِ ملي آهي.
    بابا سائينءَ جي ورثي مان راڳ منھنجي ڀاڱي ۾ آيو ۽ حڪمت ادا علي ڏنو جي ڀاڱي ۾ آئي، جڏهن ته بابا سائينءَ جي سگھڙ ساٿين جي سنڀال پڻ سندس حوالي آهي. شروع ۾ راڳ جي سکيا بابا سائين پاڻ ڏني ۽ پوءِ استاد فقير الهڏني نظاماڻي راڳ سيکاريو ۽ منھنجي وڏي سوٽ فقير (ڏاڏو) غلام محمد نظاماڻيءَ جو ساٿ لطيفي راڳ ۾ رھيو، هن ڪتاب ۾ مون سان ساٿي ادا فقير علي ڏنو نظاماڻي، حميد ابڙو، رضوان احمد بوزدار، علي ڏنو جروار، تاج بلوچ، عارف ابڙو، ج ع منگهاڻي، شهزادي ڀرڳڙي، پروفيسر قادر بخش مگسي، نديم مڱريو ۽ وفا رضا رهيا، ان کان علاوه روزاني عبرت اخبار جنھن جي ڪري مون مسلسل ڪالم لکڻ جي شروعات ڪئي. هي لکتون سڀ سرڪار لطيف سائينءَ جي لاءِ آهن. مرشد سائينءَ جا ڪرم جن مونکان هي ڪم ورتو. “جھڙو حال حبيبان تھڙو، پيش پريان” هنن لکڻين ۾ جيڪي ڪميون ڪوتاهيون آهن، انھن کي پڙهندڙ جيڪڏهن نظرانداز ڪندا ته سندن مھرباني ٿيندي. مون ۾ ايتري طاقت ناهي جو آئون مرشد جو شان بيان ڪري سگھان پر سائينءَ جي ثناگرن ۾ آئون به هڪ ثناگر آهيان.

    پاٻوهي هيڪار، منجھان مھر سڏ ڪيو،
    سو مون سڀ ڄمار، اورڻ اهوئي پيو.

    خادم الفقراءَ

    فقير حاجن نظاماڻي
    3011834-0300
    0333-3763097
    shermuhammed447@gmail.com


    مهاڳ : کرڪڻا لاهي، سُک نه سُتا ڪڏهين

    دنيا سنڌو تهذيب کي موهن جي دڙي ۽ سنڌو درياهه وسيلي سڃاڻي ٿي. ماڳن مڪانن کان سواءِ لباس ۾ اسان جي سڃاڻپ اجرڪ ۽ ٽوپي ڪرائن ٿا. شخصيتن ۾ شاهه لطيف جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي. لطيف جي فڪر جي ڇاپ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ڌرتيءَ تي نرالو بڻايون بيٺي آهي.
    شاهه صاحب جو پيغام آهي ته سڄيءَ انسانذات لاءِ پر سنڌين لاءِ ان جي خصوصي حيثيت آهي. ڇاڪاڻ ته اهو سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ ئي شاهه سائينءَ کي صحيح طريقي سان پڙهي، سمجهي ۽ پروڙي سگهي ٿو. اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جيئن پوءِ تيئن هڪ ڪارائتي وکر کان پري ٿيندا پيا وڃون.
    نه رڳو پري پر اسان جي ڪجهه دانشورن لطيف سائينءَ تي تهمتون مڙهي نئين نسل کي ورغلائڻ شروع ڪيو آهي. ڪي چون ٿا ته سنڌ ۾ ترقي نه ٿيڻ جو سبب شاهه لطيف جي ڪلام سان عوام جي محبت آهي. ڪي چون ٿا ته شاهه لطيف سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان روڪي ٿو، ڪي ڪجهه ٻئي قسم جون فتوائون جاري ڪري ڀٽائيءَ گهوٽ کي تڪراري بڻائي پنهنجا بيڪار مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.
    انهن سمورن سوالن جا جواب فقير حاجن نظاماڻيءَ پنهنجي فقيري انداز سان ڏنا آهن. حاجن انهن دانشورن سان سڌو سنئون مخاطب نه ٿيو آهي. هُن لطيف جي ڪلام جي روشنيءَ ۾ مختلف مونجهارن کي سُلجهائيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب تحقيقي مقالن نه پر اخباري ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جيڪي هو ڪجهه سالن کان روزاني عبرت اخبار ۽ رسالن ۾ لکندو رهي ٿو.
    فقير حاجن نظاماڻيءَ سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ڪجهه سالن کان آهي. مان پندرهن ويهن سالن کان ڀٽ شاهه تي لڳ ڀڳ هر سال حاضري ڀريندو رهندو آهيان. خاص ڪري ميلي جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ٿيندڙ سگهڙ ڪانفرنس، عالمي لطيف ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ رنگ جي محفلن ۾ پنهنجي حصي جي ڊيوٽي ڪندو آهيان.
    سگهڙ ڪانفرنس ۾ سگهڙن سان ڪچهريءَ ۾ هڪٻئي کان حال احوال پيا وٺندا آهيون. اڪثر سگهڙ مون کي ٻڌائيندا هئا ته سائين هن ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ کان پوءِ اسان جي ڪچهري رئيس علي ڏني خان نظاماڻيءَ جي اوطاق تي ٿيندي آهي، جتي ماني ٽڪيءَ ۽ رهائش جو بندوبست هوندو آهي. سالن کان وٺي اهي ڳالهيون ٻُڌي مون کي هڪ تجسس پيدا ٿيو ته جيڪر مان به ان اوطاق تي وڃان ۽ سنگت سان ملان. دوستن سان گڏجي هڪڙي ڏينهن ان اوطاق تي حاضري ڀريم جتي رئيس علي ڏني نظاماڻي صاحب، فقير حاجن نظاماڻي صاحب ۽ ٻين سان وڏي ڪچهري ٿي.
    اهو ٻُڌي مون کي وڌيڪ خوشي ٿي ته هن اوطاق ۾ پنجاهه سالن کان لطيف سرڪار جي عرس جي موقعي تي وڏي سگهڙ ڪچهري ۽ هر مهيني پڻ ڪچهري ٿيندي آهي. فقير حاجن نظاماڻيءَ جو خاندان شاهه جو راڳائي آهي. حاجن فقير ان سلسلي کي قائم رکيون پيو اچي. هو پنهنجي ٽولي سان درگاهه تي هر هفتي راڳ ڳائيندو آهي. ننڍپڻ کان وٺي شاهه صاحب جي درگاهه، راڳ، ٻين رسمن ۽ طريقن سان عملي لاڳاپو شروع ٿيس. ان لکڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته: حاجن فقير جي سکيا ۽ تحقيق جو عرصو ويهن سالن کان مٿي آهي.
    ڪيترن ئي سالن جي تحقيق ۽ تجربو هن ڪتاب ۾ پڻ نظر ايندو. اسان جي اڪثر وڏن عالمن جڏهن شاهه لطيف تي تحقيق ڪئي ته لائبريرين کان سواءِ سر زمين يعني ڀٽائيءَ جي درگاهه تي سالن جا سال اچي رهيا. ڪجهه عالم ته پيدا ئي هن علائقي ۾ ٿيا جيئن: ٻانهون خان شيخ. فقير حاجن به هتان جي پيداوار آهي، جيڪو نه رڳو شاهه صاحب جي ڪلام جي ٻوليءَ کان واقف آهي پر درگاهه تي ٿيندڙ هر رسم، تقريب، ماڳ مڪان وغيره کان چڱيءَ ريت واقف آهي. کيس رسالي جا سوين بيت ياد آهن. هُو شاهه جو رسالو ته پڙهندو رهندو آهي پر بيتن جون پڙهڻيون ۽ لفظن جا اُچار ٻين فقيرن کان ٻُڌي ۽ ڳائي سکيو آهي. هُو لطيف جي دنبوري کان نه رڳو واقف آهي پر اُن کي مهارت سان وڄائي به ڄاڻي.
    لطيف سائينءَ جا سمورا راڳائي ۽ فقير وڏا محترم ۽ قابل آهن پر منهنجي خيال ۾ تمام ٿورڙا فقير بيتن کي سمجهائي ۽ انهن بابت وضاحت سان لکي سگهندا هوندا. ان ڏس ۾ فقير حاجن نظاماڻي گهڻن کان اڳتي نڪري ويو آهي. فقير جنهن انداز سان راڳ ڳائن ٿا، ان ۾ لفظن جي چٽائي ناهي، ذڪر وارو طريقو وڌيڪ آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان انداز وسيلي لطيفي فڪر پکيڙڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. ڪي ته ان انداز تي اعتراض به ڪن ٿا. فقير حاجن ان سوال جو جواب هن ڪتاب ۾ ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته: “عام راڳيءَ جو آواز هرڪو سمجهي ٿو پر ڪنهن ڪلاسيڪل راڳيءَ جو راڳ سڀڪو نه ٿو سمجهي. ان ۾ ٻڌندڙ جو قصور آهي راڳائيءَ جو ڪوبه ڏوهه ناهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجيءَ سمجهه جو معيار وڌايون. ان لاءِ محبت ۽ استاد جي ضرورت هوندي آهي. سڪ، محبت ۽ جذبو گهربل آهي. سائينءَ جو راڳ ايترو ڪو مشڪل ناهي، جيترو عام طور هر نئين ٻڌندڙ کي ڊيڄاريو وڃي ٿو.”
    حاجن لطيف سرڪار جي راڳ جي نظام تي تفصيل سان لکيو آهي، شاهه جي راڳين تي به لکيو اٿائين. راڳ سان لاڳاپيل ٽولين، انهن جي وارن/ ڏينهن ۽ راتين، درگاهه جي رسمن ۽ واين جي قسمن تي به لکيو اٿائين. اها سڄي معلومات ڪا عام ڄاڻ ناهي.
    ان ۾ فني جزا به شامل آهن. جيئن دنبورو ۽ ان جون تارون، وائي ۽ ان جا قسم وغيره. سندس کوجنا موجب وائيءَ جا چار قسم آهن (1) ڏيڍي (2) دوتالي (3) ڇيڙ واري (4) ذڪر واري. هن شاهه جي راڳ جا اصول ۽ قانون به ڏنا آهن. وائي فقير گڏجي ڳائيندا آهن. هو لکي ٿو ته: “وائيءَ ۾ وقفا هوندا آهن، جيڪي عام ٻڌندڙ جي سمجهه کان ٻاهر هوندا آهن، جيئن : وائيءَ جو کڻڻ هڪ فقير ڪندو، ٻيا فقير “سَڏُ” هڻائين ٿا، ان سان گڏ وائيءَ ۾ “گِرام” جي هڪ وڏي جاءِ آهي. ان ڪري گِرام ڪندڙ فقيرن کي “گرامڙيو” فقير چوندا آهن، انهيءَ جو آواز ڳرو هوندو آهي. سنهڙي آواز ۾ جيڪي فقير آلاپيندا آهن، انهن کي “سڏڙيو” فقير چوندا آهن. هي منصب انهن فقيرن جا هوندا آهن، جيڪي پاسڙيا هوندا آهن. انهيءَ ۾ وائي کڻندڙ فقير به انهيءَ سلسلي کي نڀائي سگهي ٿو. سڏ سنهي آواز ۾، گرام ڳري آواز ۾. وائيءَ جو ورائڻ يعني ورجائڻ به هوندو آهي. جيڪي ٿلهه کي ورائي ڳائيندا آهن. اهڙيءَ ريت ڪجهه وائين ۾ مصراعون به ورائبيون آهن”.
    فقير حاجن دنبوري جي پنجن تارن جا نالا به ڏنا آهن. (1) تند زبان (2) تند ٽِيپ (3) تند اڳين يا پهرين جاڙي (4) تند پوئين جاڙي (5) تند گهور. “هي تندون آهن، جن جي ميلاپ ۽ سنگم سان وائيءَ جا ماترا ٺهندا آهن، ياد رهي ته ذڪر جي وائي اڪثر دنبوري کان سواءِ ڳائبي آهي.”
    ڪتاب ۾ اڪثر مضمونن جو عنوان شاهه سائينءَ جي بيت جي هڪ سٽ /بند سان ڏنو ويو آهي. مختلف ماڳن مڪانن جهڙوڪ: وڏيءَ اوطاق، قُبي واريءَ مسجد وغيره تي پڻ لکيو ويو آهي. لطيف جي ڪلام ۾ جانورن ۽ پکين جو ذڪر ۽ خصلتون به واضح ڪيون ويون آهن. مطلب ته شاهه سائينءَ جي ڪلام جي مختلف پاسن تي روشني وڌي وئي آهي. عام پڙهندڙ کي لطيف جو ڪلام سهڻي نموني سمجهايو ويو آهي.
    لطيف سائينءَ جي ڪلام مان هدايت ۽ نصيحت پکيڙڻ سان گڏ ان مان سائنسي نُڪتا ڪڍڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي آهي. لطيف پنهنجي دور جو تمام وڏو داناهه ۽ ڏاهو ماڻهو هو. دنيا جي هر موضوع ۽ مامرن کان واقف هو. تڏهن ئي ته اهڙو ڪلام چئي ويو، جو اڄ به اسان جي رهبري ڪري ٿو. فقير حاجن سائنسي سوچ جي حوالي سان شاهه صاحب جو هيءُ بيت ڏنو آهي:

    ويا جي عميق ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئي
    تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيئي
    پسندا سيئي، اَمُلهه اکڙين سين.

    فقير حاجن ان بيت جي سمجهاڻي هن ريت لکي ٿو؛ “هيءُ تڏهن جو بيت آهي، جڏهن آڪسيجن ۽ ماسڪ جو تصور ئي نه هو پر شاهه سائينءَ ٻڌايو ته ؛ جي بحر عميق ۾ موتي پرکڻا آهن ته مُنهن تي ڪائو ڏيئي توهان موتين کي ڏسي سگهو ٿا.”
    ان بيت جو هڪ اهو به مفهوم آهي ته؛ لطيف سائينءَ سائنسي علم حاصل ڪرڻ جي اسان کي ترغيب ڏني آهي. هو فرمائي ٿو ته تتيءَ ٿڌيءَ محنت ڪرڻ ۾ هر علم کي/هر حاصلات کي شامل ڪريو. جديد گهرجن مطابق پنهنجيءَ جاکوڙ ۽ جدوجهد جو مُنهن موڙيو.
    لطيف جا عاشق لطيف سائينءَ جي پيغام کي پکيڙڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪن پيا. هُو سُک سان سمهن ئي نه ٿا. فقير حاجن نظاماڻي به انهن عاشقن منجهان آهي، جن لاءِ شاهه صاحب فرمايو آهي ته ؛

    کرڪڻا لاهي ، سُک نه سُتا ڪڏهين
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

    لطيفي فڪر اسان جي سڄي سماج لاءِ ڪارائتو آهي. ڀٽ شاهه ئي امن، پيار ۽ محبت جو مرڪز آهي. هن مرڪز مان ئي سڄي عالم کي سک، امن ۽ شانتيءَ جو پيغام ملي ٿو. خاص ڪري دنيا جي سمورن سنڌين جي سوچ سُڌارڻ وارو ڀٽائي گهوٽ آهي. انتها پسنديءَ ۽ نفرت جو خاتمو اسان لاکيڻي لطيف جي ڪلام ذريعي ڪري سگهون ٿا. بس رڳو ڌيان ڌرڻ جي ضرورت آهي. فقير حاجن نظاماڻيءَ جي هن ڪتاب ۾ تمر فقير جو ڏنل بيت ان سلسلي ۾ اسان جي وڏي رهنمائي ڪري ٿو؛

    جي تون آسائو آهين، ته ڪر ڀٽ تي ڀيرو
    سونهاري سيد جو، ديک اچي ديرو
    تُرت ۾ تيرو ، مطلب مڙيوئي ٿئي.

    مون کي پڪ آهي ته؛ لطيفي فڪر کي پکيڙڻ ۾ هيءُ ڪتاب هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو. خاص ڪري اسان جي نئين ٽهيءَ کي شاهه لطيف سمجهڻ ۾ مددگار ڪتاب ثابت ٿيندو.
    ڪتاب شايع ٿيڻ تي، مان فقير حاجن، رئيس علي ڏني نظاماڻيءَ ۽ ڇپائيندڙ اداري کي واڌايون ڏيان ٿو.


    ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
    چيئرمين
    سنڌي شعبو، وفاقي اردو يونيورسٽي
    0301-2399345


    ڪينهي ٻيا قريب، ڌارا تو دوست مون

    هن سونھاري ڌرتي تي ڪئي سھڻا ڪردار آهن، پر انھن سڀني ۾ هڪ تمام سھڻو ۽ بھترين ڪردار سھڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جو آهي، جنھن جو ائين مثال کڻي ڏجي ته انڌاري رات ۾ تارن سان گڏ چوڏهينءَ جو چنڊ آهي. منھنجي هادي منھنجي رهبر منھنجي رهنماء، جنھن به ڪردار کي يا سورميءَ کي پنھنجن بيتن ۽ وائين ۾ آندو آهي ته انھي سورمين جي مالھا بنائي ڇڏيو اٿس ۽ انھي مالھا کي ڏسڻ سمجھڻ تي به ڪيئي ڪتاب لکجي چُڪا آهن ۽ ڪيئي ماڻھو ڊاڪٽر ٿي ويا آهن ۽ ڪيئي اديب ٿي ويا، جن صرف سھڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏسيل واٽ کي صرف ڏسڻ ۽ پرجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي به هن معاشري جا معتبر بنجي ويا ۽ جن سندن ڏسيل راهه تي هلڻ جي صرف ڪوشش ڪئي آهي، اُهي سڀ فقير ٿي ويا. انھن ڪوشش ڪندڙن جي مالھا ۾ منھنجو محبوب منھنجو پيارو ڀاءُ فقير شير محمد عرف فقير حاجن نظاماڻي کي ڏسي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي اٿم. جڏهن منھنجي محبوب کي اهڙين ڪوششن ۾ ڏسندو آهيان ته ڏاڍي سرهائي ٿيندي اٿم ۽ ائين لڳندو اٿم ته منھنجي پياري محسن ۽ رهنماء رهبر منھنجي بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻيءَ جون سڀ دعائون قبول ٿيون آهن، جو بابا سائينءَ جي ڏسيل واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ۾ آهيون، ۽ هميشه انھيءَ ڪوشش ۽ دعائن ۾ رهندس ته اسان کي ۽ اسان جي اولاد کي به الله تعالى هميشه اهڙي راهه تي هلائي ۽ آئون دعاڳو آهيان ته انھن لاءِ جيڪي منھنجي هادي رهبر حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڏنل درس تي ڪم ڪن ٿا، يا جيڪي اڳتي هلي ڪندا، سڀني کي الله پاڪ به اهڙي راهه تي هلائي، جنھن راهه تي الله پاڪ به راضي ۽ ان جو محبوب به راضي ٿئي. ڇو جو منھنجو رهنماء، رهبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ سمنڊ آهي، سمنڊ به اهو جنھن جو ڪو به ڇيڙو نه آهي. انھي سمنڊ ۾ جيڪو به غوطو هڻندو ته هٿين خالي ڪونه ايندو ۽ هو مالا مال ٿي ويندو. ائين شاهه سائينءَ جي ڏنل راهه ۽ علم مان ڪئين عالم فاضل ڊاڪٽر، اديب ٿي ويندا ۽ شاهه سائينءَ جو علم فڪر اُتي جو اُتي هوندو ۽ شاهه سائينءَ جي ڏنل فڪر تي قيامت تائين پيئي تحقيقات هلندي پر هن علم جو ڪوبه ڇيڙو ناهي. جيڪو عام ماڻھو هن علم کي مڪمل ڪري سگھي، شاهه سائينءَ جو ڏنل علم لاحد آهي. لاحد يعني جنھن جي ڪابه حد مقرر نه هجي، سو انھيءَ علم جي اڻکٽ خزانن مان هرڪو پنھنجو ننڍڙو جھول ڀري اچي ٿو، ۽ هن علم جا پوڄارا پُر ٿيو وڃن ۽ شاهه پارس آهي پاڻ آهيون لوهه، جيڪو پنھنجي لوهه کي پارس سان ملائيندو ته سون ٿي پوندو. منھنجي دعا آهي ته منھنجي محبوب فقير حاجن نظاماڻي کي الله سائين سگھه ڏئي ته هو، شاهه سائين حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي ڏنل فڪر تي اڃان وڌيڪ ڪم ڪري آمين “ثم آمين”.

    توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي،
    ڪينهي ٻيا قريب، ڌارا تو دوست مون.

    فقير علي ڏنو نظاماڻي
    18-03-2019
    3408094-0300 


    لطيف جو عاشق حاجن نظاماڻي

    لطيف سائينءَ کي پنهنجو رهنما سمجهون ٿا. ساڻس بي پناهه پيار به آهي ته عقيدت به. ۽ معتقد جي حيثيت ۾ مون کي هر اُن شخص لاءِ بي انتها احترام آهي جيڪو لطيف سائينءَ سان پيار ڪري ٿو، سندس فڪر جي پرک ۽ پروڙ رکي ٿو، ساز ۽ سُرن کي سمجهي ٿو. اهي سڀئي خوبيون جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخص ۾ نظر اچن ته اُن سان اُنسيت لازمي بڻجي وڃي ٿي.
    فقير حاجن سان ويجهڙائيءَ جو به اهوئي ڪارڻ آهي. توڻي جو ساڻس ملندي ڪي ٻه چار سال مس ٿيا هوندا، پر اِئين ٿو ڀانئجي ڄڻ ورهين کان واقفيت هُجي. هُن جڏهن لطيفيات تي عبرت اخبار لاءِ لکڻ جي حامي ڀري ته اسان ڀلا ڀاڳ ڀانيا ۽ سندس لکڻ جي حاميءَ کان پوءِ کيس ڪڏهن ساهي کڻڻ به نه ڏني. لاڳيتو ٻن سالن کان هر هفتي کانئس آرٽيڪل جي گهر ڪندا رهياسين ۽ هو جيئن جو تيئن نڀائيندو به رهيو. سندس “مونا طور سينا” جي صورت ۾ ڪيل هيءُ پورهيو، پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ محبت جو اهڙو اظهار آهي، جنهن ۾ نهٺائي به آهي ته نماڻائي به. هُن کي ان سان ڪو سروڪار ناهي ته سندس لکڻيون محققن ۽ اسڪالرن جي ڪسوٽيءَ تي پوريون لهن ٿيون يا نه، نه ئي هُن تحقيقي بنيادن تي هي سڀ لکيو آهي، بلڪه هُن مضمونن وسيلي پنهنجي مرشد سان عقيدت ۽ احترام وچان محبت جو اظهار ڪيو آهي. اهڙي محبت، جنهن جي ڪٿ لاءِ هيستائين ڪو به پئمانو ايجاد ٿي ناهي سگهيو. محبتن تي عقل جو وس هلي ٿو نه ڏاهپ جا ڏس. هيءُ انساني اندر جو اهڙو جذبو آهي، جيڪو بيخوديءَ جي واٽ تي وٺي وڃي ٿو.
    اسين جيڪڏهن ڪتاب ۾ شامل مضمونن جو جائزو وٺون ته اُهي سڀ اسان کي بيخوديءَ جي ان ڪيف ۾ لکيل نظر ايندا، جنهن لاءِ اڳواٽ رٿابنديءَ جي ضرورت ناهي هوندي. بس قلم کڻي ويهبو آهي ۽ پوءِ خيال جنهن به ماڳ ڏانهن وٺي وڃي. سندس اڪثر مضمون ايڊٽ ڪندي يا نظر مان ڪڍندي مون اهوئي محسوس ڪيو ته حاجن هيءُ سڀ نه ته پنهنجي ناماچاريءَ لاءِ لکيو آهي نه وري پاڻ کي اديبن ۽ ڏاهن جي صف ۾ بيهارڻ لاءِ؛ بلڪه هُن هنن لکڻين ذريعي اُنهن خوابن جي ساڀيان ماڻڻ گهري آهي، جن کي گهڻو اڳ سندس والد فقير غلام حيدر نظاماڻي پنهنجي اکين ۾ سام ڏني هئي ته سندس پونئير لطيف سائينءَ جا پانڌيئڙا بڻجن، مرشد جي فڪر، فهم ۽ سُرن کي سمجهن ۽ پنهنجي وت ۽ وس آهر انهيءَ پيغام کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. انهيءَ خواب جي ساڀيان لاءِ فقير حاجن گذريل ارڙهن ورهين کان خميس رات ڀٽ ڌڻيءَ تي راڳ جي ڊيوٽي ڏيندو اچي پيو، جڏهن ته سندس وڏو ڀاءُ فقير علي ڏنو نظاماڻي پڻ لطيف جي پارکوءَ جي حيثيت ۾ ڪوششون ڪندي ڏسجي ٿو. هنن هڙان وڙان خرچ ڪري مرشد جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ سُرن جي ساڃاهه لاءِ هڪ ويب سائيٽ www.shahabdullatifbhattai.com تي به جوڙي آهي، جڏهن ته سندن اوطاق جا دروازا مرشد جي پانڌيئڙن لاءِ هر وقت کُليل رهندا آهن. ايترو ئي نه پر ”ايندن کي آءُ ۽ ويندن کي ويهه” چوڻ واري روايت به سندن اوطاق تي عام ڏسجي ٿي.
    آئون کين خوشنصيب ٿو سمجهان جو وٽن مرشد جي محبت جي اُها مالها آهي، جيڪا تمام گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي. شال اِها مالها سندن ايندڙ نسلن تائين به منتقل ٿيندي رهي.

    حميد ابڙو
    حيدرآباد


    شال حاجن لکندو رهي!!

    سائين حيدر علي لغاري پنهنجي مضمون “لطيف ۽ سنڌي قوم جو تاريخي جمود” ۾، جيڪو سندس ڪتاب “ڪڇان ڪڄاڙو” ۾ شايع ٿيل آهي. ان ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته “ڪي ئي ڪتاب ۽ نصاب هن مخلوق کي اشرف ۽ افضل بڻائڻ لاءِ مرتب ٿي چڪا آهن. انهن سڳورن ۽ بختاورن ورثن ۾ اسان جي سنڌ جي بي مثال فرد لطيف جو رسالو به شامل آهي، جنهن ۾ سچ، سونهن ۽ سرت جا ڪي ئي اُملهه نُڪتا سمايا پيا آهن.” ساڳئي مضمون ۾ اڳتي هلي هو لکي ٿو ته “هڪڙي ان فهم جي اعليٰ تر ذخيري کانسواءِ سچ پچ ته ايڏي وڏي پيماني تي سنڌي زبان ۾ ٻيو ڪتاب اڄ تائين منظرنامي ۾ شامل ٿي ناهي سگهيو.” سو انهيءَ سلسلي جي تسلسل ۾ چئي سگهجي ٿو ته لاکيڻي لطيف جي شاعري، فڪر، تخليق ۽ سندس زندگيءَ بابت گهڻو ڪجهه لکجي چڪو آهي. ان متعلق هر ليکڪ، محقق ۽ تخليقڪار جا الڳ الڳ خيال، رايا ۽ سوچون شامل آهن. هر هڪ ليکڪ پنهنجي پنهنجي سوچ، علم ۽ تجربي جي آڌار تي لطيف سائين جي شاعري تي روشني وڌي آهي. بلڪل اهڙي ريت حاجن فقير نظاماڻي پنهنجي ڪتاب “مونا طور سينا” ۾ جيڪي مضمون شامل ڪيا آهن، سي سڀئي پروف ريڊنگ ۽ ايڊيٽنگ جي مرحلن دوران منهنجي نظر مان گذريا آهن. تن بابت صحيح ۽ حقيقي راءِ ته پڙهندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا. پر مون اهي مضمون پڙهندي اهو محسوس ڪيو ته هنن مضمونن ۾ هڪ ئي وقت تحقيق، تخليق ۽ ڄاڻ وارا پهلو شامل آهن. هونئن ته مٿي ذڪر ڪيل ٽئي پهلو، فڪر يا شيون تخليق، تحقيق ۽ ڄاڻ مهيا ڪرڻ بلڪل الڳ الڳ معيار ۽ انداز رکن ٿيون. پر جس آهي حاجن فقير نظاماڻيءَ کي جنهن محنت، سچائي، خلوص ۽ ڏاهپ سان هنن ٽنهي پهلوئن کي هڪ ئي مضمون ۾ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جيڪو تمام وڏو ڪمال آهي. جيتوڻيڪ پاڻ سدائين چوندو رهندو آهي ته انهن لکڻين ۾ منهنجو ڪوبه ڪمال يا فن نه آهي، اهي لکڻيون مون کان مالڪ پاڻ لکرايون آهن ۽ لطيف سائينءَ بابت مضمون لکندي منهنجي ڪيفيت اهڙي ٿي ويندي آهي جنهن تي آئون پاڻ حيران هوندو آهيان، ۽ جڏهن اهو مضمون ڪاغذ تي لکيل ڏسندو آهيان ۽ ان کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ته تعجب ٿيندو آهي ته هن قسم جون سٽون آئون ڪيئن لکي ويو آهيان. منهنجي خيال ۾ ته اها سندن عاجزي ۽ انڪساري آهي. جيڪا سندن ماٺيڻي، خاموش ۽ محبت واري طبيعت ۾ شامل آهي. ڇو ته لطيفي ساز دنبوري، راڳ جي قسمن، لطيف جي راڳي فقيرن ۽ لطيفي آستانن متعلق جيڪا ڄاڻ هن ڪتاب ۾ شامل مضمونن ۾ موجود آهي سا هن کان اڳ شايع ٿيل ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ شامل نه آهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ليکڪ جو ابن ڏاڏن کان وٺي لطيف سائينءَ سان روحاني تعلق يا رشتو آهي. سندن والد فقير غلام حيدر نظاماڻي ۽ ٻين عزيزن پڻ سڄي زندگي لطيف سائينءَ جي حاضري ۾ گذاري. سندن والد لطيفي راڳ جو ڄاڻو هو ۽ پاڻ سڄي زندگي لاکيڻي لطيف جي درگاهه تي راڳ ڳائيندي گذاري. حاجن فقير نظاماڻي به ان جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي سموري زندگي لطيف سائينءَ جي حاضري ۾ ارپي ڇڏي آهي. منهنجي دعا آهي ته حاجن شال خلوص ۽ سڪ سان لکندو رهي. شال ڀٽ ڌڻيءَ جي چاهيندڙن کي اسان جي هر دلعزيز دوست جو ڪيل هي پورهيو قبول پوي.

    محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو ئي اگهائيو.

    مون کي اميد آهي ته حاجن فقير نظاماڻي جو هي زير نظر ڪتاب “مونا طور سينا” سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاريندو ۽ سنڌ جي علمي، ادبي ادارن جي ڪتب خانن ۽ علم، ادب توڙي لطيفيات سان چاهه رکندڙن جي نجي ڪتب خانن جي زينت بڻبو. ان کانسواءِ هي ڪتاب لاکيڻي لطيف متعلق تحقيق ڪندڙن جي رهنمائي لاءِ پڻ مددگار ۽ معاون ثابت ٿيندو.

    فقير علي ڏنو جروار


    محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن!

    جڏھن ڳالھه ڪيون ٿا لطيف سرڪار جي پارکن جي ته تمام گھڻا نالا ملن ٿا ۽ اھي سڀ جسُ لھڻن. شاھ سائينءَ جي فڪر جو ھڪ نرالو ڪردار جيڪو دنياداريءَ سان گڏ لطيفي فڪر جي ھڪ اھم ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿو، سو آهي حاجن فقير، جنھن جي لفظن ۽ ٻولن ۾ شاھ سائينءَ جو پيغام چٽو پٽو نظر اچي ٿو.
    ھتي ھڪ ڳالهھ ڪندو ھلان ته شاھ سائينءَ جو فڪر اهڙو آھي، جنھن ۾ اسان کي ھر واٽ ۽ فڪري پھلو ملي ٿو. سندس ڪلام کي جڏھن فڪري نظر سان ڏسبو ته محسوس ٿيندو ته شاھ سائينءَ جي هيءَ دنيا اکين سان ڏٺل آھي ۽ اھا حقيقت پڻ آھي.
    منھنجي پھرين ملاقات جڏهن حاجن فقير سان ٿي ته مان چئي سگھان ٿو ته اها ڪچھري ڪنھن فقير سان لطيفي فڪر متعلق ان کان پھريان ڪڏھن به نه ٿي هُئي. حاجن فقير وٽ جيڪا ٻولي آھي يا جيڪو درس آھي، ان ۾ شاھ سائينءَ جو پيغام واضح نظر اچي ٿو. شرط اھو آھي ته اڳئين ماڻهوءَ ۾ لطيف سائينءَ جي پيغام کي سمجهڻ واري اھا نظر يا پرک به ھجي. حاجن فقير سان جڏھن ڪچھري ٿيندي آھي، اُها سامھون يا ٽيليفون تي يا هن جي لکڻين ۾ ته ان ۾ ھڪ جملي جي پوري ٿيڻ کان پھريان شاھ سائينءَ جو ڪو بيت هن جي چپن تي ضرور ملندو آھي ۽ پوءِ ان بيت جي معنيٰ سان گڏ ان جو مفھوم ۽ مڪمل پس منظر سمايل ھوندو آھي.
    ھن ڪتاب يعني “مُونا طور سينا” ۾ اوھان کي شاھ سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڄاڻ ملندي. جيڪي به مضمون پاڻ لکيا اٿائون اھي لطيف سرڪار جو پارکو ئي لکي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته لطيف سرڪار جو فڪر ۽ ان فڪر کي اڳتي پھچائڻ يعني ان دنبوري جي تنوار کي انھن ذھنن تائين پھچائڻ، جتي جتي لطيف سرڪار جا پرچارڪ موجود آھن، هو پنهنجو فرض سمجهي ٿو.
    مون کي جڏھن حاجن فقير جا مضمون مليا ته مون سوچيو ته جيڪي مضمون مونکي مليا آھن، ڄڻ اُھي تشريح آھن لطيف سرڪار جي بيتن جي ۽ ان پيغام جي تسلسل جي، جنھن کي حاجن فقير پنھنجي انداز سان بيان ڪيو آھي.
    حاجن فقير پنهنجي لکڻين ۾ جھڙي نموني عشق کي واضح ڪيو آھي يا جھڙي نموني ان جي تشريح ڪئي آھي، اھا ھر ليکاريءَ جي وس جي ڳالهھ ناھي. ان کان علاوہ عشق واري فلسفي کي سمجھائڻ لاءِ جيڪي تشبيھون ڏنيون اٿائون، ان مان صاف ظاھر ٿئي ٿو ته ھڪ پڙهيل لکيل جي ھٿان ئي ھي مضمون لکجي سگھجن ٿا. پر مان ايئن کڻي چوان ته لطيفي فڪر واري بٺيءَ مان پچي راس ٿي، قلب وارو قرار ملڻ کان پوءِ ئي ھُن ان فڪر متعلق ڪجهه لکيو آھي.
    ھتي ھڪ ڳالهه واضح ڪندو ھلان ته حاجن فقير کي جيڪو رنگ لڳل آھي يا جيڪو فڪر آھي، اھو کين ورثي ۾ مليو آھي.
    سندس رياضت ان ڳالهه جو مڪمل ۽ واضح دليل آھي ته ھن فقير وٽ جيڪڏھن ڪا امانت آھي ته اھا به لطيف سرڪار جي ڪرم نوازيءَ جي ڪري ئي آھي.
    حاجن فقير جي ھڪ مضمون “لطيفي ساز دنبورو” ۾ دنبوري متعلق جيڪا ڄاڻ ڏنل آهي، سو ھڪ تحقيق وارو ڪم آھي. ان جو مقصد اھو ٿيو ته حاجن فقير جا مضمون عام فھم وارا مضمون ناھن، بلڪه وڏي فھم وارا مضمون آھن. جيڪڏهن اُهي روح سان پڙهيا وڃن ته اُنهن جو قرار ئي پنهنجو آهي. ھن ڪتاب ۾ شاھ سائينءَ جي سفر جي حوالي سان انھن ماڳن مقانن جو به ذڪر ٿيل آھي، جتي شاھ سائينءَ سفر ڪيو آھي.
    حقيقت اھا به آھي ته ھي سارو وھنوار جيڪو اسان کي شاھ ڀٽائي جي پيغام ۾ ملي ٿو، اھو آھي رب کي ريجھائڻ. جيڪو تمام آسان به آھي ته وري مشڪل به. هن ڪتاب ۾ تمام گھڻي اونھي ڄاڻ موجود آھي. مان جڏھن سندن مضمون پڙھندو آهيان ته انھن ۾ پاڻ کي گم ٿيل محسوس ڪندو آهيان. حاجن فقير جي قلم ۾ اھو اثرائتو اثر چڱيءَ ريت موجود آھي، جنھن وسيلي ھو فڪر واري درس کي ٻين تائين پھچائي ٿو ۽ سٺي نموني پڻ سمجھائي ٿو.
    ڌڻيءَ در دعا آھي ته لطيف سرڪار جي ھن پارکوءَ جو قلم فقيري فڪر کي ھميشه ٻين تائين پھچائيندو رھي. آمين.

    نظر حسين ملاح
    ڪراچي


    شاهه سائين جو راڳ

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جو انداز دنيا جي ٻين مفڪرن کان مختلف آهي، مرشد سرڪار جي شاعري، سائين جو راڳ، لطيفي طريقت، سائين جو ذڪر سماع جو طريقو دنيا ۾ هڪ عجوبي نما آهي، ڇو ته سائين جو هر انداز پنھنجو مٽ پاڻ آهي، خاص ڪري شاهه جو راڳ جنھن جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي، هي راڳ دراصل قلبي ذڪر آهي، سائين اويسي قادري ذڪر ۾ ٻن ذڪرن جو اضافو ڪيو، هڪ ذڪراحديت ۽ ٻيو شاهه سائين جو راڳ، هن توحيد جي تنوار جو طريقيڪار اهڙو آهي، جوهر ٻڌندڙ انسان جي ساهه جي رڳن ۾ دنبورو سمائجي وڃي ٿو، هي توحيد جو ساز به دنيا جي ٻين سازن کان مختلف آهي، 1144 هجري ڌاري شاهه جي راڳ جو نه کٽندڙ سلسلو اڄ 1440 هجري تائين جاري آهي، جيڪو راڳ اڳ هر هفتي جمع رات ٿيندو هو سو 1950عکانپوء هن توحيد جي تنوار جو آواز گهر گهر پھچڻ لڳو ۽ هفتي جي هرراتراڳٿيڻ لڳو، اُهو سلسلو اُتي ئي نه رُڪيو، 1980ع کانپوءِ هفتيوار ڏينهن جي راڳ جي شروعات ٿي، مرشد سرڪار جي راڳ جي تبليغ جو ڪم فقير حضرت تمر، ميون ولي محمد، اسماعيل کاهوڙي، الياس فقير، فقير مراد ٻگھيو، فقير ڪيهر لنجواڻي، يوسف فقير گهنڊ، فقير لائق ڏنو (اول)، سيد علڻ شاهه، فقير ابراهيم خاصخيلي، سيد غلام شاهه، فقير لائق ڏنو (دوم) ۽ سندس ڀاءُ فقير الهه بچايو ۽ سيد غلام حيدر شاهه لطيفي راڳ سان بخوبي نڀايو، فقيرن جي خدمتن جو اڻ ڳڻيو تعداد موجود آهي جيئن ته سڀني فقيرن جا نالا ڏيڻ ممڪن ناهن، انڪري مختصر طور ڪجهه فقيرن جو حوالو ڏنو آهي، اڄ هفتي جي هر ڏينھن، رات تي مرشد سرڪار جو راڳ سندس درگاهه شريف تي جاري آهي، شاهه عبدللطيف ڀٽائي جي راڳ جو هڪ مڪمل نظام قائم ڪيل آهي. هن شاهه جي راڳ جي راڳين جا مخصوص نالا ڏنل آهن، جيئن شاهه جي راڳين کي فقير ڪوٺيو ويندو آهي، انهن فقيرن ۾ اڳواڻ، پاسڙيا، گرامي ۽ سڏڙيا چيو ويندو آهي، انهن فقيرن جي خدمتگارن کي پيڙهن وارا فقير ڪوٺيو ويندو آهي، جيڪي سڄي راتيا ڏينھن فقيرن جو خيال رکندا آهن، شاهه جي راڳ جي طريقت جو نظام تمام گھڻو دلچسپ آهي، پر اُهو صدين کان هلندو پيو اچي. سڀ کان پھرين فقير وڏي اوطاق ۾ گڏ ٿيندا آهن، اُتي دنبورا ملائيندا آهن، مقصد ته دنبورن جي تندن کي ترتيب ڏيندا آهن، انھي عمل کي راڳ جي (ڪَڙي) چئبو آهي، پوءِ فقير مخصوص ٽائيم 9 بجي رات کان 10 بجي رات تائين درگاهه تي ويندا آهن، انھن فقيرن کان اڳ پيڙهن وارا فقير پيڙها کڻي، راڳي فقيرن کان اڳ درگاهه تي ويندا آهن. راڳي فقير درگاهه مرشد سائين تي پهچي، سڀ کان پھرين وضو ڪري راڳ پڙهڻ لاءِ صحن لطيفي ۾ اچي ويھندا آهن.
    مالڪ جي آس رکي فقير مرشد سرڪار جي در جي سامھون پيڙهن تي ويهي، توحيد جي تند ۾ تون، تون جو سُر ڳائيندا آهن، سڄي رات الله تعالى جي بارگاهه حضور ۾مرشد جي معرفت سان ٻاڏائيندا رهندا آهن. صدين جو هي تسلسل اڻکٽ سفر هميشه کان اڳرو آهي، ڏينھون ڏينهن هن سلسلي ۾ اضافو ٿيندو پيووڃي. مخصوص لباس نيري يا ڪاري۾ ملبوس هي فقير بغير ڪنهن سرڪاري عهدي جي پنھنجو ناتو مرشد سان نڀائيندا اچن پيا، انسان هميشه اندروني سڪون جي تلاش جا جتن ڪري ٿو، لطيفي فڪر ۾ سُڪون صرف الله جي عبادت ۾ آهي، مرشد سائين جي سُرن۾ سورمين جا اهڃاڻ، ڏاهپ جا ڏس ۽ ذڪر خداوندي موجود آهي، پنھنجي جان تي ڏک، ڏولاوا سهي، مالڪ سائين جي رضامندي لاءِ جتن ڪندا رهندا آهن. مرشد سرڪار جا راڳي فقير جنهن ڏينهن يا رات راڳ ڪندا آهن، ان وقت ماني نه کائيندا آهن، راڳي فقيرن کي صرف حاجت جي لاءِ اگر اٿڻو پيو ته اٿندا آهن، نه ته ساري رات راڳ ڪري پوءِ پنھنجي واپسي جو سفر ڪندا آهن، پر تقريبن پنجاهه سال اڳ فقير سڄي رات حاجت لاءِ به نه اٿندا هُئا.

    ريئونراضي روح ۾، مٿي رب رضا
    راڳي فقير هٿ ۾ ڇَلو(يعني هڪ مخصوص تند جو ٺاهيل ڇَلو) پائي ان سان سُر جي تند وڄائيندا آهن، ياد رهي ته ڇَلي کانسواءِ دنبوري جي تندن جو اصل آلاپ نه نڪري سگهندو آهي. سڀ کان پھرين فقير سُر ڪلياڻ جي تند وڄائي سُر آلاپيندو آهي. انسُرواري تند کي صرف هڪ فقيروڄائيندو آهي، تند جي اندازن کي تسبيع چيو ويندو آهي، ڪجهه سُرن ۾ ته چار کان پنج تسبيحون هونديون آهن. سُر جي تند کان پوءِ جهڙ جي تند اڳواڻ جي اڳواڻي ۾ سڀف قير وڄائيندا آهن،ج َھڙَ تند ۾به ساڳيا سُر سڌا هوندا آهن، پر اُن ۾ سڀني فقيرن جي دنبورن جو آواز هوندو آهي. تندن جي پڄاڻي کانپوءِ “ضرب” “ميان الله” جي لڳندي آهي، فقير هڪ سُر جي انداز ۾ چوندو آهي، انھي سان لطيفي راڳ جي سلسلي جو آغاز ٿيندو آهي. لطيفي سُر ڪلياڻ جي شروعات ٿئي ٿي، اڳواڻ بيت کي سُر جي انداز ۾ پيش ڪندو آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ هڪ کان وڌيڪ راڳي ڳائيندا آهن، هي فقير اڌ گول دائري ۾ ويھي راڳ ڪندا آهن. لطيفي راڳ ۾ ٻه آواز استعمال ٿيندا آهن، ڳَرَي آواز کي (گرام) يعني کرج ۽ ٻيو هلڪو آواز جنهن کي (سنهو) ڪَلي جو آواز سڏيو ويندو آهي. ان بيت جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڀر وارو فقير انهي سُر جو سَڏَ هڻندو آهي، هي سڏ هڻڻ يا بيت کڻڻ وارا لفظ سائين جي راڳ ۾استعمال ڪيا ويندا آهن. فقيرن جو اڪثر تعداد 1 کان وڌيڪ هوندو آهي، بيتن جي سلسلي کانپوءِ وائي آلاپي ويندي آهي. وائي جي شروعات به بيتن جيئان اڳواڻ ڪندو آهي. مرشد سائين جي وائين جا چار قسم آهن، ڏيڍي وائي، دوتالي وائي، ڇيڙ وائي ۽ ذڪر جي وائي. انھن وائين مان صرف ذڪر جي وائي ذڪر ڪرڻ لاءِ مخصوص آهي باقي، ٽي وايون شاهه جي راڳ ۾ ڳايون وينديون آهن، سُر سامونڊي، سُر حسيني، سُر کاهوڙي هِنن سُرن کانسواءِ ٻين سڀني سُرن ۾ ڇيڙ جون وايون موجود آهن، وائي جي آلاپڻ کانپوءِ فقير انھي سلسلي جو آغاز تند سان ڪندا آهن. ٻئي سُر۾ فرق صرف ضرب جو هوندو آهي. ضرب صرف هڪ دفعو لڳندي آهي، پوءِ فقير سُر جو آغاز انھي سُر جي سَڏ سان ڪندا آهن. ڪلياڻ کانپوءِ سريمن (ايمن) ڪلياڻ، جيڪڏهن چانڊوڪي رات هوندي ته سُر کنڀات، نه ته سُر سريراڳ “سر راڳ”جي ٻئي ڀيري بيتن کانپوءِ “ورڇ” ڏني ويندي آهي، ورڇ ۾ پتاشا، مصري يا ڪو ٻيو مٺاڻ ويٺل زائرين ۾ ورهايو ويندو آهي. سُر سامونڊي کانپوءِ سُر سھڻي آلاپي ويندي آهي. سُرسھڻي ۾ کير جي (چُڪي) پياري ويندي آهي، سُر سھڻي جي دعا گُهري ويندي آهي، هن کي لطيفي راڳ جي طريقت جو حصو ڪوٺيو ويندو آهي. اگر موسم سانوڻي جي هوندي آهي ته سرسارنگ آلاپيو ويندو آهي، اگر محرم شريف جا ڏهاڙا هوندا ته سُر ڪيڏارو ڳايو ويندو آهي. انهن سُرن جو وقت نه هوندوته سُر سسئي آبڙي، سُر سسئي معذور يا (معذوري)، سُر سسئي ديسي، سُر سسئي ڪُوهياري، پوءِ سُر راڻو يا سُورٺ آلاپيو ويندو آهي، سُر رپ، سُرليلان چنيسر ڳايو ويندو آهي يا ٻيا سُر ڳايا ويندا آهن. هي سُر پوئين رات جا سُر آهن، هي بيتن واين جو سلسلو رات جي هر پھر۾ گونجندو رهندو آهي. جيڪڏهن پوئين رات جون چانڊوڪيون هونديون ته سُر هير رانجھو ڳايو ويندو آهي، هر سُر جو آلاپ الڳ الڳ آهي. بيت ۽ وائي جو انداز به مختلف آهي. هنن سُرن کانپوِ سُر کاهوڙي پوءِ سُر رامڪلي آلاپڻ جو وقت اچي ويندو آهي. سُر رامڪلي کانپوءِ سُر آسا، سُر بلاول، سُر ڏهرآلاپيا ويندا آهن. وقت جو اندازو فقير لڳائي سُر آلاپيندو آهي، آخر ۾ سُر ماروي آلاپي دعا گهري ويندي آهي. سُر ماروي کانپوءِ سُر ڌناسري ڳائبو آهي، پر اڪثر دعا سُر ماروي۾ گُھري هن لطيفي راڳ جي هڪ ويھڪ جي اختتام جو اعلان ڪيو ويندو آهي. رات جو هي راڳ جو سلسلو فجر اذان تائين جاري رهندو آهي. سياري جي رات هجي يا اونھاري جي گرمي فقير انھي سلسلي تي قائم هوندا آهن. هن طريقي کي صديون گذريون آهن، ائين ئي هلندڙ آهي. ڏينهن وارا فقير سُر ماروي کان شروعات ڪندا آهن پوءِ سُر حسيني تي دعا گهرندا آهن. مرشد سائين جي درگاهه تي ڪافي ڏينھن ۾ فقيرن جون ٻه شفٽون به آهن، جيڪي راڳ ڪنديون آهن، اگر ٻئي شفٽ جي شروعات فقير ڪندو ته هُو سُر سسئي آبڙي کان ڪندو آهي. پوئين رات وارن سُرن ۾ دعا گُھرندا آهن. هي اُهي ڳالھيون هيون جيڪي فقيرن تي لاڳو ٿين ٿيون، پر راڳ جي سلسلي ۾ زائرين تي ڪافي سارا قانون لاڳو ٿين ٿا، جيئن وڏي آواز ۾ ڪچھري نه ڪرڻ، با ادب ٿي سائين جو راڳ ٻڌڻ، يا ڪا اهڙي غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ جنھن سان توحيد جي ذڪر ۾ ڪا بي ادبينه ٿئي پوي، ڪانڀ نه ٻڌڻ، ٻيڙي نه ڇڪڻو غيره.

    ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي

    روح جي رڳن سان اگر هي لطيفي راڳ ٻڌو ويو ته انسان جو مالڪ حقيقي سان اهڙو ربط جو سلسلو جڙي پوندو آهي، جنھن سان اندر ئي اندر انسان دنيا جي لاهن چاڙهن جي ڄاڻ حاصل ڪري وٺي ٿو. انسان کي پنهنجي اهميت سان گڏوگڏ مالڪ جي محبوب حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم سان محبت جو نه کٽندڙ سلسلو جاري ٿئي ٿو. ڇو ته حضرت سائين جن جي هن لطيفي راڳ سان انسان جي اصلاح جو دڳ کُلي ٿو، امن سان انسانيت جو پيغام تمام سھڻي انداز ۾ شاهه سائين ڏنو آهي، بس اُنھي انداز سان سائين جو ٻڌو وڃي ته روحاني منزل ملي ويندي.


    لطيفي راڳ جون وايون

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن اسان جي سنڌي ٻولي، سنڌ ۽ انسانيت جي سڃاڻپ آهن، سرڪار جن جيڪي به ڪم ڪيا اُهي روحاني منزل تي فائز هئا، ظاهري اُهي ڪم پنھنجي سڃاڻپ پاڻ آهن. لطيفي ذڪر، لطيفي طريقت، لطيفي فقَر، لطيفي سماع، لطيفي راڳ ائين کڻي چئجي ته سائين جن هڪ منظم ادارو قائم ڪري اسان جي لاءِ آساني پيدا ڪئي. جيڪو اڄ تائين پنھنجي نظام تي هلي رهيو آهي، پر اسان عدم توجھه جي ڪري سائين کان پري هليا ويا آهيون. پري ان ڏس ۾ نه ته اسان لطيف سائينءَ کي ڇڏي ڏنو آهي پر انھي محبتي راهه کي وساري ويٺا آهيون، ان جي ڪري لطيف سائينءَ جي ڪم بابت مڪمل ڄاڻ رکڻ کان قاصر آهيون يا ائين کڻي چئون ته، ان ڪم بابت دلچسپي جو اُهو مقدار ناهي. اسان ڪوڙي دنيا جي مادي وهنوارن جي ڪري سائينءَ جي فڪر کي ڇڏيندا وڃون پيا. اسانجا ڪم اسان کي انهيءَ فڪر تائين پھچڻ کان روڪين ٿا. لطيفي محبت رکندڙ فقير اڄ به ان مَڌُ مان موج ڪري رهيا آهن. سائين هاديءَ جو ڪم جيڪڏهن سمجھيو وڃي ته تمام آسان آهي پر جيڪڏهن اسان ان کي پروڙڻ چاهيون ته، نت اڳي کان اڳرا هجون.
    لطيف سرڪار جن جو پيغام مختلف اندازن ۾ آهي، ان جو هڪ انداز راڳ وارو به آهي. لطيف سائين جن جو راڳ هڪ اهڙو معاملو آهي، جنھن تي ڪافي سارا اعتراض آهن ته ان انداز ۾ آخر ڇو ٿو آلاپيو وڃي، جو ان کي ڪير به نٿو سمجھي؟ انھن جي ڳالھه به ڪم واري آهي پر اُهي پنھنجي ڳالھه کي پَرکي نه سگھيا آهن. عام راڳي جو آواز هرڪو سمجھي ٿو، پر ڪنھن ڪلاسيڪل راڳي جو راڳ سڀڪو نٿو سمجھي. ان ۾ ٻڌندڙ جو قصور آهي، راڳائيءَ جو ڪوبه ڏوهه ناهي. اسان کي گھرجي ته پنهنجي سمجھه جو معيار وڌايون. ان لاءِ محبت ۽ استاد جي ضرورت هوندي آهي. سڪ، محبت ۽ جذبو گھربل آهي. سائينءَ جو راڳ ايترو ڪو مشڪل ناهي، جيترو عام طور هر نئين ٻڌندڙ کي ڊيڄاريو وڃي ٿو ته هي ڪير ٿو سمجھي؟ بس هڪ رسم آهي ان جي پورائي کان سواءِ ٻيو لطيفي راڳ ۾ ڪجھه ناهي وغيره وغيره. مت جو موڙهو اهڙو به نه ٿجي، ڪوشش ڪجي ۽ لطيفي راڳ جا چند قانون ڄاڻجن ته هي هڪ آسان ۽ من موھيندڙ راڳ آهي. محبت هجي ته ڪوبه ڪم مشڪل ناهي. هن راڳ جو تعلق انسان جي روحانيت ۽ قلب سان آهي. لطيف جن فرمايو آهي ته هي راڳ عام موسيقي ناهي، هي ”وحده هُو“ جو راڳ آهي. لطيف سائينءَ جي هن راڳ بابت عام روايت آهي ته هي احديت جي ذڪر جو هڪ حصو آهي، جنھن کي ٻڌندڙ پنھنجو وجود وڃائي ويھي رهندو آهي. جيئن تن تسبيح هجي، من مڻيو هجي، تندون طلب جون هجن، “وحده لا شريڪ لہھ” جو راڳ هجي، ان تي عام عقل سان، ناقص دليل ڏئي تنقيد جُڳائي ته ڪونه ٿي؛ باقي انسان ته آزاد آهي، هو ڪجھه به چئي سگھي ٿو.

    تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن
    تندون سي طلب جون وحدت سُر وڄن
    وحده لا شريڪ لہھ، اهو راڳ رڳن
    سي سُتا ئي سونھن، ننڊ عبادت ان جي.

    راڳ سان روحانيت کي ملائڻ ۾ فقيرن ڪمال ڪيو آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان حضرت مولانا جلال الدين رومي جن جو سماع وارو رقص فقراءَ ۾ عام هو. سائين جن انھي طريقت ۾ اضافو ڪري فڪري رنگ کي پنھنجي لطيفي راڳ سان نوازيو. وائيءَ جو بڻ بنياد حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پاڻ وڌو، ان کان علاوه ٻين شاعرن صدائون جي نالي تي بيت چيا آهن، پر مڪمل وائيءَ جو نالو سائين جن آندو. وائي جي لغوي معنى “ڳالھه ٻُولھه” ڪرڻ آهي. وائيءَ جو مطلب گفتگو ڪرڻ آهي. سنڌي شاعري ۾ وائي جو اعلى مقام آهي. وايون ڏيڍيون، ٻيڻيون ٿينديون آهن. وائي جي شاعري جي پھرين سٽ کي “ٿلھه” چئبو آهي، ٻين سٽن کي مصراعون چئبو آهي. آخري اکر مصرع جو قافيو ساڳيو هوندو آهي. هن وائي جي صنف جي باني سائين شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي وائيءَ جا چار قسم آهن، هڪ ڏيڍي وائي، ٻي دوتالي وائي، ٽئين ڇيڙ جي وائي، چوٿين ذڪر جي وائي. هي چارئي وايون لطيفي طريقت ۾ ڳايون وينديون آهن. سائينءَ جي راڳ جا چند قانون آهن، جن بابت ٻڌندڙن لاءِ ڄاڻ ضروري آهي. جيڪڏهن اھي سمجھه ۾ اچي وڃن ته سائينءَ جو راڳ اوهان کي آسانيءَ سان سمجھه ۾ اچي ويندو.
    راڳ جي شروعات ۾ سڀ کان پھرين تند جو سُر آلاپيو ويندو آهي. ان کان پوءِ جھَڙ تند سڀ فقير گڏجي وڄائيندا آهن. انھي تند جي اختتام کان پوءِ فقير ضرب سان شروعات ڪندو آهي. ضرب فقير، “اوه ميان الله ” هڪ مخصوص انداز سان سُر ۾ آلاپيندو، پوءِ بيت جو سلسلو شروع ڪندو. انھي کان پوءِ “ڏَسُ” يعني اڳين راڳين کي سُر جي بيتن جي ترتيب وار “ڏَسُ” بيت ان انداز سان ڏسيندو آهي، ان کي “ڏَسُ” چئبو آهي. بيتن جو سلسلو اڌگول دائري ۾ فقير راڳ ۾ داستان پوري ٿيڻ کان پوءِ وائي ڳائيندا آهن. بيت جي “ڏَسُ” هڪ فقير ڪندو آهي، ٻيو فقير ان ساڳئي بيت کي سُر ۾ ملائي ڳائيندو آهي، پر وائي سڀ فقير گڏجي ڳائيندا آهن، پر انھن ۾ وقفه هوندا آهن، جيڪي عام ٻڌندڙ جي سمجھه کان ٻاهر هوندا آهن. جيئن وائيءَ جو کڻڻ هڪ فقير ڪندو، ٻيا فقير ”سڏ“ هڻائين ٿا. ان سان گڏ وائي ۾ “گرام” جي هڪ وڏي جاءِ آهي، انڪري ئي گرام ڪندڙ فقير کي “گرامڙيو” فقير چوندا آهن. انھيءَ جو آواز ڳرو هوندو آهي. سنھڙي آواز ۾ جيڪي فقير آلاپيندا آهن، انھي کي “سڏڙيو” فقير چئبو آهي. هي منسب انھن فقيرن جا هوندا آهن، جيڪي “پاسڙيا” هوندا آهن. انھي ۾ وائي کڻندڙ فقير به انھيءَ سلسلي کي نباهي سگھي ٿو. “سڏ” سنھي آواز ۾، “گرام” ڳري آواز ۾ وائيءَ جو ورائڻ يعني ورجائڻ به هوندو آهي. جيڪي ٿلھه کي ورائي ڳائيندا آهن، انھي ريت ڪجھه وائين ۾ مصرائون به ورائبيون آهن. ياد رهي ته سائينءَ جي دنبوري ۾ پنج تندون آهن، “تند زبان” “تند ٽيپ” “تند اڳين يا پھرين جاڙي” “تند پوئين جاڙي” “تند گھور” هي تندون آهن، جن جي ميلاپ ۽ سنگم سان وائي جا ماترا ٺھندا آهن. ياد رهي ته ذڪر جي وائي اڪثر دنبوري کانسواءِ ڳائبي آهي.
    نمبر پھرين ڏيڍي وائي، هي وايون “تند ٽيپ” “تند زبان” ۽ “تند گھور” تان کڻبيون آهن، انھي طريقي سان وائي جي آلاپجڻ کي وائي جو کڻڻ چئبو آهي. ڪي وايون گرام تي يعني گھور تان کڻبيون آهن. باقي اڪثر وايون “ٽيپ يا زبان جي تند” تان ئي ڳايون وينديون آهن. سائين سرڪار جي وائي جا اڪثر “ماترا” الڳ آهن، باقي انھيءَ سُر ۾ ڳائبي جنھن سُر جي هوندي آهي، ڪلياڻ سُر وائي هوندي ته وائي ۾ به سُر ڪلياڻ ٿيندو، راڻو ۽ سورٺ هوندو ته وائي ۾ اُهو سُر آلاپيو ويندو.
    “پھرين لطيفي ڏيڍي وائي” هن جو ٿلھه “تڙ نھاريان تڙ تي، منھنجا بندر ويئڙاسي”
    اهڙيءَ ريت هن وائي ۾ “تڙ نھاريان تڙ تي”، سنھي آواز ۾ ۽ پويان لفظ گرام ۾ ڳايا ويندا آهن ۽ پوءِ مصرع ڳائبي آهي، انھي ريت سلسلو هلندو رهندو آهي. ان وائي ۾ ڪجھه اضافي لفظ هوندا آهن، جھڙوڪ “ميان” “لا” “وه، وه” ۽ “الله” وغيره، جيڪي ماترا جي پورائي جي ڪري سُرن کي ملائين ٿا. موسيقي ڪھڙي به هُجي ان ۾ سُرن کي آلاپڻ لاءِ اھڙا آواز ڪڍيا ويندا آهن. ڏيڍي وائي ۾ خالي ڌڪ دنبوري جي ٿاري تي به لڳندو آهي. وائي جو دورانيو، تقريبن ڏهن کان پندرهن منٽ هوندو آهي. ان کان گھٽ يا وڌ ٿي سگھي ٿو ڪا به پابندي نه هوندي آهي.
    “ٻئي دوتالي وائي” هن وائيءَ جو انداز ڏيڍي کان ڪجهه مختلف هوندو آهي. باقي سُر انھيءَ ريت وائي مان نڪرندا آهن، هن وائيءَ ۾ خالي ڌڪ نه هوندو آهي، زبان تند، ٽيپ تند، گھور تند تي ئي ڌڪ لڳندا آهن. ٿلھه جون وراڻيون، مختلف هونديون آهن، “سسئي آبري” جون وايون آهن ته ان جا سُر به اُهي هوندا، جيڪڏهن ڪو ٻيو سُر آهي ته ان جو به اندز انھيءَ سُر مطابق هوندو آهي.
    “ٽئين ڇيڙ جي وائي” هي وائي تندن جي گرامر کان الڳ هوندي. ڳائبي دنبوري تي آهي پر ان جا لفظ ڪنھن ماترائن جا محتاج نه هوندا آهن. سائين جي هي وائي ٻڌندڙ کي اڳين وائين کان آسان لڳندي آهي. ان جا لفظ ظاهر هوندا آهن، سڌو دنبورو وڄائبو آهي.
    چوٿين “ذڪر جي وائي” هيءَ وائي وري دنبوري کانسواءِ ڳائبي آهي. هن وائيءَ جا ڳائيندڙ “الله” “الله هو” يا “هو” جو سُر ڳائيندڙ کي ملائي ڏيندا آهن. پوءِ مصراعون به وري ڳائي، الله الله جو ذڪر ڪن ٿا. هي ذڪر جون وايون فجر نماز کان اڳ لطيفي ذڪر مھل ڳائبيون آهن. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ، ذڪر تمام آسان آهي. ان کي سمجھڻ جي ضرورت آهي. ان تي هڪ پيار، قرب واري نظر وجھڻ جي ضرورت آهي. سائينءَ جو ڪلام، راڳ تمام گھڻو آسان آهي، جيڪڏهن اسان کي سمجھه ۾ نٿو اچي، اهو اسان جو قصور آهي، ڪنھن شيءِ کي بغير سوچڻ جي آخر ڪيئن ته سمجھي سگھبو؟ ان جا لاءِ لڳن جي گھرج آهي، ان جي ڪوشش گھربل آهي.

    ووءِ ووءِ ڪندي وت، متان ووءِ وسارئين
    رندن مٿي رت، هار ته ملين هوت کي.


    شاهه جا راڳي

    انسان موسيقي سان روح ۾ ڪافي سارا خيال پيدا ڪري پنهنجي شخصيت ۽ روح جي پرورش ڪري ٿو. انهيءِ سلسلي ۾ حضرت دائود عليه السلام الله جي تبليغ پنهنجي سريلي آواز سان ڪئي، جنهن جي آواز نه رڳو انسان موهيا پر پکي ۽ ٻي مخلوق پڻ موهجي گڏ ٿي. اسلامي نظام ۾ سڀ کان پهريان راڳ ۽ تصوف کي ملائڻ جو آغاز ابوسعيدالخراص 339هجري ۾ ڪيو. ان کان پوءِ مولانا جلال الدين رومي پنهنجي مرشد حضرت شمس تبريز عليه السلام جي حجر فراق ۽ عشق ۾ جيڪا شاعري چئي ان کي پنهنجي “ني ني” ۾ سمايو جنهن کي اسان سنڌي ۾ نڙ به چوندا آهيون. رومي رحمت الله عليه جي هن “ني ني” جو آواز صدين کان هن دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، رومي جي هن شروعات کان پوءِ سندس فقيرن، مريدن، پونئيرن هي اعلى ظرفيءَ جو ڪم روحانيت جي تبليغ ڪرڻ لاءِ جاري رکيو. فارسي جي هن اعلى شاعر دنياء صوفي ازم ۾ هڪ اهڙو مقام حاصل ڪيو جنهن جو مثال اڳ ڪونه ٿو ملي. تصوف ۾ رومي جي “ني ني” اهڙو روح ڦوڪيو جو انسان حقيقي راهه ڏانهن گامزن ٿيڻ ۾ دير نه ڪئي. بهرحال انهيءَ صدين جي سفر ۾ ابو سعيدالخراص کان پوءِ مولانا رومي هڪ اهڙي روحاني جدت آواز ۽ ساز سان آندي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين نعت، حمد، قصيدي جيان مشهور ۽ مقبول آهي. الله جي ولين بزرگن عالم دين انسانن هر حال ۾ انسان جي ڪامل مڪمل ٿيڻ لاءِ الله جي راهه ڏيکاري، انهن جي روحاني تربيت ڪئي، جيڪا نه وسارڻ جوڳي آهي ۽ ان راهه تي هلندڙ انسانن ڪاميابي ۽ ڪامراني جي طرف ڪجهه روان دوان ٿيا. انهيءَ امن جي راهه تي هلندڙ سنڌي قوم کي عالم لاءِ پيار ڏيندڙ حق جو هوڪو ڏيندي، حقيقي رستي تي هلڻ لاءِ دڳ ڏيندڙ اسان جو پيارو رهنما حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به هڪ آهي، جنهن ساز ۽ آواز سان تصوف ۽ انسانيت جي اعلى خدمت ڪئي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ سگهاري نظام کي تخليق ڪري سنڌي زبان ۾ راڳ جو روح اهڙو ڦوڪيو ۽ وڏو موضوع ڏنو جو اسان سنڌين جي لاءِ تمام اهم ۽ معتبر آهي. هن راهه تي هلڻ واري کي ڪڏهن به ڏکيائي جو منهن نه ڏسڻو پوندو. هن نظام ۾ نه لالچ، نه دنياداري ۽ نه انتها پسندي آهي. هميشه سڀن لاءِ امن جا نشان رهيا. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ اهڙي گهاٽي وڻ وانگر رهيا جنهن مان ڪنهن کي به ڪا تڪليف نه پهتي. هر ڪو روحاني فيض حاصل ڪري سڪون ۾ رهيو. ان سان گڏوگڏ انسان جي تربيت ۽ تعليم جو پاڻ وڏو مثال آهن. شاهه سائين جو رسالو، راڳ ۽ طريقت اڄ به انسان کي حق جي راهه ڏانهن راغب ڪري ٿي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسان کي ڪامل ۽ مڪمل بنائڻ لاءِ هڪ اهڙو موسيقي جو نظام سنڌي زبان ۾ ڏنو، جنهن ۾ روحانيت جو ذڪر سمايل آهي ۽ جنهن سان هر بيمار روح جو علاج روحاني موسيقي سان ممڪن ٿي سگهيو. شهنشاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جي سرزمين تي هڪ اهڙو دنبورو ايجاد ڪيو جنهن جي “تُون تُون” جو آواز اڄ يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۽ علائقن ۾ گونجي رهيو آهي. دنيا جي ٻين ملڪن وارا ڏاها شاهه سائين جي آواز کي پرکڻ لاءِ پي ايڇ ڊي جا ٿيسز ڪندا رهيا آهن ۽ ڪري رهيا آهن. آخرڪار هن موسيقي جي ساز ۾ ڪهڙو ڪمال آهي جنهن جي ترتيب صدين کان اڄ تائين جيئن جو تيئن هلي رهي آهي. شاهه سائين جي هن فڪر ۽ ذڪر تي تحقيقون اڳ به ٿيون آهي اڄ به ٿين پيون ۽ ان کان پوءِ مستقبل ۾ به ضرور ٿينديون. لطيفيات، هڪ اهڙو موضوع آهي جنهن تي جيترو ڪم ٿيندو اوترو ئي موضوع وسيع ٿيندو وڃي ٿو، جنهن کي اڃا تائين ڪوبه اڄ جو ڏاهو انسان حد نه ڏئي سگهيو آهي ۽ نه ئي ڏئي سگهندو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي راڳ جي شروعات پنهنجي راڳين کان جمع جي رات يا ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته خميس جي رات کان ڪئي. بهرحال هاڻ جمع جي رات تي تحقيق ڪامل ٿي چڪي آهي ته شاهه سائين جمع جي رات ئي راڳ جي شروعات ڪئي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي پياري فقير تمر کان جمع جي رات راڳ جو سلسلو جاري ڪيو، جيڪو 1144هجري ۾ مڪمل طور تي شروع ٿيو. سنڌي تاريخ جا اهڙا سورما جن پنهنجي زندگي لطيف سرڪار جي هن روحاني پيغام کي ڦهلائڻ ۾ ڏئي ڇڏي بنا ڪنهن لالچ بنا ڪنهن دنياوي ڪم جي پنهنجو روحاني سفر جاري رکيو، فقير تمر پنهنجي مرشد جي حڪم جي تعميل ڪري روحانيت ۾ لطيفي راڳ ڏئي روح ڦوڪي ڇڏيو. فقير تمر، فقير ولي محمد، فقير سيد نقي شاهه، فقير هاشم رهاڻ پوٽو ۽ انهن فقيرن جو خدمتگار جنهن کي اڄ پيڙهن وارو فقير چيو ويندو آهي، اهو فقير عرس فقير ساند شاهه سائين جي هن فڪر جا بنيادي فقير آهن، جن لطيفي راڳ جي باقائدا طور شروعات ڪئي. فقير تمر دنياوي مسئلن جي الجهاون ۾ رهڻ جي باوجود پنهنجي مرشد جو پيغام عام ڪندو رهيو. زندگي جي ڏکيائن سبب تمر فقير ڀٽ شاهه مان هجرت ڪري ڀُڄ جي هڪ ڳوٺ ۾ ٻارنهن سال رهيو جتي به پاڻ اُتي جي ماڻهن کي راڳ جي مڪمل تربيت ڏئي جمع جي رات راڳ جي شروعات ان ڳوٺ ۾ ڪئي جنهن جا مثال اڄ جا اتي جا فقير مٺو جت ۽ فقير سومار جت آهن، جيڪي نسلن کان وٺي پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو راڳ اڄ ڏينهن تائين انڊيا ۾ ڀُڄ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ هر جمع جي رات ڪري رهيا آهن. تمر فقير جي غيرحاضري جي دور ۾ درگاهه ڀٽ شاهه تي مئين ولي محمد جي اڳواڻي رهي جنهن ٻارهن سالن تائين پنهنجي مرشد جي پيغام کي عام ڪيو. ان کان پوءِ تمر فقير واپس اچي پنهنجي مرشد جي هن سونپيل ڪم کي اڳتي وڌايو ۽ راڳ جي اڳواڻي ڪئي. اهو راڳ جو سلسلو اڄ تائين هلندڙ آهي. تاريخي اگر بحث ڪبو ته لطيفي طريقت جا ڪيترائي ڪتاب لکجي ويندا، بهرحال اسان شاهه جي راڳي فقيرن کي اڄ هن سلسلي ۾ شامل ڪيون ٿا جن پنهنجون زندگيون هن روحاني رمز ۾ گذاري حق جو هوڪو ڏنو آهي. لطيفي راڳ جي سلسلي ۾ ڪجهه اهڙا اهم نالا آهن جن لطيفي طريقت کي هٿي ڏئي پنهنجون زندگيون ڏنيون ۽ سرخرو ٿي ويا. لطيفي دنبوري جي ايجاد شاهه سائين اهڙي ته ڪئي آهي جو ٻڌندڙ نه زبان جو محتاج ٿو رهي ۽ نه ئي موسيقي جي ڄاڻ جي ضرورت پوي ٿي. ٻڌندڙ جي اندر ۾ هڪ آواز روح جي رڳن ۾ وڃي قلب جي محل سڪون جو ماحول پيدا ڪري ٿو. شاهه سائين جي هن راڳ جي سلسلي ۾ فقير اسماعيل کاهوڙي گنج شريف ترتيب ڏيارائي پنهنجو حقيقي فرض ادا ڪيو. فقير يعقوب شهيد جو دور راڳ ۾ هڪ سنهري دور آهي. 1225 هجري کان 1245 هجري تائين فقير لطيفي راڳ سان آخري دم تائين وابسطه رهيو. ان سلسلي جا فقير ته ڪافي آهن جن تي بحث ڪرڻ تمام وڏو ڪم آهي پر لطيفي راڳ جي سلسلي ۾ جن نالو ڪمايو انهن جا نالا ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو، اسماعيل فقير کاهوڙي، فقير الياس پنهور، مائي نعمت (مائي ٺوڙهي)، فقير لائق ڏنو تمراڻي(اول)، فقير يوسف ٻگهيو (گهنڊ)، فقير مراد ٻگهيو، فقير ڪيهر لنجواڻي۽ فقير ابراهيم خاصخيلي پنهنجي زندگي جو مشن لطيفي راڳ کي بنايو. جيڪي پنهنجي سڄي زندگي لطيفي راڳ سان وابستا رهيا. ابراهيم فقير خاصخيلي سنهي آواز سان راڳ کي ڳائڻ جو باني آهي، ان کان اڳ لطيفي راڳ کرج جي صورت ۾ يعني هيٺئين سپتڪ “گا” ۾ ڳايو ويندو هو، فقير الهه بچايو لنجواڻي، فقير ميرمحمد عرف ميرو لنجواڻي، فقير محمد ڀٽي (اوڏ)، فقير ميرو لنجواڻي لطيفي راڳ ۾ وائي جا ڪمال وارا فقير هئا. فقير ميرو لنجواڻي جو آواز کرج وارو هو، جنهن کي لطيفي وائي ۾ “اڌڪ” جو باني چيو وڃي ٿو، هي هڪ لطيفي موسيقي جو لفظ آهي جيڪو وائي جي سرن ۾ استعمال ٿئي ٿو. شاهه سائين جا فقير پنهنجي وسان لطيفي راڳ جي خدمت عقيدت ۽ احترام سان ڪندا رهيا آهن. فقير ابراهيم خاصخيلي جي دور کان پوءِ فقير سيد غلام شاهه جو دور لطيفي راڳ ۾ بهترين دور ليکيو وڃي ٿو. جنهن ۾ لطيفي راڳ کي تمام گهڻي هٿي ملي پاڻ گادي نشين جا فرزند هئڻ سان گڏوگڏ لطيفي راڳي ٿي گذريا آهن. هميشه فقيري واري زندگي ۾ رهيا، جنهن به فقير جو آواز وڻندو هوس ان کي راڳ سيکارڻ جي آڇ ڪري هر قسم جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪري راڳ سيکاريندو هو. اڄ جيڪو راڳ لطيفي صحن تي هفتي وار هلندڙ آهي اهو فقير غلام شاهه جي خدمتن جي ڪري ئي آهي. ائين چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو ته فقير غلام شاهه اڪيلو ويهي لطيف جي صحن ۾ راڳ آلاپيندو هو پاڻ ڪيترائي سال جمع جي رات اڳواڻي ڪيائون. ڀٽ شاهه جي ڀر ۾ ڪاٺين جو هڪ ڇپر واري جي ڊٻ تي ٺهرائي شاگردن کي لطيفي راڳ سيکارڻ جو اسڪول بنايو هو، جنهن اسڪول جي سببان اڄ لطيفي راڳ هفتي وار هلندڙ آهي. سيد غلام شاهه هفتي جون راتيون فقيرن کي ورهائي ترتيب سان ڏنيون ته جيئن هي طريقت اڳتي وڌي سگهي. ان ترتيب ۾ سڀ کان پهرين پاڻ جمع ۽ سومر رات راڳ جي شروعات ڪئي. اڱاري جي رات فقير تاج محمد لنجواڻي، اربع جي رات فقير چڀڙ ميربحر، خميس جي رات فقير غلام حيدر نظاماڻي، ڇنڇر رات فقير قربان لنجواڻي، آچر رات جڙيل لنجواڻي کي ورهائي ڏنيون. ان دور کان پوءِ فقير الله بچايو تمراڻي وارو دور شاهه جي راڳ ۾ به تمام وڏي حيثيت رکي ٿو. فقير الله بچايو تمراڻي ٽي کان چار ڏهاڪن تائين لطيفي راڳ جي حاضري ڀريندو هو. سڄي رات راڳ رهاڻ کان پوءِ صبح جو اٿندو هو، ڪڏهن به جمع جي رات راڳ کان غير حاضر نه رهيو. ان کان پوءِ سيد جمن شاهه هاڻوڪن فقيرن ۾ جمع جي رات جو اڳواڻ آهي جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لطيفي راڳ ٻين ڪيترن ئي راڳين سان گڏ پيش ڪري چڪو آهي. اڄ لطيفي راڳ هفتي جون سڀ راتيون ۽ سڀ ڏينهن درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي آلاپيو وڃي ٿو. فقيرن جي خدمت لاءِ پيڙهن وارا فقير پڻ لطيفي راڳين جي خدمت ڪري رهيا آهن.


    لطيفي ساز دنبورو

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن ڪيترائي اهڙا ڪم ڪيا، جيڪي اڳ سنڌوءَ جي تھذيب ۾ ڪنھن به نه ڪيا هئا. مھراڻ جا موتي سائينءَ جي رسالي ۾ اهڙي ريت چمڪن پيا، جن کي چڱي ريت ڏسي سگھجي ٿو. حضرت شاهه عبداللطيف سرڪار روحانيت جي، اخلاق جي، هم آهنگي جي، پيار ۽ امن جي هڪ يونيورسٽي ٺاهي. جنھن کي فقراءَ جي زباني ان کي خوانگاهه چئبو آهي. ان جو نالو ڪھڙو به هجي پر ان جو ڪم انسانيت ۾ پيار ۽ مالڪ سائين جي راهه تي آڻڻ هو. سنڌوءَ جي ڪناري تي ڪيترا ئي علم حاصل ڪرڻ جا ادارا، پيري مريدي جون گاديون اڳ به هيون پر سائين انھن سڀني ڪمن کي ساڻ ڪري هڪ مضبوط انسانيت جي اداري جو بنياد وڌو. انھي اداري واري جاءِ جو نالو وڏي اوطاق آهي. وڏي اوطاق ڪا عام اوطاق ناهي، هن کي ادارو چئجي ته بھتر ٿيندو. لطيف سائين جن جڏهن جيسلمير، هنگلاچ، لاهوت، پٻ، حب، وندر، سڳر پٽيون، هاڙهو ۽ تونگان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي علائقا گھميا، انھن سفرن بابت ڪافي روايتون آهن. سائين جن پاڻ تمام گھڻو سير ڪيو، پاڻ انيڪ سفر ڪيائون پر پوءِ اچي هاڻوڪي ڀٽ شاهه کان اُتر طرف هڪ کوهه کوٽائي ۽ هڪ مسجد جوڙائي ويھي رھيا، پوءِ سائين سان ڪي اهڙا سبب بڻيا ته سائين جن کي اُتان هجرت ڪرڻي پئي. لطيف سرڪار انسانيت سان گڏوگڏ ٻئي مخلوق تي به ٻاجھارا هئا، پاڻ انھي جاءِ تان نانگ ۽ شينھن واري دڙي تي اچي رھيا، جتي جھنگ جي خوف سان گڏ هنن خطرناڪ جيوت جو ڀئو هوندو هو، اتي ڪير به وڃي نه سگھندو هو.

    ڪک سڙيو، پن سڙيو، سڙيو سارو گاهه،
    ساڻي جن الله، توءِ نه لڳي تن کي.

    فقير خوف جي بيماري کان پاڪ هوندا آهن، هُنن جي لاءِ سڀ لوڪ لَسَ هوندو آهي. سائين جي تعميراتي ڪم ۾ وڏي اوطاق جو ڪم به شامل آهي، جيڪا سندن چاهيندڙن فقيرن ٺاهي هئي. وڏي اوطاق جي بناوٽي ڪم ۾ جيڪا مٽي استعمال ڪئي، ان جاءِ تي هڪ وڏي ڍنڍ ٿي ويئي، جنهن جو نالو پاڻ سائين جن ئي ڪراڙ ڍنڍ رکيو. اڄ به ڪراڙ جا ڪنارا آباد آهن. وڏي اوطاق جو مڪمل ذڪر ٻين ڪيترين ئي لکڻين ۾ ڪري آيا آهيون. الغرض سائين جي هن حويلي سان گڏ مسجد شريف، حضرت سيد حبيب شاهه سائين جن جي والد جو روضو مبارڪ سائين پاڻ تعمير ڪرايو هو، ان کان علاوه سائين سيد شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو جن جو روضو مبارڪ به سائين جن ٺھرايو هو. چون ٿا ته ڪاشِي ملتان مان خريد ڪري مھراڻ جي موجن مان ٻيڙين ذريعي پاڻ کڻائي آيا هئا. ان سفر ۾ سائين ڪيترن درويشن سان به مليا هئا، جنھن بابت ڪافي روايتون ماڻھو زباني ڪن ٿا.

    سنجھي سنڊ ڀري، پوئين رات پنڌ پيا،
    وکون وڌائون وڌنديون، هليا ڪين هري،
    ڪشالا ڪري، کاهوڙي پھتا خير سان.

    سائين جن پنھنجي مقصد ۾ پورائي ڪرڻ خاطر ڪيترائي انيڪ ڪم ڪندا رھيا. “احديت” جي ذڪر جو ايجاد ڪرڻ، لطيفي طريقت جو مڪمل بنياد وجھڻ، لطيفي راڳ جو ايجاد ڪرڻ ۽ ان سان گڏ دنبوري جي لاجواب ايجاد ڪري، سائين سڀني جي دلين تي پنھنجو سڪو هلايو، لطيف سائين جن بابت روايت ڪن ٿا ته پاڻ واڍي کي چيو هوائون ته مونکي ڪاٺ جو ماڻھو ٺاهي ڏي، ان جو مڪمل نقشو، بناوٽي شڪل به سائين جن پاڻ ٻُڌائي هئي. ڪاٺ جي انھي ساز جو اونچو مقام انڪري ٿيو جو هن ساز تي ڪو به شيطاني راڳ نٿو ڳايو وڃي.ساز ٻيا به دنيا ۾ ڪيترائي آهن پر سائين جن جو دنبورو واحد ساز آهي، جنھن کي وڄائڻ وارا فقير سڀ کان پھرين وضو ڪري پوءِ راڳ چوندا آهن، پوءِ هن ساز جي تندن کي چورين ٿا.

    “اُٿي در اُناءِ، دانھون دنبورن جون”
    سائين فرمايو آهي ته دنبورو دل، تن تسبيع آهي، من مڻيو آهي. لطيف سائين جو راڳ انسان کي مالڪ سائين ڏانھن راغب ڪري ٿو. اسلامي موسيقي جا جيڪڏهن پيرا کڻنداسين ته اها ابو سعيد الخير جي دور کان رائج ڪئي وئي. پر ان کانپوءِ حضرت مولانا جلاالدين رومي جن جي محفل سماع جو هڪ پڪو نظام هلڻ شروع ٿيو. صوفي ٻين سلسلن ۾ به قوالي، قصيده ۽ موسيقي جو نظام موجود هو پر سرڪار لطيف سائين جن جي راڳ جي طريقت جو آغاز 1144 هجري ڌاري ٿيو، جنھن بابت ماڻھو چون ٿا ته سائين جن واڍن، موتي ۽ گوپال کي چيو مونکي ڪاٺ جو ماڻھو ٺاهي ڏيو، جيڪو انسانن جيان ذڪر خدا وند ڪريم جو ڪري، روايتون ٻيون به آهن، جيڪي هتي سڀ نٿيون ڏيئي سگھجن. سائين جي لطيفي دنبوري جي بناوٽ جي لحاظ کان سائين جو دنبورو اڳ هن دنيا ۾ موجود نه هو، اڪثر تحقيق ڪندڙ چون ٿا ته لطيف سائين جن جو دنبورو ايراني “عود” جي شڪل تي ٺھيل آهي يا ان جي بگڙيل صورت آهي. عود ۾ چار تارون آهن، ان جو گَرو ۽ “گُنا” ۾ آواز آهي، ايراني “عود” “زرياب سنڌي” جو ٺاهيل ساز آهي، جيڪو اسحاق موسلي جو شاگرد هو، اُهو هڪ الڳ بحث آهي. سائين جي دنبوري جي بناوٽ بابت اچو ته گڏجي ڄاڻ حاصل ڪريون. دنبوري جي شڪل ٻين سازن کان الڳ آهي پر ستار ۽ هڪ ٻه ٻين سازن سان ملي ٿي پر سائين جي دنبوري جو الڳ انداز آهي، جيڪي دنبوري ۾ موجود حصا آهن، انھن بابت معلومات حاصل ڪريون ته انھن جا نالا ڪھڙا آهن، ڪيئن ٺھن ٿا، ڪھڙو ڪم ٿا.

    تون سپڙ آئون سيڪڙو، تون ڏاتار آئون ڏڏ،
    سڻي تنھنجو سڏ، ڪُلھي پاتم ڪينرو.

    دنبوري ۾ لڳل اوزارن جا نالا ڳئٽيون، سنگ، گھوڙي، ٿاري، طنبو، تکڙون، گُلو ۽ پُستَنگ آهن، انھن کان علاوه، پنج تندون، زبان، ٽيپ، اڳين جاڙي، پوئين جاڙي، گھور جي تند ۽ ڇلو دنبوري وڄائڻ لاءَ. “ڳئٽيون” هي سڀ کان مٿان، کجيجي ٽارين نماءَ پنج ڳئٽيون هونديون آهن. ڳئيٽيون تارن کي قابو ڪرڻ ۽ دنبوري جي “ڪڙي” يعني تارن کي سُرن ۾ آڻڻ جي ڪم اينديون آهن. ڳئٽيون سَنگ ۾ لڳل هونديون آهن، ڳئٽيون “ڪرش” جي ڪاٺي يعني ڪَنڊي جي ڪاٺ جي پاڙ مان ٺھنديون آهن، هاڻ ڪاريگر انھن کي ٻين ڪاٺين مان به ٺاھين ٿا، هنن جو هيٺيون حصو ڪاٺ جي گول ڪِلي نماءَ هوندو آهي، هنن جي وچ ۾ هڪ سنھو سوراخ هوندو آهي، جتي دنبوري جي تند قابو رکبي آهي. مٿيون تار جو سِرو ڳئٽي ۾ ۽ هيٺيون پاسو پستنگ ۾ ڦاسندو آهي. پستنگ طنبي جي هيٺين پاسي لڳل هوندو آهي. “سنگ” دنبوري جي وچ واري جاءِ کي چئبو آهي، سنگ ۾ ڪاٺ جو استعمال هلڪي ڪاٺ مان ٺھيل هوندو آهي. جنڳن جو وزن ڳرو نه هجي، سنگ ٻن حصن تي مشتمل هوندو آهي. ڪاٺ جو پويون حصو گول ڪنڊو آهي، سنگ جو وچ خالي ڪيو ويندو آهي، ان جي مٿان ٽالھي جي ڪاٺ جي سنھڙي تکڙ هوندي آهي، اُن کي “سرس” سان چنبڙايو ويندو آهي، اڳ ۾ دنبورا صرف سياري جي موسم ۾ ٺاھيا ويندا هئا، جو ان ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ۽ شيون جيئن وِگھري نه سگهن. هاڻ ته جديد طريقي سان دنبورا ٺاهيا ويندا آهن، هر موسم ۾ دنبورا تيار ملن ٿا، اڳ ۾ آرڊر تي ٺھندا هئا. سنگ جي مٿئين پاسي کان ٻه جھلون هونديون آهن، هڪ ۾ سنھڙا سوراخ هوندا آهن، ٻئي ۾ مٿئين پاسي گھاڙيٽي سان ٺھيل تند جي رکڻ جي جاءِ ٺھيل هوندي آهي. تند جاڙين ۽ تند ٽيپ جون ٻه ٻه جھلون ترتيب سان لڳل هونديون آهن، “گُلو” هي هڪ اھڙو دنبوري جو حصو آهي جيڪو ڏسندڙ کي واضح طور نظر نٿو اچي پر هن جو ڪم سُرن جي لاءِ اهم هوندو آهي، جيڪو سنگ ۽ طنبي وچ ۾ هوندو آهي، هن جو سُرن جي ڪري وچ خالي هوندو اٿس، سنگ جي پويان طنبي کي ڳنڍي ٿو. “طنبو” هي دنبوري جو هيٺيون حصو آهي، جيڪو مڪمل طور اندران خالي هوندو آهي، هن ۾ سنھڙيون، سنھڙيون تکڙون هونديون آهن، جن ۾ ٽالھي “شيشم” جو ڪاٺ ڪتب ايندو آهي، هنن ڪاٺين کي ملائڻ سان طنبو تيار ٿيندو آهي. “ٿاري” هي ڪاٺي جي هڪ پليٽ نماءَ هوندي آهي، جيڪا طنبي مٿان رکبي آهي، هي ڪاٺي اڪثر “سرينھن” جي وڻ جي استعال ڪبي آهي. “گھوڙي” هي ڪاٺي جو ٽڪڙو طنبي مٿان تندن کي جھلڻ جي لاءِ هوندو آهي، جنھن سان دنبوري جو آواز چٽو ۽ مٺو ٿيندو آهي. گھوڙي جي شڪل چورس ڪاٺ جي ٽڪري جيان هوندي آهي پر هن ۾ هڪ جھل نماءَ تاري جي لاءَ گھڙيل جاءَ پڻ هوندي آهي. “پستنگ” هي “عاج” مان ٺھيل هوندو آهي، جنھن جو رنگ اڇو هوندو آهي. پستنگ ۾ پنج ئي تارون دنبوري جي هيٺين پاسي ۾ لڳل هونديون آهن.“عاج” هي هڪ اڇو حصو هوندو آهي پر هي ڪاٺ ناهي هوندو. “عاج” هن جو ڪم سنگ تي، طنبي جي مٿان ٿاري تي اسلامي ڪاشِي ٽائل نماءَ هڪ لڪير جي شڪل ۾ هوندو آهي. “جھوڙ” هن جا ٻه پاسا هوندا آهن، مٿئين پاسي ۾ هڪ ڌاڳو هوندو آهي، جنھن سان جھوڙ دنبوري سان ڳنڍيل هوندو آهي، ان کان هيٺان ڪپهه يا ڪپڙي جا اهڙا ٻه ٽڪنڊا هوندا آهن، هڪ ٽڪنڊي مٿان ۽ ٻئي ان جي هيٺان هوندي آهي. انھن جي وچ ۾ موتين جي ڄاري سونھن خاطر ٺھيل هوندي آهي. هيٺين پاسي کان کُليل مالھائون موتين جون هونديون آهن، موتين جي مالھائن جو مٿيون پاسو ٽڪنڊي ۾ ڦاٿل هوندو آهي، هيٺيون پاسو الڳ، الڳ ڌارن ۾ ورهايل هوندو آهي، “ڇلو” هي لوهه جي تار هوندو آهي، هي دنبوري جو حصو ته ڪونھي پر ڇَلي کانسواءِ دنبورو اڌورو هوندو آهي. ڇلو شٽرنگ جي تار کان به سنھي لوھي تار جو ٺھيل هوندو آهي، ڇلي ٺاهڻ جو فن دنبوري ڪاريگرن وٽ هوندو آهي، ساڄي هٿ جي شاهد آڱر ۾ فقير پائي، کاٻي ڪُلھي تي رکي وڄائين ٿا. لطيفي راڳ ڳائڻ کان اڳ فقير انھن دنبورن کي سُر ۾ ملائين ٿا، جنھن کي لطيفي راڳ جي “ڪڙي” چئبو آهي. پوءَ فقير وڏي اوطاق تان هڪ قطار جي شڪل ۾ درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح تي پھچي، وضو ڪري، پڙھڻ ويهن ٿا. تند جو سُر فقير الاپئيندا آهن، اِهو سلسلو عشاءَ نماز کان، فجر نماز جي ٻانگ تائين هلندو آهي. شروعات لطيفي راڳ جي ڪلياڻ جي سُر کان ٿيندي آهي، آخر ۾ سُر ماروي کان پوءِ دُعا گھري ويندي آهي. لطيفي فقير ڌڻي جي در تي سڄي رات ويھي مالڪ کي ٻاڏائين ٿا. لطيف سائين جي راڳ ۾ اهڙي ڪشش سمايل آهي، جنھن ٻڌندڙ جي دلين تي ٽي سئو سالن کان به وڌيڪ بادشاهي ڪئي آهي. اڃان به اهو سلسلو جاري آهي. سائين جي دنبوري مان “تون ”، “تون” جي تند توحيد جي طالبن کي سنئين واٽ ڏيکارڻ ۾ مصروف آهي.
    ڄاڻين ته مَ ڄاڻ، ايءِ در اٻوجھن جو،
    ان در سيئي اگھيا، جن نه ڀانئيو پاڻ،
    ريجھايو راڄاڻ، آهي اَٻوجھن کي.


    لطيفي دُعا

    الله تعاليٰ جي سگهه جو اندازو فقط الله سائينءَ کي ئي آهي، جيئن چاهي تيئن ڪري. رب پاڪ فرمائين ٿا، تقدير جي طاقت جو اندازو به ڪنھن کي ناهي، جيئن رب پاڪ جي لکيل تقدير ۾ هوندو تيئن ٿيندو، پر انھي تقدير کان طاقتور دُعا آهي، جيڪا انسان مالڪ در ٻاڏائي ٿو. دُعا عربي زبان جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنى آهي التجا، آهه ۽ پڪار. هر دُعا عبادت جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ الله سائينءَ جي در تي گُھري ويندي آهي. دعا ۾ اندر جون پُڪارون، آهون، رڙيون، خواهشون شامل هونديون آهن. جن جا هٿ نه هوندا آهن، دعا انهن جي به قبول ٿيندي آهي. دعا جو مطلب ارادي جي پختگي آهي. دعا ۾ عاجزيءَ جو هجڻ لازمي هوندو آهي. جيتري هيٺائين هوندي اُوتري ئي دعا جي قبوليت جي پڪ هوندي آهي. نماز کانپوءِ، ذڪر بعد دعا گھري ويندي آهي. انسان پنھنجي احساسن جو هڪ ڀنڊار کولي مالڪ اڳيان ويھندو آهي. انسان هتي مجبور ۽ بيوس آهي، دعائون گھري دل کي تسڪين ڏيندو آهي. اميد ۽ توڪل جي وچ ۾ جيئڻ کي فقراء فقيري عقيدو چون ٿا،

    مارو مٽ ملير جا، ويئا راڄ رهي
    سيڻ منھنجا سيد چئي، آهن ساڻيھه منجھه صحي
    ويڙهچن ويھي، مون تان بند بدا ڪيو.

    گُھرڻ جو انداز به ضرور اچڻ گھرجي. اهڙو سائل جنھن جي صدا تي ڏاتار ڏيڻ تي مجبور ٿي پوي، پر اسان کي اسان جي سائينءَ ٻڌايو آهي ته ڏيڻ وارو ته ڏيڻ لاءِ تيار آهي پر گھرڻ واري جو انداز صحيح هئڻ گهرجي. جيڪر اسان کي اُهو طريقو اچي وڃي ته اسان صرف مالڪ جي محتاجي کانسواءِ ڪنھن ٻئي جا محتاج نه هجون ها. حضرت سيد شاهه سائين جن فرمائين ٿا ته،

    پنيا در مَ پن، جن پنييءِ پوري نه ٿئي
    نانءُ انھي جو ڳھن، جو مودي مائڪن جو

    فقير هر وقت مالڪ کي ريجھائڻ لاءِ دعائون گھرندا رهندا آهن. الله سائين جي نبين سڳورن ۽ الغرض ٻين مخلوقن به مالڪ سائين جي در تي ٻاڏايو آهي. امامن سڳورن، اصحابه رسول، ولين، بزرگن، غوثن، قطبن، قلندرن ڌڻي سائينءَ جي در تي دعائون گُھريون آهن. اهڙيءَ ريت اسان جي مرشد سرڪار، هادي، رهبر حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن به الله سائينءَ جي در تي بيحد ٻاڏايو آهي. شاهه سائين جن جي فڪر لطيف ۾ دعا وڌ کان وڌ گھري وڃي ٿي. دعايا بيت پڻ سائينءَ جا چيل آهن. سائين جي فڪرِ لطيف ۾ دعا تقريبن رسالي جي سڀني سُرن ۾ موجود آهي. بيتن سان گڏ وايون پڻ چيل آهن. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي رسالي ۾ بي انتھا دعايا بيت آهن ۽ سائينءَ جي راڳ ۾ ٻه دعائون گھريون وينديون آهن، هڪ سھڻيءَ جي دعا، ٻي مارويءَ جي. درگاهه شريف تي نماز فرض جي دعا کان پوءِ ذڪر ڪري به دعا گُھري ويندي آهي، ۽ نماز جي آخر ۾ به دعا گھري ويندي آهي. ذڪر حلقي ڪرڻ کانپوءِ به دعا گھري ويندي آهي. سائينءَ جي دروازي کي معمور ڪرڻ يعني بند ڪرڻ مھل به ذڪر ڪري دعا گھربي آهي. صبح جي وقت فجر نماز کان اڳ ۾ دروازي کولڻ مھل به دعا گھري ويندي آهي. ان کان علاوه ذڪر جي وائي کان پوءِ به دعا گھربي آهي. سماع جي ذڪر ڪري ضرب هڻي وڏي اوطاق تي به دعا گھري ويندي آهي، پوءِ جڏھن فقير وڏي اوطاق تان نڪري سماع لاءِ درگاهه جي طرف ويندا آهن ته سماع جي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ به سماع وارو فقير دعا گھرندو آهي. الله جي در عاجزي، لطيف سرڪار جي درگاهه شريف تي هميشه جاري رهندي آهي، پر هتي فڪر جو طريقو عام صوفي درگاهن کان گھڻو مختلف آهي. ڏينھن ۾ پنج دفعا نماز ۾ ذڪر کانپوءِ دعا، راڳ ۾ ٻه دعائون، روضي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي کُلڻ ۽ بند ٿيڻ جون ٻه عائون، حلقي جي دعا، مغرب جي نماز کانپوءِ گھري ويندي آهي. عام طرح سان انسان جي دعا لاءِ ڪو به قانون ٺھيل ناهي پر لطيفي فڪر جي طريقت ۾ دعا جي لاءِ هڪ قانون موجود آهي،

    منھنجي مدائين جي، ڪَل پريان پئي
    ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا، ڏوراپو ڏيئي
    ساجن سڀئي، ڍڪيم ڍول ڍلائيون

    سائينءَ جن فرمائين ٿا ته “منھنجي عيبن جي مالڪ کي سڀ خبر آهي، پوءِ هُو ناراض نٿو ٿئي، مالڪ سائين منھنجا عيب سڀ ڍڪيا آهن.” اوهان ٿورو غور ڪري ڏسندا ته اسان انسان ته عيبن سان ڀريل آهيون، هي ته مالڪ جا ڪرم آهن، جنھن اسان جا ڏوهه لڪائي اسان کي معاشري ۾ عزت بخشي آهي، نه ته اسان ته پنھنجي عيبن کان واقف آهيون، جيڪو اسان جو حال آهي، پر اسان کي لطيف سرڪار جن ٻڌائين ٿا ته ڪھڙيءَ ريت مالڪ سائين در سوال ڪجن، مقصد جي پورائي تائين انسان مالڪ جي در ٻاڏائيندو رهندو آهي. اسان جي مرشد اسان کي اهڙا ڪيئي، طريقا ڏسيا جن جي ذريعي اسان مالڪِ حقيقيءَ کي راضي ڪري سگھون ٿا، جيئن ته

    پائي پاند ڳچيءَ ۾، اڱڻ جي اچن
    منھن مدايون تن کي، ڏسڻ سان نه ڏجن
    اوڳڻ عيب مٺايون، ڍڪڻ ٿي ڍڪجن
    سائين سندا تن، مطلب ميڙوئي ڪرين

    جيڪو ڳچيءَ ۾ڳارو پائي تنھنجي در تي اچي ٿو، ان کي معاف ڪري ڇڏ، ان مھل ان جي اڳيان، عيب ظاهر نه ڪر، ان جون ڪميون ڪوتاهيون معاف ڪر، جنھن ڪم لاءِ تنھنجي در اچن، ان جو اُهو ڪم ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪريو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي دعا ۾ ٽه تسبيعون آهن، پھرين تسبيع ۾ الله سائين در صدائون، ٻئي تسبيع ۾ حضور اڪرم صه جن جي وسيلي سان دعا ڪئي ويندي آهي، ٽين تسبيع ۾ شاهه سائين جي معرفت سان الله جي در دعا گُھري ويندي آهي. هتي مڪمل تفصيل لطيفي دعايا بيتن جو ڏيڻ ممڪن ناهي، مختصر مٿي بيان ٿيل آهي، سائينءَ جي دعا هن طرح گھربي آهي، هنن ٽن صدائن سان شروع ٿئي ٿي،

    پھرين تسبيع
    هٿ کڻجو ! الله جي رحمت ڏي
    رب منھنجا پنھنجي ستاري ڪجائين
    سوالين جا سوال پورا ڪرين،
    جن جا جھڙا موچارا مقصد،
    تن جا تھڙا پورا ڪرين محابي پنجتن جي،

    بيت
    جيڏو تنھنجو نان، ٻاجھه به اوڏيائي منڱان
    ري ٿنڀين ري ٿوڻيئين، ڇپر تون ڇان
    آئون ڪڄاڙو ڪھان، توکي معلوم سڀڪا

    بيت
    مَ ڪر ڍول ڍلو، ناتو نماڻيءَ سين
    ڪونھي ڪميڻي جو، بگر تو بلو
    تنھنجو نان، نلو وٺيو ويٺي آھيان
    يا ڪريم به رحمت يا ارحم راحمين

    ٻئي تسبيع
    الله جي الاهيءَ جو خير، محمد جي بادشاهي جو خير
    آل نبي اولاد علي جو خير،
    فقراء جماعت جو خير، ساري امت جو خير ڪرين


    بيت
    جي مان موڙهي مَتَ، تون پاڻ سڃاڻي سپرين
    اصل اوائين جا، عيب ڍڪين تون ات
    پرين تنھنجي پت، ولھيون ڍڪڻ ولھا

    وائي
    ڍَڪ ڍَڪيندو، مون نه ڇڏيندو، شفيع شافع سپرين!
    انڌا اونڌا آکڙيا، سڀ نڀائي نيندو
    وٽان ويچارن تان، داڙون پاڻ دڙيندو
    جي ڏوهارين ڏاکڙا، لڪ سي لنگھائيندو
    نور ناڪارو نه ڪري، محمد صه منٿ مڃيندو
    هِت به حامي هيڻن جو، اڳيان هادي هٿ ڌريندو
    طھورا تئين کي، پانڊپ پياريندو
    تنبو آڻي تاءَ ۾، عاصين وٽ اڏيندو
    داتا دوزخين جو، لينگھو لھرايندو
    رَسڻ ويل رَسي ڪري، مشڪ رنگ مٽيندو
    رحمته للعالمين، اُهکي اُتي آڳه ٿيندو
    اُتي عبداللطيف جو، هادي هٿ جھليندو
    به رحمت يا ارحم راحمين، آمين

    ٽين تسبيع
    ڪريم لطيف جي بادشاهي جو خير،
    ڪريم لطيف جي فقرا جماعت جو خير
    مئين صاحب جو خير
    مئين صاحب جي پٽن پوٽن جو خير،
    ڀائرن ڀائٽن جو خير ڪرين،
    تن جي صدقي جي آسائو ويسائو آيا آهن
    انھن جا مقصد پورا ڪرين محابي پنجتن جي
    قرض وارن جا قرض لاهين، عرض وارن جا غرض ڪرين
    نالي مٺا بي اولاد ڏجائين،
    بي دين کي ڏجائين، بي رزقن رزق ڏجائين
    بي ساڃاهن کي ساڃاهه ڏجائين، محابي پنجتن جي
    رکي وٺجائين حاڪم جي حڪم کان،
    ظالم جي ظلم کان قبر جي ڪھڪاءَ کان
    سوکي سڪرات ڪلمي سان لڏائين،
    ڪنھنجو محتاج نه ڪجائين محابي پنجتن جي
    منھنجا هادي ڏينھن محشر جي،
    پنھنجي فقراءَ جماعت ۾ داخل ڪرين واسطي حسين پاڪ جي
    فقير گُر جو خير ڪرين، دَلڪ جو پردو ڪرين،
    سانگ مَ لڄائين سانگ جي ڍڪ ڍڪجائين
    استاد گُر جو خير ڪرين
    نالي مٺا ڪکن ۾ لکاء نه وجھين محابي پنجتن جي

    آخر ۾ الحمد شريف پڙهبو آهي. هي دعا راڳ جي آخر۾ پڙهي ويندي آهي، هن دعا جو نمونو عام طرح جي دعا جي طريقي کان مٽيل آهي. لطيفي راڳ، لطيفي دعا، لطيفي ذڪر، لطيفي دنبورو، لطيفي فڪر، فقيري لطيفي طريقت پنھنجو مٽ پاڻ مثال آهي. دنبورن جي تندن جي چاڙهن کي لاهي لطيفي فقير وڏي اوطاق ڏانھن وڃن ٿا. هن دعا کانپوءِ راڳ لطيفي جي نشت جي مڪمل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويندو آهي، پر ڪجھه ئي وقفي کان پوءِ هي لطيفي تند تنوار جاري رهندي آهي. هن تند تنوار جو سلسلو گذريل ٽي سؤ ورهين کان جاري ۽ اڳي کان اڳرو آهي. جيئن جيئن شعور کلندو، تيئن تيئن حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي دلين تي بادشاهي وڌي ويندي. لطيفي رنگ ۾ رنڱيل انسان، عام انسانن کان مختلف هوندو آهي. 


    لطيفي ذڪر

    ذڪر عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي معنى آهي، بار بار ياد ڪرڻ. اسان جي سنڌي زبان ۾ ڪنهن جي ڳالھه ڪرڻ کي به ذڪر چئجي ٿو. تنهن کانسواءِ هر ٻولي جو پنھنجو گرامر هوندو آهي ۽ ان جو مطلب به الڳ هوندو آهي. “ڪچھري ۾ ٿوري دير اڳ اوهان جو ذڪر هلي رهيو هو،” هي جملو اسان جي زبان تي اڪثر هوندو آهي. صوفين جي فلاسفي۾ ذڪر سان گڏ هڪ اکر فڪر به چيو وڃي ٿو. فقيرن جو چوڻ آهي ته ذڪر لوڻ برابر ۽ فڪر اٽي برابر هجڻ گھرجي. بلڪل ذڪر ۽ فڪر جو پاڻ ۾ گھرو تعلق آهي. انسان جنھن موضوع سان دلچسپي رکندو آهي، ان موضوع کي بار بار ورجائيندو آهي. ان مان مراد اِها آهي ته جنھن کي ياد ڪريو ٿا ته ان کي پسند به ڪريو ٿا، نه ته ياد انکي به ڪيو ويندو آهي جنھن سان نفرت هوندي آهي. نفرت جون يادگيريون دماغ ۾ محبت واري جاءِ سان گڏ هونديون آهن، تنهن ڪري ان کي به ياد ڪيو ويندو آهي، پر ذڪر جو لفظ پيار ۽ محبت ڪندڙ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. صوفين ذڪر جو لفظ الله سائين کي ياد ڪرڻ لاءِ چيو آهي. الله جا بزرگ ذڪر، فڪر، مراقبي ۽ شريعت جا پابند رهيا آهن. ذڪر جو لفظ پاڪ ڪتاب قرآن مجيد ۾ 117 دفعا آيو آهي. ذڪر ڪرڻ لاءِ بيعت ڪرڻ کي صوفيا اڪرام لازمي قرار ڏنو آهي. يعني جيڪي توهان کي اوهان جو مرشد ذڪر ڪرڻ لاءِ تلقين ڪري ٿو، اُهو ئي اوهان جو ذڪر آهي. ارشاد خداوندي آهي ته “اي پيغمبر جيڪي اوهان جي هٿتي بيعت ڪن ٿا، اُنھن جي هٿ مٿان الله جو هَٿ آهي.”ٻئي جڳهه تي فرمان جو مفهوم آهي“الله تعالى تائين پھچڻ جو رستو تلاش ڪريو.” الله سائين جي پيارن ٻانھن زندگي جون خواهشون ترڪ ڪري، ڏکيائين کي سيني سان لائي مالڪ سائين کي راضي ڪرڻ جا وڏا جَتن ڪيا آهن. قليل زندگي جو سفر آسان ڪرڻ لاءِ نفساني لذتن جو دڳ بند ڪيو آهي. فقيرن جي هر خواهش ۽ منزل جو رخ انھي باري ۾ رب جي طرف ڪيو آهي، ٻيا انسان آرام جي تلاش ۾ لذتن جا رستا ڳولين ٿا پر فقير انھي راهه جي تلاش نه ڪندا آهن. ٻئي هنڌ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته “پيغمبر انھن کي فراموش نه فرمائي جيڪي مون رب کي هر وقت ياد ڪندا رهندا آهن” ايتري عزت رب سائين ذڪر ڪرڻ وارن کي ڏي ٿو. حضرت سيد شاهه عبدللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا ته

    کاهوڙين “خفي” کان سوجھي لڌو سبحان
    عاشق اهڙين اکرين، لنگھيا لامڪان
    هُو ۾ گڏجي هُو ٿيا، بابو سي بريان
    سڀوئي سبحان، آيو نظر ان جي.

    هتي کاهوڙي لفظ جي معنيٰ آهي جفاڪش، پر اُهي جفاڪش جيڪي مالڪ سائين جي تلاش لاءِ زندگي وقف ڪن ٿا، خفي کان انهن سبحان ڳولي لڌو آهي. “خفي” ذڪر جو قسم آهي، ذڪر جا ته ٻيا به ڪيترا ئي قسم آهن پر انهن مان مشھور هي قسم آهن، جَلي ذڪر، خفي ذڪر ۽ مراقبي جو ذڪر وغيره. جلي ذڪر زبان سان وڏي آواز سان ڪيو ويندو آهي. خفي ذڪر خيال سان ڪجي ٿو ۽ مراقبي جو ذڪر هڪ صاف سٿرو ڪپڙو پاڻ مٿان پائي ڪيو ويندو آهي. مراقبي جي ذڪر ۾ مرشد جو تصور قائم ڪيو ويندوآهي. مراقبي جا به قسم آهن، جن بابت وري ڪڏهن ٻئي ڪنھن وقت تفصيل سان لکبو. اسان جي سنڌ ۾ هي چار مشھور صوفي سلسلا آهن، پر لطيفي طريقي بابت اسان جي ماڻهن کي گھٽ معلومات آهي.
    پھريون صوفي چشتي طريقو، ٻيو صوفي سھروردي طريقو، ٽيون صوفي نقشبندي طريقو، چوٿون صوفي قادري طريقو آهي ۽ پنجون صوفي لطيفي طريقو. هنن صوفي سلسلن کانسواءِ ٻيا به صوفي طريقا آهن پر مشهور چار آهن، مثال طور مالامتي صوفي جنهن جو مشهور بزرگ ذوالنون المصري باني آهي. ابن تعفور بسطامي به انھي مالامتي سلسلي جو پيروڪار آهي. لطيفي طريقي ۾ هنن سڀني طريقن جو نچوڙ سمايل آهي. شريعت، سماع، ذڪر، راڳ، مراقبو ۽ مالامتي صوفين جو طريقو به شامل آهي.

    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، حال فقيرن جو هيء
    هُو گار ڏيئي گوءِ مان، تون جوڌون چئو جيء
    ڪاوڙ جا قلوب جي، پاڻي وانگر پيء
    سندو سورن سيء، لڳئي ڪونه لطيف چئي.

    پھرين صوفي چشتي طريقي جو تعلق خراسان سان آهي. هي سلسلو ابو اسحاق سان وابسته آهي، هي فقير ممشاد دينوري جو مريد ۽ خليفو پڻ هو. فقير ابو اسحاق جي وفات جو سال 392 هجري بمطابق 940عآهي. صوفي چشتي طريقي ۾ الله الله جوذڪر ڪيو ويندو آهي، هن صوفي طريقي ۾ راڳ قوالي پڻ چيو ويندو آهي. ذڪر ۽ فڪر جا قائل فقير روز به روز صوفي قوالين جون محفلون مچائي روحاني تسڪين جي لاءِ قوالي جو سماع ڪندا رهندا آهن. فقيري زندگي ۾ آرام کان وڌيڪ الله جي ذڪر کي اوليت ڏني ويندي آهي، جيڪي جَھرن جھنگن ۾ زندگي گذاري خالق اڪبر جي رضا تي راضي رهن ٿا، جيئن سائين جو هيٺيون بيت آهي ته

    جُھد ڪيائون جبلين، لِڪي منجھه لَڪن
    سجايا دم عمر جا، کنيا کاهوڙين
    پر ۾ پساهن، هليائون حق ڏي.

    ٻيو صوفي سھروردي طريقو: هن طريقي جا باني حضرت شھاب الدين سھروردي ۽ سندن مرشد حضرت شيخ عبدالنجيب عبدالقادر سهروري آهن، اهو دور 1153ع کان 1191ع وارو آهي. سندس ڪنيت ابوالنجيب ۽ لقب ضياالدين ۽ جنيب الدين هو. پاڻ سن 491 هجري ۾ سھرورد ۾ ڄاوا ۽ سن 568 هجري۾ وصال ڪيائين. سڄي زندگي الله تعالى جي لاءِ عبادت ڪندا رهيا. سھروردي طريقي ۾ ساهه کي بند ڪري الله الله جوذڪر ڪيو ويندو آهي ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت وڏي آواز سان ڪندا آهن. هن سلسلي ۾ جَلي ۽ خفي ٻئي ذڪر رائج آهن. شرعي ڏس ۾ هي فقير تمام گھڻا محتاط رهن ٿا. محفل سماع جو رواج سھروردي طريقي۾ تمام گھٽ آهي. هن سلسلي وارن فقيرن جي طبيعت جلالي هوندي آهي. صوفي سلسلن ۾ فقيرن خانقاهون جوڙي ادارن جيئان درس ڏنا. جيئن انسان کي اصلي حقيقي راهه ملي سگهي. فڪر جي راهه جا فقير هميشه ٻين ڪاڻ جيئندا آهن. فقير پنھنجي نفس تي قابو پائڻ لاءِ دنيا جي لاهن چاڙهن کان الڳ رهن ٿا، پر هميشه ائين نه هوندو آهي، هُو مشاهدا ڪري ٻين تائين بھتري جي راهه هموار ڪندا آهن.

    کرڪڻا لاهي، سک نهستا ڪڏهين
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين اڳين پنڌ جو

    ٽيون صوفي نقشبندي طريقو: هن صوفي طريقي جو اڳواڻ حضرت بھاؤالدين بخاري نقشبندي آهي، سندس پيدائش نومبر 1327ع تي ٿي ۽ وفات 21 فيبروري 1390ع ۾ ٿي. نقشبند لفظ جي معنى مصوري مان ورتل آهي، ان جو مطلب آهي ته روحانيت جو بھترين نقشو چٽيندڙ. هن صوفي سلسلي ۾ شريعت جو خاصو خيال رکيو ويندو آهي. نقشبندي فقير مراقبو به ڪندا آهن. تسبيح جي ذريعي ذڪر پڻ ڪيو ويندو آهي، ان سلسلي ۾ الله الله جو ذڪر ۽ سبحان الله جو ذڪر ڪيو ويندو آهي،
    پيو جن پرو، گنجي ڏونگر گام جو
    ڇڏي کيپ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.

    چوٿون صوفي قادري طريقو: هن صوفي طريقي جو باني حضرت شيخ ابو محي الدين ابو محمد عبدالقادر ابن ابي صالح موسى جيلاني آهي. سندس ولادت مبارڪ 490 هجري بمطابق 1077ع ۾ ٿي ۽ سندس وفات561 هجري ڌاري ٿي. قادري طريقي ۾ به ٻه طريقه آهن، پھريون قادريه عاليه ۽ ٻيو قادري طريقو. هن سلسلي ۾ سَت ذڪر جا طريقه آهن، لاالله، الاالله، الله هُو، هُوهُو،جا ذڪر ڪيا ويندا آهن. مراقبي جي به هن سلسلي ۾ تمام گھڻي اهميت آهي. هن سلسلي ۾ سماع ۽ قوالي جو رواج نه آهي.
    ميران شاهه مدد ٿي، محي الدين ملھي
    آهي عبداللطيف جو وسيلو ولي،
    حَسني پير هلي، ڪر ڪا ماڙ مريد تي

    پنجون صوفي لطيفي طريقو: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن 1102 هجري ڌاري ڀنئين پور ۾ ڄاوا ۽ 63 ورهين جي ڄمار ۾ 14 صفر تيڀٽ شاهه ۾ وصال ٿيو. لطيف سائين کان اڳ سنڌ ۾ پيري مريدي جا سلسلا ته هئا، پر روحاني تعليم جو ڪو به مڪتب نه هو. سنڌي ٻوليءَ جا لطيف سائين اڳ ٻيا به ڪيترائي شاعر ٿي گذرايا آهن. انھن شاعرن جا هٿ فڪر لطيف جي قدمن تائين به نه پھچي سگهيا آهن، نه وري ڪنھن جا پھچندا. لطيف سائين جي شاعري الھامي پيغام آهي. جيئن مٿي ذڪر ڪيل صوفي سلسلا هڪ ٻئي مان نڪتل آهن، اهڙي طرح لطيفي طريقو قادري جو حصو ته آهي پر لطيفي سماع، لطيفي راڳ، احديت جو ذڪر اڳ قادري طريقي ۾ نه آهي. انھي ڳالھه مان ثابت آهي ته لطيف سرڪار جو طريقو نج پنھنجو صوفي احديت جو طريقو آهي، جنھن کي اوهان لطيفي طريقو به چئي سگھو ٿا. سائين جي سماع جي ذڪر ۾ شاهه سائين جا فقير پھرين احديت جي ذڪر “ها احد”۽ “الله احد” جون ضربون هٿ مٿي ڪري دل ڏانهن اشارو ڪري ذڪر ڪن ٿا. راڳ ۽ سماع ۾ گڏ سڀ کان پھرين شريعت جو خيال رکيو ويندو آهي. راڳ سکڻ لاءِ لازمي هوندو آهي ته اوهان شريعت جا پابند هجو. شريعت جو خيال رکڻ لاءِ جماعت ۾سائين جي طرفان فقير مقرر ٿيل هوندا هئا ته جيئن نون فقيرن کي شرعي آداب سيکاري سگھجن، ذڪر جي وائي وارو طريقو به اڳ ڪنھن فقير متعارف نه ڪرايو هو. لطيفي جماعت ۾ پيار محبت جو وڏو هٿ آهي. هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ، سڄڻ، سڄڻ ڪري پڪارڻ عام آهي. لطيفي جماعت جا فقير اڳ سڀ وڏي اوطاق تي رهندا هئا. جيڪي پنھنجي سموري زندگي آخري ڏينھن تائين وڏي اوطاق تي گذاري پنھنجي مرشد سان وفا جو درجو مٿاهون ڪري ويا. سائين جو سماع، ذڪر، راڳ اڃان تائين قائم آهي. هن لطيفي سلسلي جو تعلق انسان کي مالڪ سائين سان ملائي ٿو. لطيف سائين جي طريقي ۾ اهم ڳالھه اِها آهي ته قادري طريقي ۾ راڳ نه هو. جڏهن ته دنياوي راڳن ۾ نفساني اُڀار اچي ٿو. لطيفي راڳ جي تندن جو تعلق روح سان آهي، دنبوري جي تندن ۾ “تون” “تون” آواز انسان جي دلجي صفائي ڪري ٿو.

    قوت ڪڙائيا ڪاپڙي، بُک چکيائون بوءِ
    ويا نيرانا نڪري، جوڳي منجهان جوءِ
    اَوَسر آجا اُوءِ، اُٺي گوندر گڏيا.


    لطيفي سماع

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي ذڪر جون رمزون به ائين مَٽيل آهن، جئين صوفي طريقن ۾ ذڪر ڪرڻ جا مختلف انداز الڳ آهن. صوفي ازم جا ته چار مشهور سلسلا آهن، صوفي چشتي، صوفي سھروردي، صوفي نقشبندي، صوفي قادري. هنن سڀني طريقن جو ذڪر ڪرڻ ته الڳ الڳ آهي. هنن صوفين جي سڀني طريقن تي شريعت لاڳو ٿئي ٿي. ڇو ته شريعت کان بالاتر ڪو به نه آهي. هي سڀ طريقا الله تعالى جي توحيد ۽ وحدانيت جو بيان ڪن ٿا.

    شيئون شريعت جا، تابع ٿيا تمام،
    تن کي طريقت جي، مَنَ ۾ ميخ مدام،
    هلن حقيقت ۾، معرفت مقام،
    إانَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ آهي تن آرام،
    جنّت پيتائون جام، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.
    يا
    پوري رهه پنجن سين، آيا ٽيھه م ٽارج ڪو.

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي طريقت جون رمزون به الڳ الڳ آهن. سائين سرڪار پاڻ اويسي قادري طريقي سان وابسطا آهن، پر اويسي قادري طريقي ۾ سائينءَ جو پنھنجو نج الڳ طريقو آهي. لطيفي فقراء جو فڪر و طريقت ۾ لطيفي احديت جو ذڪر ۽ لطيفي راڳ جو رنگ تمام گھڻو مختلف آهي. لطيفي سماع، لطيفي احديت جو ذڪر، لطيفي راڳ، لطيفي حلقي جو ذڪر، لطيفي مسافري، لطيفي ذڪر جون وايون جن جي اڳ ڪنھن به تصوف جي سلسلي ۾ موجودگي نه آهي. دنيا جي انھن وڏن بزرگن مان حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ آهن، جن جي تخليق ڪرده، طريقت جو اڳ مثال تصوف ۾ نٿو ملي. الله تعالى جي بزرگ انسانن جي تعلق کي الله سان مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف انداز اپنايا آهن. ذڪر، فڪر، راڳ، سماع، ڌمال جون محفلون مچائي انساني روح کي خالقِ حقيقيءَ جي طرف متوجه ڪيو آهي. روحانيت جي هنن رموز تي فقيرن جا تجربا هلندا رهندا آهن، پر اُهي فقير چند آهن، جن پنھنجا تصوفي سلسلا ٺاهيا آهن، انهن بزرگن جي ڳڻپ ۾ اسان جو رهبر حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن آهن، لطيفي طريقي کي فقير احديت جو طريقو چون ٿا.

    قاتل ڪمائي ڪري، وھه ماکي جو ڪن
    وٽان ويھي تن، پيج ڪي پياليون.

    سائينءَ جي فڪر تي اڃان ڪم ٿيڻو آهي، ڪم هلي به رهيو آهي، پر هن فڪر جو ڪم انفرادي طور ڪرڻ کان گھڻو اڳڀرو آهي. ان ڪري لطيفي فڪر تي اجتماعي ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن آفاقي پيغام جو پرو پاند اڃان تائين نه پئجي سگهيو آهي. موسيقي جو تعلق انساني روحانيت سان آهي. صوفي سماع ۽ موسيقي جو مذهب ۾ سڀ کان پھرين ابوسعيد الخير واري دور ۾ قائم ٿيو. اهڙي ريت صوفي ازم جي دنيا ۾ راڳ جو ٻيو دور حضرت مولانا جلال الدين رومي جو دور آهي. هن دور ۾ محفل سماع جو عجب رنگ رهيو آهي. چشتي طريقي ۾ قوالي جي موسيقي پڻ انهيءَ سلسلي جي طريقت آهي. وقت جي علامه حضرت مولانا جلال الدين رومي جن انسانيت جي لاءِ هڪ موسيقي ۽ رقص سان راهه هموار ڪئي. ڪيترين ئي صدين کان رومي جي طريقت هلي رهي آهي. جلال الدين رومي پنھنجي مرشد حضرت شمس تبريزي جي جدائيءَ ۾ شاعري ۽ سماع جي شروعات ڪئي. مڪمل رومي جي محفل جو بنياد سندس شاگرد ضياءالحق حسام الدين وڌو، هن محفل ۾ “ني ني” يعني نڙ جي آواز تي رقص ڪري وجود کي خالق اڪبر جي حوالي ڪرڻ جو تصور قائم ڪرڻ آهي. رقص وارا پيروڪار لباس ۾ هڪ وڏو جبو ۽ صوفي ڪُلاه پائي جھومر جو رقص هڻندا آهن.


    گهاتو گھڻي هئا، مٿي ان مھراڻ
    تانگھه نه لڌي تاروئين، سندي سير سٽاڻ
    موڙِي چاڙهيا مڪڙا، ڄولي پنھنجا ڄاڻ
    ڪنن جي ڪوشو ڪش ۾، جنبيا ڪي جواڻ
    لاڄو ڇنا لھرين، ڀڳا سڙهه سکاڻ
    “سبحان اني اهل العجز من معارفتک” ايڏانهين پرياڻ
    وڄائي وڏاڻ، حيرت منجھه هلي ويا.

    هي سامونڊي فقير زندگي جي خواهشن کي ترڪ ڪري پنھنجي موج مستي ۾ جيئن ٿا. هي مقام حيرت هليا وڃن ٿا، زندگي خواهشن جو مرڪز ضرور هوندي آهي، جن فقيرن پنھنجن خواهشن سان گڏ زندگي الله تعاليٰ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. الله تعالى جي رضا تي راضي رهن ٿا، نفس اماره جي غلامي مان آزادي ماڻي حقيقي راهه جا مسافر ٿين ٿا. حضرت مولانا جلال الدين رومي جو سائينءَ جي فڪر تي تمام گھڻو اثر آهي، پنھنجي شاعري ۾ رومي جو نالو پڻ ڪتب آندو آهي

    طالب قصر، سونھن سر اي رومي جي رهاڻ
    پھرين وڃائڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.

    حضرت مولانا جلال الدين رومي جو اثر قاضي نظر السلام، عبدالڪريم سورش ۽ حضرت عبداللطيف ڀٽائي تي گھڻو رهيو آهي. اهڙيءَ ريت سائينءَ جي راڳ جو انتظام فقير تمر 1144 هجري ڌاري شروع ڪيو. فقير تمر، ميون ولي محمد ۽ سيد نقي شاهه فقيرن راڳ شروع ڪيو. راڳ ۽ سماع جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي، لطيفي راڳ ۽ سماع جو پاڻ ۾ تعلق جڙيل آهي. راڳ جي محفل هر جمعي جي رات ڪئي ويندي هئي ۽ محفل سماع هر مهيني سومار جي رات ڪئي ويندي آهي. سماع جي محفل جي اڳواڻي به جمعي جي رات جو اڳواڻ هوندو آهي. ذڪر سماع جي اڳواڻي تمر فقير جي وڏي اوطاق وارن فقيرن سان ٿيندي آهي، محفل سماع جون انتظامي ذميواريون ذيڪري فقيرن جون هونديون آهن. ذيڪري فقيرن جي اوطاق وڏي اوطاق سان گڏ آهي. ڪن روايتن موجب وڏي اوطاق جو حصو آهي. سڀ کان پھرين ذيڪري فقير سماع لاءِ درگاهه شريف ايندا آهن، مچ تي ذڪر ڪندا آهن، پوءِ بيتن جي وراڻين تي ايندا آهن. سماع جا بيت سُر راڻي مان، ليلان مان ۽ ٻين سُرن مان چيا ويندا آهن ته وڏي اوطاق وارو وڏو فقير حلقو هڻي ذڪر ڪري، دعا گُھري درگاهه شريف ڏانهن روانا ٿيندا آهن.

    جي رتا راول رام کان، سي آديسي آهين
    جوڳي جدا پاڻ کان، بيراڳي نه ڀانئين
    لانگوٽيا لطيف چئي، لُنگ نه لڄائين
    سي مالھا ملھائين، احد عبد عين ٿيا.

    مرشد سرڪار جا هي پانڌيئڙا پنھنجي گُر فقير پويان ڪنڊن تي هڪ احديت جي ذڪر جي ضرب هڻندا وڃي درگاهه تي پھچندا آهن. فقير جو لباس لطيفي هوندو آهي، ڪارو يا نيرو هوندو آهي، اُتي اڳئي ذيڪري فقير ذڪر جي ضربن سان قلب مٿان ڪَٽ لاهيندا آهن. هنن فقيرن سان ويتر سوني تي سھاڳو ٿي ويندو آهي. ڦيرا ڏئي، هڪ ٻئي ذڪر جي ضربن جواب ڏيندا آهن. مچ جا اُلان ذڪر احديت سان گڏ هلندا رهندا آهن. گادي نشين پنھنجي مخصوص جاءِ تي ويھي ذڪر ٻڌندو آهي. وڏي اوطاق جي فقيرن جي اڳواڻي ۾ ويھي درگاهه شريف ڏانھن منھن ڪري (الله ، الله)، (الله هُو، الله هُو)، (هُو، هُو) جو ذڪر ڪري جمعي رات ۽ سماع جو اڳواڻ دعا گهرندو آهي. وڏي فقير جي اڳواڻي ۾ هي فقرائي قافلو وڏي اوطاق ڏانھن روانو ٿيندو آهي. واپسي ۾ فقير ذڪر کان بغير ويندا آهن. وڏي اوطاق تي فقيرن جي طرفان اڳ تيار رٻ پياري ويندي آهي. وڏي اوطاق تي هڪ خاص ڪوٺي آهي، جتي رٻ جي ونڊ ڪرائي ويندي آهي. ٺڪر جي پيالين ۾ فقير رٻ وجھي ڏيندا آهن. رٻ ۾ ڪڻڪ جا داڻا، چانورن جو ڏارو، کير استعمال ٿيندو آهي. سھائي سومار رات فقير سماع جي ذڪر جي ڪري دير ٿي ويندي آهي. راڳ سُر سامونڊي کان شروع ڪندا آهن. رٻ جي رسم کانپوءِ فقير ورڇ ورهائيندا آهن،

    ظيئون، ظاهر ذوق سين، پنجئي ڪن پورا
    هلن واٽ سماع ۾، ڳاڙهي ڳل ڳوڙها
    سنياسي سيد چئي، پورب ۾ پورا
    هوالله الواحد القهار، سوامي ۾ سورا
    ٿي چاڪن سين چورا، گر کي گڏيا ڪاپڙي

    هڪ روايت موجب چون ٿا ته مرشد سائين جن فرمائيندا هئا، منھنجو مريد زنده هوندو ته اھو سماع تي ضرور ايندو، جيڪر نه ته هو هن دنيا ۾ نه هوندو. هي روح جا ناتا اڃان تائين قائم دائم آهن. راڳ، سماع، ذڪر، فقر، حلقي جون طريقتون هلي رهيون آهن. لطيفي خانقاه اڳي کان اڳڀري آهي. سندس فقير انھن روايتن کي قائم رکيو اچن. 


    لطيفي مسافري

    مسافري جو لفظ سفر مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى آهي هڪ هنڌ کان ٻئي ڏانهن سفر ڪرڻ. فقيرن جي طريقت ۾ سفر ڪرڻ کي به فڪر جو رنگ ڏنو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته زندگي به هڪ سفر آهي، جنھن سان صدين جون مسافريون آهن، جڏهن نه انساني جسم هو. نه روح هو، قرآن مجيد جي هڪ آيت سڳوري جو مفهوم آهي ته اول مالڪ سائين پاڻ هو، آخر به پاڻ آهن، ظاهر به پاڻ آهن، باطن به پاڻ آهن، پر روحن کي پوءِ خلقيو ويو، جڏهن روح خالق اڪبر خلقيا ته حضرت سيد سائين لطيف سرڪار جن فرمايو، اڃان ڪن فيڪون جو سڏ نه ٿيو هو، منهنجو ناتو توسان ان وقت کان وٺي آهي.

    نَڪا ’ڪُنۡ فَــيَڪُون‘ هُئي، نَڪا مُورَتَ ماهَ؛
    نَڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرضُ گُناهَ؛
    هيڪائي هيڪ هُئي، وَحۡدانِّيتَ واهَ؛
    لَـکِيائِين لَطِيفُ چَئي، اُتِ ڳُجھاندَرَ ڳاهَ؛
    اکِــيُـن ۽ اَرۡواحَ، اِها ساڃاءِ، سُپِرِين!

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا ته ڪن فيڪون ڪانه هئي، نڪو مورت ۽ صورت جو تصور هو، ثواب ۽ گناهه جو اڃا خيال نه هو، الله تعالى جي وحدانيت هئي. مالڪ سائينءَ جي هيڪڙائي هئي، ان وقت پنھنجي اندر جي ڳاهه لکيئين، اُها ڳالھه تحرير ڪئين. منھنجي اکين ۾ ته اڃان تائين اُها ساڃاهه آهي، هي راز حقيقي آهي. صدين جو مسافر هي روح انساني جسم ۾ اچي ٿو. ڪيترين تڪليفن سان مھاڏا اٽڪائيندو وڃي عالم برزگ تائين پھچي ٿو. جتي هميشه جي سڪون واري حالت هوندي يا ته اُتي به زندگي جئيان ڏک ڏولاوا هوندا. اُهو ته سائين مالڪ ڄاڻي ٿو. الغرض فقيرن هن دنيا کي قيدخانو ڪري ڪوٺيو آهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمايو آهي ته،

    سَتيِن ڏينھن صحي، ساريم سانڀيئڙن کي
    تازي تاسرين ۾، پيتم موڪ مھي
    ڪيم رهاڻيون ريلن تي، ٻيرين هيٺ ٻھي
    الدنيا قيدالماء وشد من قيدلحديد “، اَها رمز رهي
    وڃن لوهه لھي، ملان ماروئڙن کي.

    سائين جن فرمائين ٿا ته هفتي جون ست راتيون آهن، ست ئي ڏينهن مارن کي ساريان ٿي، جن سان گڏ تاسرين ۾ مھي جا ڍڪ ڀريا هئا. انھن رستن ٻيرين جي وڻن هيٺان ويھي ڪچھريون ڪيون هيون، اُهي ياد اچن ٿيون. الله ٿو ڄاڻي هي ٻير جا وڻ جيڪي ٿر ۾آهن يا ته هُن صدرت المنتھى وارو آهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جي ڪلام ۾ جيڪي جلوا آهن، انھن بابت هڪ راءِ ڏيڻ، علمي سوڙهه ته ٿي سگهي پر ان کي هوشياري نٿو چئي سگهجي. هن قيدخاني واري رمز هت رهايو آهي، جيڪر لوهه لھي وڃن ته آئون پنھنجي مارن سان وڃي ملاقات ڪريان. شاعري هڪ اهڙي صنف آهي جنهن بابت راءِ ته ڏيئي سگھون ٿا پر ان بابت حتمي فيصلو ڏيڻ ممڪن ناهي. شاعري ۾ ڪيفيت هوندي آهي، شاعر پنھنجي اندر جو حال لفظن ذريعي ٻين تائين پھچائي ٿو، جيڪي جذبن جا اُهڃاڻ هوندا آهن، يا وري سائين ڪٿي فرمائين ٿا ته

    قسمت قيد ڪياس، نات ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
    ونَحنَ اَقرَب اِلَيہِ مِن حَبلِ الَّوَرِيدِ، وطن آئون ويندياس،
    مارن کي ملندياس، ڪوٺيون ڇڏي ڪڏھين.

    قسمت جو ڪم آهي جو هِتي ڪوٽ ۾ اچي رهيو آهيان، منهنجو وطن ته ساهه جي رڳن ۾ آهي، ڪوٺين مان آزادي ڪڏهن ملي ويندي، آئون پنھنجي وطن ۾ ماروئڙن سان ملنديس. لطيفي فڪر جو مقام تمام گھڻو اوچو آهي، جنهن جي رسد حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي اعلى ظرفي اختيار ڪرڻي پوندي، نه ته ڪنهن منزل تائين ڪابه پھچ حاصل ڪري نه سگهندو.
    مسافري اڪثر لفظ مسافرن لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي پر اڄ اسان انھن سفرن کان الڳ ڳالھه ڪريون ٿا. جھڙوڪ مسافري لطيفي طريقت جو حصو آهي. هيءَ اُها مسافري آهي، جنهن ۾ فقير ٻارهين مهيني سفر تي نڪرندا آهن. هي طريقت جا فقير پنھنجي وڃڻ جو اطلاع اڳ ۾ ڏيندا آهن. مھمان ٿي وڃڻ ۽ مسافري واري سفر ۾ ڪافي فرق آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا فقير ٻه ڏهاڪا کن اڳ گھوڙن تي سوار ٿي، پر هاڻ هُو مسافري گاڏين ذريعي ڪندا آهن، ذڪر جون ضربون هڻندا مسافريءَ تي نڪرندا هئا. انهن سان دنبورا ساڻ هوندا هئا، جنهن به فقير وٽ رات ترسندا هئا، ان فقير جي در تي وڃڻ کان اڳ ذڪر جون ضربون هڻندا ويندا هئا. لطيفي ويس ۾ ملبوس فقير هر واهڻ ۾ ڄاتل سڃاتل هوندا هئا. اڄ ته دنيا عروج تي پھتل آهي پر اڳ لطيفي طريقت جي سڃاڻپ جو ڪم فقيرن جي ذمي هوندو هو. جيڪي ذاتي طور سائينءَ جي فڪر کي جھرجھنگ پُھچائڻ لاءِ جان جي بازي لڳائي سائينءَ جي فڪر جي پرچار ڪندا هئا. انهن فقيرن مان هڪ فقير ميئون ڪمال جيڪو تمر فقير جي مسند تي هو. ان کي ڦورن شهر ڪڍڻ لڳ شهيد ڪيو. فقير جي روايت آهي ته پاڻ هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ڏانھن وڃي رهيا هئا ته هي واقعو پيش آيو. زندگي جا سودا ڪندڙ هي فقير اڄ به پنھنجي مرشد سان ناتو نڀائي رهيا آهن،

    هئي هئي ڪري هليا، آديسي اُٿيا
    جوڳين جا جھان ۾، خيمان ڪين کُتا
    منھن ويڙهي مڙهين ۾، سوامي ڪين سُتا
    پورب سي پھتا، ڏئي اوجاڳو اکين

    حضرت سيد شاهه سائين جن جو هر رنگ نرالو ۽ دل کي وڻندڙ آهي. لطيفي طريقت جي مسافري ۾ فقير جڏهن دعوت تي ويندا آهن ته ذڪر جون ضرب ميزبان جي در تي ضرور هڻندا آهن. جنھن وٽ رات ترسندا آهن، هڪ ته اچڻ جي اطلاع طور ٻيو ته الله پاڪ جو نالو وٺڻ جنهن سان برڪت ۽ ڪاميابي جي نشاندهي ڪندا آهن. جت به ڌڻي پاڪ جو نالو هوندو اُهي واهڻ به وسندا رهندا آهن. ٻارهن مهينن ۾ هڪ دفعو فقراء سان حال احوال ڪندا آهن ته ويجھڙائپ جو احساس قائم رهي. رات جو ڪجھه حصو فقير گذاري سمهي رهندا آهن پر ميزبان فقير کي پابند ضرور ڪندا آهن، اوهان کي ذڪر واري محفل ۾ ضرور اچڻو آهي. لطيفي ذڪر جو ٽائيم فجر نماز کان پھرين هوندو آهي. تھجد نماز جي وقت، جنھن به فقير جي ننڊ ڦٽي ته هو ذڪر احديت جي ضرب هڻندو، “ها احد” ان مان معلوم ٿيو ته ذڪر جو وقت اچي ويو، فقير وضوع ڪري هڪ ٽولي جي شڪل ۾ ويھي، هٿ هٿ ۾ ڏئي، الله هو جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪندا آهن. اڳواڻ فقير ذڪر جي وائي شروعات ڪجھه هن ريت ڪندو ۽ فقير ان کي جواب ڏيندا،

    اڳواڻ، پل پل پور پون ٿا، هنئيڙي حوتن جا
    پاسڙيا، الله هو، الله هو، الله هو.

    اهڙيءَ ريت وائيءَ جو ٿلھه، پوءِ مصرائون پڙهيون وينديون. هي سلسلو ڪلاڪ کن جاري رهندو، پوءِ اڳواڻ ۽ فقير الله الله ۽ هُو، هُو، جو ذڪر ڪري لطيفي دعا گھرندا آهن. لطيفي دعا ٽن حصن تي مشتمل هوندي، هڪ حصو الله تعاليٰ جي ڪائنات لاءِ، ٻيو حضور ڪريم صه جي اُمت لاءِ ۽ ٽيون حصو لطيفي جماعت ۽ اڳواڻن فقيرن لاءِ دعا گھربي آهي. هر انسان جي خيريت ۽ امن لاءِ لطيفي دعا ۾ حصو آهي. انسانن جي جائز خواهشن لاءِ پڻ دعا گھرندا آهن. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه شريف تي هي دعا جو سلسلو بارگاههِ خداوند ۾ ڏينهن رات جاري رهندو آهي. جيئن راڳي فقير سهڻيءَ جي دعا، سُر سھڻي جي اختتام تي آڌيءَ رات جو گُھرندا آهن، جنهن کي سهڻي جي دعا چئبو آهي. پوءِ وري درگاهه شريف دروازي معمور يعني بند ٿيڻ تي ذڪر لطيفي جي هڪ ضرب هڻي دعا ڪنجي بردار فقير دعا گُھرندو آهي. ان کانپوءِ فقير ماروي جي دعا گھرندا آهن. هي سلسلو ڏينهن جو به جاري رهندو آهي. وقت شام جو مغرب نماز کانپوءِ حلقي جو ذڪر ڪرڻ مهل لطيفي دعا گهري ويندي آهي. الله تعالى جي حضور هر وقت لطيفي رنگ جا فقير دعا گھرندا آهن. امن جي سڃاڻپ هن درگاهه ۾ فقير مالڪ سائين اڳيان ٻاڏايندا رهندا آهن،
    آڏو چڪڻ چاڙهه، منھنجي موج نه سھي مڪڙي
    ميڙي مٺاين جا، بيحد چاڙهيم بار
    چوڻ چارو ناهه ڪو، بديون بيشمار
    ڪپر ڪارونڀار، اُڪارئين احسان سين.

    وقت صبوح جو فقير واپسيءَ جو سفر شروع ڪندا آهن، پر ان وقت حلقي جو ذڪر ڪيو ويندو آهي،
    جنھن ۾ فقير اڳواڻ احديت ذڪر ڪرڻ لاءِ به دستور موجب بيھي ذڪر جي شروعات ڪري ٿو. دعا گھري فقير ٻئي منزل ڏانھن روانا ٿين ٿا. الله جي ولين، مالڪ سائينءَ جو نالو هر وستي واهڻ تائين بھترين نموني پھچايو آهي. لطيفي ذڪر جو اندز اهڙو آهي، جنهن ۾ انسان کي پنھنجي اندر ۾ جھاتي پائڻ لاءِ موقعو ملي ٿو. پنھنجو پاڻ محاسبو ڪرڻ لاءِ دير نٿو ڪري. حضرت مولانا جلال الدين رومي بلخي جي طريقت ۾ (ني ني) نڙ ۽ ان سان گڏ هڪ ڦيري پائڻ کي رومي جي طريقت چيو وڃي ٿو، اهڙيءَ ريت لطيفي ذڪر، لطيفي راڳ، لطيفي سماع، لطيفي مسافري، لطيفي حلقو وغيره شامل آهن، جن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هي سائينءَ جي فڪر جو حصو آهن. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا فقير پنھنجي مرشد جي ذڪر سان گڏ شريعت جا پابند هوندا آهن. فڪر ۽ فهم جي ڳالھه الڳ آهي، جنھن سان پسڻ پرين جو آهي. سائين جي فقراء هميشه سادگيءَ ۾ رهندي آهي ۽ پنھنجي مرشد جي طريقت تي قائم آهي.
    وچين ويٺا هون، سنجھي رهن سمھي
    بک مرندا بکيا، ڪنهن کان ڪين گھرن
    پيٽ نه هيريائون پانھنجا، چوري ساڻ چسن
    ڦڪي فقيرن، ماڳيان پِني ماٺ جي


    وڏي اوطاق

    اسان جي سونھاري سنڌ جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جو اهڃاڻ اوطاق کي پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. سنڌي تھذيب لاتعداد خوبين سان ڀريل آهي. انھن خوبين مان اوطاقي ماحول پڻ هڪ آهي. پر اسان اڄ وڏي اوطاق جي ڳالھه ڪريون ٿا. اوطاقون ته سرزمين سنڌ ۾ لاتعداد آهن پر وڏي اوطاق پوري سٻاجھي سنڌ ۾ هڪ آهي. مرشد سرڪار حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي حياتيءَ جو وڏو حصو سير و سفر ۾ گذريو، پر جڏهن اچي هالا شهر جي ويجھو رهيا ته ان وقت جي بااثرن اتي سائينءَ کي رهڻ نه ڏنو. اڃان هيءَ جڳھه سائينءَ جي نالي سان منسوب آهي. اتي هڪ آستانو آهي، هڪ عدد پاڻيءَ جو کوهه ۽ هڪ مسجد شريف هڪ چارديواري ۾ گھاٽن وڻن سان گڏ موجود آهي. انھيءَ مسجد کي مقامي ماڻهو (قبي واري مسجد) چون ٿا، جيڪا اڃان تائين موجود آهي. کوهه ۽ مسجد جي تعمير سائينءَ جن پاڻ ڪرائي هئي. مرشد سرڪار کي هڪ گھاٽي جھنگ، هاڻوڪي ڀٽ واري دڙي ڏانهن موڪليو ويو. ڪن روايتن موجب شينھن وارو دڙو چيو ويندو هو، پر جڏهن مرشد سائين جن آيا ته اتي جا جانور اهو دڳ ڇڏي وڃي ڪنھن ٻئي ماڳ جا واهي ٿيا.
    لٿو ڏيھه ڏُڪار، جُنگ ساماڻي جَکري

    لطيف سائين جن مستقل اُتي رهڻ لڳا ته سندس والد بزرگوار حضرت سيد حبيب شاهه ڀنئين پور مان لڏي اچي رهيا. ڀنئين پور موسيٰ کٽياڻ کان سليمان کٽياڻ جي وچ تي آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي جنم واري جاءِ تي وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلھوڙي هڪ مسجد جوڙائي هئي. اُها مسجد پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ موجود آهي. اڪثر سائينءَ جي جنم وارو هنڌ هالا حويلي چيو وڃي ٿو، پر اتي ڪو آثار موجود نه آهي، پر هالا حويليءَ جي ڀر ۾ هڪ تڪيو ڪنهن فقير جو آهي، جنهن بابت اها روايت آهي ته اُتي سائينءَ جن آيا هُئا. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي واريءَ جي ڀٽ تي اچي رهيا ته فقيرن هڪ آستانو جوڙايو هو. سائين جن اُتي حويلي ٺاهي رهڻ لڳا، جنهن کي وڏي اوطاق چيو وڃي ٿو. هيءَ وڏي اوطاق جيڪا سنڌي تاريخ جي پھرين خوانگاهه ثابت ٿي، جتي سائينءَ هڪ مڪمل انسانيت جي نظام جو افتتاح ڪيو. جتي ڪابل کان وٺي عربستان جي فقيرن اچي رهڻ شروع ڪيو.
    ڪي اوتين عرب ۾، ڪي ڪابل ۾ ڪَتَن

    هن خوانگاهي نظام جو هوڪو جھرجھنگ هلڻ لڳو. ڇو ته هِتي مڪمل نظم و ضبط وارو ماحول هو. هر انسان کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. لطيفي طريقت ۾ هڪٻئي جي عزت ڪرڻ لازم هئي. سڄڻ جي لفظن سان فقير هڪٻئي کي پڪاريندا هئا. هيءَ اُها درسگاهه هئي، جتي انسان کي انسانيت جا گُر الله تعالى جي عبادت سان گڏ سيکاريا ويندا هئا. پنھنجي فقيرن کي اولاد جي حيثيت سان پيار ڪرڻ، فقيرن لاءِ قابل فخر هو. ايڏي وڏي هستي ايتري پيار سان پنھنجي فقيرن کي ڏسي ته باقي انهن کي ڇا گھرجي؟ بس فقيري رنگ ۾ محبت جو مانُ مٿي آهي. راهه فقر جا هي فقير پنھنجي مرشد آقا سان اڃان تائين سڪ جو ناتو نڀائي رهيا آهن. هنن فقيرن جي نگرانيءَ هيٺ وڏي اوطاق رهي. فقير تمر، فقير ميون ڪمال پٽ، ميون يعقوب شهيد، ميون اسماعيل، فقير عبدالله، فقيرلائق ڏنو (اول)، فقير ميهار، فقير لائق ڏنو (دوم) ۽ موجوده فقير علي ڏنو. هنن فقيرن کان علاوه ڪجھه ٻين فقيرن بابت به چيو وڃي ٿو. مائي نعمت (ٺوڙهي ) بابت چيو وڃي ٿو. مائي نعمت هڪ رسالو پڻ لکرايو ۽ شاهه سائينءَ جي راڳ جي راڳي پڻ هئي. ڪن روايتن موجب مائيءَ ٺوڙهي جو دور يعقوب شهيد کان اڳ وارو دور آهي. مائي نعمت جي آخري آرامگاهه تمر فقير جي پيراندي کان آهي. تاريخ جي ورقن تي ايتري ته دز آهي جو ڇا چئجي؟ ٽي سو ساله تاريخ به اسان کي ميسر ناهي. درگاهه شريف تي فقيرن جي مقبرن جي سڃاڻپ واريون تختيون غائب آهن.
    وڏي اوطاق جو وسيع تر ميدان آهي. اڱڻ جي اڳيان هڪ کٻڙ جو وڻ آهي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته هي وڻ مرشد سرڪار جي دور جو وڻ آهي. هن وڻ جي هيٺان هڪ پاڻيءَ جي مَٽي رکيل هوندي هئي، پر هن وقت پاڻي جي ٽانڪي ٺھيل آهي. ان جي سامهون اتر طرف هڪ ڀانڊار خانو آهي. آيل فقيرن ۽ رسومات لاءِ نگر تيار ڪيو ويندو آهي. ان ڀانڊار خاني سان لڳو لڳ هڪ وڏو صحن آهي، ان ۾ ٻه در آهن، جنهن ۾ راڳي فقير ۽ زائرين آرام ڪندا آهن. جنهن کي (ٻه درو) چوندا آهن. ان سان گڏوگڏ هڪ نئين دور جو صحن آهي، ان صحن جي پوئين پاسي مرشد سرڪار جي آسڻ جي جڳهه آهي. جتي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن رهندا هئا. اتي هڪ مچ واري جاءِ آسڻ سان گڏ آهي. هي بند هڪ ورانڊي نما آهي، ان سان گڏ تجر واري ڪوٺي آهي، جنهن ۾ فقير دنبورا رکن ٿا ۽ حضرت سيد شاهه سائينءَ جي جاءِ نماز آهي. ان جي ڀر وارين ڪوٺين ۾ راڳي فقيرن جي راڳ جي استعمال جو سامان آهي، پيڙا، بسترا وغيره آهن. هڪ ڪمري جو دروازو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ کوليو ويندو آهي. ان روم جي ڀر ۾ رٻ واري ڪوٺي آهي. هر سھائي سومار رات رٻ جو نگر ذڪر سماع کانپوءِ ورهايو ويندو آهي. اولھه پاسي مسافرن لاءِ هڪ وڏو مسافر خانو آهي، جتي مسافر اچي آرام ڪندا آهن. شاهه جا فقير راڳ کان اڳ هِتي ايندا آهن. وڏي اوطاق تي سھائي سومار رات جو ذڪر جو حلقو لڳندو آهي، ان کانپوءِ سماع لاءِ فقير درگاهه شريف تي روانا ٿيندا آهن. عيد ۽ عرس شريف تي پڻ لطيفي احديت جو ذڪر ڪيو ويندو آهي.

    (ذ) ذالئون ذڪر رب جو، ويل نه ويسارين
    سنياسي سبحان کي، سدائين سارين
    تسبيع جي ترار سين، مُلحد کي مارين
    “جزآ هم عند ربهم” اتي اختيارين
    پر چڱي پارين، گُر کي گڏيا ڪاپڙي

    وڏي اوطاق جي سنڀال ته سائين تمر فقير کي ڏني پر اتي ٻين فقيرن تي به ذميواريون رکيون ويون هيون. انهن فقيرن مان ڪجھه فقير جا نالا هي آهن. فقير عارف ٿيٻو جو ڪم فقيرن کي نماز ۽ ذڪر سيکارڻ هو، فقير محمد رحيم لک پڙهه جو ڪم ڪندو هو، فقير عالم ڏيري تي سماع جي ذڪر جي سارسنڀال ڪرڻ هئي. فقير وڳند تي به وڏي اوطاق جي سار سنڀال رکيل هئي. فقير عبدالجميل انڙ تي مرشد سرڪار جي خاص ذڪر ۽ نماز جي سامان جي سنڀال رکيل هئي. فقير بچو تي وضوع ڪرائڻ جي ذميواري هئي. فقير عمر سهتو سرڪار سان هميشه گڏ رهندو هو. فقير قاسم جو ڪم حجامت سنڀالڻ هو. فقير احمد سمون “چنگل” سائين جي گهوڙي جي سنڀال، فقير رهمون کاڌي پيتي جي ذميواري، فقير عنايت ڏيري تي اُٺ جي سواري سنڀال، فقير وهيون ڪتن جي سنڀال ڪرڻ ۽ فقير صالح ٿيٻو فارسيءَ جو ماهر، هي فقير عارف فقير جو پٽ هو ۽ فقير عبدالواسع، فقير سکر ڏيرو، فقير اسماعيل سمون، فقير سيد نھال شاهه، فقير اسماعيل ڏيرو، فقير اجن ڏيرو، فقير ڪمال، فقير نور محمد ابڙو جيڪي سائينءَ جا خدمتگار هئا، مائي صالحان تنيو ۽ مائي بواء وساڻ سائين جي حويلي جو ڪم ڪار ڪنديون هيون.
    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي طريقت جو فقيري نظام اڃان هلي رهيو آهي. سائين جي وڏي اوطاق اصل شڪل ۾ اڃان تائين موجود آهي. جتي فقير پنهنجي مرشد سرڪار جي ويهڻ واري آسڻ جو ديدار ڪندا آهن. وڏي اوطاق جي ڇت جي ڪاٺ جي ڪم جي شڪل به درگاهه شريف جي ڪم جيان چٽ سالي واري آهي. هن روحانيت واري جڳهه تي پرسڪونيت وارو ماحول آهي. جتي شاهه سائينءَ جا فقير ۽ عقيدتمند ايندا رهندا آهن. هر جمعي جي رات، سھائي سومار رات، عيد جي ڏينهن، وڏي اوطاق ۾ فقير وڏي تعداد ۾ ايندا آهن. فڪر لطيف جا پوئلڳ فقير هيٺائين، نوڙت ۽ عاجزيءَ سان سڃاتا وڃن ٿا. ٽي سو ساله تاريخ هن وڏي اوطاق جي آهي. ڪيترن فقيرن جا قصا پنهنجي اندر ۾ سمايو خاموش آهي. اڄ لطيفي راڳ جا آواز دنيا جي ترقي آفته ملڪن وڃي پهتا آهن. هر دور ۾ انسان امن جي تلاش ڪندو رهندو آهي. اُهو امن اندر جو هجي يا ٻاهر جو هجي. روحاني سڪون هجي. هن درسگاهه جو ديوارون ڪچيون ضرور آهن پر هتي رهندڙن فقيرن جا قول پڪا هئا. وڏي اوطاق جو ماحول انسان کي روحانيت ڏانهن مائل ڪري ٿو. سنڌ جي پھرين درسگاهه جي ناتي وڏي اوطاق ۾ اڄ به انسان کي انسانيت جو درس ملي ٿو. لطيفي طريقت جو سلسلو جاري آهي.

    ڪر طريقت تڪيو، شريعت سڃاڻ
    هنيون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ماڻ
    هوئج ثابوتي ساڻ، ته پسڻ کان پالھو رهين



    مونا طورسينا، سدا سنياسين

    مونا طورسينا، سدا سنياسين

    مونا طورسينا، سدا سنياسين
    پورب کنيائون نه پاڻ سين، بغض بيراڳين
    رِدا آهي راز جي، اوڇڻ آديسين
    قرب ڪاپڙين ، ننھن چوٽي سين ڍڪيو

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪرن ۾ هڪ فقير جو فقر چئون يا تصور چئون، اهو هڪ جوڳي يا سوامي جو بھترين نموني سان سائين جي ڪلام ۾ موجود آهي. هيٺائين وارو فڪر، عاجزي، نوڙت جو ظاهري نمونو پنھنجي ڪلام ۾ هر عام انسان کي سمجھايو آهي. الله جا ولي ڏات جا ڌڻي ٻين جي لاء مشعل راهه رھيا آهن. فقيرن جو هڪ اصول رھيو آهي ته فقير پنھنجا تجربا هميشه ٻين تائين پھچائين ٿا. شاعري جي انداز ۾ لکتن جي طريقي سان، پنھنجي نسلن تائين اُهو پور وهيو پھچائين ٿا، حق جي راهه ۾ زندگيون گھاري، انيڪ علمي راهن جا مسافر ٿي ڄاڻ جا ڀنڊار حاصل ڪري انسانن جون زندگيون سنوارڻ جا طريقا ڏسي ويا. اسان انسان هتي قليل مدت جا مسافر آهيون، زنده آهيون مرڻ لاءِ، مرنداسون زنده ٿيڻ جي لاء، هتي هن جي وس ۾ به ته ڪجھه ناهي، هن روح ڪروڙين نوري سالن جون مسافريون ڪيون آهن، جڏهن مالڪ سائين کي هن دنيا جي ٺاهڻ جو خيال آيو هو ته، سڀ کان پھرين حڪم ڪيو ويو ته (ڪن فيڪون) ته هن ڪائناتي عمل جي شروعات ٿي پئي، پر سائنس ان ڳالھه کي هنئين چيو آهي ته هڪ ننڍڙي ذرڙي مان هڪ وڏو ڌماڪو ٿيو، جنھن مان هي ڪائنات ٺھي پئي ، ان سلسلي ۾ ڪيئي تبديليون آيون، دنيا ۾ جيوت جو تحس نھس ٿي وڃڻ ، قومن جي تباهي جو ڪارڻ ڪجھه به هجي هي ڪائناتي عمل آهي، هي”وقت “ هر وقت حرڪت ۾ رهي ٿو،
    نه بابو، نه بکيا، نه اسم، نه اثباتي
    منجھان ارداي عشق جي، ٿيو ظاهري عشق ذاتي
    هي صورت صفاتي، پوء ڪيائين پڌري
    سائين هادي جن فرمايو ته نه بابو يعني ڪو بني انسان هُو، نهئي بکيا يعني خيرات ڏيندڙ هو، نهئي ڪو نالو هو، نه اثبات هئي. اصل ڪم عشق جي ارادي ڪيو ، جنھن جي نتيجي ۾ هي صورت صفاتي وجود ۾ اچي ويئي. اڄ جي سائنس ڪائنات جي وجود۾ اچڻ واري عمل تي تحقيق ڪري رهي آهي، سائين جن ته هن ڪائناتي پروگرام جي وجود ۾ اچڻ جي خيال جي ڳالھه ڪئي آهي. هي لطيفي فڪر آهي، ٿي سگھي ٿو ، اسان جا سائنسدان جنھن کوجنا ۾ آهن ، اها ڪنھن حد تائين مڃڻ جي قابل هجي پر هي سائنس جي مڪمل ڳالھه نٿا چئي سگھون، جنھن ڌڻي هن دنيا کي ٺاهيو آهي، ان انسان کي ايتري طاقت ئي نه ڏني آهي، پر هي انسان قابل تعريف ڪم ڪري تحقيق کي جاري رکيو پيو اچي. گذريل ٻن ٽن صدين جي ننڍڙي عرصي ۾انسان تمام گھڻو ڪم ڪري ترقي ڪئي آهي، ڪائناتي تلاش ڪئي آهي ته ڪٿي مالڪ جي تلاش ڪري دل سڪون ۾ آڻي ٿو، ڪڏهن انسان ليبارٽري ۾ جيئنز جي رستي کوجنا ڪري ٿو، ڪڏهن انسان مراقبن ۽ مشاهدن وسيلي ذڪر، فڪر ۽ تصورن ذريعي ڪري ٿو.ان کان علاوه ڪن ٻين طريقن سان به انسان ملڪ ۽ ان جي جوڙيل جھان کي ڳولي لھڻ جي حرس ۾ هلي پيو، مالڪ ته مالڪ آهي ، هُو سڀني کي راضي ڪري ٿو، جيڪو مالڪ سان محبت ڪري ٿو ،ان کي مايوس ٿيڻ نه ڏيندو آهي. ڪائناتي عمل هلندڙ هڪ صنعتي ڪارخاني جيان آهي، جنھن جو عمل روان دوان آهي، ڪيئي جھان آهن ، انھن جھانن مان هڪ اسان جي به ڪائنات آهي،ٿي سگھي ٿو ته هي به هڪ عالم هجي، پر مالڪ ته رب العالمين آهي ، يعني ڌڻي وٽ ته اھڙا تعين ٻيا به ڪيترا هجن ، رب عالمن جو آهي، رحمت العالمين آهي ، رحمت به عالمن جي آهي ، هتي جمع جولفظ آهي، يعني هڪ کان وڌيڪ جھان آهن، تحقيق اسانکي ڪيترن ئي ڪھڪشائن جا قصا ٻڌائي ٿي، سمونڊ جو وجود ۾ اچڻ جون ڳالھيون ٻڌائين ٿا، ڪيتريون ئي خلائون آهن، ڪيترائي زميني تھه آهن ، آسماني تھه هجڻ جا اُهڃاڻ ڏنا آهن، اڃان هي تحقيق جو ڪانٽو هلندڙ آهي، ان جو انت ناممڪن لڳي ٿو، فقيرن ۽ سائنسدان جاکوڙ ڪري تحقيق جو سھاري وٺي ڪم ڪيو اٿن. سائنس فقيري جي اردگرد گھمي ٿي. هر سائنسي ايجاد پويان هڪ تصوراتي خيال جو بنياد آهي. اُهو خيال ڪٿان آيو؟ ان خيال جو ڌڻي ڪير آهي؟ان کي ته سائنس به اڃان تائين ڳولي نه سگھي آهي. جيڪو به سامان (راء مٽيريل) آهي ، اُهو خيال جي ٻه نمبر ڪاپي آهي، اصل ته شي ان جي ذهن ۾ آهي ، جيڪا ان کي تصور ۾ آئي هئي. ان خيال کي تحرڪ ڪٿان آيو؟ جو هن هڪ شڪل ورتي!سائنس فقيري خيال جو هڪ جُز کڻي چئجي ته ڪو وڌاء نه هوندو،

    پھتا پھرين وک سين، جا کنئي کاهوڙين

    فقيري رنگ ۾ ڪٿي ، ڪُو پيري يعني اُها زمين جنھن ۾ اڃان تائين ڪنھن ڪنھن پير پاتو آهي، جتي انسان جي مت منجھي پوي ٿي، اُتي به سڄڻ گھمي ٿو.

    ڪُو پيري ۾ پير ڪنين پاتو ، پيرئين،
    جنھان منجھڻ ماڻھوئين، سڄڻ تئيائين سير،
    اُن ڀونءَ سندو ڀير، ڪوڙين مان ڪو لھي.

    زندگي جو سفر اڃان تائين جاري آهي. اڃان اڳتي نه ڄاڻ ڪيترو هي سفر هلندو. وقت جي نزاڪت سان فقيرن فيصلا ڪيا آهن جنھن ۾ فقيرن ظاهري زندگي جو تعلق باطني زندگي سان ڳنڍيو آهي، روح ، جسم، ساهه، چار نفس ، هوا، باهه، پاڻي ، حواس ملايا آهن جنھن مان هي مٽي جو پتلو ٺھيل آهي ، رب سائين انسان کي اعلى درجو ڏئي هن خاڪي کيهتي زمين جو رهاڪو ڪيو آهي. مرشد سائين هن ڳالھه تي بيت فرمايو آهي ته

    اِلتيم جا هنيانءُ، ساء نه سلتيم ساهه
    ڳالھه پريان جي ڳجھه جي ، لڪائيم روحان
    ويئي مون وسان، پڌر پئي ڳالھڙي

    سائين جن فرمايوته جيڪا ڳالھه مون هنئي “هانءُ”سان ڪئي اُها ڳالھه مون ساهه سان نه ڪئي، ڳالھه ڳجھه جي هئي، انڪري مون روح کان به لڪائي رکي، پر منھنجي وس کان ڳالھه ٻاهر ٿي ويئي، پڌر تي ڳالھه پکيڙجي ويئي، “هان”، “ساهه” روح کي سائين الڳ الڳ ڪري پيش ڪيو آهي. فقيرن مالڪ سان انسان جو ٺاهه ڪرڻ لاء ڪوششون ڪيو آهن، مولانا جلال الدين رومي جن فرمايو آهي ته مٽي جا، سج جا ڪرڻا، واري جا ذرڙا، توسان جڏهن مخاطب ٿين پوء فقيري جي راهه ڏانھن گامزن آهين، تون اڃان انھي سفر جو راهي ٿيو آهين، اڃان اڳتي توکي ڪئي منزلون طئه ڪرڻيون آهن،
    فقيرن جھنگ وسائي ، آستانا ٺاهي خاموش نه رهيا، فقيرن تحقيق جون منزلون روحانيت سان عبور ڪيون. ڪائناتي ڳجھن جو انتھائي سنجيدگي سان مطالعو ڪيو. روحانيت ، آسماني دنيا، ستارن جا نالا، انساني جسم تي اثر انداز ٿيندڙ شيون، ان کان علاوه اسان جي ڪائنات جو حال، اڳ، هينئڙ، پوء ايندڙ وقت جون ڪيون آهن. سائين جن ته ڪي اھڙا اشارا ڏنا آهن جن مان انساني عقل دنگ رهجي ٿو وڃي ته جڏهن ڪجھه به نه هو ته مرشد سرڪار اُهي بيت ڪيئن چيا؟ پر سائين جي علم جو اندازو اڄ تائين ڪو به لڳائي نه سگھيو آهي.

    نڪا ”ڪن فيڪون“ هئي، نڪا مورت ماهه
    نڪاسُڌ ثواب جي ، نڪو غرض گناهه
    ھيڪائي هيڪ هئي ، وحدانيت واهه
    لکيائين لطيف چئي، ڳجھه اندر جي ڳالهه
    اکين ۽ ارواح، اُها ساڃاههسپرين

    سائين جن فرمايو ته اڃان ڪُن فيڪون وارو لفظ اُچارڻ کان اڳ جي ڳالھه آهي. اڃان هن دنيا جي ٺھڻ وارو ماحول پيدا نه ٿيو هو، نڪا ڪا مورت ماهه جي ٺھيل هئي ، ڏوهه ثواب جو تصور اڃان ڪين هو، صرف هيڪڙائي هئي، وحدت ئي وحدت هئي. ان وقت اندر جي ڳالهه مالڪ جوڙي يعني هن دنيا جو خيال آيو هئس، اسان جي اکين ۽ ارواح کي اُها ساڃاهه سُپرين جي آهي. ڪائنات جو وجود ئي نه هو ، سائين اکين ۽ ارواح سان پنھنجي محبوب سان، نينھن لڳايو هو. هي ڳالھيون سائنس جي خيال کي پگھر ڏئي ڇڏينديون پوء سائنس مايوس لاجوب ٿي ويندي، لطيفي تعليم تي اگر جي ڪم ڪيو وڃي ته سائنس ۾ به لاتعداد تبديليون، واڌارا اچي سگھن ٿا. سائين جي علم تائين رسائي لاءِ تصور جون حدون کٽي وينديون. انساني عقل هڪ حد تائين بيھي ٿو رهي، پر تحقيق ڪري سگھجي ٿي ، ان جو در اڃان بند نه ٿيو آهي

    مونا جن محراب، جُسو جامع تن جو
    قبله نماء قلب ڪري، تن کي ڪيائون طواف
    تحقيق جي تڪبير هڻي، جسمان ڪيائون جواب
    تن ڪھڙو ڏوهه حساب، جن هينئڙي هادي هل ٿيو

    سائين جن فرمايو ته مونا يعني گوڏا، محراب ٿي ويا، اندر، اُهي مونا ، طورسينا ٿي ويا ، جتان هنن کي مالڪ جي هدايت ملي. اندر ئي اندر جو گھمي ڦيرا ڏئي، تحقيق جو عمل شروع ڪيو، جسم کي جواب ڏيئي، هو روح جي دنيا جا مسافر ٿي ويا. انھن سان ڪھڙو حساب ڪتاب جن مالڪ اندر ئي اندر ۾ ڳولي لڌو.

    نائي نيڻ نھار، تو ۾ ديرو دوست جو

    سرڪار جن اسان جي لاء هڪ تحقيق جي راهه مھيا ڪئي آهي، جنھن مان اسان به انھيءَ واٽ تي هلي سگھون ٿا. فقير جي رمزهر لحاظ کان کُليل واٽ آهي، جنھن تي اچڻ لاء اندر جي صفائي گھربل آهي، مديني واري سائين الله تعالى جي طلب ڪندڙ کي مرد ڪوٺيو آهي باقين جي لاءِ ٻيو ڪجھه چيل آهي، راهه نجات جو تعلق انساني سوچ تي منحصر آهي، هي انسان مالڪ جي ڪمال جي تخليق آهي، هن جا مونا طورسينا ٿي سگھن ٿا پر خواهشن جو خاتمو ڪري ڪنھن رهنماء جو سھارو وٺي. انھي ڪم تي عمل پيرا ٿي ته، ڪا به ڳالُھه مشڪل ناهي، هي ناياب آهي پر هي پنھنجا درجا وڃائي ويٺو آهي، پر اُهي مقام هن کي ملي سگھن ٿا

    مونا طورسينا، سدا سنياسين
    “طالب المولى مذڪر” ، ايءِ ڪلام ڪيائون ڪن
    سُکن کي سڀين پرَين، ٻجھي ڏنائون ٻن
    الف آديسين ، چوري رکيو چت تي


    واقف نه وڻڪار جي، اڳ نه ڏيھه ڏٺوم

    واقف نه وڻڪار جي، اڳ نه ڏيھه ڏٺوم

    حضرت سيد سرڪار شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جو آفاقي سفر، اڻکٽ سفر آهي. جنهن جي هُو ڀر صدين تائين انسان تلاش نه ڪري سگهيو آهي. سوين عقيدتمند انهي سفر جا مسافر آهن، عالمي سطع تي پڻ مرشد سرڪار جي فلسفي تي ڪم هلي ٿو. ڪنهن دنبوري جي تندن تي لطيفي گيت تنواري صدين جو هي سفر نسلن تائين پهچايو آهي، ڪنهن ڪالم لکي فرض نڀايو آهي ڪن وري راڳ جي تالن تي اديون عبداللطيف جو دوهو ڏنو آهي ، ڪن وري مقالن ۾ لطيفي فڪر جي تور تڪ ڪئي آهي. ڪٿي ته وري آرٽ جي ماهرن لطيفي بيتن جو تصور دماغ جي پردن تي آڻي ، تصويرون ٺاهي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. شاعر روحاني هجي يا فراق ۾ ڦاٿل ٻنھي جو تصور ڪمال جو هوندو آهي، پر جي لطيفي فڪر هجي ته ان جي ڳالهه ڪجھه ٻئي آهي. احساسن جي ترجماني ته شاعرن لاء چيو ويندو آهي پراسان جي مرشد سائين ته الله تعاليٰ کي راضي ڪرڻ لاءِ انسانن جي ترجماني ڪئي آهي،گودڙين جي گدلاڻ کان وٺي نانگن جي هر ننگ جوهر پتو پاڻ هن لاثاني فلسفي ۾ چٽو آهي.
    سامي سِنڱ ڪلھن تي، سَنڱ سڀئي سور
    ڪاهيائون ڪابول ڏي، ڪو جو پئين پور
    مڙهي جو مذڪور، ڪندا ويا ڪاپڙي

    سامي نادون ڪلهن تي ڪري ، پنهنجي تعلقن کي (تمام) ختم ڪيو آهي، هُو راه ڏسيندا اسان کان هليا ويا. اسان انهي رستي هلي ڪيترو ڪامياب ٿيا آهيون، اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون، هي هڪ عالمي مڪتب گاهه اسان کي اسان جي مرشد ڏني آهي جنهن تيهر مڪتب فڪر جي ماڻھوءَ هن پيغام ۾ حصي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شعور جو لاشعور سان تمام گھڻو تعلق آهي، جنھن جو به اندر ضمير جي روشني سان منور آهي، انهي لوچ ضرور ڪئي آهي، ناواقفڪار تي ڪا معيار ناهي ، اڻ ڏٺل هن فڪر تي لاتعداد تجربه اهڙي ريت ٿيا آهن جو ڇا چئجي؟ هر ڪنهن پنهنجي عقل آهر ڳالھه ڪئي آهي، ڪو مستقل بنيادن تي ڪم نه ٿي سگهيو آهي، لطيفي فڪر جي تلاش جاري آهي ۽ جاري رهندي، ڇو ته هي الله تعالى جي طرفان اسان سنڌين کي انعام آهي، هيٺائين، نوڙت، مھمانوازي، قرب، پاٻوھ سان هي سنڌي تھذيب ويدن ۾ لکيل آهي، مھراڻ جون موجون هزارين ميلن کان پوء به ساڳي ريت هلن ٿيون، ڪيڏو نه هي درياهه فخر وارو آهي، آخر مهراڻ ڇو نه موجون ڪري ان جو تعلق حضرت سيد شاه عبداللطيف ڀٽائي جي ڌرتي سان آهي، هن پاڪ ڌرتي جي تلاش ۾ يمن جو بادشاه سلطان ،جاتي ۾ اچي رهيو، گنگا جي ديش جو بادشاهه بوبٽ رائي هالا پراڻا ۾ اچي قيام پذير ٿيو. مڪي جي ملڪ جي ساداتن جي وڏي گھراڻي جو فرزند محمود شاهه لطيف سرڪار جو اچي مريد ٿيو، جنهن جي آخري آرامگاهه حضرت سيد حبيب شاهه جي پيراندي کان آهي. ڪابل جا درويش اچي لطيفي گودڙي ۾لِڪا، جڏهن ته اُن وقت خوانگاهي نظام جو ڪابل مرڪز سمجهيو ويندو هو، پر سيد جي سڏ جو پڙاڏو ملڪن سرحدن کان ٻاهر واڪا ڪندو پئي ويو. فقير مَدن جھڙن من موهيندڙن هن لطيفي فڪر جي ڇانوَ ملي،
    مدن پرائي ڏيھه۾ ، بڪ نه اهڙي بڪ
    راوڙ وٺندئي روڪڙو، حاڪيماڻو حق
    “مدن” تڏهن مرڪ، جڏهن کرو کڻي خلاص ٿئين
    لکين عقيدتمند هن موھه ۾ موهجي اچي لطيفي فڪر مان رنڱجي ويا. ڪي شاعر ٿيا ڪي فقير ٿيا، ڪن کي وري دنيا جي مسئلن جا گُر ملي ويا. اڻکٽ خزانو ، فلسفي جو انبار، لاتعداد تمثيل نگاريون ، بيباهه جذبو، سائين جي هر بيت ۾ مليٿو، ڇا ته طاقت آهي، سر جي سٽن ۾ اڄ به جنگ واري کي سورهيائي فراهم ٿئي ٿي، محبوب جي نازن نخرن سان مڃائڻ جا رستا ملن ٿا.

    تون صاحبزادو سپرين، آئون نسورو نوڪر

    لڳي ائين ٿو ته اسان جي ڪنهن ننڊ پڙهي ڇڏي آهي اگھور ننڊ ۾ صدين کان ستل قوم جو مقدر مرشد سرڪار لطيف آهي. حوصله افزائي ڪرڻ ته اسان کي ڪنهن سيکاري ئي ڪانهي، هڪ ٻئي جي حوصله شڪني ڪري عهدن تي پهچڻ وارا نتيجا به ڪجھه اهڙائي ڏيندا آهن. سجاڳي سان اگر لطيفي فڪر تي ڪم ڪجي ،حڪومتي سطح تي ان جو نوٽيس ورتو وڃي ته هي لطيفي فڪر مغربي دنيا وارا پڙهائڻ تي مجبور ٿيندا. سائنس ترقي ڪندي، روحانيت سان دنيا ۾ امن جو رستو کُلي ويندو. الله جا بندا هڪ ٻئي تي تنقيد بدران هڪٻئي جو سھارو ٿئي ، پنھنجي مرشد جو پيغام عام ڪريو. تدريسي ڪتابن ۾ فڪر لطيف پڙهايو وڃي. لطيفي سليبس جو مڪمل پروگرام جو آغاز ڪيو وڃي. اڄ جو انسان لاتعداد مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، انھي ڳالھين جو حل لطيفي فڪر۾ صدين کان موجود آهي، اسان جو نسل فضول ڳالھين جي ور چڙهيل آهي. روح جي غذا اگر روح کي ملي ويئي ته هُو مادي خواهشن کا ن آري ٿي ويندو. هن مٽي جو مان اعلى ۽ افضل آهي. سنڌو جي صدين جو سفر اسان کي سھپ ۽ پيار جو پيغام ڏئي ٿو، مھراڻ جي مٽي جو قرض جو اسان تي آهي ته اسان پاڻ ۾ امن و امان سان رهون، اُهي محبتون وري اچن، سنڌ جو سانوڻ پنھنجو مٽ پاڻ آهي. مٽي جي خوشبوء جو هر وسڪاري کان پوء لطف اندوز ڪندي رهندي آهي. هن مٽي جو مانُ ملھائي اسان فڪر لطيف جي پيروي ڪريون، سڀ جا سڀ گڏجي ڪم ڪريون، نسلن کي حق جي راهه ڏيکاري دم کڻون، ان ۾اسان جي ڀلائي آهي، نه ته اسان لطيف سرڪار جا قرضي ٿي قيامت ۾ اٿنداسون. انسانيت جو هي پيغام صدين تائين اوترو ڪارآمد آهي جيترو اڳ هو، جيترو هاڻ آهي، بس ٿورڙي سوچ تبديل ڪرڻي پوندي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي پيغام کي عام ڪرڻ لاء وڏائي ڪري هڪ ٻئي جون ڳالھيون برداشت ڪرڻيون پونديون،
    کم، کمندن کٽيو، هارايو هوندن
    سھپ انسان کي اعلى درجن تي پھچائي ٿي. بس دل ۾ هڪ عھد ڪجي ، شاهه سائين جو هڪ رسالو ترتيب ڏيئي ان کانپوء دڪانداري وارو ڪم بند ڪيو وڃي. فڪر لطيف تي مختلف پروجيڪٽن تي ڪم ڪيو وڃي، جنهن سان انسان جي ڀلائي ٿئي، اسان رسالي جي ترتيب تي 1207هه کان 1439هه تائين، 232 سالن تائين يڪرائي ٿي متفق نه ٿي سگهيا آهيون ته لطيفي فڪر جي ڪھڙي پرچار ڪنداسون؟ زندگي تمام گھٽ آهي، هاڻ هڪ آغاز ٿيڻ جي ضرورت آهي جنهن لاء وقت ڪونهي ڪو، جيڪي ٿيو سو ٿيو، هڪ پروگرم هڪ اهڙو سيمنار، هڪ اهڙو پرو جيڪٽ ملڪي سطح تي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ نه رڳو سنڌ جا، پاڪستان جا پر دنيا جا ڏاها گهرايا وڃن، انهن جي راء سان رسالو ترتيب ڏيئي انهي باب کي بند ڪيو وڃي. ڪنهن کيڪا راضي ڪرڻ جي ڪا ڳالھه ناهي، مالڪ جي مخلوق جا مختلف نمونا آهن، هٿن جا نشان، آواز جي ڪوالٽي ۽ انساني شڪلون الڳ الڳ آهن، هر ڪنهن جي سوچ الڳ آهي. هڪ اهڙو رستو ڏنو وڃي جنهن سان اسان جي مرشد سرڪار جو پيغا۾ عام انسانيت جي روشني راهه جو ڪم ڪري، روشني راهه اڳ۾ ئي آهي پر ان جون رڪاوٽون پري ڪيون وڃن ته هڪ عالمي پيغام دنيا جي ٻين ملڪن ۾ عام ٿئي، اسان جيتري تائين هڪ ٻئي سان ويساهه گھاتيون ڪرڻ نه ڇڏيون اسان کي راهه نه ملندي، اسان جي رهبر تي دنيا وارا ڪم ڪري ، طريقت، رسالو، ذڪر، فڪر تي، اسان جو اهُو پراڻو جھيڙو ، هي بيت سائين جو ناهي، هُو وائي سائين جي معيار مطابق ناهي، هِي سُر سائين جو نٿو ٿي سگهي. ڳالھه ٿي ڪجي عالمي لطيفي فڪر جي، ڀيٽ ٿي ڪجي اڄ جي انساني عقل سان، اڄ جي انسان جو عقل اڃان مڪمل طور انساني حالتن جي لاء قابل قبول نٿو ڪيو وڃي، ان کي ڪجھه ٻئي طريقي سان ڏٺو ٿو وڃي. اڄ جو انسان لالچ ۽ لوڀ جي چڪر ۾ انتهائي اڳتي نڪتل آهي. دنيا جي حالتن انسان کي انهن ڳالھين تي مجبور ڪيو آهي، اُها هڪ الڳ ڳالھه آهي، ان تي اسان وڌيڪ نه ڳالھائينداسون. اسان جو موضوع عالمي امن جي پرچار ڪندڙ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي انهي آفاقي فڪر تي آهي، جنهن جي فڪر تي اگر ڪم ڪيو وڃي ته هن باهه سان وڪوڙيل دنيا ۾ هڪ گُلن جو گُلستان پوکي سگهجي ٿو، امن، پيار، سهپ ، هم آهنگي، ڀائيچارو ۽ روحانيت جي هڪ نه کٽندڙ ڏينهن جي شروعات ٿي سگهي ٿي. ڪاري رات جي ڪاراڻ ۾ لڪل هي نفساني خواهشن جا چور وائکا ٿي ظاهر ٿي ويندا. راهون هموار ٿيڻ لڳنديون، ڏوٿين جا ڏک لهي ويندا. اسان اڃان حضرت سيد شاهه جي فڪر کام مڪمل واقف ناهيون، اسان اڃان سائين جا معياري آهيون، انهي ڏوراپي کي لاهڻ لاء جي ڪجي ته گھڻو ڪجھه ٿي سگھي ٿو .نيتون نڪور ڪري ۽ روح سان حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام کي تسليم وڃي ، سڀ ڪجھه ٿي سگهي ٿو

    واقف نه واڻڪار جي، اڳ نه ڏيھه ڏٺوم
    ڏونگر ڏوراپن سين، ري ڪاتي ڪٺوم
    جيلانھن محب مٺوم، ٿي ڇلون ڪريان ڇپرين.


    جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جو انداز انتهائي ڏکيو به آهي ۽ تمام آسان به آهي. سائين جي ڪلام ۾ مثال طور پکين جون عادتون، جيتن جون جبلتون، جانورن جي نسلن جو مثال، انساني حيات سان ملائڻ جو انداز تمام گهڻو خوبصورت آهي. جيئن سائين جو پيار ۽ محبت سان سمجهائڻ آهي ان کي انساني جبلتن ۽ عادتن سان ملائي سمجهائين ٿا. جيئن سائين هن بيت ۾ نانگ جي باري ۾ فرمائين ٿا ته.

    ڪاريهر ڪر مهڻون، اڻ لتاڙيون نه کاءِ
    جي ڏمرجي ڏنگ هڻي، جهاڙو ڏي نه جاءِ
    مادر تنهن مٿاءِ، هڻي هٿ ڳلن کي

    ڪاريهر يعني ڪاري نانگ جي باري ۾ سائين جن فرمائين ٿا ته ڪاري جي ڪر يعني خاندان کي مهڻون آهي ته هو ڪنهن کي لتاڙڻ کانسواءِ ڏنگ نه هڻندو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن لتاڙيو يا تنگ ڪيو ته ڦيڻن وارن جي جاءِ ناهي، يعني علاج جي حاج کان هو ناقص ئي ويندو، يعني هو لاعلاج ٿي ويندو. مري ويندو. پوءِ صرف ماءُ ان جي ڳلن کي هٿ هڻي ٿي سگهي. يعني اولاڻو ڏئي روئڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ٿي سگهندو.
    لطيف سائين جانور جي جبلت جي باري ۾ ٻڌائي ٿو ته جانور گڏهه جي ڪهڙي حالت آهي. اُن جي عادت ڪهڙي آهي. اوهان جو سلوڪ ان سان ڀلي ڪهڙو به ڇو نه هجي اُن جي عادت تي اوهان اثرانداز نٿا ٿي سگهو. جانور ته جانور پر لطيف سائين جيتن جي خصلتن جو پڻ پيارو مطالعو ڪيو ۽ اسان کي سڌو رستو ڏنو آهي.

    کر کي کستوري، ٻانهون ٻڌي چار
    پنهنجي پسوري، ليٽي ڏيکاريندو لِڏ ۾

    کر يعني گڏهه جي باري ۾ لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته گڏهه کي کستوري به ٻانهون ٻڌي يعني عزت سان کارائيوس پر پوءِ به هو پنهنجي عادت کان هرگز نه مڙندو. پنهنجي اصليت ضرور ظاهر ڪري ڏيکاريندو. لِڏ ۾ ليٽي گڏهه انهي عادت جو مظاهرو ڪندو آهي. اگر اها ڳالهه اسان انسان ڏانهن کڻي وڃون ته احسان فراموش انسان، مڪار ماڻهو، منافق انسان ڏانهن هي بيت پورو بيهي ٿو. احسان فراموش انسان تي ڪيترو به احسان ڪريو، ٿورو ڪريو، پيار ڏيو، ڪم اچو پر هو پنهنجي عادت کان نه مڙندو. ٻين کان پاڻ کي اعليٰ ۽ افضل سمجهندو. اڳئين انسان جو ٿورو هو هرگز نه مڃيندو. منافق انسان ۽ ٻيون بريون خصلتون رکندڙ ماڻهن لاءِ هي بيت چيل آهي. اوترو ئي بيت جانورن جي طبيعت ۽ خصلت لاءِ پڻ چيل آهي. جيترو برين خصلتن واري انسان لاءِ هي بيت آهي. ان حساب سان سائين جي بيتن ۾ ڪمال جو رنگ ڀريل آهي. هر انسان پنهنجي طريقي سان بيتن کي استعمال ڪرڻ جو ماهر لڳي ٿو.

    پهرين ڪاري نانگ جي، ڪو ڇڙڪيل ڇيڙ ڪري
    جي هڻي ڏنگ ڏسائيو، ته ويجهو تان نه وري
    جيڪي پيٽ مري، جيڪي سڪي صحت کي

    ڪاري نانگ جي عادت ۽ ان ۾ طاقت جو لطيف سائين جن بهترين عڪس بيان ڪيو آهي. ڪو ڇرڪيل ته ڇيڙ ڪري سگهي ٿو پر جنهن کي طاقت جو احساس هوندو اُهو ويجهو به نه ويندو. ايتري وڏي طاقت هن نانگ جي زهر ۾ موجود آهي جو گهڻو ڪري هن جي ڏنگ هڻڻ سان ئي مري ويندو يا هميشه جي لاءِ معذور ۽ بيمار رهندو.
    لطيف سائين پنهنجو ڪلام انساني سوچ جي فطري خيال سان ملائي ٻڌايو آهي. قدرت جي رنگن ۾ رنڱيل انسان عام جانورن وارن جبلتن ۾ ڪيئن ڦاسي پيو آهي. اسان اڄ مختصر سائين جن جي ڪلام ۾ ڪُتي جي وفاداري ۽ انهي جي حقيقي سوچ جو مطالعو ڪنداسون. سائين جن جي خانقاهي نظام ۾ ٻه ڪُتا به رهندا هئا. موتي ۽ گهنيون جن جي سار سنڀال لاءِ ونهيون فقير مقرر ٿيل هوندو هو. هر فقير کي پنهنجو ڪم ورهاست ۾ مليل هو. سائين جن جو هڪ ڪُتو سفر جيسلمير ۾ گذاري ويو. جنهن کي فقيرن جي سينه به سينه روايت موجب ڪفن سان دفن ڪيو ويو. هڪ ڏينهن ڪنهن فقير جي دل ۾ خيال آيو ته ڪُتو ته سائين جن جو ٻئي ولايت ۾ رهجي ويو. سائين جن چون ٿا ته هو پنهنجي فقيرن کي هميشه ساڻ رکندو آهي. الهامي فڪر جي مالڪ سائين جن ان فقير جي راز کي پروڙي ورتو ۽ چيائين حجري جي ڀر واري کٻڙ کي کوٽي اچو. جنهن تي فقيرن کوٽڻ شروع ڪيو. واري کي ٿورو ئي پري ڪيو ويو ته اُهو ئي ڪُتو ظاهر ٿيو. جيسلمير وارو ڪتو هُتي ڪيئن پهتو اهو ڏسي سڀ حيران ٿي ويا. انهي ڳالهه جو جواب هو ته فقير دوست ته پري پر اسان پنهنجو ڪُتو به نه ڇڏيندا آهيون. انهي ڪتي جي قبر ڀٽ شاهه ۾ حجري جي ڀر ۾ آهي.

    ڪارائيان قريب، “ونحن” ويجهو گهڻو
    دارون سڀ درد جو، طبع جو طبيب
    انهي حال حبيب، ساهه اوڏا سپرين

    پنهنجي ويجهڙائپ جو احساس ڏيندي سائين جي انهي واقعي فقيرن جي دلين کي کٽي ورتو. سائين جن جي ڪلام ۾ ڪٿي ڪُتو نفس لاءِ چيل آهي. ڪٿي ڪو ٻيو مثال ڏئي ڪُتي سان ڪا ٻي ڳالهه سمجهايل آهي.
    ڪُتي جو ذڪر لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ سُر معذوري، سُر سسئي، سُر کاهوڙي، سُر رام ڪلي ۽ ٻين سُرن ۾ به ڪٿي ڪٿي ڪيو آهي. مڪمل ڳالهه ڪبي ته ان لاءِ وقت درڪار آهي.

    ڪُتا کنئين ڪيچ جا، سدا جي پنهون
    اڳهين هوندا تونهن، جانارن ياد پئي

    لطيف سائين جو هي بيت عبرتناڪ حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿو يا وري ٻئي بيت ۾ نفس جي باري ۾ سائين جن فرمائين ٿا ته

    ڪُڇ ڪُتي سين ڪينڪي، ماٺ سين مارينس
    پائي ڳٽ ڳچي ۾، در دوستن ڌارينس
    ساپر سيکارينس، جيئن ڀونڪڻ کان بس ڪري

    ڪُڇ نه ڪُتي سان، ماٺ ۾ مارينس، اهڙو ڳٽ ڳچي ۾ وجهينس ته هو دوستن جي در تي ڌارجي وڃي. اهڙي ڪيرت ۾ رکئينس ته هو ڀونڪڻ کان بس ڪري وڃي.
    انسان ۾ نفس جو عملي ڪردار تمام گهڻو آهي. انساني لالچ، لوڀ، حسد، ساڙ کي پيدا ڪندڙ انساني نفس آهي.

    ڪم قرابت جن جي، هتي آيم هيئن
    رفاقت راڱن جي، پهتس پاهڻ سين

    هن بيت ۾ سائين ڪتي راڱي جي رنگ جو به ذڪر ڪيو آهي. ڪٿي وري سائين فرمائي ٿو ته.

    ڪتو ڪونئي، پانهنجو ڪر ڪتن جي ڪار
    ڪن ڪپئي ڪڇ ڪينڪي، پر ڪتن جي پار
    صباح منجهه شڪار، ڪو ٺي ڪئي پانهنجو

    اگر پنهنجو ڪتو ڪري چون ته ڪتن جي ڪار ڪر، جيڪڏهن ڪن به ڪپنئي ته به انهن سان ڪڇ نه هرگز. سڀاڻ شڪار ۾ پنهنجو ڪري سڏيندئي. سائين جي ڪلام تي مڪمل دسترس ناممڪن ئي نظر ايندي آهي. هرڪو پنهنجو خيال ته ڏئي سگهي ٿو پر ان تي مڪمل ڪم نه ٿيو آهي.

    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ڪُتا ڪين نه بهاءِ
    مڙهي ۾ ماٺ ڪري، ويهي تند وڄاءِ
    ته سوامي تو سنديا، گُر وٽ گلا نه ٿئي
    سائين جن فرمائين ٿا ته اگر جي تون فقير ٿيڻ ٿو چاهين در در تي سين هڻي، رُلڻ جي ضرورت ناهي. اندر ئي اندر ۾ مشاهدو ماڻ ته تنهنجي گلا مرشد وٽ ڪا نه ٿيندي. هي هڪ راز واري ڳالهه آهي جيڪا سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪئي آهي. انسان کي دردر تي رلڻ ۽ گهمڻ جي ضرورت ناهي. هو پنهنجي پاڻ جو مشاهدو ماڻي ته اهو ان لاءِ ڪافي آهي.

    نه ڪُتا نه ڪوڪار، نه سي سڏ شڪارين
    پٽيو کڻي پار، جهنگل آهيڙين کي
    يا
    ڪُتو ڪوٺائين، ڪرين نه ڪار ڪُتن جي
    ٽڪر کائين سائين جو، بهڪندي ڪُسائين
    سائين ڪيئن سيبائين، اولهيڙ انهي عادتين

    ڪُتي جانور جي هڪ نشاني آهي ته هو جنهن جو آهي. انهي جو وفادار سڏبو آهي. جنهن جو ماني جو ٽڪر کائيندو آهي انهي سان وفا ڪندو آهي پر جيڪڏهن اسان انهي ڳالهه کي انسان تي آڻيون ته اشرف المخلوقات سڏائيندڙ انسان، الله تعاليٰ جو رزق کائي ٿو پوءِ به هو مالڪ سان وفا نٿو ڪري ته ان لاءِ ته سزا آهي. اگر هو وفاداري سان پنهنجا ڪم سرانجام ڏئي ٿو ته ان جي بقاداري ٿي وڃي ٿي.
    سائين جن جو فطرتي قدرت سان تمام گهڻو پيار هو. پاڻ هميشه جهنگلن، پهاڙن، ٿرن، جو سفر ڪندا رهيا. سائين مرشد سرڪار جو ڪمال ايترو ته وسيع آهي. انهي جمالياتي مظهر تائين ڪنهن ٻئي شاعر جي رسائي نه آهي.
    ٿر جي پکين جو حال موسمي پکين جون تنوارون ائين ٿيون لڳن ڄڻ ته هينئر هن موسم لاءِ چيل 300 سال اڳ وارا بيت آهن. رنگين نشانين سان بيت موجود آهن.
    وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سڄن نيلا
    اُتي عبداللطيف چئي ڪيا، هيڪلي حيلا
    جت ڪڙم نه قبيلا، اُت رهبر رسج راهه ۾

    هر بيت عڪس نگاري ۽ جماليات جي انيڪ خوبين سان ڀرپور آهي. جنهن تي جيترو به ڳالهائجي اوترو گهٽ آهي. بس اسان پنهنجي فهم آهر انهي ڳالهه جي وضاحت ڪري سگهون ٿا. باقي خبر ته ڌڻي ٿو ڄاڻي. انهي ڳالهه جو اهو به مطلب ڪونهي ڪو. اسان کي خبر ناهي. تنهن ڪري اسان اها ڳالهه هن فڪري سوچ تي ئي ختم ڪري ڇڏيون ٿا پر الهامي پيغام کي عقلي دليلن ۾ آخر ڪيئن سمائي سگهجي ٿو؟ ڪهڙو حتمي فيصلو ڏئي اسان خاموش ٿيون.

    جنين سندو آهين، سي جي چونئي هڙ
    ڪُتا قريبن سين، دعويٰ وجهي مَ دڙ
    جنين وڌ ئي وڙ، ٿو ڏند ڏيکارين تن کي

    سائين جن فرمائين ٿا ته جنهن جو آهين تن سان ڪهڙي دعويٰ ڪندي نڀائيندين؟ جنين تو کي ڪوٺي پنهنجو ڪيو آهي انهن کي ڏند ٿو ڏيکارين. بيوفائي جي انتها ٿو ڪرين. انساني سوچ ۾ اڄ جو انسان احسان فراموشي ڏانهن مائل آهي. هو هميشه انهي سان وڙهندو آهي جنهن جو هو ٽڪر کائيندو آهي. انسان ۾ روحانيت جي کوٽ واري نشاني موجود آهي ته احسان کي فراموش ڪري ٿو. جيڪڏهن هن ۾ ٿورڙي به انسانيت موجود آهي ته هو هرگز ائين نه ڪندو. لطيف سائين جي ڪلام تي اهڙي ريت تحقيق جي ضرورت آهي. جنهن سان انسان جي ڀلائي ٿي سگهي. انسان ڪڌن ڪمن کان بچي سگهي. انسان جي خلقت الله تعاليٰ جي ذڪر لاءِ آهي پر هو انهي ڳالهه کان غافل ٿيل آهي. انسان ۾ انسانيت اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن لطيفي پيغام کي عام ڪيو وڃي ته ان ۾ ڪا به تڪليف نه ٿيندي. پيار جو هي پيمانو ڀريل آهي. سڪ جو سڏ ڏيئي محبتي ڳوٺ ٻڌجي سگهجي ٿو. 


    سڪ سڪندين لاهه، وڇوڙيا ميڙ پرين

    سڪ سڪندين لاهه، وڇوڙيا ميڙ پرين

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪري سوچ جو جيڪڏهن مطالعو ڪيو وڃي ته سائينءَ جي اندر ۾ محبوب جي لاءِ لوچ تمام اونھي آهي. سائين جن جي سورمي ڪردارن ۾ سُر سھڻي به هڪ تمام وڏو ڪردار آهي. سُر سھڻي جي باري ۾ محققن جا مختلف رايا به ڏنل آهن پر مائي سھڻيءَ جي درگاهه سنڌ جي تمام مشھور شھر شھدادپور ضلعي سانگھڙ سنڌ ۾ واقع آهي. سھڻي نگر جي هڪ سنھڙي گھٽي مائي سھڻيءَ جي درگاهه شاهپور روڊ تي شهدادپور ۾ واقع آهي، جتي هر سھائي جمعي جي رات شاهه سائينءَ جو راڳ ڪيو ويندو آهي. ميھار جي مزار مرڪزي بازار شھدادپور ۾ هڪ ننڍڙي چوکنڊي آهي. ميهار جو آهون دانھون ڪري رهيو آهي، سھڻيءَ جو ٻڏڻ وارو منظر سائينءَ جي اکين سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪيترو ڀوائتو آهي،

    ڪنڌيءَ جھليو ڪانھن، عاشق اڀو آهون ڪري
    تو ڪيئن ٻوڙي سھڻي، ٻيلي منھنجي ٻانھن
    درياهه توتي دانھن، ڏينديس ڏينھن قيام جي!

    لطيف سرڪار جن ڪنھن به عشقيه داستان کي همت ۽ حوصلي کانسواءِ نه ڳايو آهي. عشق جو وڏي ۾ وڏو مطلب تلاشِ يار هوندي آهي. عشق ڪنھن سبب يا ڪارڻ جو محتاج نه هوندو آهي. هڪ سھڻي کي عشق جي اوج ٻيو درياهه کي موج، عشق سھڻيءَ کي اعلى مقام نصيب ڪري ڇڏيو. انسان ته ڪيترائي آيا آهن، هن ڌرتيءَ تي زندگي گذاري هليا ويا آهن، انھن جو ڪو ڏس پتو نه آهي. مٽيءَ جو خلقيل انسان مٽي سان ملي ابدي ننڊ سمھي رهي ٿو. خالقِ اڪبر جي تخليق جو ڪجھه انداز ئي اهڙو آهي، پر اڄ به اُهي انسان زنده آهن جن پنھنجي زندگي عشق ۾ گذاري. فقيرن جي ڪھاوتن موجب زندگي ته بس عشق واري آهي، باقي ته اوهان حياتي ڪارين منڌيئڙن ۽ ليڪن کان سواءِ ڪجھه به ناهي. عشق جو مطلب عشق آهي، اُهو حقيقي هجي يا مجازي هجي. عشق الله سان ٿئي ته حقيقي، باقي ان جي مخلوق سان ٿئي ته ان کي عشق مجازي چئبو آهي. پر اُهو به عشق آهي، جنھن به شعبي سان عشق ٿي وڃي ٿو، اُهو ان جي سڃاڻپ جو سبب ٿي وڃي ٿو.

    سيءِ سيارو، پاڻي پارو، گھڙي وسندي مينھن
    هلو ته پڇون سھڻي، جا ڪر ڄاڻي نينھن
    جنھن کي راتو ڏينھن، ميھار ئي من ۾.

    سھڻي هجي يا سسئي، ليلان هجي، سامونڊي، نوري هجي يا ڪيڏارو انھن سڀني داستانن تي سائين تقدير کي مٿانھون ڄاڻيو آهي، جيئن سائين سھڻيءَ جي باري ۾ چيو آهي ته

    نه ڪاني نه ڪانھن، نڪو ڏوهه قلم جو
    انگ اُتي لکيو، جت نه رسي ٻانھن
    ڪنھن کي ڏيان دانھن، قضا قلم وهايو

    تقدير جي ڪاتب ڪجھه اهڙيءَ ريت لکيو آهي، جنھن ۾ نه قلم هو نه ڪاني هئي، تقدير جو باب اسان جي پھچ کان پري لکيل آهي، جنھن تائين اسان جي ڪابه رسد ناهي. تقدير جي لکيي تي اسان دانھي به ته نٿا سگھون. هن بيت ۾ سمجھه جي ڳالھه آهي ته سائينءَ جن سھڻي ۾ انسان جي زباني مالڪ سان مخاطب آهي، اسان جي وس ۾ ڪابه ڳالھه ناهي، نه پنھنجي مرضيءَ سان هتِ آيا آهيون نه هتان پنھنجي مرضيءَ سان وينداسون، نه زندگي وس ۾، نه موت وس ۾، نه عزت تي قابو، نه ذلت کان بچاءُ. ڪنھن کي سائين ڪو به اختيار ناهي، نه صحت تي غلبو، نه بيماري تي وس، ڪيترو طاقتور انسان، ڪيترو بيوس آهي؟ سڀ انسان ۽ ٻئي مخلوق پنھنجي تقدير جي پويان هلي رهي آهي. تقدير جي هن وڏي موضوع تي سائين مرشد سرڪار جن تمام گھڻو بحث ڪيو آهي، اسان جي ڀلائي جو ڪارڻ به تقدير تي يقين آهي، نه ته انسان گمراهي جا دروازا کڙڪائيندو آهي،

    سانوڻ گھڙي سڀڪا، هي سرهي سياري
    تن وڌائين تار ۾، ارواح جي آري
    محبتي ماري، ڪونھي داد درياهه ۾.

    سائين جن فرمائين ٿا ته سانوڻيءَ جي موسم درياهه جا چڙها ٿين ٿا. گرمي جي موسم ۾ انسانن توڙي جانور کي مينھوڳيءَ واري موسم پسنديده هوندي آهي. سانوڻيءَ ۾ سنڌو ۾ ٻوڏ واري صورتحال هوندي آهي، پر سھڻي ته ان جي ابتڙ ڪري رهي آهي. هي سياري جي موسم پنھنجي محبوب سان ملڻ لاءِ سياري جي سيءَ واري موسم پاڻي ۾ گھڙي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري تائين وڃي پنھنجي محبوب تائين پهچي ٿي. عشق ته هڪ جذبو جيڪو روح ۾ ايندو آهي، پر سھڻي روح جو چيو ڪري تن کي تار ۾ وجھي ٿي، پر جيڪڏهن درياهه وٽ انصاف هجي ها ته هو محبتين کي هرگز نه ماري ها.

    ساهڙ ڌاران سھڻي، نسوري ناپاڪ
    نجاست ناهه ڪا، انھين جي اوطاق
    هُو جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿئين

    هن بيت ۾ سائين فرمائين ٿا ساهڙ کانسواءِ سھڻي نسوري، بلڪل ناپاڪ آهي، يعني ان جو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن هُو، ساهڙ سان گڏ آهي ته پاڪ آهي، هُن وٽ ڪنھن به قسم جي نجاست ناپاڪائي نه آهي. انھيءَ خيال کي پري ڪرڻ جي لاءِ سائينءَ جو فرمان آهي، هنن جي صحبت ۾ ويھڻ وارو به پاڪ ٿي وڃي ٿو. سُر سھڻيءَ ۾ سائين انسان کي توحيد جي هدايت پڻ ڪري ٿو، جيڪڏهن تون ان تي ڪامل ٿي هنن بيتن کي پڙهندين ته توکي ڪجھه هڙ حاصل ٿيندو.

    ساهڙ جا سينگار، مون اڻ لکيا اڳ هئا
    نڪا ڪن فيڪون هئي، نڪا ٻئي پچار
    ملڪنيان مھند هئي، توڏي جي تنوار
    محبت ساڻ مھيار، لائيائين لئون لطيف چئي.

    توحيد جي هنن بيتن پڙهڻ سان انسان جي اندر وجد طاري ٿي ٿو وڃي ته سائين تقدير جي لکيل انگ کان به اڳ جي خبر هئي. اڃان هن ڪائنات جو تصور به نه هو. الله تعالى ڪن فيڪون ڪانه چئي هئي. نه ڪا ٻئي تنوار هئي. ڇو ته هن دنيا جي وجود جو تصور ايندي ئي سڀ کان پھرين “ڪن فيڪون” جو خيال دل ۾ ان ڪري ايندو آهي ته مالڪ سائين پاڻ ان ڳالھه جي شاهدي ڏني آهي. مون سڀ کان پھرين ڪُن چيو، پوءِ ڪائنات خلقي آهي. ڇا ته سائين جي تصور جي پرواز ڪمال آهي.

    ڀيلي ڀلائي، پسي چِٽَ چري ٿي
    ٻر ٻر ٻڏي سھڻي، ويرن ۾ وائي
    ڪيچي ڪيرائي، لال لھرن وچ ۾

    ٿورڙو سوچ جو دائرو اڳتي ڪجو، انسان کي سھڻي سمجھي تصور ڪجي ته اسان کي هن ڪوڙي دنيا جي لالچن موهي وڌو آهي. اعلى درجي جو انسان نيچ لوڀ ۾ ڦاسي پيو آهي. هُو پنھنجو وقت فضول وڃائي رهيو آهي. دنيا جي هن درياهه ۾ لالچ، آتشي اوڙاهه ۾ وڃي پيو آهي.

    دنيا سڀ درياءَ، ڪو ڪو تارو تنھن ۾
    هڪڙي لھر لوڀ جي، ٻيو آتشي اوڙاهه
    طلبن توڙاء، موڙي چاڙهيا مڪڙا

    زندگي جي هنن لاهن چاڙهن جو ذڪر سُر سھڻيءَ ۾ ٿيل آهي. هن دنيا سان محبت انسان لاءِ تڪليف جو سبب بنجي ٿي. سائين جي خيال جو ذڪر صرف ميھار واري سھڻي جو ناهي، ڪڏهن پاڻ سھڻي، ڪڏهن سھڻي کي صلاح ڏيندڙ سائين جن ٿين ٿا،

    گهڙو ڀڳو تان گھوريو، مر ٻيڙ ٿئي ٻانھين
    “طالب المولى مذڪرون” ايءِ پر اسانھين
    پوان مَ پانھين، مون ميھار من ۾.

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن جو تسلسل ڪڏهن ڪنھن هنڌ تي نٿو رڪجي، خيال جو تصور انسان کي بلندين تائين پھچائي ٿو. سائين جن جي ڏس پتي مان ائين محسوس ٿو ٿئي، ڄڻ ته سائين جن سھڻي سان يا گڏ هئا يا ته اکين ڏٺو احوال ڪيو آهي،

    وڻن ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري
    گھڙي گھڙو هٿ ڪري، سڻي سانجھي ٻانگ
    سيئي ڍونڍي سانگ، جتي ساهڙ سپرين.

    پکي واهرن تي ويھي ويا آهن، پر ڪانگ سڀني پکين کان پوءِ اچي واهري تي ويھندو آهي. صبح جو هڪ طرف پيا ويندا آهن، شام جو ٻئي طرف ٻوليندا ويندا آهن. وچين نماز کان سھڻيءَ جي تانگھه ٿئي ٿي. دلو کڻي سانجھي اذان ٻڌي، سھڻي درياهه جي طرف نڪري ٿي. انھن جاين جي تلاش ڪري ٿي، ميهار جو وٿاڻ آهي، اُهو ميھار ڪھڙو آهي، انھي بابت سائين جن ٻڌائين ٿا ته اُهو ڪير آهي،

    پڇن جي ميھار کي، پڇي سي ميھار
    “فذڪروني اذڪرڪم،”، ايءِ پروڙج پچار
    ترهو تنين تار، عشق جنين کي آڪرو

    جنھن جي اوهان کي ڳولا آهي، اُهو اوهان کي به تلاش ڪري ٿو. اُهو ميھار هجي يا مالڪ، بس تون پنھنجي اندر جي آئيني ۾ ان کي تلاش ڪري ته ڏس، ان جي لوچ رک ته سهي، پر هتي سائين جن فرمائين ٿا، منزل ان کي ملندي جن جو عشق آڪرو هوندو آهي، ان جو ترهو تار مان هليو ويندو آهي،

    چانھڪ چري تار تري، آئيون مٿي کوهه
    سڻي سڏ محمدصه جو، راضي ٿيندا روح
    مينھون ساڻ صبوح، پرچي پار لنگھينديون.

    سائين جن جي ڪيفيت جو ڪو به انت ناهي، حضرت علي رضه سائين جن جو قول آهي ته مومن ڪافي ڪيفيتن ۾ گذاري ٿو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جو ميھار وارو تصور به ڪو عام تصور ناهي، توحيد جي هنن سورمين ۾ سائين هميشه حق جي ڳالھه سورميءَ جي انداز ۾ ڪئي آهي.

    جڙ تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هڪڙي
    سڀئي سنئين ڪرين، سندا سوري وار
    همه منصور هزار، ڪھڙا چاڙھيو چاڙهي.

    سائين جن فرمائين ٿا ته، جڙ ۾، تڙ ۾ يعني پاڻي ۾، تک ۽ سڀ اوهان جي تنوار آهي. هت ته سڀئي منصور دعوى تي آهن، پوءِ ڪنھن کي سوري تي چاڙهيندين، سڀ صفت مالڪ سائينءَ جي آهي،

    سڪ سڪندين لاهه وڇوڙيا ميڙ پرين
    ايڏي سگھه سچا ڌڻي، توئي کي جڳاء
    تن جنين جو طالبو، مھر تنين کي پاء
    ميڙائي جو ماء ڪانگ لوندو ڪڏهين.


    گُر کي گڏيا ڪاپڙي

    گُر کي گڏيا ڪاپڙي

    ڄاڻ انسان لاءِ هر شعبي ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندي آهي. اهو دنيا جو ڪهڙو به شعبو ڇونه هجي، علم حاصل ڪرڻ لاءِ هرڪو پاڻ پيو پتوڙيندو آهي. ڏاهپ دنيا جي مختلف ٻولين جي ڪتابن ۾ سمايل ۽ ڦهليل آهي. نصابي علم، سائنسي، روحاني علم، فلسفي جو علم، آسماني ستارن جو علم، سمنڊ جو علم، ديني علم، قرآن شريف جو علم، موسمي علم، الجبرا جو علم، موسيقيءَ جو علم، تصوف جو علم، الغرض ڪو به علم هجي اوهان کي استاد جي ضرورت پوندي. جيڪڏهن علم ڪتابن ۾ هجي ها ته پالڻهار ڪڏهن به نبي سڳورا نه موڪلي ها. مالڪ سائين هر انسان اعلى ۽ افضل ٺاهيو آهي، ڪو به انسان ناڪاره ناهي پر ڪامياب ماڻهو اُهي هوندا آهن جيڪي موقعي جي مناسبت سان ڳالهائي سگهندا آهن. ان لاءِ ڊگري جي ڪا ايڏي وڏي ضرورت نه هوندي آهي، بس سمجھه هجي. هر علم جي سکيا وٺڻي پوندي آهي. ان لاءِ استاد جي ضرورت هوندي آهي. استاد ڪتابي علم سان گڏ سندس تجربا پڻ سيکاريندو آهي، پر اسان اڄ شاعرن جي سرتاج حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ان ڏسيل راهه بابت مختصر ڳالهائينداسون، جنهن بابت پاڻ سُر رامڪلي ۾ تمام گھڻي ڄاڻ ڏني آهي. ان موضوع تي ٻين سرن ۾ پڻ بيت چيل آهن. سورمين جي سُرهاڻ ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ آهي. سارنگ جي ڪڪرن جا رنگ، ڪڪرن جا قسم، وسڻ واري مينهن جا نمونا، ڏهر جا پوٺا ۽ پٽ، سهڻيءَ جي دلي جا چِٽ، ميهار جي وٿاڻ جا دُونهان ۽ ميهار جي مينهِن جا ڪِلا (مُنيون) جن سان مينهِن کي ٻڌبو آهي ۽ انهن ڪِلن جا روحاني رازن ڏانهن ڏَس،

    ڪِنڌي ڀر ڪِلا، دُونهان دوست ميهار جا
    پسي دور درياهه جو، دهلج ڪين م دِلا
    متان ڪا گِلا، ساهڙ سمن جي ڪري.
    دِلي جي معرفت سهڻيءَ کي سندس دوست ميهار ڏانهن پهچائي ٿي. پر انهي دلي جو مطلب روحانيت ۾ انساني جسم ٿي سگھي ٿو. ڇو ته دنيا سڀ درياهه آهي، ان ۾ ڪو ڪو تارو آهي. ان درياهه ۾ هي جسم دلي جيان هلي ٿو. ڪو ٻڏي ٿو وڃي، ڪو ملي ٿو وڃي ميهار سان. ڪنهن کي لوڀ جي لالچ ٻوڙيو ڇڏي. ڪنهن کي آتش جي باهه لوڙهي ماريو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اوهان کي ڪنهن نه ڪنهن جي معرفت جو سهارو وٺڻو پوندو. جيئن نصابي تعليم لاءِ اسڪول ۾ استاد جي ضرورت هوندي آهي. انهيءَ ريت روحانيت لاءِ به روحانيت جو واقفڪار گهربل هوندو آهي. معرفت انسان کي بهتر کان بهتر بنائيندي آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ اهو پيغام ڏنو آهي. سر رامڪلي ۾ بيتن جي آخري سٽ ۾ چيو (گُر کي گڏيا ڪاپڙي). گُر معنى استاد، گُر جي معنى حرفت يا ڪو ڏانءُ ۽ ڏاهپ به ٿي سگهي ٿي يا ڪا ٻي لغوي معنى پڻ ٿي سگهي ٿي. پر اسان اڄ ان گُر جي ڳالهه ڪنداسون جنهن جي معنى مرشد، رهنماءُ ۽ استاد آهي. اهو استاد جيڪو حقيقي راهه جو پتو ڏي، سڌو رستو ڏيکاري، انسانيت جا اعلى قدر جاڳائي، مالڪ جي مخلوق سان پيار جو پيوند جوڙي ٿو. اندر جي آئيني ۾ جھاتي پائڻ جا ڏس پڻ ڏي ٿو.

    ڏيئو ٻاري ڏورج، ڏورج مَ ڏيئي ڌار
    ڪوڙئين لک هزار، هن اونداهي انڌا ڪيا

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائين ٿا ته، ڏيئي جي روشني جو سهارو وٺي هل، روشني کانسواءِ پنڌ نه ڪر، ڇوته هن دنيا جو دونهون ۽ ڪاراڻ ڪيترائي انڌا ڪري ڇڏيا آهن.
    هر ڪامياب شخصيت جي اِها نشاني هوندي آهي، هُو ٻين کي ڪامياب ڏسڻ چاهيندو آهي، ناڪاره انسان جون خصلتون به انڪاري هونديون آهن، بي همت ٻين کي هميشه خوش ڏسڻ ناهي پسند ڪندو. همت انسان جو هڪ بهترين جذبو آهي. مضبوط ارادي سان راهون کلن ٿيون، ان سان گڏ جيڪڏهن سچائي، جستجو وارو جذبو هجي ته منزل ملڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي.


    هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون
    ساجن سونهن سرت، وکائين ويجهو گهڻو.

    لطيف سائينءَ جو هي بيت سرآبري سسئي جو آهي، پر هي بيت هر همت ڪندڙ انسان جو سهارو، بي همت انسان لاءِ طاقت، هر مايوس انسان لاءِ اميد جي روشني آهي. هن بيت جو مفهوم ائين ٿو لڳي ته هر انسان سسئي جيان آهي، ان جي اڳيان پهاڙن جون سختيون آهن، پر جي اُميد جي طاقت سان هلندو ته انسان ڪاميابي ماڻيندو. منزل ته صرف هڪ قدم جي فاصلي تي آهي، جيڪا اوهان پهرين وک کڻو ٿا، باقي ساجن ته تنهنجي ساهه جي رڳن کان به گهڻو ويجھو آهي. مضبوط ارادا انسان جي شخصيت جي تعمير جا ضامن هوندا آهن، هڪ دفعو همت ڪري ته ڏسو، هڪ دفعو ان خيال سان نڪري ته ڏسو، راهون ته اوهان جا قدم چُمنديون، روهه رتيون ٿيندو، گرنار ۾ غلغلو ٿيندو، اوڻٽيهين اونداهي ۾ به مهراڻ جون موجون اوهان کي ميهار تائين ضرور رسائينديون. هي ڏس اسانکي اسان جي رهبر، رهنماءَ، اُستاد، مرشد ۽ سنڌي صوفين جي سرواڻ لطيف سائينءَ اهڙي ريت ڏنو آهي ڄڻ منزل ڪا به پري ناهي. محبوب کان پري رهڻ، اسانجي سستي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪارڻ ڪونهي. پر انسان کي هن دور ۾ خود کي قابل سمجھڻ واري سوچ تمام گهڻو پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. اوهان ڪنهن به منزل ڏانهن نڪرو ٿا ته ان لاءِ ڄاڻ گهربل هوندي آهي. اُها سوچ اوهان کي اوهان جو گُر ڏئي سگهي ٿو. استاد جي گهرج انسان کي هر موڙ تي گهربل هوندي آهي يا راهه ويندڙن کان ڏس ته پڇو، يا واٽن تي ووڙڻ کانسواءِ دوست پيهي گهر نه ايندو،

    جُھوڙا جن جُھلن ۾، هيرا لک هزار
    لڳا واٽ وڻن ۾، پنهون جا پالار
    آنڪي ويندا گڏيا، اهڙي سٽ سوار
    لنگهي ڪالهه قطار، تون آئي اڄ نهارئين

    لطيف سائينءَ هن بيت ۾ ڪافي ڄاڻ ڏني آهي. منظرنگاري، جماليات جو هي بيت مظهر آهي، اُٺن جا ڏس واٽن تي ويندڙن کان ڪيئن نه سسئي پڇي ٿي؟ انهن ڏيرن جي اُٺن تي جُھل پاتل هئا، انهن جُھلن ۾ گلن جا جُھوڙا، انهن جُھوڙن ۾ هيرا لکين هزار لڳل هئا. هڪ پوري سواري جو ساٿ هو، راهه تي ويندڙن کان پڇائون ٿي ڪري سسئي ته اُهو قافلو اوهان ڏٺو؟ جواب ۾ اُهي رستي جا راهي ڏس ٿا ڏين ته هي اُٺن جو قافلو هِتان ڪالهه گذري ويو، توهان اڄ پيا پڇا ڪريو امان. ياد رهي ته (آئي) جابلو ڪوهستاني لهجي جي ٻولي ۾ “آئي” ماءُ کي چئبو آهي. اوهان کي زندگي جي هر موڙ تي رهنمائيءَ جي ضرورت پوندي. ڏس ڏيندڙ کي رهنما، استاد، گائيڊ، مرشد، معلم، گُر يا شيخ چئبو آهي، ان جي ضرورت آهي. نالا مٽيل آهن باقي مطلب مفهوم ساڳيو آهي، اسان انهن اکرن جي معنى تي بحث نه ڪنداسون، مٿي پنن پيهه گهڻي اڳ ٿيل آهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي تي ايترا تجربا ٿيل آهن، جن جو تعداد ڳڻڻ کان قاصر آهيون. ڪافي عرصي کان اکرن تي، بيتن، سورمين، سُرن ۽ سوانح عمري مبارڪ بابت دوستن بي بها ڪم ڪيو آهي. جيڪڏهن لطيف سائينءَ جي فڪر کي وقت ڏجي ته زندگي آسان ٿي پوندي. وصال جي واٽ جا راهي ٿيڻ کانپوءِ منزل اوهان جو انتظار ڪري ٿي. حق جي واٽ ۾ مشڪل ايتري ته ناهي جيتري پيش ڪئي ٿي وڃي. دنيا ۾ رهندڙ ڪهڙا سڪون سان ٿا رهن، ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. پڪا ارادا انسان کي آسماني عرفان جو سير ڪرائين ٿا. هن زميني گولي تي رهندڙ انسانن جي رڳن ۾ ساهه ٿي وڃڻ جو ڏس، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سائين جن هن ريت ڏنو آهي، پاڻ فرمائين ٿا ته،

    صوفي سير سڀن ۾، جئين رڳن ۾ ساهه

    لطيف سائين جن اسان کي اڻڳڻيا ڏس سنڌي زبان ۾ ڏئي اسان تي احسان ڪيو آهي. روحاني علم انسان کي جتان به ملي، ڀلي ڳالهه آهي پر سندس زبان ۾ ملي ته نعمت کان گهٽ ڪونهي ڪو! ان ڪري ئي اسان سنڌي سڏائي فخر ڪندا آهيون ته اسان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آهيون، پر ايترو ضرور سوچيندا ته لطيف سائين جن ڪنهن خطي، يا علائقائي فڪر جا شاعر ناهن، پاڻ هر انسان جي درد جي رهنمائي ڪئي اٿن. جيڪو انسان سورن ۾ گذاري ٿو، جيڪو اڳتي وڌڻ جو عزم رکي ٿو، ان جي احساسن جي ترجماني ڪئي آهي. هي فڪر آفاقي ذڪر آهي، هي لطيفي فڪر اُهو فڪر آهي جيڪو هر انسان جو احساس آهي، اندر جي پيڙا آهي.


    نااميدي نيج ته اوڏي ٿئين اميد کي!

    نااميدي نيج ته اوڏي ٿئين اميد کي!

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فڪرِ لطيفيات ۾ انتهائي بهترين خيالي پرواز جو ماحول ڏنو آهي. انسان جي اندر ۾ هڪ دنيا آباد آهي. انهي دنيا جو هُو رکوالو آهي. ڪيترائي خيال هاڪاري ۽ اڻ ڳڻيا خيال انڪاري انساني سوچ ۾ آباد آهن. انسان انهن لاهن چاڙهن سان گڏ هرحال ۾ جيئي ٿو. الله تعاليٰ انسان جي ڀلائيءَ لاءِ ڪيترائي نبي سڳورا موڪليا آهن جن هر علائقائي زبان ۾ حق جو پيغام ڏنو آهي، انهن نبين سڳورن کان علاوه حق جي پرچار ڪندڙ الله جا بزرگ به انسان کي حقيقي رستي ڏانهن هلڻ جو پيغام ڏيندا رهيا آهن. اسان جي شهنشاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اهڙو بي مثال فڪر ڏنو آهي، جستجو، همت، وفاداري، حق جي ڳولا، اميد، لگن، امن، پيار، شفقت، سهپ، ٻين جي ڀلائي، اندر ۾ جھاتي پائڻ، مالڪِ حقيقيءَ جي قربت حاصل ڪرڻ؛ الغرض هر اُها ڳالهه، جيڪا انسان کي ڀلائي ۽ خير جي رستي تي وٺي وڃي ٿي، اُها لطيفيات جي هر بيت ۾ ملي ٿي. لطيف سائين جو پيغام حق وارو پيغام آهي. هر انسان پنهنجي زندگي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هر قسم جون ڪوششون پاڻ ڪري ٿو پر نيڪ نيتيءَ ۽ جستجو وارو جذبو انسان جي اندر هڪ اهڙو طوفان پيدا ڪري ٿو، جنهن سان انسان ڪاميابيءَ جي سفر ڏانهن روان دوان ٿئي ٿو ۽ ان کي ڪاميابي ملي وڃي ٿي. اسان جي رهبر اهڙن ڪامياب ڪردارن کي بيتن ۽ واين ۾ شامل ڪري اسان کي ڪاميابيءَ جي اصولن جو سبق ڏنو آهي، جنهن ۾ ناممڪن جو نالو ئي نه آهي. ناممڪن جهڙا لفظ، نه ٿيڻ وارا جملا لطيفي قانون ۾ آهن ئي ڪونه. جيڪڏهن انسان ڪجهه به ڪرڻ چاهي ٿو ته اهو ڪري ٿو سگهي، ان لاءِ واٽ به اسان کي اُها وٺڻي پوي ٿي، جنهن لاءِ اسان کي ڪم ڪرڻو آهي يعني جيڪو اسان جو مقصد آهي، ان تي ڪم ڪريون، اسان دنياوي ڪمن کي اڪثر ڪري اهميت ڏيون ٿا پر جيڪڏهن اسان روحانيت جي لاءِ پتوڙيون ته روحانيت جي حاصلات به ناممڪن ڪانهي. اسان کي اڪثر ڊيڄاريو وڃي ٿو ته روحانيت جي ويجھو نه وڃجو. ڇو ته اُها اڻانگي واٽ آهي پر ائين آهي ڪونه. افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو اڄ جو انسان هميشه ناڪامي وارا خيال يا ناڪاري سوچ رکي ٿو. مايوسي جي وزن هيٺان تخليقي سوچون رهن ٿيون، تنهن ڪري انسان کي همدردي جو محتاج رهڻو پوي ٿو. اسان کي دوستن کان وڌيڪ همدردن جي ضرورت هوندي آهي، ٻين جي اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڪمزور ڪري پيش ڪرڻ اسان جي معاشري جو معمول بڻجي ويو آهي. پنهنجو پاڻ کي بي ڏوهي قرار ڏئي ٻين تي الزام هڻي ناڪامي جو سبب ٻين کي بڻائڻ، اصل ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪڏهن به اسان قصوروار سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪندا آهيون. ٻين جي برائين کي واضح طور ڏسي سگھون ٿا پر پنهنجين غلظين تي سدائين پردو وجهندا رهيا آهيون. ان موقعي تي لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

    مفتي منجهه ويهار، ته قاضي ڪاڻيارو نه ٿئين

    پنهنجي زندگي جو حدف ٺاهي جيئڻ ئي اصل زندگي آهي. اوهان شاهه سائين جي رسالي تي غور ڪندا ته ان ۾ مسلسل جدوجهد، مضبوط ارادا، زندگي جو مقصد ٺاهي جيئڻ کي زندگي جو نالو ڏنو آهي. باقي عام انسانن کي خبر ناهي ته زنده ڇو آهن، انهن جي زندگي ڪيڏانهن ۽ ڪهڙي منزل ڏانهن وڃي رهي آهي. لطيف سائين پنهنجي آفاقي فڪر ۽ سبق ۾ اهڙي ريت فرمايو آهي جنهن جي ورد ڪرڻ سان اندر جو انسان جاڳي پوي ٿو. ضمير روشن ٿئي ٿو، واٽون منور ٿي، اوهان جي رهنمائي ڪن ٿيون، منزل تي پهچڻ کان اڳ ئي منزل جو اندازو ٿي وڃي ٿو. حدف مقرر ڪري جيئڻ ئي اصل زندگي جي نشاني آهي، نه ته ڪنهن طرف منهن ۽ ڪنهن طرف پنڌ ڪرڻ سان زندگيءَ جو لطف ئي گم ٿي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ زنده ته آهيون پر زندگي جو وجود نه هوندو آهي.

    ڪيڏانهن منهن مڪران جو، ڪيڏانهن پريون پنڌ
    ليڙن جو لطيف چئي، ريڙهي لڌائين رند
    آيل آسا بند، ڪنهن پر ڪيچين سين ٿئي
    هي جيون تمام گهڻو اهم ۽ ڪارآمد انهن جي لاءِ آهي جيڪي هِن انمول زندگي جي اهميت کان واقف آهن. هُو منزل کي ماڻڻ ڄاڻن ٿا، هو عذر ۽ عاجزيون ڪنهن جي اڳيان پيش نٿا ڪن. ناڪامين مان سکن ٿا، ٻين کي ڏوهي نٿا ڪن، پنهنجي پاڻ کي اندر جي ترازو ۾ توري، اندر ۾ انصاف جو احاطو مقرر ڪن ٿا. زندگي جهڙو استاد ٻيو نه ملندو آهي، زندگي تجربه ڏيئي اسان جون راهون آسان ڪري ٿي. ناڪامي اصل ۾ هوندي ناهي اهو اسان جو اصل ۾ بهترين تجربو هوندو آهي، جيڪو راهه کي آسان ڪرڻ ۾ ڪم ايندو آهي. ان تجربي کي ناڪامي جو نالو ڏئي ويهي رهبو ته اوهان جون تخليقي سوچون ۽ اوهان جون اصلاحي صلاحيتون تباهه ٿي وينديون. سسئي اڪيلي عورت سورن کي ساڻ ڪري ڪيچ وڃي ٿي، ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن، پٻ پهاڙ جي پٿرين، اڪيلائي جي سوچ، جهنگ جي جانورن جو خوف رکي ها ته پنهون تائين نه پهچي ها،

    ڪنڊا مون پيرن ۾، توڙي لک لڳن

    ڪجهه به ٿي پئي، زندگي جو مقصد پوري ڪرڻ لاءِ اسان کي پاڻ جستجو ڪرڻي آهي. ڇا اسان جا سوچيل منصوبا ٻيا اچي پورا ڪندا ڇا؟ لاچارين بيوسين کي ڇڏي ڏيو، پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ مختلف راهون چونڊي انهن تي ڪم ڪجي ته انشاءَالله زندگي جو مقصد پورو ٿي ويندو، بس بهتر سوچ اسان جي تقدير جي تبديلي جي ضامن ٿي سگهي ٿي. اسانجي رهبر، رهنماءَ، مرشد، هادي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان کي اهڙو امن جو درس ڏنو جنهن ۾ خوف جو نالو ئي ناهي، شاهه سائين جي پيغام ۾ بهادري، شجاعت، همت، طاقت، دليري آهي، اها بهادري ڪربلا جي ڪونڌرن جي هجي، يا ڪُو ٻيلي عورت هجي جيڪا پهاڙن ۾ پنهون ڳولي يا سهڻي ميهار لاءِ مهراڻ جي سيرکي پار ڪري پنهنجي حقيقي ميهار سان ملي ٿي.

    گھڙي گھڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگ
    “واما من خاف مقام ربه”، اي لنگهيائين لنگھه
    سڪندين کي سيد چئي، ڪين جھليندو جھنگ
    رات جنين جو رنگ، الله سي اُڪارئين.

    اسان جي سوچ اندر ئي اندر ۾ ناڪامي واري هوندي ته ڪاميابي آخر ڇو ملندي؟. جيڪر اُها ساڳي ڳالهه ڪاميابي جي طرف رکون ته ڪاميابي ضرور به ضرور ملندي، شاهه سائين فرمايو ته،
    پڄان، تان نه پڄان، وڃڻ سان وس ڪريان،
    اسان جي وس ۾ ڪوشش ته آهي اُها ته ڪريون، يقين رکي آغاز ته ڪريون، اندر جي سچائي، مضبوط ارادو هوندو ته انسان سڀ ڪجھه ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو، لطيف سائين جي هن بيت ۾ هڪ داستان ڀريل آهي، منزل تي پهچڻ ته وس ۾ ناهي پر انهي منزل لاءِ ان رستي تي هلڻ ته وس ۾ آهي، باقي تماشائين جي کوٽ ناهي جيڪي ڪنڌي تي ساهڙ، ساهڙ ڪن ٿا، انهن مان ڪي ساهه جو سانگو لاهي سر گھوري گھڙن ٿا، پوءِ ساهڙ به انهن جو ٿي وڃي ٿو، انسان جي اندر جي وهمن، خيالي خطرن، ناڪامي وارن گمانن زندگي جو لطف وڃائي ڇڏيو آهي،

    وهمن ورساياس، نت پنهون آئون پاڻ هئس

    اسان جي سنڌي ٻولي، ڏات واري ٻولي آهي، جنهن کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جھڙو رهبر مليو، جنهن اسانکي سنڌي زبان ۾روحانيت جو سبق سورمين جي حقيقي ڪهاڻين ۾ ڏنو ۽ سورمين جي بهادري جو سبق ڏئي اسان جي لاءِ ڪاميابي جون راهون هموار ڪيون آهن، ڪاڪ جو پنڌ هجي يا ڪيچ جو رستو، خيال جي پرواز هجي يا هنگلاچ جي واٽ، مَڌ جي سُرڪ هجي يا طمع کي طلاق، سر جو سودو هجي يا ماروي جو ست حياءَ، کاهوڙين جو پنڌ هجي يا نفس جي نهوڙ انهن سڀني ڪمن لاءِ يقين جي ضرورت آهي، يقين اسان کي اها منزل ملائي ٿو، جنهن بابت اسان جا ويچار به نٿا وڃن. نفس جو اندر جي دنيا تي تمام گهڻو اثر آهي، در در تي وڃي پنڻ جي ضرورت ناهي، شاهه سائين فرمائي ٿو ته،

    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ڪتا ڪين بهاءِ
    مڙهي ۾ ماٺ ڪري، ويهي تند وڄاءِ
    سوامي تو سندياءِ، گُر وٽ گِلا نه ٿئي

    فڪر لطيف ۾ وجودي وڻڪار بابت تمام گھڻو بحث ڪيو ويو آهي، باقي شاهه سائين جي فڪر ۾ اسان لاءِ ظاهر و باطن، اول و آخر جا ڏس ڏنل آهن، انهن تي هلڻ اسانجو ڪم آهي، نااميدي بابت سائين جو چيل آهي ته ان کي ڇڏي ڏي. محنت ڪري پنهنجي ڪم کي عشق سمجھي ڪرڻ ئي اصلي ڪم ڪرڻ جو فن آهي. زندگي ته گذري ويندي پر اها اسان کي ڪيئن گذارڻي آهي ان جو فيصلو اوهان جي هٿ ۾ آهي، زندگي گذارڻ جون واٽون ڪيتريون ئي آهن پر ڪاميابي اُن کي ملندي جيڪو يقين تي قائم رهندو، جيڪو اميد جو سهارو وٺندو آهي،

    مهند محتاجي ڪري، پٺي پير ڪڙيج
    ڪُٻيلياڻي ڪيچ ڏي، حُج م هلائيج
    اوڏي عزازيل کي ويجھي تان مَ وڃيج
    پاڻان ڌاران پريتڻو، سسئي ساڻ کڻيج
    نااميدي نيج، ته اوڏي ٿئين اميد کي.


    دل ۾ درختن

    دل ۾ درختن

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پنهنجي فڪر ۾ انساني سوچ کي اعلى ڪرڻ لاءِ بهترين ڏس ڏنا آهن. لطيفي فڪر انسان جي عروج لاءِ پنهنجو لازوال وارو رستو ڏنو آهي. اُهي ڏس مختلف زبانن مان شاهه سائين سنڌيءَ ۾ سولا ڪري ڏنا آهن، جنهن ۾ عربي زبان ۾ قرآن شريف جون آيتون، الله پاڪ جي نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جون حديثون، عربي زبان جا محاورا، فارسي زبان جو شاعريءَ ۾ استعمال، بلوچي زبان، اردو ٻولي جا لفظ ان کان علاوه سنڌي زبان جا لهجا، انهن لهجن ۾ جيڪو استعمال جو انداز شهنشاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن بهترين نموني ڪيو آهي، ان جو ڪو جواب ڪونهي ڪو. انسان جي اصلاح ٻولين ۽ ان جي لهجن ذريعي اهڙي ته ڪئي آهي جو ماڻهو حيران ٿيو وڃي. سسئي جو سُر هجي يا ايمن ڪلياڻ هر جڳھه تي شاهه سائينءَ پنهنجي انداز جو فن انتهائي پُرڪشش ڪاريگريءَ سان پيش ڪيو آهي. لطيفي فڪر تي هندي زبان جو اثر پڻ موجود ملي ٿو، جيڪو ڪبير ڀڳت سان ملي ٿو. پر اسان اڄ ٻين زبانن جي استعمال ٿيل لفظن تي مختصر نظر وجهنداسون، جيڪي لطيفيات ۾ سائينءَ جن استعمال ڪيا آهن. لطيف سائينءَ جي شاعريءَ تي سائنسي نظر پڻ اڄ ڏينهن تائين ناهي وڌي ويئي. جڏهن ته شاهه سائين جي ڪلام ۾ سائنس جو ڀنڊار پڻ موجود آهي. اخلاقيات، ٻولي، فلسفي جو فڪر، روحاني رمز جو شاهه سائين بادشاهه آهي. غريب جي درد جي صدا، مارن جي ڪکن، مَنهه جي ٿوڻين جو تذڪرو موجود آهي. لطيف سائينءَ جي فڪر تي اڃان ڪم گهڻو ٿيڻو آهي ۽ ڪم هلي پيو مختلف طريقن سان پر ٻين زبانن جا جملا موجود آهن. عربي زبان، اردو ۽ بلوچي زبان جا محاورا بهترين طريقي سان ڪم آيل آهن. جيئن ته سائين جن هڪ بيت جي سٽ فرمائي آهي ته،

    پرين تب پرچام، آئون “جب اُٺ گئي”.
    هن بيت ۾ شاهه سائين تمام سهڻي انداز سان سمجھايو آهي، ته پرين تڏهن پرچيم جڏهن اندر جي “آئون”، يعني انا ختم ٿي ويئي، پر ان ۾ اهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن، جن مان هر عام خاص کي خبر پئي ٿي ته هي لفظ اردوءَ جا آهن. انسان جي بقا لاءِ شهنشاهه جو فلسفو رهنماء جيان پيش ٿيل آهي. افسوس هن فڪر مان لاڀ نٿا پرايون. جيڪڏهن لطيفي فڪر تي عام انسان هلي ته زندگي آسان ٿي سگهي ٿي. لطيفي فڪر کي هنيانءَ ۾ هنڊائي تعصب کي پري ڪري محبت ۽ امن جي هن پيغام کي روح سان رهاڻ ڪرڻ جو وچن ڪجي ته منزل اسان جي پري ناهي. اڄ جي انسان جو خيال ويجھي پنڌ تي نظر وجھي ٿو. جيڪڏهن اسان ان خيال جي پرواز کي مٿانهين پنڌ تي ڪريون ته شاهه سائينءَ جو فڪر اسان لاءِ روحانيت جي روشني جو اهڙو سبق آهي، جنهن سان اسان تاريخ جا ورق بدلائي، معاشري مان حسد، ڪوڙ، دغا، بيچيني واري ماحول کي مات ڏيئي امن، پيار، هم آهنگي ۽ روحانيت جو قلعو قائم ڪري سگهون ٿا. جنهن سان انسان جي بقا ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. انسان، انسان جو مارو بڻيل آهي، اهوئي محبت ورهائڻ وارو ٿي سگهي ٿو. لطيفيات جي هر سُر ۾ پنهنجي علائقائي زبانن جو خيال رکيل آهي، انهن زبانن جي شڪل اڄ جي زبانن کان ڪجهه مختلف آهي، پر ان جو استعمال ضرور ٿيل آهي.

    نڪو ڏوهه ڏيرن جو، نڪو پنهون “پنگ”
    ارادي الله جي، اڳ وهايو انگ
    تيلانهن ٻڌي تنگ، ڇلي پيٺس ڇپرين

    سر سسئي جي هن بيت ۾ هڪ اکر آهي. “پنگ”اردو لغت جو اکر آهي، جنهن جي لفظي معنى آهي پنڪي، ننڊ جي اوجھراڻي، اکين جي هلڪي ڳراڻ به چئي سگهجي ٿي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ اونهائي جو سمنڊ آهي، جنهن کي روح جي راند وارا پروڙين ٿا. آسان لطيفيات جي هن پيغام کي اسان جي معاشري ۾ ڏکيو ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان جو ايندڙ نسل ان مان لاڀ پرائڻ کان قاصر رهجي ويو آهي. اها هڪ حڪمت عملي آهي ته جيئن شاهه سائينءَ جي فڪر آڏو ڪا رڪاوٽ پيدا ڪئي وڃي. پر اهو ممڪن ناهي، هن روحانيت جي پيغام جي پرواز اڄ به آسمانن سان ڳالهيون ڪري پئي. اڳ صرف لطيف سائينءَ جي مريدن، پوئلڳن ۽ ڀٽ شاهه جي آس پاس وارن تائين هي پيغام محدود هو پر لطيفي فڪر جرمني مان ڊاڪٽر ارنيسٽ کان ٿيندو اڄ آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽيءَ جي ميوزڪ شعبي ۾ موسيقي طور پڙهايو پيو وڃي.

    “اور” ڏکندو اوءِ ٿئي، هادي جنهن حبيب
    تِر تفاوت نه ڪري، تنهن کي ڪو طبيب
    رهنماء رقيب، ساٿر آهي سپرين.

    ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ فارسي ٻولي جي لفظن ۽ محاورن جو پڻ استعمال ٿيل آهي، جنهن مان ثابت آهي ته پنهنجي تھذيب سان گڏ سلھاڙيل انهن ٻولين کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهميت ڏيئي پنھنجي روحاني فڪر جو حصو بنايو آهي،

    گِھڙي گھڙو هٿ ڪري، ٻهون نهاري ٻنگ
    “سر در قدم يار فدا شد، چه بجا شد” وصل اُهوئي ونگ
    رات جنين جو رنگ، الله سي اُڪارئين
    يا
    “برو فاذا”بات جنين جي “ٿانگ روان ٿيشي”
    ڏيئين پارسيون پاڻ ۾، “ايذابل ايشي”
    ليڙا رات لطيف چئي، “نڌائون نيشي”
    پنھون “پرويشي”، ڪج پيادين جي پنڌ ۾

    نائي نيڻ نهار واري جو تصور آفاقي فڪر جي ڪلام تي اڄ جو انسان تنقيد برائي تنقيد جو قائل ٿيل آهي. اسان مڃون ٿا، تنقيد ڀل ڪريو مگر هڪ بيت به ٻئي دنياوي شاعر جو لطيف سائينءَ جي ڪلام جھڙو نه ملندو اوهانکي. اڄ شھنشاهه جو بيت پڙهو ان جو تاثر الڳ، سڀاڻ پڙهو ان جو سبق ٻيو هوندو. روح جي رڳن ۾ سير ڪندڙ شاهه جو ڪلام ڪنهن ٻئي جي وس جي ڳالھه ناهي. لطيف سائين هر دور جو رهنماءُ آهي. ٻين لاءِ ڀلائيءَ جو درس ڏيندڙ اسان جي هن شهنشاھه جي پيغام کي متنازع بنائڻ لاءِ وقتي ناڪام ڪوششون ڪيون وينديون رهيون آهن. حق جي هن پيغام ايتري ته ترقي ڪئي آهي، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي.

    سورن کي شاباس، جنين مون سين گهاريو
    هئا “هماري” پاس، ٻئي ٿيڙم ڇپرين

    لطيفيات جو اعلى ۽ افضل پيغام دل وڏي ڪري پروڙڻ گھرجي، نه ته سمجھه کان قاصر رهجي ويندو. بحث ڪندي ڪندي لطيفي فڪر کي صديون گذري ويون آهن، پروگرام، ٽيبلو، ڊراما، ٽاڪ شوز، جيڪي لاتعداد ڪيا ويا آهن ۽ ڪتابن جا انبار لڳي ويا. ادارا قائم ڪيا ويا، هر ڪنهن جو ڪم پنھنجو، اسان اقباليات جيان لطيفيات نه پڙهائي سگهيا آهيون. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي نالن تي اڄ تائين يونيورسٽيون قائم ٿيل آهن، انهن ۾ ڪو به اهڙو ڪم ناهي ٿي سگهيو آهي، جنهن سان لطيفيات تي ڪو موثر عمل ٿي سگهي. ننڍين ننڍين سوچن کي اڳيان رکبو ته لطيفي فڪر کي ڪابه هٿي نه ملي سگهندي. اچو ته لطيفي فڪر جي ان سوچ ڏانهن ڌيان ڏيون، جنهن ۾ انسان جي ڀلائي ۽ ان جي ترقيءَ جي ضمانت ملي سگهي. اسان پنهنجي نسلن تائين لطيفي پيغام پهچائڻ جي ذميواري کڻي نسلن جي لاءِ روشني جي واٽ کولي وڃون. ٻين جي ڀلائيءَ لاءِ عملي قدم کڻي پنهنجي لاءِ تحفظ جو سبب بنجون. لطيفيات جي سرن ۾، داستانن ۾، قصن ۾، سورمن ۽ سورمين جي احساسن جو سبق لڪل آهي، اُهي ڳولي لهون. دنيا جي امن جو پيغام حضرت سيد شاهه عبداللطيف اهڙو ڏنو آهي، جنهن جي لاءِ ڪنهن ٻئي جي در تي وڃڻ جي ضرورت ناهي. وڏي سوچ سان وڏو مقام ملندو آهي. وڏي سوچ ۾ وڏو راز آهي. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي سنڌي نصاب ۾ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ هڪ سبق ۽ چند بيت ڏنا ويا آهن، جيڪا تاريخي ڪوتاهي آهي. اسان پنهنجي پياري رهنما جو درس نه ڏينداسون ته ٻيو ڪير ڏيندو؟ سائين منهنجا اسان سڀني جو شاهه سائين آهي. جيڪي هن ڌرتي جا واسي انسان آهن انهن کي ٻولين ۽ لهجن واري سوچ جي نفي ڪرڻي پوندي. ان کان اڳتي نڪرڻو پوندو، سنڌ ڌرتي مهمان نوازي ۽ سخاوت جي علامت آهي، هن ڌرتيءَ جي سڃاڻپ وڻن جو هي مثال حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڏنو آهي،

    وڃي پڇيو وڻن کان جڏهن ميوا ڪن
    ٺڪر ڀتر، ڇاڙپون، سهيو ٿا سهن
    سخاوت جي سيد چئي، “دل ۾ درختن”
    ڦريو ڦر ڪن، نيڪي نيت پنهنجي.


    غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اناسي اُوجھرين

    غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اناسي اُوجھرين

    مرشد سائين حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پنھنجي زندگي جا ڪيترائي سال سفر ۾ گذاريا. جيسلمير جي ڏِس کان ٿيندا، لاهوت لامڪان تائين، وندر، پٻ، حب، سڳر پٽيون ۽ هاڙهو تائين هليا ويا، تونگ تائين سائين سفر ڪيا. ان کانسواءِ پاڻ سنڌ ۽ هند جو سير ڪيائون. ملڪان ملڪ ڏوري لڌائون. باقي روحاني سير ته سائين “لاحد” جي حد تائين لوچي ڏٺو آهي، جنھن جو انت ئي ڪونھي ڪو. سائين پاڻ اُهي سفر ڪيا آهن جن بابت اڃان تائين ڪا خاطر خواهه معلومات ڪَٺي نه ٿي سگهي آهي. اسان انتھائي مصروف آهيون ته هن بيت جي لفظ۾ زِير آهي. هُن بيت جي لفظ ۾ زبَر آهي. عقلي دليل ته دنيا واري علم لاءِ ڏئي سگهجي ٿو پر آسماني علم جي لاءِ عقيدو گھربل آهي.

    ڪرڙا ڏونگر ڪھ گھڻي، جبل گُونا گُون
    ليڙن جون لطيف چئي،“تونگ” تنوارونپون
    جن ڏٺو پير پنھون، سي نڪي رون نه چون
    هوندن مٿي هون، لاڳاپا لوڪ جا

    سڀني ماڳن مڪانن جا بيت ڏيڻ ممڪن ناهن. سائين جن ته تمام گھڻا ماڳ گھميا آهن. زندگي جو سفر ته هلندو رهندو آهي، فقيرن پنھنجي زندگي پنھنجي مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ڏيئا اُتي ٻرندا آهن جتي اونداهي هوندي آهي. روشني ڦھلائيندڙ فقير اڪثر اڪيلائي واري زندگي جا ٻين جي ڀلائي لاءِ پنھنجي زندگي جا تجربا ڏسين ٿا. ڪتابي صورت ۾ يا شاعري ڪري مالڪ جي مخلوق جون راهون کولي ويندا آهن. الله سائين انھي فقراءَ جون مقرريون مختلف جڳھن تي ڪندو آهي. اسان خوش نصيب قوم آهيون جو اسان کي لطيف سائين جن جھڙو رهبر مليو آهي، جنھن انسان جي لاءِ حق جي راهه ڳولي لڌي آهي، محبت جو پيغام عام ڪيو آهي، سھپ جو نه کٽندڙ درس ڏنو آهي، وقت جا بااثر به لطيف سائين کي حق جي راهه کان هٽائي نه سگھيا، ڪڏهن ڪڏڻي گھوڙي تي سائين جن کي چاڙهيو ويو ته ڪڏهن زهر ڏنو ويو. ٽي دفعا جھيڙو ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي جيڪا ناڪام ثابت ٿي. هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سائين جن کي هجرت ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. سياسي بااثر شخصيتن انتھائي ڪُڌا ڪم ڪيا. الله جي ولين مالڪ سائين جي رضا ڪارڻ جانين جا نذرانه پيش ڪري ڇڏيا. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پنھنجي فقيرن کي سھپ ۽ امن سان رهڻ جو حڪم ڏنو، جنھن جي نتيجي ۾ لطيفي فڪر اڄ به عروج تي آهي. ذڪر ۽ راڳ ڪري لطيفي فقراءَ دل ريجھائي رهيا آهن. انسان جي شعور جو علمان جي ڪمن مان لڳائي سگھجي ٿو. لطيفي شعور اسان جي نجات جو ڪارڻ بڻجي ٿو. جيڪڏهن ان سان دل لڳائجي ته اسان جي رهبر جي زندگي اسان جي لاءِ مثال آهي ته پاڻ ڏکيائين کي منھن ڏئي اسان جي لاءِ سکيو رستو ڳولي لڌو آهي. سائين جو سفر اسان جي زندگي جي سفر لاءِ انتهائي ڪارآمد ثابت ٿيو آهي. الله سائين جا پنھنجا قانون آهن، جنھن کي پاڻ پسند ڪندو آهي، ان کي تڪليفن جي سمنڊ ۾ اُڇلي ڇڏيندو آهي.

    تاروُ تريو وڃن، ننڍا وڏا واهڙا
    هئي ٻر اَڻ تارن، ڳرا مٿن مولھيا

    فقيرن پنھنجو پاڻ کي ڏکيائيون ڏئي انسانيت جي لاءِ سُک جون راهون کوليون، پر اسان اڄان هستي جي باري ۾ ڳالھائي رهيا آهيون جن نه صرف انسانن لاءِ پرپوري مالڪ جي مخلوق جو خير گُھريو آهي. مالڪ سائين سان پيار ڪندڙ لطيف سائين جن تڪليفن کي تمام گھڻو منھن ڏنو آهي. زندگي اسان جي پر امانت الله جي آهي، جنھن جي قيمت جو اندازو نٿو لڳائي سگھجي. فقيرن پنھنجي زندگي جا آرام وارا لمحا وڃائي تڪليفون سھي الله تعالى جي انسانيت لاءِ ڏينھن رات هڪ ڪري انھن انسانن جي لاءِ ڀلائي جو رستو ڳولي لڌو جن پنھنجي اجائي زندگي وڃائي آهي. انسان پنھنجي مادي خواهشن جي ڪري ايندڙ وقت لاءِ جيڪي ننڊون ڦٽائيندا آهن، اُهي ابدي آرام ڪندا آهن.
    ليل نه جاڳين لک سين، ڪُلي نوم ڪياءِ
    قم ٿي پھچ قريب کي، اجليس تو نه جڳاءِ
    مُٺي مھمانن سين، ويھيرات وھاءِ
    جيلانھنننڊ ڪياءِ، روز رهين ٿي راهه ۾

    ليل جي معنى رات آهي. سائين جن فرمائين ٿا ته هڪ رات به نه جاڳئين، سڄي رات سمھي گذاريئي، قُم عربي لفظ آهي، جنھن جي معنى آهي اُٿي هَل، نڪري وڃ، پنھنجي عشق جي تلاش ڪر، مٺي مھمانن سين سڄي رات ويھي گذار، زندگي ٿوري آهي، سنڀرندي سنڀرندي زندگي گذري ويندئي، ڪو مقصد کڻي جيئڻ ئي اصلي جيئڻ آهي. تاريخ جا ورق گواهه آهن ته اُهي انسان تاريخ جي ڪتابن ۾ موجود آهن جن ڪو مقصد کڻي زندگي گذاري. باقي زندگي ته ٻي مخلوق به جئي پئي. سسئي جو مقصد پنھون هو، سھڻي جو مقصد ميھار هو، ليلان چنيسر لاءِ زنده هئي. الغرض اُها ڳالھه جامع مطالعي طلب آهي ته جنھن جو رخ نظرياتي هجي، اهڙي ريت الله سائين جا ولي فقط مالڪ سائين جي رضا جي لاءِ زندگي گذارين ٿا. اوجاڳا اکين ڏيئي سڄيون راتيون جاڳي مراقبا ۽ ذڪر ڪري پنھنجي خالق کي راضي ڪرڻ جا جتن ڪن ٿا. دنيا جي ڪاروبار کي ڪوڙو وهنوار سمجھن ٿا. شريعت تي هلي طريقت ماڻين ٿا. معرفت جي مزي ۾ رهي هُو حقيقت جي رازن کان واقف ٿين ٿا. مالڪ انھن مان راضي آهي. هُو ڌڻي جي هر رضا چمي اکين تي کڻن ٿا. نه ڪنھن سان دشمني نه ڪنھن کي ڏکوئين ٿا. جيڪا رکي سکي ماني هوندي اٿن ان جو ڀور کائي شڪر ادا ڪري سڪون جي ننڊ سمھن ٿا. اڄ جو انسان هر قسم جا گناهه ڪري نفس جي غلامي ۾ ڪا به قسر نٿو ڇڏي. اسان وٽ ابتو رواج آهي. گناهه ڪري سڪون گھرون ٿا. ڀلا برائي ۾ به ڪو سڪون آهي ڇا؟ هرگز نه هي اسانجي ناقص سوچ جو نتيجو آهي، جھڙو ٻج پوکيندو اُهڙو ئي وڻ ڄمندو.
    وکر وھايو لوڻ، رُنگ کستوري ٿو گُھرين

    لوڻ جي عيوض دنيا وارا به کستوري ڪو نه ڏيندا. گناهه ڪري مالڪ کان سٺي اميد ڪيئن ٿو رکين؟ لاشعوري طور ڪيل غلطيون سائين معاف ڪندو، باقي ڄاڻي واڻي ڪيل ڏوهه ڪيئن بخشائيندو؟ بس الله ته الله آهي عدل ٿيو ته ڪلنگين وارا به ڪنبندا. باقي فضل ٿيو ته ڪو به رحمت کانسواءِ نه رهندو، سڀ بخشيا ويندا. جيئن حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمايو آهي ته

    هڪڙي تُوراڙي ڏوهه ترندا، ٻئي پائيان ڇا
    پھر نه پائي، وسينڪا واهه
    لرزيا لنڱ لطيف چئي، سوم انھي جا سا
    فضل ڪج فتاح، ٻئي توراڙي ٻاجھه جو

    معافي به گُھري ويندي ته ملندي. باقي مالڪ سائين کي ته سڀ ڳالھه وڻندي آهي، جن جون قبرون روشن آهن، انھن به مالڪ در ٻاڏايو آهي، اسان ڪيترا به گناهگار آهيون پر الله جي رحمت اسانجي ڏوهن کان تمام گھڻي وسيع آهي. جيئن سائين مرشد سرڪار فرمايو آهي ته

    ستر ڪر ستار، آئون اُگھاڙي آھيان

    فقيرن انسانن لاءِ ڪم ڪيو. پاڻ نه دولت، نه شھرت گهريائون، بک اندر ۾ رکي انسان جي ڀلائي لاءِ شاعريون ڪري ڪتاب لکي اسان جي لاءِ فڪرمند رهيا. اسان ڇا ڪري رهيا آهيون، اُهو اندازو اوهان پاڻ لڳائي سگھو ٿا. شاعري هجي يا ڪا لکڻي مشاهدي کانسواءِ ڪوڙي ڳالھه آهي. سائين مرشد سرڪار اسان کي وندر، پٻ، هاڙهو، تونگ، سڳر پٽيون ۽ وڏاوڻ وڻڪار جا سڀ مشاهدي سان ٻڌايا آهن. هڪ دفعو اوهان جو سفر سسئي جي ڪيل پنڌ تي ٿئي ته اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته اهو ڪيترو ڏکيو سفر آهي، جيڪو سسئي پنھنجي ور پنھون لاءِ ڪيو هو. تڪليفن جا پھاڙ اڪيلي عورت جي مٿان ڪيئن ڪريا هئا. مشاهدي جا ٻه طريقا آهن. هڪ اکين سان ڏسڻ ۽ ٻيو روحانيت سان پسڻ. ڪئين صديون اڳ سسئي جو واقعو ٿي گذريو آهي پر لطيف سائين جن ان بابت فرمائين ٿا ته

    سسئي کي سڏ ٿيو، اسان اولاڻو
    ڪونھي پڄاڻو، اڻ ڪوٺي ڪامَ ڪريو

    ڪمال جي ڳالھه آهي ته سائين جن فرمائين ٿا ته جيڪو سڏ سسئي کي ٿيو اُهو اسان ٻڌي اولاڻو ڏنو هو، يعني روئي پيو هئس، ڇو ته جنھن کي سڏ ٿيو آهي اُها ئي انھي راھه تي وڃي سگھي ٿي ٻيو ڪو به نٿو رسي سگھي. هي روح جي اُڏام آهي. جيڪا وقت ۽ فاصلن جي محتاج ناهي هوندي. جن فقيرن پنھنجي زندگي مالڪ جي حوالي ڪئي انھي لاءِ ڪائنات جي ڌڻي ڪافي ساريون شيون فقيرن جون محتاج ڪري ڇڏيون.

    جي ڪيڙي ڀر ڪنبن، نانگ به نمن ان کي

    حضرت سيد شاھ عبداللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا ته جيڪو ڪيڙي جھڙي ننڍڙي مخلوق کان به ڊڄي ٿو، خطرناڪ نانگ به ان جي اڳيان نمن ٿا. اسان اگھور ننڊ ۾ ستل انسانن جيئان زندگي گذاري رهيا آهيون. اسان کي دنيا جو فڪر وڏو آهي پر اڳتي جي سفر لاءِ بلڪل ڪو نه ٿا سوچون. نه هن دنيا ۾ پنھنجي مرضي سان آيا آهيون، نه وري هتان پنهنجي مرضي سان وينداسين. خبر هوندي به لاعلمي واري سوچ رکون ٿا.

    ستين سنجهيئي، منھن ويڙهي مئن جيئن
    اوجاڳو اکين کي، ڄاتئي نه ڏيئي
    هٿان تو پئي، ڪچو ڪيچين کي ڪرين

    اسان اڪثر پنھنجو الزام ٻين تي هڻڻ جا ماهر آهيون، پر اسان پنھنجي پاڻ جو محاسبو ڪنداسون ته ڪجھه اسان جي غلطي ضرور نظر ايندي، اوجاڳو اکين کي ايندو ته منزل ڪا به پري نه هوندي.

    غافل غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اناسي اوجھرين
    چُپا تان چري ويا،وڃي پھتا توڙ
    نيڻين ننڊ اکوڙ، جم ورن۾ واڪا ڪرين


    سُٽ انهين جو سڦرو، جي پر ۾ پڃائين

    سُٽ انهين جو سڦرو، جي پر ۾ پڃائين

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پنهنجي فڪر ۾ انسان جي ڀلائي جا انيڪ ڳڻ ڏَسيا آهن، جنھن ڪارڻ سرن جون تمثيلون ڏنيون آهن، فڪر لطيف ڪو شاعري جي حدن تائين محدود هڪ فڪر ناهي، سائين مرشد پاڪ جو پيغام مڪمل انساني راهه جو هڪ نالو آهي. اُها راهه جيڪا انسان کي مڪمل انسان بنائڻ لاءِ ڪارآمد آهي. ڪو به انسان پنھنجي پاڻ کي گھٽ نٿو سمجھي. اسان هن ڌرتي تي رهندڙ انسانن جو هڪ الميو آهي ته اسان انسان پاڻ کي ته مڪمل سمجھون ٿا پر ٻين مان هزارين عيبن جا داستان ڳوليون ٿا، ٻين تي آنڱر کڻڻ مهل اُهو سوچڻ گھرجي ته هٿ جي هڪ آڱر سامھون واري ڏانهن هوندي آهي جڏهن ته چار آڱريون خود جي نشاندهي ڪرائينديون آهن، مالڪ سائين پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ اسان کي ٻڌايو آهي، قرآني آيت جو مفھوم آهي ته انسان خساري ۾ آهي. اچو ته فڪر لطيف ۾ ڏسون ته اسان کي اسان جو رهبر هادي ڇا ٿو ٻڌائي، ڪهڙو ڏس ٿو ڏئي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمائين ٿا ته

    جيڪي ڪري بندو، سو سڀوئي

    اڄ جي انساني سوچ، انسان کي آسمانن جا سير ڪرائي ٿي، جسم جي اڻ کُليل رازن مان انسان واقفيت حاصل ڪري رهيو آهي، هن صدي کي سائنسي ترقي جي صدي قرار ڏنو ٿو وڃي. آسمانن جي پروازن، گوگل جي دنيا جو عروج، نئين نئين گاڏين جي ٺاهڻ جي ڪمال وارو دور، سمارٽ ڊوائسن جي ترقي وارو دور آهي. هٿيارن جي مقابلي وارو دور آهي، انسان، انسان جو دوست گھٽ دشمن وڌيڪ ٿي ويو آهي. جيتري ترقي ٿي رهي آهي، اوترو ئي انسان اخلاقي قدرن کان هيٺ ڪري رهيو آهي. بلڊنگن جا بنياد زمين ۾ پاڻي کان شروع ٿين ٿا، جن جي انتھا آسماني ڪڪرن کان مٿي تائين آهي، مگر اسان جي روحانيت جو اُهو عالم آهي، ته مصيبت زده انسان جا فوٽو ڪڍي سوشل ميڊيا تي رکون ٿاپر اسان انهن جي مدد هرگز نٿا ڪريون، پنھنجي اندر ۾ پاڻ جھاتي پائي ڏسندو ته اسان جو ڇا حال آهي، اسان جو بھتري جي طرف رُخ گھٽ آهي، اسان کي اڄ جي دور ۾ ڪو سٺو صلاحڪار ملي وڃي ته نعمت کان گھٽ ناهي، اسان جي تلاش به ناهي ته اسان کي گهربل ڇا آهي؟ ڪريون ڇاپيا؟ بس لالچ جي هن دور ۾ انسان حيوانيت جون حدون ٽپي ويو آهي. خود کي خدا سمجهي ٿو جڏهن ته هـُو اڃان انسان به نه ٿي سگھيو آهي، حضرت شاهه سائين فرمايو آهي ته

    ڍڪي ڍڪڻهار، آئون اُگھاڙي آهيان،

    سمارٽ ترقي ۾ طريقي جو وڌيڪ استعمال آهي، جڏهن ته هن ترقي ۾ اسان جو مستقبل سمايل آهي، پنهنجي پاڻ محاسبو ڪجي، اندر جو ڏيئو ٻارجي، روشني جو خيال ڪجي، راهه کُلي ظاهر ٿي پوندي. اسان هن وقت ڪٿي آهيون، ڪنهن سمت اسان جو رستو آهي، اُن رستي جي آخري منزل ڪٿي آهي. الله تعالى جي ولين جي راهه اپنائڻ سان جي روح کي هن کُليل فساد کان نجات ملندي، ڏينهن ڏٺي جو اسان انڌن جھڙي زندگي گذاري رهيا آهيون، ڄاڻي واڻي اکيون ٻوٽيل آهن. جسماني غذا لاءِ اڄ جو انسان انسانيت جون حدون به ٽپي وڃي ٿو پر ڪڏهن ويهي ويچار ڪيو آهي ته ڪا روحانيت جي لاءِ به ڪجھه گھربل آهي، رسا ڪشي جي هن دور ۾ اسان کي وقت جي تمام گهڻي قلت آهي، هڪ ته ڪنن جي ڪچائي رشتن ناتن کان پري ڪري ڇڏيو آهي، بس آئون سچو، آئون ڄاڻڻ وارو، انهن جملن اسان جي روح کي زخمي ڪري ڪنهن انڌيري راهه جو مسافر ڪري غفلت واري زندگي جو عادي ڪري ڇڏيو آهي. دل ۽ روح جو ڪچو ڌاڳو ٽُٽل لڳي ٿو، نفساني خواهشن جي عروج اسان جي روح کي جسم جو قيدي بنائي ڇڏيو آهي. نڄاڻ ته هي ڌاڳو ڪيتري مدت تائين قائم رهي. شڪ جا پھاڙ انساني خيالن مٿان هر وقت ڪرندا رهندا آهن. اعتبار ته هاڻ ڪو ڄڻ ڪتابن جي زينت بڻيل آهي. باقي انسان جي ڪاروهنوار ۾ انجي ڪا ايڏي وڏي حيثيت ناهي رهي. افسوس ته ان ڳالھه جو آهي ته اڄ جو انسان وفاداري جا مثال ڪُتي جي نسبت سان ٿو ڏي، الله جا بندا انسان ته اشرف المخلوقات جو تاج پائي زمين تي آيو آهي. هُو ڪُتي جهڙي جانور جا مثال ڏيڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ڀاءَ جو ويري ڀاءُ آهي، خون ٽهڪي اڀامي ٿو، رشتا نالن جي حدن تائين رهجي ويا آهن، احساسن جو خيال رکڻ وارن جو مذاق اُڏايو ٿو وڃي. سڌي انسان کي جاھل ۽ منافق کي هوشيار ڪوٺيو ٿو وڃي. اندر ئي اندر اسان کوکلا ٿي ويا آهيون. اسان سوچون ته آخرڪار ان جو حل ڪھڙو آهي؟ روحانيت، انسانيت ۽ اخلاقي قدرن جو محور اسان جا ولي بزرگ آهن جن دين جي تبليغ انساني بنيادن تي ڪئي جن وٽ نگر خانن ۾ ڪنهن کان به ڪو نالو نيشان، خوانگاهن ۾ رهڻ لاءِ ذات پات جي آڙ نه هوندي هئي، جيڪي اصل ۾ انسانيت جا پيروڪار آهن اُهي اڄ به انھي راهه تي هلندڙ آهن، بس ڳالهه سوچ جي آهي، ڳالھه اسان جي نظريي جي آهي، خود کي سچائي جي راهه تي ڪارآمد ته نه ڪري سگهيا آهيون ٻين جي ڪھڙي اصلاح ڪنداسون. الله تعالى اسان جي هدايت جي منزل جو رستو هميشه جي لاءِ کُولي ڇڏيو آهي، طرف موڙڻ جي ضرورت آهي. انسان جي شڪل ساڳي آهي، سوچ جي تبديلي ڪا وڏي ڳالهه ناهي. فقيري راهه ۾ انسان کي پھريون سبق ٻين جي ڀلائي جو پڙهايو ويندو آهي، جيڪڏهن تو ۾ ٻين جي ڀلائي جو جذبو آهي ته تون انسان ٿي سگھين ٿو. اسان جو قلب پاڪ آهي جتي مالڪ جي رهڻ جو هنڌ آهي، بس سوچون پاڪ هجن، اخلاق جو مقام اندر ۾ هجي، روح جي غذا پاڪائي آهي، جيئن نفس جو کاڌو مادي خواهشون آهن، اڻپورين خواهشن سان انسان وڃي موت جي هنجھه ۾ ابدي ننڊ سمهي رهندو، ان لاءِ ته ڪجھه ڪجي ته بهتر ڪجي.

    اُڀريا چنڊ اُسور جا، نکٽ نوراني
    پھر رحمتي رات جو، اُٿي اوڳاني
    تو جيڏا تو سرتا، تو وٽان ويا ني
    ڦٽي هي فاني، جنھن دنيا سان تو دوستي

    رات جو ڪو پھر جاڳي انهي مالڪ جو يادگيرو ڪجي، جيڪي تو جيڏا هئا اُهي توسان گڏ ناهن، هن ڪوڙي دنيا جي کوج توکي نه هتي جو ڇڏيو نه هُتي جو، ڪنهن بخشل جي محفل نصيب ٿئي ته تون ڪامياب ٿي سگهين ٿو. اڃان تو وٽ وقت آهي، زندگي جو اهڙو سبق ياد ڪجي جنهن سان اسان جو آئيندو محفوظ ٿي سگهي، پنھنجي پاڻ اصلاح ڪريون، جنهن سان روح کي يقين ٿي وڃي، انھن جي پيروي ڪجي جن جا سبق زندگي جا رُخ موڙي بھتري جي طرف وٺي وڃن ٿا، محبت جو اهڙو جھان آباد ٿي سگهي ٿو جنهن سان اسان جو پيغام ٻين تائين به پھچي سگهي ٿو. ڪرڻو ڪجھه آهي ڪريو ن ٻيو ڪجھه پيا، ان جا نتيجا به اهڙا نڪرندا جن بابت اسان سوچو به نه هوندو. اسان جي هن معاشري ۾ لطيفيات جي ڄاڻ جي گهرج آهي، جنهن سان بهتري جون راهون کُلي سگهن ٿيون. اسان کي اسان جي رهبر اهڙا ڏس ڏنا آهن جي پيروي ڪجي ته ظاهر باطن زندگي خوش حال ٿي سگهي ٿي. لطيفي فڪر وارا انسان اڄ به روحانيت مان فيض حاصل ڪري رهيا آهن. هُو وڏائي کي عيب سمجھن ٿا، جيڪو به انهي راه تي قائم آهي اُهو ڪاميابي جي طرف وڃي رهيو آهي، باقي ور سان ڪاڻ ويجھو، کرن سان کلون پائڻ وارن جي ڪابه کوٽ ڪانھي ڪا،

    کر کي کستوري، ٻانھون ٻڌي چار
    پنھنجي پسوري، ليٽي ڏيکاريندئي لڏ ۾

    پاڪ ڪتاب ۾ آهي ته هدايت پرهيزگارن ۽ متقين لاءِ آهي، باقي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن بيت وانگر کر (گڏهه) کستور کارائيندين تڏهن به پنھنجي جبلت کي هو ڪين وساريندو، مينهن جو پاڻي اگر سپ جي وات وڃي ته هُن مان موتي ٺهندا آهن، اُهوئي مينهن جو پاڻي نانگ جي وات ۾ وڃي ته قاتل زهر جي ٿيلهي ٺهي ٿي. هدايت جون راهون ڏيندڙ هي درويش انسان تي تحقيق ڪندڙ آهن، مزاجن ۽ روين تي غور و فڪر ڪن ٿا، انسان پنھنجي پاڻ ۾ ڏسي ته هُو ڇا ڪري رهيو آهي؟ اسان جي پياري پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جناسان کي مڪمل دين جي مبارڪي ڏني آهي. اسان جو دين عالم انسانيت جي لاءِ مڪمل تحفظ وارو دين آهي. اندر ئي اندر ۾ پنھنجي پاڻ لاءِ سوچ گهربل آهي، جنهن سان اسان جو ڪم آسان ٿي پوندو. رستو هڪ طرف منزل ٻئي طرف ته پوءِ اسان جي لاءِ ڏکيائيون کوڙ ٿي پونديون، اسان کي اندر جي کوٽ ختم ڪرڻي آهي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو مطالعو ڪرڻ گهرجي جيڪو اين دين اسلام جي مطابق ٺهڪيل آهي، جيئن شاهه سائين فرمايو آهي ته نوڙت ۾ حق جي راهه آهي.

    سُٽ انهين جو سڦرو، جي پر پڃائين
    آواز ارٽ جو، ساهه کي نه سڻائين
    لِڪايو لطيف چئي، ڪنبيو ڪتائين
    جي ماڻڪ موٽائين، ملھه مھانگو ان جو


    ڪيو مطالع مون، هيءُ ورق وصال جو

    ڪيو مطالع مون، هيءُ ورق وصال جو

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي فڪر تي مباحثا ڪيترائي ٿيا آهن ۽ شايد اڃان به ڪيترائي ٿيندا. لطيفي فڪر انساني سوچ جي عين مطابق ته آهي پر انساني سوچ جي حدن کان پھچ کان پري آهي، جنهن جو مطلب اُهو ناهي ته اسان انھي فڪر کان پري رهون، بلڪه ان جو مطلب آهي ته اسان انھي فڪر جي لوچ لاءِ سوچ جو دائرو وڌايون. انھي ڳالھه جي پرک ڪريون ته اسان جي هن عالمي سوچ رکندڙ عالم انسانيت کي ڪيڏو نه وڏو سبق ڏنو آهي، هيڪڙائي جو درس الله تعالى جي وحدانيت جو سبق ڏنو آهي، جنهن کي سمجھڻ لاءِ ڪابه اسان کي ڏکيائي ڪا نه ٿئي ٿي.

    ميم مان معلوم ٿيو، الف آهين تون
    تيلانهين آيل مون، ورق واري ڍڪيا

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن اسان کي مالڪ سائين جي توحيد جو درس نھايت بھترين نموني ڏنو آهي، ميم مان پتو پيو آهي ته الف ته تون ئي آهين، ان ڪري مون ٻيا اکر ڍڪي ڇڏيا، الف لام ميم جي سمجهاڻي هجي يا اسان جي لاءِ ڪو سبق، هر ڏس بهترين نموني اسان کي سائين جن ڏنو آهي، پاڻ فرمائين ٿا ته تون چئو الله هڪ آهي ان جو ڪو ثاني ناهي، اسان جي لاءِ راهه هموار ڪئي آهي، اوهان اُنھي ڳالھه کي سمجهو ته اوهان جي لاءِ سمجھاڻي آهي، ان ۾ تنھنجي ڀلائي آهي، اسان جو ڪم آهي ته اسان پنهجي مرشد اڳواڻ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڏنل درس تي قائم ٿي انھي جا، راهه جا مسافر ٿيون ته منزل پري ڪانھي ڪا، لطيف سرڪار جي تمام وڏي فڪر کي ننڍڙو ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جيڪي مذهبي ڪتابن ۾ ڏس ڏنا ويندا آهن اُهي ڏس شاهه سائين جي رسالي ۾ اسان کي مليل آهن، جيڪي فڪر ادارن ۾ پڙهيا وڃن ٿا اُهي ڳالھيون سائين آسان طريقي سان اسان کي ٻڌايون آهن، ڌنارن جي ڌنن ۾ شاهه سائين اهڙي ريت سمايل آهي، جهڙي ريت ادارن ۾ PhD ڪندڙ اسڪالر جي ريسرچ ۾ هجن، شايد اسڪالر اهڙي سھڻي انداز ۾ مرشد سائين جو ڪلام نه پڙهي سگهن، جھڙي ريت هڪ عام محبتي انسان پڙهي سگهي ٿو، محبت عقل تي هميشه حاوي رهندي آهي، اسان جي مرشد جي ڪلام کي هر انسان محبت جي نگاهه سان پڙهي ۽ پروڙي سگهي ٿو، سوري کي سينگار جو نالو ڏيندڙ فڪر ڪيتري طاقت رکندڙ هوندو، انجو اندازو اوهان لڳائي سگهو ٿا، ڪاتي جو ڪوبه ڏوهه ناهي ڳن وڍيندڙ جي هٿ ۾ آهي، لوح وقلم جون اهڙيون ڳالھيون جنهن سان انساني سوچ پگهرجي وڃي ٿي، الله تعالى پاڻ ئي تقدير جو مالڪ آهي جنهن جي حڪم کانسواء پن به چُري نٿو سگهي، ڪاتي کي ڀلا ڪھڙي طاقت آهي جو وڍي سگهي،

    ڪاتي ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾
    پسيو پر عظيم جي، لچيو وڃي لوهه
    عاشقن اندوه، سدا معشوقن جو

    حضرت سيد شاهه عبد الطيف ڀٽائي جن جي پيغام جو هڪ دفعو اهڙو مطالعو ڪيو وڃي جنهن جو صرف ريسرچر جو نظريو هجي ته اسان کي هڪ اهڙو نتيجو ملندو جنهن جو اوهان اندازو به نٿا لڳائي سگهو، هن درس جي اصل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪوششون بنا لالچ جي ڪرڻ گھرجن ته ان مان گهڻي ڪجھه حاصلات ٿي سگهي ٿي، مقالن کي صرف ڪتابن ۾ ڇاپڻ مان اُهو ڪم نه ٿيندو جيڪو اسان نصابي ڪم ڪري وٺي سگهون ٿا. افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان اڃان تائين سائين کي سڃاڻي ئي نه سگهيا آهيون، پنن جي پيھه ۾ اسان مرشد سائين جو ڏنل ڏس وساري ويٺلن مان آهيون، شريعت، طريقت، معرفت، حقيقت ۽توحيد جو حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام جو هڪ اهڙو ڀنڊار آهي، جنهن بابت تمام گهٽ سوچيو ويندو آهي، بس ڳالهه هلندي آهي ته هِن سورمي ۾ سائين هِن ريت چيو آهي، يا وري هُن سورمي بابت ٻيو ڪجھه چيو آهي، هن اکر جو هي مطلب آهي جھڙين سوچن جي محور ۾ ڦاٿل آهيون. دل سان جيڪڏهن فڪر لطيف مطالعو ڪيو وڃي ته اسان جا چوڏهن طبق روشن ٿي سگهن ٿا، منظرنگاري جو هي الھامي درس رڳو اسان جي سوچ ۾تبديل ڪندو، پر اسان جي زندگي جي ڪاميابي جي ضمانت ڏيئي سگهي ٿو، جيڪڏهن زندگي کي ڪامياب ڪرڻو آهي ته اسان کي لطيفي فڪر جي پيروي ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ انسانيت جو هڪ اهڙو درس ڏنل آهي جنهن مان روح کي تقويت ملندي روح جو عرفان ٿي ويندو. اڄ جو انسان بک ۽ بدحالي جھڙن مسئلن جي ور چڙهيل آهي، جيڪو مادي خواهشن جي ڪري جسم جي خوراڪي ضرورتن کي پوري ڪرڻ کان به قاصر آهي، هُو ڀلا روحاني ڪم بابت ڇا سوچيندو؟ پر ائين هرگز ناهي، روح جو جسم محتاج آهي، نه ڪي روح جسم جو، اگر روح جسم جو ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏي ته هي ڪنهن ڪم ڪرڻ جي لائق نٿو رهي. اسان جون سوچون اسان جي جسم جي پرورش ڪن ٿيون، اسان جي جسماني حالت مان اسان جي روحاني پرک ڪئي وڃي ٿي، اکيون ۽ چھرو اسان جي اندورني ڪيفيت جو حال زبان گوئي کان سواء ئي ٻڌايو ڇڏين، اسان جي رهبر حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ۾ اهڙا اڻ کليل راز آهن جن بابت ڪم ٿيڻ جي ضرورت آهي.
    التيم جا “هِنيان”، سا نه سَلتيم “ساهه” کي
    ڳالھه پريان جي ڳجهه جي، لڪايم “روحان”
    ويئي مون وسان، پڌر پئي ڳالهڙي

    حضرت سيد شاهه عبد اللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا ته جيڪا ڳالھه مون هِنين سان ڪئي آهي، اُها ڳالهه ساهه کي نه ٻڌائي آهي، هِي ڳالهه ڳجهه جي آهي، ان ڪري سائين چيو ته مون ساهه کي به نه ٻڌائي آهي، پر ڳالهه جو ڳجهه منهنجي وس کان ٻاهر ٿي ويو، ڳالهه ظاهر ٿي ويئي، هنيون، ساهه ۽ روح کي مرشد سائين الڳ ڪري چيو آهي، هي هڪ ڳجهه آهي جنهن جي پرک ڪرڻ گهرجي يا هڪ جڳهه تي پاڻ فرمائين ٿا ته جيرا، جگر، بڪيون شيخن ۾ ٽئي، بڪيون ته ٺيڪ پر اسان ته جيري کي جگر چئون ٿا، سائين جن اسان کي الڳ ڪري ڏنو آهي، پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو ڪجھه مطلب الڳ آهي، آسماني علم کي اسان عقلي دليلن جو هڪ اهڙو ڪوٽ ڏنو آهي جنهن سان اسانکي رڪاوٽون پيدا ٿيون آهن، هن لطيفي علم کي جيڪڏهن انهي طريقي سان پڙهايو ويو ته ان سان ڪجهه به حاصل ڪونه ٿيندو، هن روحانيت جي علم سان اسان جون جسماني ضرورتون پوريون ٿي سگهن ٿيون، فڪر لطيف جو احاطو ايترو ته وسيع آهي جنهن جون حدون لاحد ۾ آهن

    لوچان ٿي لاحد ۾، هادي لھان نه حد

    اسان ڄڻ ته اڃان لطيفي فڪر جي مطالعي جو حق ادا نه ڪيو آهي، شاعري جي زِيرن زبَرن، تجنيس حرفي، ڪافن جي، ڪافين جي ڪھاڻين سان اسان جو عقل اوجھل ٿيل آهي، لطيفي فڪر جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته سائين جن جي فڪر جي پيروي ڪندڙ فقير ڪوٺيا وڃن ٿا، انهن فقيرن جو تعلق مرشد سرڪار سان آهي، صدين جي مسافري ڪندڙ هن فڪر ۾ جيڪو اسان کي علمي اضافو ٿيڻ گهرجي ها، اُهو نه ٿي سگهيو آهي. ڇو ته اسان جو طريقو ان ڳالهه جو ذميوار آهي، اسان جي ذهني طور ايتري پھچ ناهي رهي جو اُهو ڪم به خوبي نموني ڪري سگهون، هر شاعر انا جو نعرو هنيو آهي، اسان جي سائين اسانکي هيٺائين جو درس ڏنو آهي، اقبال چيو ته خودي کي بلند ڪر، پر مرشد سرڪار چيو مامن ڪين مياڻ ۾ خودي ۽ خدا، يا ته خدا هوندو يا خودي هوندي، تنھنجي اندر ٻئي گڏ نٿا رهي سگهن

    نابوديءَ نيئي، عبد کي اعلى ڪيو
    مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
    ڪبي اِت ڪيھي، ڳالھه پريان جي ڳجھه جي

    حضرت سيد شاهه عبدللطيف ڀٽائي جن جي فڪر بابت ڪو به ڪا حتمي راء نٿو ڏئي سگهي، اُها علمي کوٽ جي نشاني ٿي سگهي ٿي، اسان جي شعوري سوچ بابت ڪا ڳالھه ته چئي سگهون ٿا. هن لطيفي فڪر جي موضوع پرک جو پرو پاند ناهي، عقلي دليلن مان پتو ضرور پوي ها پر محبت سان لطيفي فڪر جو تمام گهڻو گهرو تعلق آهي،

    محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن

    هي انهن جي ڳالهه آهي جن لطيفي فڪر ۾ هنيون هنڍائي، نسلن کان نسلن تائين، هي الله جو پيغام لطيفي ٻولي سان سلهاڙي انسانذات کي حقيقي درس ڏنو آهي، انهن فقير صنف انسانن جي اڃان ڪابه کوٽ ناهي، جن جي ڳولا اسان جو اخلاقي فرض، اُهو فرض نڀائي لطيفي فڪر سان ڳنڍيلن جو هڪ ڪٺ ڪيو وڃي ته جيئن هن آفاقي پيغام جي پرواز جو آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي سگهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر بابت هڪ ڄاڻ جو پروگرام ڏنو وڃي، جنهن سان اسان جي اندورني ڪيفيت بدلجي ويندي، من جو مونجهارو لهي ويندو، بس اسان جي اندر جي سجاڳي جي ضرورت آهي ايترو جيڪڏهن اسان ڪري ويا سون ته اسان جي زندگي جيئڻ جو حق ادا ٿي ويندو، اسان انسانن جيان رهنداسون، پيار محبت هڪ ٻئي جي عزت اسان جي اوليت ۾ شمار هوندو، نه ته اوهان اڄوڪي ماحول کان واقف آهيو، ته ڪير ڪنهن جو ناهي افراتفري واري انسان زندگي گذاري رهيو آهي، اسان جو رهبر مرشد لطيف سائين اسان کي پنهنجي اندر ڏانهن اشارو ڏيئي رهيو آهي ته جيڪڏهن تون من جو مشاهدو ڪري وصال جو ورق مطالعو ڪندين ته توکي اهو مالڪ ساهه رڳ کان به ويجھو نظر ايندو

    ڪيو مطالع مون، هيءُ جو ورق وصال جو
    تنهن ۾ تون ئي تون، ٻي لات نه لحظي جيتري


    نه ڪنھن ڄائو ڄام کي، نڪو ڄام ويا

    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جي شاعري انسان کي ڀلائي جي راهه ڏيکاري وئي آهي. لطيف سائين جن جي شاعري موضوعاتي آهي. انھن موضوعن کان هٽي ڪري به آهي. جن ۾ سورميون، سورما، مذهبي ڪلام، انسانيت جو درس، انسانن سان گڏ ٻي خدائي مخلوق جي مدد ڪرڻ جا به اهڃاڻ موجود آهن، پر پاڻ عشق جي شاعري تي ڪمال جو بحث ڪيو اٿن. جنھن به سورمي جو پاڻ ذڪر ڪن ٿا، سڀ کان پھرين انھي جي عشق جي باري ۾ لکن ٿا. عشق جي باهه هڪ اهڙي راهه آهي جنھن کي لڳي وڃي ان کي ماڻھو بي راهي چون ٿا. پر حقيقي لحاظ کان اهُو ئي صحيح واٽ تي هوندو آهي. ڪنھن عشق کي آفت چيو، ڪٿي نانگ سان مشابهت ڏني، ڪٿي زهر جي تشبيهه ڏني وئي. ڪنھن عشق کي باهه به چيو آهي پر هن جذبي جو ڪو به ماپو نه ڏئي سگھيو آهي، نه وزن، نه ويڪر، نه مٿاهون، نه هيٺاهون، نه ننڍو نه وڏو، نه روشني نه ڪاراڻ، بس عشق ته عشق آهي. ان جو مطلب اوهان جي ذهن ۾ ٻيو ڪجھه به ٿي سگھي ٿو. عشق جي بادشاهي هن دنيا جي بادشاهي کان اعلى مرتبي واري سلطنت آهي. عاشق هميشه محبوب جي تلاش ۾ محو رهندو آهي. عام زندگي کان عاشق بيگانا هوندا آهن. عاشق جو مطلب ۽ مقصد سندس محبوب هوندو آهي. اسان اڄ هڪ داستان جو مختصر مطالعو ڪنداسين جنھن بابت لطيف سائين تمام اعلى نموني سان ڳالھه ڪئي آهي. ظاهري طور سائين جن جنھن به سورمي بابت ڳالھائين ٿا ته ان ۾ خود سمائجي هڪ ذات ٿي ٻولين ٿا يا ڳالهائين ٿا. لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته
    تون سمون آئون، گندري مون ۾ عيبن جُوءِ
    پسي راڻين روءِ، متان مانڱر مٽين

    هتي هن بيت تي ٿورڙو غور ڪرڻ ضروري آهي. لطيف سرڪار جن فرمائين ٿا ته تون سمون آهين، آئون گندري آهيان. بس هن نقطي ۾ هڪ سبق سمايل آهي. سسئي هجي، مومل هجي، هر سُر ۾ لطيف سائين هڪ داستان ڀري ڇڏيو آهي، جيڪو انسان جي ڪم جو داستان آهي. پاڻ فرمائين ٿا ته آئون گندري آهيان، يا سسئي ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته “ڀڄي جان ڀنڀور کان ڏونگر ڏوريو مون” پاڻ هن بيت ۾ فرمائين ٿا ته ڏونگر ڏوريو مون، مون جو مطلب ڇا آهي؟ هي صنف سائين جي ڪامل هئڻ جي صفت آهي. هن لازوال پيغام جي لاءِ اعلى دماغ واري ذهنيت گھربل آهي.

    تو در آيس ڄام، سمان سام تنھنجي
    نه سمي نه سومري، آهيان گندري غلام
    آهي منھنجي منھن ۾، مڇي بوءِ مدام
    مڙيون گندريون پاڻ ۾، سمي ڪن سلام
    سمي بنا سرتيون، ڪينجھر ڀانئيان قيام
    الله عبداللطيف چئي، مون تان لاهه ملام

    سائين هن وائي ۾ فرمائين ٿا ته ڄام تنھنجي در تي آئي آهيان، تنھنجي سام پئي آهيان، اوهان جي ڇانءِ ۾ آهيان، آئون نه سمي آهيان نه سومري آهيان، آئون ته هڪ عام آهيان. هتي سمي ۽ سومري سان گڏ لطيف سائين فرمائين ٿا ته انسان خساري ۾ آهي. ضعيف به آهي. اسان جا حيلا سڀ خيالي آهن. هن وائي جي نسبت ڄام تماچي سان ظاهري توڙي باطني طور بلڪل ڪو نه ٿي ملي. مرشد سرڪار فرمائين ٿا ته مالڪ سائين آئون اوهان جي اڳيان آهيان، منھنجي حال کان اوهان واقف آهيو.
    مالڪ سائين اوهان کان سواءِ سُڃ آهي. ٻيو ته ڪير به ناهي جنھن کي آئون چوان. آخري سٽ ۾ مرشد سرڪار انھي ڳالھه کي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ”الله عبداللطيف چئي، مون تان لاهه ملام“ يعني سرڪار جن فرمائين ٿا ته مون تان، پاڻ ڏانھن اشارو ڪن ٿا. فڪر لطيف جي سوچ جو پرو پاند اسان جي اڄڪلھه واري سوچ کان اڃان مٿي آهي، هي راز آهي جنھن کي فڪر لطيف سان پيار ڪرڻ وارا ماڻھو جيڪي آهن سي سڀئي سمجھي سگھن ٿا. باقي اڃا لوچين پيا، پر لوچ وارا ئي منزل ماڻي سگهن ٿا يا پنهنجا مقصد حاصل ڪري سگهن ٿا. اُهي ڪڏهن نه ڪڏهن پرين تائين ضرور پهچن ٿا.

    سڀ سميون، سڀ سومريون، سڀني ڳچيءَ هس
    پسڻ ڪارڻ پرين جي، وڏا ڪيائون وس
    ڍول تنين جي گس، هيٺايون هلن جي

    مالڪ سائين جي اڳيان ويس وڳن جي ڪا به ضرورت ناهي هوندي. هر ڪو وڏا وس ڪري ٿو پر مرشد سائين جن فرمائين ٿاته ڍول انھن جي ڍار. ڍول انھن سان پيار ڪري ٿو جيڪي هيٺائين واري واٽ وٺن ٿا. هتي هن بيت ۾ سمي ۽ سومري جو ذڪر ته آهي پر سائين جن هتي هي بيت چٽو فرمايو آهي. اُها گندري ڪير آهي. اُهي سميون ڪير آهن. سومريون ڪير آهن. لطيف سائين پنهنجي مٿين بيتن ۾ انسان جو تعلق مالڪ سائين سان ٻڌائين پيا. لطيفي فڪر جو مقام ايترو اوچو آهي، جو اڄ انهي سوچ کي تمام گھڻو ڳولڻون پوندو، ڏسڻو پوندو. هادي سرڪار جن جي فڪر کي اڄ جو معاشرو ڪيئن ٿو ڏسي، ان کان سرڪار گهڻو مٿي ٿا ڳالھائين. منھنجي ۽ تنھنجي سوچ کان هي الستي فڪر اعليٰ درجو رکي ٿو. اوهان ۽ اسان ته فقط اڄ تائين سائين جن جي ڪلام ۾ اندازا لڳائڻ وارا آهيون. نوري ڪير آهي، تماچي ڪھڙو آهي، لطيف سائين ڪٿي نوري وارو تماچي ڪلام ۾ ڳايو آهي. ڪٿي مالڪ سائين جي باري ۾ چيو آهي. ڪٿي مدني سائين کي تماچي ڄاڻايو آهي. ڪٿي پاڻ کي نوري جي تصور ۾ پيش ڪيو اٿن وغير.

    تون سمون آئون گندري، عيب منھنجي ذات
    ڇا چوان سين وات، توکي معلوم سڀڪا

    سائين جي فڪر لاءِ دل وسيع کان وسيع تر هئڻ گهرجي. ڪنھن سُر جي سورمي کان سائين جي سوچ جي پرواز تمام گهڻي مٿي آهي. لطيفي فڪر جو پنڌ جھاڳڻ لاءِ کاهوڙي ٿيڻ ضروري آهي.
    آيو ڄام ڄُلي، منھ ملاحن جي
    عطر ۽ عنبير جي، اچي ڇول ڇُلي
    ڪينجھر سڀ ڪُلي، انھين کي انعام ٿيو

    رهبر سرڪار جن فرمائين ٿا ته جڏهن ڄام آيو ته ان وقت منھه ملاحن جي گهرن ۾ خوشبو ٿي وئي. ملائڪن مبارڪون ڏنيون. ڪِسرا جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڪري پيا. هي جھان هو جھان ٻئي مالڪ سائين مدني سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏيا اٿن. انڌيري رات جيئان هي جھان هو، باهه ئي باهه هئي، انسان انسانن جا غلام هئا.

    تڙ تماچي ڄام جو، تماچي تڙ راءِ

    شاعري هڪ اهڙي صنف آهي، جنھن بابت شعوري بحث ڪري سگھجن ٿا پر لطيف سائين جي ڪلام ۾ انتھائي خوبصورت نموني سان حقيقي طور لطيفي فڪر چٽو ۽ واضح ڄاڻايو ويو آهي.
    حقيقي سورمي جو پنڌ به سائين پورو رکيو آهي. لطيفي فڪر ڪٿي به کٽل ناهي. هر هنڌ هڪ کان وڌيڪ هڪ آهي. پنھنجو مثال پاڻ آهي. عالمي طور اسان جي علمي، ادبي حلقن اُهو پيغام نه پھچايو آهي. اگر جي سائين جي سوچ جو دنيا جي ڪنن تائين آواز پھچي وڃي ته لطيفي فڪر جي مالڪي سڄي دنيا پاڻ ئي ڪندي.
    منظر ڪشي جو به سائين جي بيتن ۾ ڪمال آهي. سائين جن جنهن انداز سان فرمائين ٿا ان حساب سان ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ اکين جي اڳيان تصوير ٺھي اچي ٿي.

    هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي ۾ وڻ راهه
    اچي وڃي وچ ۾، تماچي جي ساءَ
    لڳي اتر واءِ، ڪينجھر هندورو ٿئي.

    لطيف سائين جي بيتن ۾ ۽ وائين ۾ توحيد جي تنوار آهي. الله سائين جي تعريف جيڪا سائين جن ڪئي آهي، ان ۾ مالڪ سائين سان بندي جو پيار محبت وارو رشتو ٻڌايو ويو آهي. مالڪ ته پيار، پاٻوهه، عزت ڏيندڙ، حفاظت ڪندڙ آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين قرآن شريف جي آيت جي معنى لکي آهي.

    نه ڪنھن ڄائو ڄام کي، نڪي ڄام وياءِ
    ننڍي وڏي گندري، سڀني آه سياءِ
    “لم يلد، ولم يولد” اي نجابت نياءِ
    ڪِبرُ ڪبرياءِ، تخت تماچي ڄام جو


    مديني جا شاهه سُڻ منهنجا سڏڙا

    مديني جا شاهه سُڻ منهنجا سڏڙا

    الله تعالى هن ڪائنات جو هڪ اونهو مقصد ۽ مطلب رکيو آهي، جنهن کان هر عام خاص واقف آهن ۽ گهڻا ناواقف. ڪيترائي انسان هن ڌرتي تي آيا دنيا جي ڪمن ڪارين ۾ رهيا ۽ هليا ويا، ڪل نفسن کي موت جو ذائقو چکڻو آهي ۽ سڀ انسان جيڪي زنده آهن واپس الله جي طرف ورايا ويندا. زندگي الله تعالى سڀني کي انمول تحفو ڏنو آهي، ان تحفي جو مقصد تمام گهٽ انسان ڄاڻن ٿا. اسان کي هن دنيا ۾ آڻڻ جو مقصد الله جي عبادت ڪرڻ آهي ۽ پنهنجي خاص نبين جي وسعت سان اسان تي الله تعالى پيغام موڪليا آهن ۽ انهن نبين ۾ سردار آخر زمان حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم کي رحمت اللعالمين ڪري موڪليو آهي. جيڪي پوري ڪائنات جي لاءِ رحمت اللعالمين آهن. حضرت محمد صلعم جن جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. جنهن جي پيروي ڪري اسان حقيقي رستو اختيار ڪري سگهون ٿا. الله تعالى هن ڪائنات کي سهڻي نموني تخليق ڪيو آهي جنهن مان پتو پوي ٿو ته ڪو سبب آهي جنهن جي ڪري هي ڪائنات خلقي وئي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن کي هن دنيا جو ۽ هُن دنيا جو مالڪ مختيار بنائي موڪليو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي عشقيه انداز، محبت، پيار ۽ عقيدت سان حضور صلعم جي ساراهه کي اهڙي نموني ڳايو آهي جنهن کي ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ دل سان مڃڻ وارا اصلي حقيقي انسان ٿين ٿا.

    وحده لاشريڪ لہٗھ، جن اتو سي ايمان،
    تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب سان لسان،
    او فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اولياءَ.

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ حضرت محمد صلعم جا نالا به الله تعالى جي نالن جيان بي انتها رکيا آهن. هي نالا محبت ۽ خلوص جا مينار آهن، سُر ڏهر ۾ حضور پاڪ صلعم جن جو نالو پاڻ جکرو سڏين ٿا.
    جکري جيڏو، پرس نه پسان ڪو ٻيو،
    افديت ملڪيه محمدي، اقبال جنهن ايڏو،
    قادر رب ڪيڏو ڏنو شرف شفيع کي.

    جکري جي نالي سان لطيف سرڪار حضور صلعم جي ذات ڏانهن مخاطب آهن. لطيف سرڪار جي عشق جو پيمانو نبي صلعم سان لا انتها آهي. سر سسئي ۾ پاڻ پنهون، آرياڻي، مهندار، سردار جهڙا نالا ڏنا آهن. يمن ۾ ۽ ڪلياڻ ۾ ان کان سواءِ پڻ بيت چيا آهن، جن ۾ ته ظاهر بظاهر آهي، زندگي ۾ پيار جو اظهار شاعر محبت ۽ نفرت سان ڪندو آهي، هر شاعر جو ڪلام هن جي ذات سان منسوب هوندو آهي، جيڪو هن جي دل ۾ هوندو آهي، اهو لفظن ۾ آڻي احساسن جي چادر پارائي عوام جي اڳيان ظاهر ڪندو آهي. جهڙي ريت الله تعالى جا پيغمبر حضرت محمد صلعم آهن ته حضرت محمد صلعم جا پيغام رسائيندڙ سنڌي ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن آهن، شاهه سائين جن حضور پاڪ جو پيغام هر خاص ۽ عام تائين پهچايو آهي.
    اوهان کي لطيفي محبت جو اندازو تڏهن لڳندو جڏهن اوهان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو مطالعو ڪندئو، جنهن ۾ لطيف سائين حضور پاڪ جي شان ۾ هزارين بيت چيا آهن، هي ڪائنات الله تعالى حضور پاڪ صلعم لاءِ خلقي آهي، جنهن جو مان مرتبو اعلى ۽ افضل آهي، اسان جي ولين ۽ بزرگن پڻ حضور پاڪ جي پيغام کي عام ڪري معاشري ۾ امن، پيار ۽ سهپ جو درس ڏنو آهي، اهڙي ريت شاهه سائين پنهنجي پيغام جو مک موضوع الله جي توحيد ۽ حضور صلعم سان محبت جو رکيو آهي. انتهائي احترام وارن لفظن سان الله تعالى کي شاهه سائين ياد ڪن ٿا ۽ ان جي محبوب ڪريم کي پڻ ياد ڪن ٿا. اهڙي الاهي ۽ آفاقي موضوع تي پاڻ پنهنجي دلي عشق جي اظهار لاءِ بيت چيا آهن تمام انتهائي سمجهه، سوچ ۽ ويچار ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي شاهه سائين جي شاعري سمجهه ۾ ايندي، ان جو سبب اهو آهي ته شاهه سائين جو پيغام هر عام شاعر جيان نه آهي. روح جي رمزن سان اوهان شاهه سائين جو پيغام سمجهي ۽ پروڙي سگهندا. شاهه سائين پنهنجي زندگي جو مقصد هر عام ۽ خاص کي حقيقي راهه ڏيکارڻ بنايو، حضور صلعم جي محبت کي دل ۾ سانڍڻ ۽ انسانيت جي ڀلائي بابت گهرو بحث ڪري اهو ثابت ڪيو ته انسانن جي محبت دل ۾ رکي الله پاڪ جي وحدانيت کي مڃي حضور پاڪ صلعم سان محبت ڪري تون اعلى انسان بنجي سگهين ٿو، جنهن جا مثال شاهه جي رسالي ۾ هنڌ و ماڳ ڦهليل آهن.
    گذريل ڪيترن سالن کان شاهه سائين جي ڪلام سان عملي وابستگي رهي آهي، جڏهن ته هن فن و طريقت سان نسل در نسل پيوند جڙيل آهي.

    ڀلي ڪر ٿيوم هي سڱ ٻاروچن سين،
    وڃين ڪيچ ڏٺوم، پٺي لڳي جن جي.

    الله جي ڪرم سان مون فقير کي حضور پاڪ صلعم پنهنجي درٻار اقدس ۾ گهرايو، جنهن جا ٿورا آئون لاهڻ ته وڏي ڳالهه پر ڳائي به نٿو سگهان. مسجد نبوي جي صحن ۾ ڇٽين جي ڇانو ته نظر اچي ٿي پر حضور پاڪ صلعم جي روزي مبارڪ جو پاڇو اکين کان اوجهل آهي، اسان امتي ڪيڏا نه خوشنصيب آهيون جو رحمت العالمين جي امت مان آهيون ، جنهن جو ظاهر ۾ پاڇو نه هو مگر قيامت جي ڏينهن حضور پاڪ جي سائي ۾ هونداسين، رحمت العالمين جي رحمت جو نظارو ان وقت نظر ايندو آهي جنهن مهل باب سلام کان لکين ماڻهو سلام لاءِ گذرندا آهن. هر وقت سلام ادب سان پڙهڻ وارا حضور پاڪ جي حضور ۾ پيش ڪندي نظر اچن ٿا ڪنهن جا هٿ دعا لاءِ مٿي هجن ٿا ڪي زارو قطار اوڇنگارون ڏئي ادب سان روئي رهيا هوندا آهن. عجب ماحول جي خاموشي ۾ ڪيفيتون ڀريل هجن ٿيون جنهن جو اظهار لفظن ۾ نٿو ڪري سگهجي. حرم شريف ۾ اصحابي صفا جي ٿلهي تي ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ جي خواهش، رياض الجنه (جنت)۾ ساون قالينن تي ٻه رڪعتون ۽ حضور صلعم جي پيراندي کان نماز پڙهڻ جي خواهش هر مسلمان کي هجي ٿي.
    پنهل پيراندي مون نماڻي نصيب ٿئي.
    الله جي ڪرم سان مون کي حضور صلعم جي پيراندي کان ٻه رڪعتون نماز پڙهڻ جي سعادت حاصل ٿي. فڪر لطيف جو پورو محور حضرت محمد صلعم جي عشق سان ڀريل آهي. شاعر پنهنجي عشق جو اظهار نه ڪري ته هو مڪمل نه ٿي سگهندو آهي.
    شاهه سائين هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته حضور پاڪ صلعم جي سونهن جو ڪو مد مقابل نه آهي، الغرض حضرت محمد صلعم جهڙو ۽ جيڏو ڪوبه الله سائين نه خلقيو آهي، الله تعالى هُت بي عدد سڪي ٿو، هِت پرين پرواهه ناهي، قرآن شريف جي آيت جو مفهوم آهي ته اي محمد صلعم اوهان کي اسان راضي ڪنداسون. هي ڪائنات جوڙڻ جو مقصد حضور پاڪ جي ڪري آهي جنهن جو مثال شاهه سائين هن بيت ۾ ڏئي ٿو،

    جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين،
    خاوند خاص، خلقي محمد مُڪائين،
    ڪلمو تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين،
    انا مولاگ و انت محبوبي ائين اتائين،
    ڏکي ڏنائين، ٻئي سرايون سيد چئي.

    شاهه سائين جي هن بيت مان واضح ٿيل آهي ته هن ڪائنات کي جوڙڻ جو مقصد ڇا آهي. ظاهر باطن ٻئي سرايون حضور پاڪ صلعم لاءِ خلقيون آهن. مديني شريف ۾ ٻنهي جهانن جي سردار جي شهر ۾ نوَ راتيون منهنجون گذريون، جن احساسن کي آئون لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگهان. عقل ۽ سمجهه کان قصو ان مهل ٻاهر ٿي ويندو آهي جڏهن اوهان رحمت العالمين جي حرم ۾ پهچو ٿا. گهڙي گهڙي ۾ اهڙو اکين جي اڳيان معجزو ٿيندو آهي جيڪو هر ڪنهن کي الڳ الڳ نظر اچي ٿو. الله پاڪ جا نهايت شڪر گذار آهيون جو اسان جهڙن فقيرن جي حاضري به ان پاڪ سرزمين تي لڳي.

    ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيري ثنا.
    ڪٿي اسان، ڪٿي پاڪ سرزمين مديني شريف جي، ڇا قلم کي طاقت ، ڪٿي اسان جي سمجهه ۾ جرئت جو اسان پاڪ حضرت محمد صلعم بابت لکي سگهون. اندر ڳالهين سان ڀريل آهي، پر اهي سڀ ڳالهيون هتي لکڻ مناسب نه آهن. خواهش هئي ته حضور پاڪ صلعم جي ثناگرن ۾ اسان به ثناگر ٿي پئون، هي اسان جي ثناگري قبول ٿئي. حضرت محمد صلعم جي شهر مديني ۾ هڪ ڏينهن پرهه ڦٽي جي ٽائيم مينهن جو وسڻ هڪ عجيب ڪيفيت ڏئي رهيو هو. هر بارش جي ڦڙي اهڙي احترام سان رحمت العالمين جي اڱڻ اڳيان ڪري رهي هئي ڄڻ ته ادب ۽ احترام جو سبب بنجي رهي هئي. افسوس انسان تي جيڪي رحمت العالمين جو احترام نٿا ڪن، بارش کي مديني ۾ احترام سان وسندي هنن اکين ڏٺو آهي، هڪ مينهن ٻيو مدينو ڇا چئجي. مديني شريف جي اڱڻ ۾ احترام ۽ ادب ڀريو پيو آهي ماڻهن جي رش جي ڪري اوهان جو هٿ لڳي يا ڌڪو لڳي جنهن کي تڪليف پهچي اهو ئي اوهان کان معافي وٺي ٿو، عجب ڪيفيت هئي جنهن بابت عقل دنگ رهجي وڃي ٿو. انسان ۾ نفس جو هجڻ ۽ شيطان کي هتي اچڻ جي ڪابه اجازت نه آهي. نفس جو ورغلائڻ ۽ شيطان جو هتي اچڻ ناممڪن آهي.

    منجهان مدينو، چوڏس چٽو ڀانئيان.

    شهر ته مڪي جو به ڇا چئجي پر مديني جو رنگ گهڻو ڪجهه مختلف آهي. الله تعالى ڪبريائي ۽ طاقت ان مهل اوهان کي نظر اچي ٿي جيڏي مهل احرام ۾ لکين ماڻهو طواف ڪري لبيڪ جو نعرو هڻن ٿا، مون جيڏي مهل طواف ڪيو پي ته منهنجي دل ۾ لطيف سائين جو هي شعر اچي ويو، جيڪو منهنجي دل مان ٿيندو منهنجي چپن تي پهتو.

    جيڏو تنهنجو ناءُ ٻاجهه به اوڏيائي منڱان.

    طواف جي دوران الله تعالى کان زور سان التجا ڪري هي شعر پڙهندو رهيس. بيشڪ الله تعالى اوتروئي ٻاجهارو آهي جيترو ان جو نانءُ وسيع آهي. الله تعالى جي هنن شهرن ۾ روح جيڏي مهل پهچي ٿو ائين محسوس ٿئي ٿو ته اصل روح اتي جو ئي آهي جتي هو پهتو آهي. مديني شريف جي احترام ۽ ادب واري ماحول کي ڏسڻو آهي ته اتي وڃي ڏسجي.
    مديني جا شاهه، سُڻ منهنجا سڏڙا،
    ڪارڻ لڳ الله، سگهو موٽج سپرين،


    وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾!

    وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾!

    هن دنيا ۾ انسانن جو قتل عام، درگاهن، درسگاهن، اسپتالن، اسڪولن تي ٿيندڙ حملا روح ۾ ٿرٿراهٽ پيدا ڪري ڇڏين ٿا، دنيا جو ڪوبه اهڙو ملڪ نه آهي جيڪو دهشتگري کان محفوظ هجي، هر انسان ٻئي انسان جو قاتل بنيل آهي، ڇا انسان ٻين جي زندگي وڃائڻ ۽ ٻين لاءِ عذاب جو سبب بنجڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي؟ ڇا الله تعالى انسانن کي ٻين لاءِ مصيبت بنجڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي؟ اڄ جا معصوم انسان دهشتگردي جي ور چڙهيل آهن، انسان پنهنجا اخلاقي قدر وڃائي حيوانيت جي زمري ۾ هليو ويو آهي.
    انسانن ۽ جنن کي ته مالڪ عبادت لاءِ خلقيو آهي جيڪي عبادت جو رستو اپنائي زندگي کي راهه نجات تي ڪامل مڪمل ڪري سگهن. هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، دين اسان کي ٻين تي رحم جو درس ڏئي ٿو، نه صرف ايترو پر زمين تي موجود خدا جي هر مخلوق تي رحم ۽ همدردي جو درس ڏئي ٿو. الله تعالى جي طرفان هڪ لک چوويهه هزار نبي انسانن لاءِ امن، پيار، محبت، ڀائيچاري، هم آهنگي، سهپ ۽ڀلائي جو پيغام کڻي زمين تي آيا. انسان ته انسان پر الله تعالى تمام ننڍڙي مخلوق ڪيڙي ماڪوڙي تي به رحم جو حڪم ڪري ٿو. هر دين امن جو درس ڏئي ٿو. هندو مذهب هجي، زرتشي، ٻڌ مذهب، ڪنفيوشس، جين مت يا ڪهڙو به دين هجي سڀ دين امن جو پيغام ڏين ٿا، ڪوبه اهڙو دين نه آهي جنهن ۾ انسان کي قتل ڪري، رت وهائي انسانن جي مٿان ظلم ڪري الله تعالى تائين پهچ حاصل ڪري. اڄ جو انسان ذاتي لالچن ۾ اچي عالم انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا ڪري ٿو. هي قهر ڪائنات ۾ اهي انسان ڪن ٿا جن جو انسانيت توڙي دين ڌرم سان ڪو تعلق نه آهي، روهنگيا، شام، عراق، فلسطين، يا ڪنهن ملڪ جي درسگاهه، اسڪول يا ڪا درگاهه هجي جتي ظلم جي انتها ٿئي اهڙن ڪڌن ڪمن ۾ الله تعالى جي ناراضگي انهن انسانن تي آهي. جنهن لاءِ پوري دنيا کي اک کولڻ گهرجي خاص طور تي انهن ماڻهن کي جيڪي هن امن جي پيغام سان وابسطه آهن اهي گهٽ ۾ گهٽ هڪ آواز اٿاري امن لاءِ راهه هموار ڪن، انسانيت لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ بزرگن جي خانگاهن، درسگاهن، درگاهن تي اهڙا هاڃا ٿيڻ وڏي افسوس جي ڳالهه آهي. جن بزرگن پنهنجي زندگي الله تعالى جي راهه ۽ امن جي تبليغ ڪرڻ ۽ انسانن کي حق جي راهه ڏيکاري ٻين انسانن لاءِ زندا رهڻ جو سبق ڏنو، انهن بزرگن نفس، لالچ، انا، ڪوڙ کي ختم ڪري مالڪ حقيقي جي ڏنل زندگي جو اصلي حق ادا ڪيو، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو ته

    جَي ڀَانئين تَه جَوڳي ٿِيان، حَال فَقيرن جَو هِي،
    هُو گار ڏَئي گوءِ مان، تُون جوڌَؤن چَئو جيءُ،
    ڪَاوڙ جَا قَلُوبَ جي، سَا پَاڻي وَانگُر پيءُ،
    سَندو سُورن سِيءُ، لَڳئي ڪَونه لَطيف چَئي.

    الله تعالى معرفت لاءِ آسماني ڪتاب، صحيفه نازل ڪيا ۽ انهن ڪتابن جي معرفت لاءِ الله تعالى پنهنجا نبي سڳورا انسانن ڏانهن موڪليا جن الله تعالى جو پيغام عام انسانن تائين پهچايو، جيڪي ٻين جي زندگي لاءِ پاڻ هميشه زندا رهيا، ڀلائي ۽ حق جو رستو ڏيکاريندا هئا، اهي بزرگ بنا خوف جي زندگي گذاري الله جي راه تي هلندا رهيا. حق جو رستو انسانن کي ڏيکاريندا ۽ مخلوق لاءِ ڪم ڪندا رهيا. ٻين انسانن جي ڀلائي لاءِ الله جي ولين خانقاهي نظام جو بهترين بندوبست ڪيو، جهرن جهنگن ۾ ، پهاڙن ۾ ڏک ۽ بک واري زندگي گذاري اڪيلائي ۾ ويهي انسانيت لاءِ خانگاهون جوڙايون ته جيئن الله جي مخلوق لاءِ انسان کي حق جي رستي ڏيارڻ لاءِ هڪ سڌي راهه ملي،

    ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،

    الله جا بزرگ سڄيون راتيون جاڳي الله جي عبادت ۾ مشغول رهي ٻين لاءِ مددگار ثابت ٿيا. مشاهدا ڪري سفر ڪري الله جون عبادتون ڪري انسانيت کي حق جو رستو ڏيکاريو. ڪنهن لالچ يا ڪنهن اجوري کان سواءِ الله جي ولين انسانن کي انسانيت جو احساس ڏياريو، بزرگن ٻين جي ڀلائي ۽ الله جي عبادت کي پنهنجو مقصد بنايو ته جيئن الله تعالى جي عبادت جو حق ۽ مخلوق جي خدمت جو حق ادا ڪري سگهن. انسانيت تي ظلم ڪندڙ انسان الله جي حضور ڪهڙو ڪنڌ کڻندا؟ عارضي زندگي لاءِ بقا واري زندگي کي عذاب بنائڻ ڪو سٺو عمل نه آهي،

    جي ڪِيڙي ڀَر ڪَنبن، نانگ به نِمَن اُنَ کي،
    آڳو اَمُن اُن ڪَري، جي اُنهيءَ ڀَئي ڀَڄن،

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هن بيت ۾ امن جو اعلى پيغام ڏنو آهي ته جيڪڏهن توهان هڪ ننڍڙي ڪيڙي تي به قياس ڪندئو ته الله تعالى اوهان جي اڳيان خطرناڪ جيت نانگ به عاجز ڪري ڇڏيندو. ٻين جي ڀلائي لاءِ سوچڻ الله جي راهه تي رهڻ ۽ ان مالڪ حقيقي جي عبادت ڪرڻ اصل انسانيت آهي. ظلم خلاف آواز اٿاري پنهنجي پاڻ کي انسان هجڻ جو ثبوت ڏيو، عالمي سطح تي ظلم ۽ بربريت خلاف تمام وڏي پئماني تي ڪم هلي رهيو آهي، اڃا به ان ڪم جي تمام گهڻي ضرورت آهي. امن جي قيام لاءِ انسانن کي پاڻ پتوڙڻ گهرجي نه ته هي دنيا ظلم ۽ رت جي وادي ۾ اهڙي طرح ٻڏي ويندي جنهن ۾ ڪوبه انسان بچي نه سگهندو. انسان هجڻ جي ناتي اسان اشرف المخلوقات جو لقب کڻي هن ڌرتي تي آيا آهيون گهٽ ۾ گهٽ انسانيت جي بقاء لاءِ ڪجهه ته ڪريون، نه ته انسان هجڻ جو ثبوت اسان جي وجود ۾ نه رهندو ۽ نه ئي اسان مالڪ حقيقي کي منهن ڏيکارڻ جي قابل رهنداسون. ٻين خلاف ظلم ٻاري اندر کي ڪاراڻ سان ڀري حسد جو هاڃو دل ۾ ڀري ڪهڙي پاڪائي جي ڳالهه ڪنداسون. انسانيت جي پيغام ۽ روحانيت تي ڪم ڪندڙ انسان هر دور ۾ ظلم جو شڪار ٿيا آهن، انهن ۾ ڪي مذهب ڪنهن طبقي سان هنن جو تعلق نه آهي، صرف انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، حضرت بلاول، حلاج، سرمد، شمس تبريز، ابو سعيد الخراز هجي يا ڪوبه اهڙو انسان جيڪو الله جي روحاني پيغام کي ٻين تائين حقيقي طور تي پهچائي ان کي هن ڪائنات ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، زندگي تمام ٿورڙي آهي بقاء ڏانهن وڃڻ لاءِ هن زندگي ۾ انسان کي حق جي راهه حقيقي روحانيت واري راهه عبادت واري زندگي گذارڻ ئي اصل زندگي اها آهي، جنهن سان ٻين جو ڀلو ٿئي نه ته پنهنجي پاڻ لاءِ ته جانور به جيئن ٿا. بمن ۽ بارودن سان انسانيت جو هي جنڊ اهڙي طرح وهي ٿو جنهن ۾ هڏا ۽ گوشت ذرا ذرا ٿي وڃن ٿا. پنهنجي پاڻ ۾ قاضي ويهاري حقيقي فيصلو ڪجي ته اسان ڪهڙي راهه جا راهي آهيون. پنهنجي پاڻ تائين محدود ٿيڻ هڪ مثالي انسان هئڻ جو ڪارڻ نٿو ٿي سگهي. اصل زندگي جو سبق ٻين جي ڀلائي ۾ ئي آهي جيڪا الله جي طرفان ڏنل راهه آهي. اسان جيڪڏهن انسانيت جي حق ۾ نه ڳالهائينداسون ته اسان جي اندر ۾ اها روشني نه ايندي جيڪا مالڪ حقيقي جي طرفان هڪ ڪامل مڪمل انسان تي نازل ٿئي ٿي. چهري انساني ۾ اسان کي انسانيت جو ڳڻ پئدا ڪرڻو آهي، حق جو ساٿ نه ڏيڻ به ظالم جو ساٿي ٿيڻ جي برابر آهي.
    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾
    پسو پکيئڙن، ماڻهنان ميٺ گهڻو

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسانن کي خير جو پيغام تمام بهترين سليقي سان هن بيت ۾ سيکاريو آهي ته اوهان پکين جيان پاڻ ۾ قرب سان گڏجي رهو، هن پيغام کي جيڪڏهن دنيا پنهنجي پاڻ تي لاڳو ڪري ته هي دنيا جو گولو امن ۽ پيار جو هڪ تمام وڏو گلستان بڻجي پوندو، هر ماڻهو ٻين جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو ۽ انسانيت ۽ مخلوق لاءِ امن وارو ٿي زندگي گذاريندو.


    جيئن ٿا پڇن ان کي، تيئن جي پڇن الله

    جيئن ٿا پڇن ان کي، تيئن جي پڇن الله

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جو سواد به انساني ذائقن جهڙو هوندو آهي. بيت شاهه سائين جو ڪير ورجائيندو ته احساسن سان دل ٽمٽار ٿي ويندي آهي. انساني سفر جو اڻکٽ پنڌ ڪيترو آهي ان کي ته مالڪ سائين پاڻ ڄاڻن ٿا. پاڻ ڪيترن ئي پنڌن پيچرن کان واقفڪار آهي. پاڪ ڪتاب ۾ انساني سفر جا ڪجهه ڏس پتا ملن ٿا، وري ڪٿي ته عقلي سوچ پگهرجي وڃي ٿي. جڏهن الله سائين ڪن فيڪون جو اعلان ڪيو ته هن ڪائنات جي تخليق جو آغاز ٿيو. جيڪو ڇهن ڏينهن ۾ مڪمل ٿيو، پر ان بابت ڪا به تفصيلي ڄاڻ ناهي. انساني سوچ نهايت ئي ڪمزور آهي. شايد مالڪ سائين وسوسن کان بچائڻ لاءِ ايئن ڪيو. اسان جي رهبرن اهڙي ته اسان جي رهنمائي ڪئي آهي، جنهن جو رنگ نمايان ۽ پيارو آهي. جڏهن ڪجهه به نه هو، تڏهن ڪائنات جي تخليقي سائنسي علم جي ڄاڻ لطيفي فڪر ۾ چٽي طرح موجود آهي.

    نه بابو به بکيا، نه اسم نه اثباتي،
    منجهان ارادي عشق جي، ٿيو ظاهر عشق ذاتي،
    صورت صفاتي، پوءِ ڪيائين پڌري.

    شاهه عبداللطيف جن فرمايو ته بابو، يعني ڪو به بني انسان نه هو، نه ڪو بِکِيا، خيرات ڏيندڙ هو، نه ڪو اسم يعني نالو هو، يا ڪو نالو وٺندڙ به نه هو، پوءِ ڇا ٿيو جو اندر ئي اندر ۾ عشق پيدا ٿيو، ان ذات کي ان سببان ئي ڪائنات وجود ۾ آئي، پوءِ هي صفاتي صورت پيدا ٿي. ان سلسلي جا بيت سائين جا ڪافي آهن، انهن تي سائنسي طور تحقيق جي اشد ضرورت آهي. سائنس ۽ روحانيت جو پاڻ ۾ ويجهو تعلق آهي، سائنس تخليق ڪندڙ آهي، روحانيت جو اهو ئي شعبو آهي، پر اڪثر سائنس روحانيت جي غلامي ۾ رهي ٿي.
    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا ته

    ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي

    سائنسي دور جو لطيفي دور ۾ ڪو ايترو لاڙو نه هو جيترو اڄ آهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن فرمائين ٿا ته ويا جي عميق ڏي منهن تي ڪائو پائي ويا ۽ وڃي موتي پاتار مان پيهي ڪڍيا. انهن ئي سمنڊ جا راز ڳولي لڌا، يا پڻ فرمائين ٿا ڪُپيري ۾ پير ڪنين پاتو، پيرئين يعني اها زمين جنهن تي ڪنهن پير نه پاتو هو. اُتي فقيرن جا آستانا هئا، اُها زمين جنهن بابت ڪنهن کي به خبر نه هئي، ڪُپيري ڪنهن جي به پيرن جي هيٺان نه آيل زمين، جنهن بابت اڄ جو انسان تحقيق ڪري انهن جا سياره ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، پر روحانيت اڳئين ڳنڍ کي ته سئو سال اڳ کولڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. الله تعاليٰ جي هي ته هڪ ننڍڙي زمين آهي، هن ڪائنات جو مالڪ عالمن جو رهبر آهي. هن اسان جي سياري جو وجود ٻين سيارن کان ڪو ايترو وڏو ڪونهي جو هن دنيا کي اسان مڪمل دنيا چئون. رب العالمين آهي، هن جي مالڪي عالمن جي مٿان آهي. فقيري بيوقوفي جو نالو ناهي، فقير علم جو مالڪ هوندو آهي. هو مراقبي ۽ مشاهدي سان هن ڪائنات ۾ بادشاهن جيان رهندو آهي، هڪ اهڙو واقعو ذهن جي پردن تي پرواز ڪري ٿو، فقير نٽهڻ اس ۾ ويٺو هو، بادشاهه جو قافلو شڪار جي لاءِ اُتان گذريو، اُتي بادشاهه کي خيال آيو ته ڇو نه هن غريب کي ڪجهه خيرات ڏئي پوءِ اڳتي شڪار لاءِ هلجي. بادشاهه گهوڙي جو رخ ان فقير ڏانهن ڪيو ۽ سلام ورايائين، فقير جو ڪنڌ هيٺ هو سج جي روشني جي طرف بادشاهه جو گهوڙو هو، بادشاهه غرور مان چيو ته آئون اڄ تمام گهڻو خوش آهيان جيڪي گهُرڻو اٿئي سو اڄ مونکان گهر اوهان کي آئون ڏئي سگهان ٿو. ڇو ته آئون هن سلطنت جو والي آهيان، سلطان آهيان. بادشاهه جي غرور کي فقير ڏسي چيو ته تون ته منهنجي غلام جو به غلام آهين، تون مونکي ڇا ڏيندين؟ بادشاهه جي سپاهين ۽ وزيرن کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي، تلوارون مياڻن مان کڻي ڪڍيائون. بادشاهه عقل سان فيصلو ڪيو، پنهنجي ساٿين کي روڪي، فقير سان ڳالهائڻ لڳو، تفصيل بيان ڪريو ته آئون ته بادشاهه آهيان آخر تنهنجي غلام جو غلام ڪيئن آهيان؟ بادشاهه کي فقير چيو ته اوهان لشڪر سميت هن وقت ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ چيائين ته آئون لشڪر سميت شڪار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان.
    فقير چيو ته تون پنهنجي نفس جي غلامي ڪري ان کي راضي ڪرڻ وڃي رهيو آهين، آئون ته انهي نفس کي اُس جي گرمي ۾ ويهاريو ويٺو آهيان، جيڪو نفس تو بادشاهه جو آقا آهي، اُهو ئي نفس مون فقير جو غلام آهي. بادشاهه هن جو جواب ٻڌڻ سان حواس گم ڪري ويٺو، ڳالهه صحيح سمجهيو ۽ هو خاموشي اختيار ڪري شڪار تان واپس ٿيو. قرآن شريف جي پاڪ آيتن جو مفهوم آهي ته نفس توکي بُرائي جا رستا سينگاري ڏيکاري ٿو ۽ توکي غافل ڪري ٿو. فقير جي انهي ڳالهه مان ثابت آهي ته فقيري رنگ وارا انسان بادشاهي کان وڏي بادشاهه نفس کي قابو ۾ آڻين ٿا، هُو هميشه انهي جهاد ۾ هوندا آهن.

    اصغر ڏي آهين گهڻان، تون اڪبر ڏي آءُ،
    متان لوڙهو لاهين مجوسي مٿان،
    حيدر جي هٿان، وڙهه ته وير مارئين.

    سائين جي هن بيت مان ثابت ٿئي ٿو ته اندر جي جنگ کٽڻ ئي اصل فتح آهي، باقي ٻاهرين جنگين ۾ انسان اڪثر ڪامياب ٿيندو آهي. اندر روحانيت جي دنيا آهي، روحانيت جو تعلق خالق حقيقي سان آهي، فقيري رنگ ۾ هميشه اندرين دنيا سنوارڻ جو ڏس پتو ملندو آهي. بس انهي ڳالهه جي حق جي طالب کي تلاش هوندي آهي. اندر ئي اندر ۾ هو آباد هوندو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن فرمايو آهي ته،

    “مون ۾ تون موجود، آئون اڀاڳي آهيان”

    فقيري رنگ ۾ جيئڻ مرڻ، الله تعاليٰ لاءِ هوندو آهي، زندگي جو هر غم فقير جو مالڪ جي رضا ڪاڻ هوندو آهي.

    ريئون، راضي روح ۾ مٿي رب رضا،
    مڃيائون محبت سين قادر جي قضا،
    همه سين هيڪ ٿيا، تن نانگن جي نزاع،
    رضي الله عنهم ورضوعنهه، جوڳين اي جزاء،
    ڏيئي ساهه سزا گُر کي گڏيا ڪاپڙي.

    هي فڪر هي فن، هي موج، هي مستي آهي فڪر لطيف الستي آهي. فڪر جي تلاش ڪندڙ خود پاڻ انهي لطيفي فڪر جي واهڙ ۾ وهي گم ٿي ويا. اسان جي رهنمائي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي اهڙي ٿيل آهي، جنهن بابت ٿورڙي غور جي ضرورت آهي، باقي سمجهه اچي وڃڻ کان پوءِ پيچرو تمام ويجهو لڳندو، زندگي آسان ٿي ويندي، پاڻ چون ٿا ته،

    “ساري سبحان جوڳي جنين ياد ڪيو”

    يعني پاڻ فرمايائون، باقي تو وارا ٻيا ڪم سڀ اجايا آهن، مئي کي به اگر مانُ وارو بڻائڻو اٿئي ته انهي رمز ۾ رهه. سبحان کي ياد ڪر ته توکي ته عزت ۽ مانُ ملندو پر تنهنجي مٽي به مان واري ٿي ويندي. زندگي جو مقصد پورو ٿي ويندو، الله جي ذڪر، فڪر، عبادت، خلق جي خدمت ۽ انساني ڪم جي ڀلائي ۾ تنهنجي ڀلائي آهي.
    زندگي جي موجن ۽ مستين ۾ انسان ذات کانسواءِ ٻي مخلوق به عام جام آهن، هي انسان تمام گهڻو اعليٰ افضل آهي، باقي دعوتن، موجن، مستين ۽ ڪوڙين عزتن لاءِ عام مخلوق جيئان انسان نه لڳندو آهي. اشرف المخلوقات جو هن انسان جي مٿان تاج پاتل آهي، هن جي عزت ۽ قدر الله تعاليٰ ايترو ڪيو آهي، جنهن جي حق جي ادائيگي نه ڪري سگهيو آهي. هميشه ڪوڙ ۽ دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن ڦندي ۾ ڦاٿل انسان جهوتن ۾ پورو آهي. انسان کي اڳيان سچائي ظاهر ڪرڻ بهتر آهي ته جيئن اندر پاڪ ڪري مالڪ جي حق جي ادائيگي ڪري سگهي، باقي کائڻ پيئڻ وارا ته گُهر کوڙ آهن.

    هن جوڳ جا جوڳي، ٿيا کائڻ جاکرا،
    دوستن کي دعوتن جا، پري پوان پرا،
    ڀڄو ڀت گراهه تي، ڏين نيش نرا،
    جي چونڊين ذرا، سي لاهوتي لڏي ويا.

    انسان جي اصل ڪمائي ذڪر خالق ڪرڻ ۾ آهي، باقي سائين جي هن بيت ۾ اڄوڪي انساني زندگي جو احوال اوهان جي اکين جي اڳيان آهي. هميشه کان انسان سفر ئي سفر ۾ آهي، هن انسان کي اڃان به اڳتي جو وڏو سفر ڪرڻو آهي، هتي ئي انهي ڳالهه کي ڳولڻو آهي.

    جيڪي هِتِ نه هوت پسن،
    سي ڪيئن پر پسنديون ڪيچ ۾.

    هي هڪ رمز آهي، جنهن کي جوڳي لوچين ٿا، ڳولڻ سان سڀ ڪجهه ملي ويندو آهي، ڪامل رهنما ۽ رهبر جي ضرورت هوندي آهي.

    جيئن ٿا پُڇن ان کي، تيئن جي پُڇن الله،
    رڙهي لڌائون راهه، لٿين لڪ لطيف چئي.


    ڏهاڳ به ڏٺوم، سھاڳ به سنڀران

    ڏهاڳ به ڏٺوم، سھاڳ به سنڀران

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي پوري ڪلام ۾ انسان جي زندگيءَ جو عڪس موجود آهي. سائين جن جي پيغام رسائڻ جو انداز تمام خوش اخلاقي وارو آهي. سائينءَ جي سورمين ۾ به عام و خاص انسان جي زندگيءَ جو ذڪر آهي. سائين جن جي سڄي رسالي جي ڪلام ۾ انسان جي لاءِ امن پيار، محبت، وفاداري، حب الوطني جو سبق ڏنو آهي. بي وفا انسان کي اخلاقي قدرن کان پاڻ ڪريل ڄاڻن ٿا. سائينءَ جي رسالي ۾ وفاداري جو ڪردار، ان ۾ بي وفائيءَ جو اهڃاڻ ليلان چنيسر سُر ۾ آهي. ليلان، چنيسر جي گھرواري (زال) هئي. هڪ ٻئي سان بيحد پيار به ڪندا هئا. انھي تاريخي داستان تي جيڪڏهن مڪمل ڳالھايو وڃي ته تمام گھڻو وقت درڪار آهي، پر اسان سائينءَ جي ان ڪردار جي وفاداري ۽ بي وفائيءَ بابت مختصر احوال ڪنداسون. چنيسر تمام گھڻو خوبصورت انسان هو، جنھن تي “ڪونرو” نالي هڪ عورت عاشق ٿي پئي، “مائي ڪونرو” هڪ امير ترين عورت هئي، ڪونرو جي ملڪيت به ملڪان ملڪ مشھور هئي، جيئن چنيسر جي سونھن مشھور هئي. چنيسر ۽ ليلان جي ملاقات ڪونرو سان ٿي. ڪونرو ليلان کي اڳئي سڃاڻندي هئي ته هُوءَ چنيسر جي زال آهي. ڪونرو جي ڳچيءَ ۾ هڪ خوبصورت هار پاتل هو. عورتاڻو خيال هو، هار ليلان کي تمام گھڻو پسند آيو. ليلان هار جي گُھر ڪئي ته ”ڪونرو“ جو محبوب، ليلان جو مڙس چنيسر هو، تنھن تي ڪونرو ان هار جي عيوض هڪ رات لاءِ چنيسر جو سودو ڪيو. ليلان نشو ڏئي، چنيسر ڪونرو جي حوالي ڪيو. جڏهن ان ڳالھه جي چنيسر کي خبر پئي ته، چنيسر کي تمام گھڻو ڏک ٿيو. هُن وري واپس ليلان ڏانھن نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو. انھي ڏهاڳ ليلان کي چور چور ڪري ڇڏيو. ليلان چنيسر جي هن سُر کي لطيفي راڳ پوئين رات جي پھر ۾ ڳايو ويندو آهي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا سرُ ۽ سورميون، حقيقت تي مبني آهن، هي ڪا ڏند ڪٿا ناهي، داسڙن جو ڳوٺ، ڊاسوڙي هاڻوڪي ضلعي ٽنڊوالھيار بوڦاڙ شاخ ڪپ تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ موجود آهي، جتي هينئر، ٿيٻا، برفت ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. ڪونرو جي ماڙين جا آثار شھدادپور لڳ ڀاڄي موري ۾ ضلعي سانگھڙ ۾ موجود آهن پر ان کان علاوه مرشد سائين جي هر سورمي جو پڪو ڏس اڄ به موجود آهي. سسئي جي ڀنڀور ۽ ڪيچ، هاڙهو جبل، پٻ جبل، مومل جي ڪاڪ ۽ مومل جي ماڙي، مومل جي ڪاڪ جو ڳاڙهو پاڻي اڃان تائين ٿئي ٿو. ديھه ڪاڪ جاتي شھر جي ڀر ۾آهي. مومل جون ٻيون ماڙيون به هيون پر راڻي واري ڪاڪ جنھن بابت سائينءَ چيو آهي اُها موجود آهي. جوڳين جا آستانا، سامونڊين جا ٻيڙا، نوريءَ جي ڪينجھر، دودي ۽ چنيسر جي جنگ جو ميدان، ماروي جو کوهه، ڪيڏاري جي ڪربلا اڄ به موجود آهي. الغرض هر اُها ڳالھه جيڪا سائينءَ جن ٻڌائي آهي، ان جو پڪو اھڃاڻ ڏنو آهي. شاهدي ڏني آهي، ليلان جھڙي لالچ محبوب انسانن کان پري ڪري ڇڏيندي آهي.

    مڻئي مٿي جي هئا، تن چٽن ڦريم چت
    هار کٽينديس هوڏ سين، نيبھه، ٿينديم نت
    ڪونرو جو ڪرت، مونھان مٿانھون ٿيو.

    جئين ڪونرو جي گلي ۾ پاتل هار جي چَٽن، ميناڪاري سان ٺھيل هار جي سونھن ليلان کي وڇوڙو ڏئي، ليلان کي سندس مڙس کان پري ڪري ڇڏيو، اهڙيءَ ريت انسان به انھي ڪوڙي هار يعني ملڪيت جي پويان گھڻو وقت وڃائي ڇڏي ٿو. ڪجھه ٽائيم هار کٽڻ جي راند ۾ وڃائي ٿو، پر گھڻو وقت انسان چنيسر کي پرچائڻ ۾ لڳائي ٿو. چنيسر، پنھون، راڻو، ڏاتار، سمون جھڙا نالا مالڪ سائين تي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن رکيا آهن. خالق اڪبر جا ته 99 نالا آهن، پر لطيف سائينءَ جن ته انھن نالن کانسواءِ ٻيا به هي نالا سڏيا آهن، پر اڄ به ڪافي انسان ڪونرو جئيان دولت جي عيوض چنيسر جا خريدار آهن. ڪافي انسان ته دولت جي بدران مالڪ سائين کان پري ٿي وڃن ٿا. وقتِ آخر ۾ انسان جون دانھون ۽ ڪوڪون بي سود ٿي وڃن ٿيون. الله سائين، ڪوڙي دنيا جي پوئلڳن کي هتي به خوار ڪري ٿو، اڳتي ته مالڪ ڄاڻي ڇا ٿيندو؟ وقت وڃڻ کانپوءِ انسان ليلان جيان ليلائي ٿو،

    مڻيون وجھان مٽي ۾، هائيءَ هڻان هار
    صحبي سُک سيد چئي، ڪريين ڪوه قرار
    راجا ريساڻون گھڻو، سٽاڻو سردار
    چوڏس چنيسر ڄام جو، ڏيھان ڏيھه ڏهڪار
    ٺاڪر اکين ٺار، مڻئي ٿئي مٽين.

    ليلان جو آواز سرڪار لطيف جي زباني اچي ٿو ته مڻيي کي مٽي وجھان، هائي يعني ڌوڙ ۾ وجھان، انھي ڪوڙي هار ۾ چنيسر وارو سچو قرار ڪٿي آهي، پر افسوس تو ايترو سستو سودو، انھي پيار کي تون مڻيي تي سوديبازي ٿي ڪرين؟ تنھنجي سوچ تي افسوس، تنھنجي حال تي رحم ٿو اچي، دولت جو تعلق ضرورت تائين آهي، ان کان وڌيڪ هوس ٿي وڃي ٿو. قليل زندگي ۾ ايترو وڏو نقصان ڪري انسان مالڪ کي ڪھڙو منھن ڏيکاريندو؟ دولت جي بدران تو انھيءَ سائينءَ کي ويساري ڇڏيو، جنھن توکي ڪيئن پيدا ڪيو ۽ اعلى مقام ڏنو. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي پيغام ۾ صرف ليلان کي مليل ڏهاڳ ناهي، ليلان کان وڌيڪ ڏهاڳ ته شيطان کي مليو، ڇو ته اعلى عُھدي تي فائز هو، عزازيل جيتري عبادت ڪرڻ ناممڪن آهي، الله سائين جي سامھون سيني ساهي بيھي رهڻ جي سزا قيام تائين لعنت جو گلي پاتائين، جنھن بابت سائين فرمائين ٿا ته

    تون ڪا تڙڻ جھڙي، توکي تڙي ڪير
    وڌم توسين وير، من سکن ٻيون سھاڳڻيون

    هر ڳالھه جو مطلب ڪجھه به هجي پر ڳالھه اسان جي سمجھه جو دارومدار ضرور هوندو آهي، تون ته تڙڻ جھڙو ڪون هئين، پر توسان وير انڪري وڌم جئين ٻيو ڪو به فخر نه ڪري. لطيف سائين جن صرف ليلان يا ڪنھن هڪ موضوع تي نٿا ڳالھائين، سائين جن فرمائين ٿا ته

    هزارين پسي هار کي، اُٿليون آهين
    وان عليڪ لعنتي الى يوم الدين، منجھه فرقان فرمائين
    سينو جي ساهين، پيون پوڙي تان ڪري

    هزارين هار جي پويان وري ويون آهن، انھن جو اڳتي جو سفر اڻائو آهي. ڏکيائين جو هنن کي منھن ڏسڻو آهي، جيڪي مالڪ سائينءَ سان سينو ساهين ٿا، هُو پوڙي تان ڪري پون ٿا. هنن جي نه هيءَ دنيا نه هُو آخرت ۾ مقام ماڻين ٿا. هميشه هميشه لاءِ پئجي وڃن ٿا. مالڪ سائينءَ سان ڀلا دولت جي ڪا برابري آهي ڇا؟ هُو ته انھن کي به رزق ڏئي ٿو، جيڪي مالڪ کي مڃين ئي ڪونه ٿا. سائين پاڻ مالڪ جي در فرمائين ٿا ته اسان انسان آهيون، اسان جو مالڪ ته تون آهين

    ڪوڙئين تنھنجون ڪامڻيون، تون ڪوڙين سندو ڪانڌ
    مونکي ڇڏ مَ داسڙا، وڃان نه وڙواند
    مون ڳچي پاند، تو چنيسر هٿ ۾

    تنھنجون ڪيتريون ئي ڪامڻيون آهن، منھنجو ور ته تون ئي هڪ آهين. مونکي اڪيلو نه ڇڏ ته آئون راهه تان هٽي نه وڃان. منھنجي ڳچيءَ ۾ پاند آهي، اُهو تنھنجي هٿ آهي. دُعا يا صدا سائينءَ جن جي اهڙي آهي، جنھن ۾ انسان جو روح تڙپي پوي ٿو، لڱن کي ڪانڊار وٺي ٿي وڃي، هيٺائين ڪرڻ، عجز ڪرڻ ته ڪو سائينءَ کان سکي. لطيف سرڪار انتھائي اسان کي خوش اصلوبيءَ سان سيکاري ٿو. وفاداري جو بھترين سبق سُر ليلان چنيسر ۾ سائينءَ ڏنو آهي، هن ئي سُر ۾ سائينءَ جن فرمايو آهي ته
    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن
    مونسين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا.


    انسان ته اڪثر ڪري غلطي هوشياريءَ جي ڪري ٿو، هو پنھنجي پاڻ کي عقل وارو چالاڪ سمجھدار سمجھي ٿو، اُهو خيال اسان کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڪافي آهي. انڪري سائينءَ جن فرمائين ٿا ته الله سائين مونکي ڏاهو نه ڪجان، ڏاهيون ته ڏک ڏسن ٿيون، مونسان منھنجي پرين ڀورائي، اڻڄاڻائي ۾ ڀال ڪيا آهن، وڙ ڪيا آهن، هي ته صدا يا سوال آهي پر عقل ته سائينءَ کي بي انتھا آهي. عقل جا به ٻه قسم آهي، هڪ عقل ناقص، ٻيو عقل سليم، ان تي وري ٻي ڀيري ڳالھائبو، پر لطيف سائين اسان کي هدايت ٿا ڪن پنھنجي پاڻ کي عاقل ۽ ڪامل مڪمل نه سمجھه، ڪنھن سان ٿو سينو ساهين؟ هُو تنھنجن سڀني حرفتن کان واقفڪار آهي، انڪري اڻڄائيءَ وارو رستو اوهان جي لاءِ ڀلو آهي.

    مڻئي مٿي موهجي، موڙهي ڪيئي مرڪ
    چئي چنيسر ڄام کي، وڌو تو فرق
    وري ويئي ورق، آيئي ڏنئن ڏهاڳ جو

    اسان کي مڻئي جو موهه موهي وجهي ٿو ۽ ان تي ئي خوشي محسوس ڪندا آهيون. انھيءَ پاڪ ذات سان دنيا جي برابري، اسان نه هتي جا ٿا رهون نه هُتي جا. انهي عمل جي ڪري انسان ڏهاڳ جي ڏک ۾ وڪوڙجي وڃي ٿو. تڪليفن جا انبار اسان جو انتظار ڪن ٿا. شڪايتن جا باب کلي وڃن ٿا. انھيءَ ڳالھه جون اسان وڌيڪ غلطيون ڪريون ٿا، حجت اسان جي لاءِ مصيبت جو سبب بنجي ٿي. جنھن دنيا توکي موهي وڌو آهي اصل اُها دولت آهي ڪانه، هي ڪوڙ جو ڪڻو آهي، هن دنيا جي لالچ ڪيتريون دليون مالڪ کان پري ڪري ڇڏيون آهن،

    مڻيون ناهه مڻيون، جو تون پسي هار هرکئين
    اصل سندو اڳھين، سندو ڪوڙ ڪڻيون
    گھوڙن هڻي گھڻيون، دوستنان دور ڪيون.

    انسان ته هر وقت خساري واري زندگي جيئندو آهي، دولت هوندي ته صحت نه هوندي، صحت هوندي ته مفلسي ۾ هوندو آهي، ٻئي گڏ هونديون تڏهن به هن جي واويلا ختم نه ٿيندي. ان ڪري هي غلطين جا انبار ڪري ويھندو آهي. انسان به انڪري ڪنھن نه ڪنھن ڪونروءَ جي ڳلي ۾ پاتل هار جئيان هرکي پوندو آهي. جڏهن موهه ۾ اچي ٿو ته پوءِ ڏهاڳ انجو انتظار ڪري ٿو،

    ڏهاڳ به ڏٺوم، سھاڳ به سنڀران
    هي معاملو هار جو پوءِ پوڙيوم
    چنيسر چيوم، لڏي نڪر لھور مان.


    توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي

    توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي سُرن ۾ الله جي توحيد کان وٺي غريب جي لڄ ۽ ليهه جو به سائين تمام گهڻو خيال رکيو آهي. ڪڏهن سائين سسئي جو صلاحڪار، ڪڏهن خود سسئي، ڪڏهن پنهون پاڻ ٿئي ٿو، سائين جي موضوعاتي شاعري هوندي به غير موضوعاتي لڳندي آهي. ڪڏهن پنهون الله کي چون ٿا ته ڪڏهن وري الله تعاليٰ جي محبوب حضور اڪرم صه کي پنهون چون ٿا. ڪٿي آري ڄام الله کي چون ٿاته ڪٿي سسئي کي دنيا جا سور سڏين ٿا. مطلب ته تمثيل نگاري جو عروج لطيف سائين جي فلسفي ۾ تمام گهڻو ملي ٿو. لطيف سائين جي شاعري ۾ ڪا به ڏند ڪٿا نٿي ملي. شاعري هڪ اهڙي صنف جو نالو آهي، جنهن جي وسعت سان هڪ بيت، شعر ۽ ڪلام ۾ ڪافي موضوعن جي نشاندهي ڪري سگهجي ٿي. سائين جي ڪلام ۾ هڪ عجيب ڪيفيت آهي. جنهن جي پڙهڻ سان انسان جي اندر مختلف ڪيفيتون ۽ حالتون جنم وٺن ٿيو. جهڙوڪ مارئي سُر پڙهندا ته اوهان خود کي مارئي سمجهي ويندا، سسئي پڙهندا ته پاڻ کي سسئي جيئان جاکوڙيندڙ ڪردار سمجهڻ لڳندا. مطلب ته هر سُر اسان جي رهنمائي ڪندو آهي. انسان هميشه بهتري جي طرف سوچيندو آهي. ڀل هو ڪهڙو به ڪم ڪندڙ ڇو نه هجي. سسئي جو نالو لطيف سائين هڪ سوچ جي نانءُ طور ڏنو آهي. ماروي جي مضبوطي عمر بادشاهه جي قلعن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. سسئي هاڙهي کي ساڙي ڇڏيو. مومل جي ڪردار خود کي امر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي باهه ڏئي ابدي زندگي ماڻي ورتي. لطيف سائين جي سُر سارنگ کي پڙهڻ سان مينهن وسڻ وارو احساس اندر ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ جهڙالي موسم پيدا ڪري ڇڏي ٿو. ڪيڏاري جي ڪوڪ ڪنن تائين لطيف سائين پهچائي ٿو. فقيرن جا حال احوال ڏيندي مرشد سرڪار حقيقي رازن کان واقفيت فراهم ڪري ٿو. جوڳين جي ڪپڙن کي ڏسو انهن جو مقام انتهائي اهميت وارو نظر اچي ٿو. انهن جي گودڙين ۾ گل پوتل هوندا آهن. سڀني سُرن ۽ بيتن تي بحث هڪ وڏي ڳالهه آهي پر اسان اڄ لطيف سائين جي سُر ڌناسري بابت ڳالهه ڪنداسين. جنهن بابت هر ڪنهن ڏاهي مختلف راءِ ڏني آهي. آزاد خيالي هر ڪنهن جو اولين حق آهي. انسان آزاد ڄائو آهي. آزاد رهي ٿو پر انهن سڀني ڳالهين کان انساني خيال جي پرواز آزاد آهي. ڪيترن جيلن ۾ انسانن کي ڇو نه قيد ڪيو وڃي پر انساني سوچ تي ڪير به پابندي وجهي نٿو سگهي. هر ڪو وس وارو آهي. ڪير ڪيئن به سوچي سگهي ٿو. هن تي ڪو ٻيو اثرانداز نٿو ٿي سگهي. اڄ جو هي مضمون اسان لطيف سائين جي ان سُر بابت لکي رهيا آهيون جنهن تي اڳ ۾ ڪافي بحث ٿيل آهي. هي اُهو سُر ڌناسري آهي جنهن بابت الڳ الڳ رايا ملن ٿا. سُر ڌناسري جو پهريون بيت ئي اسان لاءِ چئلينج جوڳو آهي. اُهو بيت هيٺ ڏجي ٿو.

    توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي
    ڪينهي ٻيا قريب، ڌاران تو دوست مون

    هي ٻيو بيت به اهڙو ئي آهي جنهن کانپوءِ وڏا بحث ڇڙن ٿا. جيئن پهرين ڪافي ۾ آهي ته توتي لڄ لطيف، عام سوچ جيڪڏهن رکجي ته هو اهو سوچيندو ته هي بيت ڪنهن ٻئي فقير يا شاعر جو چيل آهي پر ائين ناهي. فقيرن جي شاعري ۾ به ڪمال آهي. آخر ڇو نه هجي؟ هو فقير ڪهڙي سلسلي جا آهن؟ الله تعاليٰ جا نالا ته بيشمار آهن پر 99 نالن ۾ يا لطيف جو نالو واضح آهي. جيئن ته تمر سائين جو هڪ بيت آهي ته.

    اکيون پير ڪري، هلج هنيئن ساڻ
    هن منهنجي حال جي، ڄام توکي ڄاڻ
    “ڀٽ ڌڻي” بچا ڪرين، توکي پريم پاڻ
    ڪر سبب مونهين ساڻ، قرض لاهه قبي ڌڻي.

    تمر سائين جن فرمائين ٿا ته ڀٽ ڌڻي يا قبي ڌڻي واضح لڳي ٿو ته هي بيت ڪنهن ٻئي فقير جو آهي پر اڳئين بيت جو موضوع الڳ آهي. هو هڪ ئي وحده لاشريڪ کي پڪاري ٿو. هي شاعر جي شاعري جي ڪمال واري جاءِ آهي. هن بيت ۾ سندس نالو ۽ مالڪ جو نالو يڪذات ڪري ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو ته اوهان تي منهنجي لڄ جي رک آهي. اوهان سواءِ ٻيو ڪير به ناهي. واقعي آهي به ائين. مالڪ پاڪ کان سواءِ ٻيو وسيلو نه آهي. سائين جي شاعري ۾ اڪثر عبداللطيف، اديون عبداللطيف وغيره چيو ويو آهي پر جتي به فيصلائتو مرحلو اچي ٿو اتي پاڻ لطيف به شامل ڪيو اٿن. اسان انهي موضوع جي ان پهلو تي خاموشي اختيار ڪريون ٿا ته ڌناسري جي معنيٰ ڌُن مان نڪتل آهي. هن سُر کي ڳائڻ جو وقت سُر ماروي کانپوءِ جو آهي. هن سُر ڌناسري ۾ قلمي نسخن ۾ ٻين فقيرن جا بيت به شامل آهن. ها لطيف سائين جي شاعري ۾ ٻين فقيرن جا بيت به ملن ٿا.
    ڪاتب جيئن لکن واري ڳالهه آهي. اسان جي اکين جي پٽي ته خبر ناهي ڪير اچي لاهيندو. ڏسي ڪري به منهن موڙڻ وارو فارمولو آهي. جنهن ڪمزوري جا نشان اهي آهن ته اسان گذريل ٽي سئو سالن کان صرف حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ ۾ پورا آهيون. ڪو به ادارو هن عالمي فڪري سوچ واري ڪم جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اخبارن جا آرٽيڪل لکي، ريسرچ آرٽيڪل پڙهي، ڪتابن جا جُلد چاڙهي، پنهنجي ادائگي محسوس ڪريون ٿا. لطيفي موضوع عام موضوع ناهي، هنن بيتن تي مڪمل انسٽيٽيوٽ ٺهڻ گهرجي. سائين جي سُرن کي موسيقي سان لاڳاپيل سمجهي اسان منجهي پوندا آهيون. ان کان علاوه اشتقاق ڪري بيت جي معنيٰ ڪرڻ ۾ به اسان ماهر آهيون. راڳن ۽ آوازن ۾ به اسان سائين جي شاعري جي تور تڪ ڪريون ٿا. جڏهن ته سائين جو ڪلام الهامي ڪلام آهي. هن ڪلام ۾ ڪنهن به قسم جي تقابلي جائزي جي گنجائش ناهي. آهي بيت ته بس آهي واري ڳالهه ته نٿا ڪريون. سٽن جي زيرن زبرن موضوع جي ماڳن مڪانن تي بيهي رهون ته ڇا ٿيندو؟ اسان کي تاريخ ته ملي ويندي پر سائين شاعري جي روح بابت ڪا به ڄاڻ نه ملندي. ان لاءِ ضروري آهي ته اهم ڪم ڏانهن ڌيان طلبي ڪجي ته بهتر ٿيندو. سائين جي ڪلام ۾ مالڪ سائين کي سڏ ۽ سنيها هر جڳهه تي موجود آهن. سُر ڪلياڻ کان وٺي هر سُر ۾ سائين جن عجز ۽ نياز سان پيش اچن ٿا. اسان وٽ لطيفي رسالي جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ڪندي، ترجمو ڪندي ڪندي، لطيفي فڪر کان علحيدگي ٿي وئي آهي. جيڪا ٿيڻ نه گهرجي ها ته سائين جي ڪلام کي گڏ ڪرڻ جو ڪم ڪنهن اداري جي حوالي ڪري اُهو بحث ختم ڪرڻ گهرجي ها. پر ائين نه ٿيو. اُهو اڄ به ممڪن آهي. سُر ڌناسري سائين جو اُهو سُر آهي جيڪو سُر ماروي کان پوءِ آلاپيو ويندو آهي. هن سُر جي قلمي رسالن ۾ ڪجهه بيت به آهن. پر سائين جي پياري فقير تمر جي شاعري اعليٰ شاعري آهي. اُها شاعري سُر رامڪلي، سُر آبڙي ۽ سُر ماروي ۾ به شامل آهي، جنهن جا ڪجهه بيت ملن ٿا.

    هُو ڀُنگا، هُو ڀيڻيون، هُو چانگون چيلن
    بيشڪ ڀٽون لنگهي، کنيون پرتي پنهوارن
    تنين ڪيا ”تمر چئي“، ڪاڻان منجهه ٿرن
    ڏئي وڇوڙو ورهن اُٺي ويئڙا اُڪري

    اهڙي ريت ڳالهه ڪبي ته، تمام گهڻو وقت درڪار آهي. اسان سُر ڌناسري بابت ويچار ونڍينداسون.

    ميران شاهه مدد ٿي، محي الدين ملهي
    آهي عبداللطيف جو، وسيلو ولي
    حسني پير هلي، ڪرڪا ماڙ مريد تي

    ميران شاهه تون مددگار ٿي، تون ولين جو وسيلو آهين. اوهان حسني حسيني خاندان مان آهيو. مريد جي تون مدد ڪر. شاهه سائين ڪٿي ته پنهنجي پاڻ کي به ٻڌائي ٿو ته اوهان بغداد جا فقير آهيو. آئون سنڌ جو فقير آهيان.
    پلئه تنهنجو پير، ورتو سون، شاهه عبداللطيف چئي
    لڳاسون لغام جي، دليون دستگير
    تون بغدادي بغداد ۾، اسين سنڌ فقير
    جو اوسيئڙو امير، سو غم گيلاني ڪٽين

    سائين جي پيغام جو رُخ ڪهڙي ريت ڏٺو وڃي ٿو ان جو پيمانو سائين پنهنجي ڪلام ۾ خود ڏنو آهي. هڪ بيت، ٻئي جو حامي ٿئي ٿو. سُرن ۾ پروڙن پرکڻ جي ضرورت آهي.

    منهن مُناري سامهون، پٽن مٿي پير
    پير نه ڇڏي پنهنجا، توڙي ڏڏ ڏڦير
    شرف اوهان جي شير، نالائق نوازيا

    سائين مرشد ڪري صرف حضرت محمد صه جن کي حضرت علي ڪرم الله وجه الڪريم کي ۽ ان جي اولاد کي ڪري مڃيو آهي. هن بيت تي ٿورو غور ڪجي ته خبر پوندي ته مناره مديني واري سرڪار تي آهن. جنهن بابت سائين فرمائين ٿا اکيون منارن کي ڏسن ٿيون. پير پٽ تي رکيل آهن. پير پنهنجا مريد سڀ گڏ هلائيندو. انهن جو ڪم ڪيترو ئي گهٽ وڌ ڇو نه هجي. هي سرڪار مدني جو ڪمال آهي. جنهن نالائق نوازيا آهن. هن بيت کي فقرا سان منسوب به ڪري سگهجي ٿو پر مناره سرڪار مدينه جي اڱڻ تي آهن. جنهن بابت ٻين شاعرن به طبع آزمائي ڪئي آهي. “اوٺين ڪيا اشاره هوئي مناره مير جا” ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ لکڻي هن سُر بابت لکڻ جو موضوع ڏنو

    مديني جا شاهه، سڻ منهنجا سڏڙا
    مديني جا گهوٽ، سڻ منهنجا سڏڙا

    هن سلسلي جا بيت سُر ڏهر ۾ آهن.

    توتي لڄ لطيف، هن منهنجي حال جي
    ڪينهي ٻيا قريب، ڌاران تو دوست
    ڪيتري نه وڏي ڳالهه آهي، مرشد سائين ته مالڪ در تي هي بيت پڙهي خود کي ڌڻي حوالي ڪيو آهي پر جي هي بيت ڪو فقير پڙهي ته هو خود کي مرشد جي حوالي ڪرڻ وارو فلسفو ٺهڪي اچي ٿو.
    توتي لطيف يعني مالڪ جو نالو لطيف آهي. فقير جيڪر انهي بيت جو خيال آڻي ته حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي حوالي خود ڪري رهيو آهي. منهنجو اوهان کانسواءِ بيو ڪير به ناهي. ڪيترو نه توڪل آهي. ڪيڏو نه وڏو آسرو آهي. هو خود کي مرشد جي حوالي ڪري رهيو آهي. سائين ته ايتري وڏي ڳالهه ڪئي آهي. هر پڙهندڙ تي منحصر آهي ته هو ڇا سوچي هي بيت پڙهي رهيو آهي. سائين جن فرمائين ٿا.
    ٻيا در تن حرام، هي در جنين ديکيو

    جنهن در جو هوندو انهي جو ئي سڏبو. پوءِ ان لاءِ ٻيا در حرام آهن. سُر ڌناسري جهڙيون صدائون ٻين سُرن ۾ موجود آهن پر سائين جي سُرن ۾ بگاڙ آڻڻ کان گريز ڪجي ته بهتر ٿيندو. نه ته اسان اصل خيال کان هٽي وينداسين. سائين جي وائي جون ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيو.

    آهي منهنجي جان تي، پيراڻي پاکر
    متان مون کي ڇڏئين، آرياڻي انور

    هن وائي ۾ واضح آهي ته سائين جن چون ٿا ته منهنجي جان تي پيراڻي پاکر آهي. مون اوکي وير متان ڇڏئين. اوهان آرياڻي انور آهيو. ان ڳالهه مان ثابت آهي ته سائين پنهنجي رهبر، مرشد، اڳواڻ کي سڏين ٿا. حضرت سيد سائين جن جي زندگي ۽ ڪلام ۾ اسان لاءِ بهترين سبق آهي. جنهن سان زندگي آسان ٿي سگهي ٿي.


    جي فنا ٿيا فقير، هَلو تڪيا پَسون تن جا

    جي فنا ٿيا فقير، هَلو تڪيا پَسون تن جا

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي حياتي فقيري رنگ جي هن اهڙي ماحول ۾ گذري، جتي خانگاهي نظام پڪو بنياد وڌو، جتي روحاني علم ۽ شرعي علم اخلاقي طور پريڪٽيڪل ڪري ڏيکاريو. سنڌ جي هن مڪتب گاهه جو مقام اعليٰ آهي، هي ڀٽ شاهه جي هڪ اوطاق نه هئي پر هڪ روحاني يونيورسٽي هُئي، جتي مُلڪان مُلڪ ماڻهو ايندا هُئا. ڪابل کان عربستان جا فقير اچي، هن روحاني مڪتب خاني مان فيض حاصل ڪندا هُئا.

    “ڪي اوتين عرب ۾، ڪي ڪابل ۾ ڪَتِن”

    ڪيترائي فقير هتي آيا، جيڪي هتي جا ٿي رهجي ويا. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي وڏي اوطاق تي فقيري جو سلسلو اڃان تائين قائم آهي. ڪي راڳي فقير، ڪي ننگ وارا فقير ۽ ڪي انهن جا خدمتگار فقير سلسله به سلسله اچن ٿا.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي فقيري جو سلسلو سندس خانداني نظام ۾ به هو، ڇو ته حضرت حبيب سائين جن جا ڪيترائي مريد هُئا، پر سائين جن هڪ نئين درسگاهه جو نظام متعارف ڪرايو، جتي شريعت، حقيقت، طريقت ۽ معرفت جو نظام هو. جتي جا فقير هڪ مڪمل انسان هُئا، اشرف المخلوقات جي حقن جي ادائيگي جهڙا فرض انجام ڏيئي رهيا هُئا.

    شيئنون شريعت جا تابع ٿيا تمام،
    تن کي طريقت جي، من ميغ مدام،
    هلن حقيقت ۾، معرفت مقام،
    اِن الذين آمنون و عملو صالحات، آهي تن آرام،
    جنت پيتائون جام، گُر کي گڏيا ڪاپڙي.

    هن فقيري نظام جو هڪ حصو فقير غلام حيدر نظاماڻي بابا سائين جن پُڻ هُئا، بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي 1933 ڌاري ڳوٺ حيات خان نظاماڻي ۾ ڄاوا هُئا. بابا سائين جا وڏڙا ماتلي شهر مان لڏي اچي شڪار گاهه واري علائقي ۾ 1890ع ڌاري آباد ٿيا، محمد خان نظاماڻي ۽ سندس خاندان جي ناراضگي جي ڪري پاڻ حيات خان جي ڳوٺ ۾ آباد ٿيا ۽ اُتي شادي ڪري ويهي رهيا. انتهائي شريف نفس انسان هوندا هُئا، محنت مزدوري سان لڳاءُ رکڻ وارا انسان هُئا، حڪمت سان نظاماڻي قبيلي جو تعلق پُراڻو آهي، ان ڪري پاڻ حڪمت به ڪندا هُئا، پر هڪ ٻهراڙي جو مشهور مرض جنهن کي ڇِڪي چوندا آهن، انهي جي هٿ هڻڻ جا ڪاريگر هوندا هُئا، نارن ۽ حرلن تي ماڻهو صبح جو نيراني اچي قطار ۾ ويهي رهندا هُئا. فقير محمد خان نظاماڻي کي الله تعاليٰ ٽي فرزند عطا ڪيا، حاجي خان، فيض محمد ۽ حاجي شير محمد نظاماڻي، شير محمد انتهائي پاڪيزگي رکڻ وارو انسان هو، هميشه خوش لباس هوندو. فقير حاجي شير محمد نظاماڻي جي دوستي ڪيهر فقير جت، هاڻوڪا لنجواڻي سان ٿي، ڍڳن جي ونگارن ۾ ڪيهر فقير جي پڻ فقير شير محمد مدد ڪندو هو ۽ ٻئي هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي هُئا. ڪيهر فقير راڳي فقير هو، جمع جي رات جو اڳواڻ هو، ڪيهر فقير جي آواز جو چرچو ملڪان مُلڪ هوندو هو.

    “توکي سَنَد سسئي، سندي لنئون لغار”

    بس هن بيت جي سِٽَ مطابق هڪ لغار لڳي ۽ فقير غلام حيدر نظاماڻي (بابا سائين) راڳ به سکيا. بابا سائين جن راڳ جي سِکيا فقير خان محمد نظاماڻي کان ورتي، پوءِ هر اربع جي رات راڳ جو مڪمل انتظام ڪيو. اِهو راڳ پندرهن سالن تائين سندن هِن فقيري آستاني تي جاري رهيو. انهي ڳالهه کي ڏسندي ڳوٺ وارن اعتراض به ڪيو ته شير محمد اوهان جو پٽ غلام حيدر هاڻ صحيح رستي تي نٿو هلي. فقير شير محمد هڪ تاريخي جملو پنهنجي زبان مان ادا ڪيو ته، الله تعاليٰ اوهان جي اولاد کي به انهي راهه تي آڻي، انهي ڳالهه جو اثر بابا سائين جن جي پوري حياتي تي حاوي رهيو.


    ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نينهن جي،
    جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي،
    سِچ نه سُتا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي،
    تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.

    فقير ابراهيم خاصخيلي جي دور کي لطيفي راڳ جو سونهري دور ڪري چيو ويندو آهي، سنهي ڪڙي جي راڳ جي مجدد فقير راڳ کي هڪ نئين دنيا بخشي، جنهن تي ڪيترائي فقير اعتراص ڪندا هُئا ته وري ڪيترا خوشي مان انهن جي ڳالهه قبول ڪندا هُئا. ابراهيم فقير جي دور کانپوءِ غلام شاهه لطيفي جو دور به پنهنجو مٽ پاڻ هو، ٽه سيد غلام شاهه، نور محمد شاهه، ميرل شاهه، مير محمد عرف ميرو فقير لنجواڻي راڳ ۾ هڪ ڀلوڙ جوڙ طور سامهون آيا، انهي دور ۾ بابا سائين جن کي سائين درگاهه تي خميس جي رات راڳ لاءِ ڏني، لطيفي سلسلي ۾ خميس جي رات راڳ ڪنهن کي به مليل نه هو. بابا سائين جن پنهنجي استاد فقير خان محمد عرف خان فقير کي وٺي درگاهه تي راڳ جي شروعات ڪئي، هي سلسلو سندن زندگي جي آخري لمحن تائين جاري رهيو.

    “ڀلي ڪَر ٿيوم، هي سنڱ ٻاروچن سين”

    پاڻ هر جمع رات سگهڙ ڪچهري ڪري حديثن، ڏورن ۽ بيتن جون مقرر ڪچهريون ڪرائيندا هُئا، سندن حافظو ۽ دماغ ڪمال جا هوندا هئا، هڪ ڏينهن چيائين جيڪڏهن چند گهڙِيون ڪنهن ساڻن گڏ گهاريون ته اُهو فقير سائين جي ذهن تي هميشه لاءِ ياد رهندو هو. حاجي روشن شاهه رسالو پڙهڻ لاءِ ڏنو ته پندرنهن ڏينهن کانپوءِ لطيفي رسالي جا ٽي سُرَ ياد ڪري ويا، جنهن جي ڪري حاجي روشن علي شاهه اُهو رسالو بابا سائين جن کي تحفي ۾ ڏنو ۽ چيو ته، مون وٽ هي رسالو ٽي سال رهيو آهي، مونکي بيت ايترا ياد نه رهيا، اوهان انهي رسالي جا حقدار آهيو. جڏهن ته سندن تعليم به پرائمري هُئي، پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ اجن شاهه مان پرائي هيائون ۽ ٻڌائيندا هُئا ته سندس استاد ان وقت ۾ ڪمال جا هوندا هُئا، پرائمري تعليم واري انسان اڳيان (پي ايڇ ڊي) وارا لطيفي بيت پڙهندي ٿڙڪندا هُئا. لطيفي رسالي جا پاڻ حافظ هُئا.
    بس انهي ڳالهه تي ڪارآمد ٿيڻ فقيري واري صنف آهي، فقيرن پنهنجي جسم ۽ جان کي تڪليفون ڏئي الله کي راضي ڪيو. بابا سائين فقير غلام حيدر نظاماڻي جي شخصيت هڪ اداري جيئان هُئي، پاڻ سڀني لاءِ شفيق ۽ ٻاجهارا هوندا هُئا. فقير سائين غلام حيدر نصف صدي درگاهه ڀٽ شاهه تي راڳ جي حاضري ڀريندا رهيا، وڏي اوطاق جي مرمت به ڪرائڻ سندن ذمي هوندي هُئي. سيد محمد جڙيل، لائق ڏنو فقير، سيد غلام شاهه راڳي ۽ ٻين فقيرن سان تمام گهڻي نياز مندي هوندي هُئي، مونکي بابا سائين 1999ع ڌاري راڳ جي سکيا ڏني، پوءِ پاڻ فقير الهڏني جي حوالي ڪيو. سن 2000ع ڌاري پاڻ مونکي راڳ جو بيت درگاهه تي ڏياريو، جڏهن بيت ڏنم ته پاڻ تمام گهڻا خوش ٿيا ۽ پاڻ چيائون ته، اڄ منهنجي زندگي جو خواب پورو ٿيو، بابا سائين جن چيو ته منهنجي قبر کي به ملائڪ مبارڪون ڏيندا. بس انهي ڳالهه جي ڪري منهنجي نسبت سرڪار سان ڳنڍجي وئي، جيتوڻيڪ ننڍپڻ کان ئي اسان جي پريت لطيف سائين سان هوندي هُئي.

    پاٻوهي هيڪار، منجهان سڏ ڪيو،
    سو مُون سڀ ڄَمار، اورڻ اُهوئِي ٿيو.

    13 محرم الحرام تي پاڻ درگاهه شريف ڀٽ شاهه تي راڳ ڪري 14 محرم مطابق 29 مارچ 2002ع تي جمع جي نماز جو خطبو پاڻ پڙهي ۽ نماز جي امامت ڪري اچي اوطاق تي ويٺا، لطيف سائين جا بيت پڙهندي پڙهندي، پنهنجي کٽ تي سُتا ۽ سدائين لاءِ اسان کان جسماني طور وڇڙي ويا.
    مرڻا اڳي جي هئا، سي مري ٿين نه مات


    بيکاري کي بر ۾ ويو ڪيف چڙهي

    بيکاري کي بر ۾ ويو ڪيف چڙهي

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي شاعري جو رنگ انساني سوچ جي عين مطابق آهي، ڪيترائي شاعر انسان جي ڀلائي لاءِ شاعري ڪري انساني سوچ کي اجاڳر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري چُڪا آهن، پر سائين جن جو پنهنجو مايو آهي. ماضي، حال، مستقبل، زمان مڪان ۽ آسماني علمن کي پنهنجي ڪلام ۾ جوڙي هڪ سمت ۾ رکيو آهي. جيڪڏهن هن ڌرتي تي انهن ساڳين انسانن جي حيثيت عام کان هيٺ ڏسجي پر ان جو حال ۽ خيال آسماني فڪرن ۾ سمايل آهي.

    ڀُڪليا نه بَکيا، ڌاڳا ڌوڙ ڀڀوت،
    نه لنگُ نه ليڙ ڪا، الف رهيا آڌوت.
    ملنگا لنگهيا منتهيٰ کان، منهن نه ڪن ملڪوت،
    نڳيا ٿيا ناسوت کان، جاءِ نه پڇن جبروت،
    سندري سين ثابوت، جوڳين مٽيو جزم کي.

    لطيف سائين جن فرمائين ٿا ته جن فقيرن جا ڪپڙا ڦاٽل آهن، اُنهن کي ائين عام طور نه ڏس، هُو عام ناهن، هُنن جو به هڪ خيال آهي، جنهن روپ ۾ هو رهن ٿا، نه ته هُنن جي پهچ صدرت المنتهيٰ تائين آهي. مومن جو ظاهر اڪثر اهڙن حالن ۾ گذرندو آهي، پر اهي مالڪ جي تمام گهڻو ويجهو رهندا آهن. هن ڪائنات ۾ اچڻ انسان جي لاءِ ڄڻ قيد خانو آهي.

    قسمت قيد ڪئي، نت ڪير اچي هن ڪوٽ ۾،
    ليکي آڻي لوهه جي، هنڌ ڏيکاريو هي،
    پرچي ڪين پنهوار ري، جان جوسو ۽ جي،
    راجا راضي ٿي، مارن ملي ماروي.
    ڳالهه ته سمجهه جي آهي، ڀلا قيد خاني ۾ به ڪو ميڪ اپ ڪندو آهي ڇا؟ سينگار ۽ روپ ته خوشي واري ماحول ۾ ڪبا آهن، آخرڪار مٽي جو سفر مٽي ڏانهن هوندو آهي. هتي جي سينگارن، روپن، حرفتن ۽ ڏاهپ جو انت اچڻو آهي. مالڪ سائين جا به عجيب رنگ آهن، جيڪي ويجها ٿين انهن مٿان ته وارو وارو هوندي آهي، جيڪي پري اٿس انهن جو دنيا ۾ وري شان و شوڪت هوندو آهي. شان و شوڪت، ظاهري عزت، مال، دولت، نوڪر چاڪر، بنگلا ماڙيون ۽ هيرن جي کاڻين سان ان کي مالا مال ڪري ٿو. ڇا دولت توکي فيڪون واري ڏينهن کان مليل آهي، ڇا تنهنجي زمين، تنهنجي گهر جي ايراضي، تنهنجي نوڪرن جي پُڇا ٿيندي؟ ڇا اڳتي اولاد خاطر ڪي جيئڻ جو مقصد ڄاڻائين ٿا. اولاد ته آهي پر قبر الڳ، هتي زمين تي اچڻ جو وقت الڳ، پُڇا ڳاڇا به انهن جي توکان نه ٿيندي، ٿورڙي وقت جو هي ساٿ آهي، انهي ساٿ ۾ قرب ۽ پيار جو ونڊڻ سڀ کان وڏي دولت آهي. باقي فاني سان ڪهڙو پيار؟ ڀلا ڪهڙي منهنجي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته توکان تنهنجي پئسن جي اڪائونٽ نمبر جي اڳتي پُڇا ٿيندي. عجب رنگ ڌڻي جو دولت جهجهي ورهائي به ٿو ته وري ان ۾ هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي، نه وري پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جو حڪم آهي.
    ننڍڙي وهي تعليم پرائڻ ۾ گذري وڃي ٿي، ان ۾ به لاتعداد بيمارين جو ساٿ رهي ٿو. وچولي عمر اڪثر ڪري شوقن جي ور چڙهي ويندي آهي، جنهن ۾ انسان هيڏانهن هوڏانهن تڙپي ۽ ڀٽڪي ٿو، پيري ۾ مسجد، مندر يا ٻيون عبادتگاهون وسائي، انهن ڪيل ڏوهن جي معافي وٺي ٿو، ڪو موت ٿو گهري ۽ ان کي زندگي ٿو ڏي، ڪو زندگي ٿو گهري ته ان کي بيماري جي ورچڙهيل ڏسجي ٿو. ڪي ته جيئن آيا تيئن ئي هتان هليا ويا.

    هئي هئي ڪري هليا، آديسي اُٿيا،
    جوڳين جا جهان ۾، خيما ڪين کتا،
    منهن ويڙهي مڙهين ۾ سوامي ڪين ٿئا،
    پورب سي پهتا، ڏئي اوجاڳو اکين کي.


    انسان ويچارو اهڙي مخلوق آهي، جنهن تي رکيل هڪ ڪم آهي ۽ اهو وري رڌل ٻئي ڪم ۾ آهي. جي ائين کڻي چئجي ته جنهن ڪم بابت هن کان پُڇا ڳاڇا يا هِن جو ان ڪم سان ڪوبه تعلق ئي ناهي. انهن جي جفاڪشي ۾ پاڻ کي گم ڪري ڇڏيو اٿس. ڇا ڪرڻو هو؟ ڇا ڪريون پيا؟ انهي سوال جو اگر جواب ملي ويو ته اسان ڪامياب ترين انسان ٿي وينداسون. ذوالنون المصري رحمت الله جي هڪ مشهور واقعي بابت اڪثر پچار هلندي آهي، پاڻ بسطامي ابن تعفور جا استاد هُئا، روحانيت جي فيض مان ٽمٽار ٿيل هي شخصيت ڪو عام فقير نه هو، جنهن کان هڪ دفعي ڪنهن سوال ڪيو ته اوهان فقيري رنگ ۾ ڪيئن آيا آهيو؟ ڪو واقعو ٻُڌايو ته پاڻ فرمايائون ته هڪ ڏينهن آئون مصر ملڪ جي صحره ۾ سفر ڪري رهيو هُئس، پاڻي ختم ٿي ويو هو، پر منهنجو سفر دنيا سانگي هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين هو، دل ۾ ڪيئي خيال آيا پئي، سڀني سوچن کي سميٽي هڪ وڻ جي هيٺان ڪجهه گهڙيون گهارڻ خاطر ويهي رهيس. ڇا کڻي ڏسان ته وڻ مٿان ٻه هڪڙا پکي جا ٻچا ڪري پيا، انهن جون اکيون بلڪل نه هيون ۽ دانهون ڪري رهيا هُئا، ته ايتري ۾ انهن پکين جي اڳيان ٻه پياليون واري مان هيٺان ٻاهر نڪري آيون. هڪ پيالي سون جي هُئي ۽ ٻئي چاندي جي هُئي. هڪ پيالي ۾ پاڻي هو، ٻئي پيالي ۾ تر پيل هُئا، اندر ئي اندر ۾ خيال آيو ته جنهن توکي خلقيو آهي، انهي جي ذمي رزق آهي، جنهن توکي خلقيو انهي جي ذمي تنهنجي عزت آهي، جنهن توکي خلقيو انهي جي ذمي موت ۽ زندگي آهي ته پوءِ ڀلا هي ڪهڙا تون ڪم ڪرين پيو ۽ ڪيڏانهن تنهنجو سفر آهي ۽ ڪيڏانهن وڃين پيو، ڳالهه ڪرڻ جو مقصد سادو آهي، جن ڪمن لاءِ اسان زندگي کي عذاب بڻايو آهي، اهي سڀ جا سڀ مالڪ جي هٿ ۾ آهن ته پوءِ تنهنجي هٿ ۾ ڪا ڳالهه آهي؟ ضعيف مثال ڏئي تون نفس ته مطمئن ڪري سگهين ٿو پر هڪ ڀيرو اندر جو محاسبو ته ڪري ڏس.
    تون ڪير آهين، ڪٿان آيو آهين، ڪهڙو تنهنجو ڪم آهي ۽ تون ڪهڙا ڪم ڪرين پيون، عجب رنگ الله جا انساني سوچ ۾ اها ڳالهه ڇو نٿي اچي، الله تعاليٰ حق جي پيغام کي عام طرح تائين انسانن جي پهچ ۾ آڻي ٿو. نبين سڳورن، الله تعاليٰ جي پاڪ ڪتابن، الله تعاليٰ جي نيڪ ٻانهن اسان کي حق جي راهه ڏيکارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. پر اسان کي به سوچڻ گهرجي، ڪهڙي سفر تي اسان گامزن آهيون؟ ڪهڙو اسان جو مقصد آهي؟

    واقف نه وڻڪار جي، اڳ ڏيهه ڏٺوم،
    ڏونگر ڏوراپن سين ري، ڪاتي ڪٺوم.

    هڪ تقدير جي باب کان ناواقفڪار، ٻيو پهريون ڀيرو هِت آيل، پوءِ ڀلا غلطيون آخرڪار ڇو نه ٿينديون، پر انهي ڪيل ڪمن تي عقَل جو استعمال ڏسجي.

    واقف نه وڻڪار جي جت نانگ سڄن نيلا،
    اُتي عبداللطيف چئي، ڪيا هيڪلين حيلا،
    جت ڪڙم نه قبيلا، اُت رهبر رسج راهه ۾.

    هتي ذاتين، قبيلن ۽ پاڙن جي آڙ ۾ جند ڇٽي ٿي وڃي، پر هڪ اهڙو سفر به آهي، جتي انهن ڳالهين جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي، اتي رڳو رهبر جي رهنمائي ڪم ايندي آهي، انهي جي ڳالهين جي پاسداري ڪم ايندي آهي، اُتي ڪا به سفارش ڪم نه ايندي، اُتي صرف تنهنجو ڪم ڏٺو ويندو آهي، جنهن کان اسان بخوبي واقف آهيون ته اسان جا ڪم ڪهڙا آهن، اسان جو حال ماڻهن جي اکين کان ته لڪل آهي پر اسان پنهنجي ڪمن بابت خوب ڄاڻون ٿا، ڪهڙو ڪم ٿا ڪريون، يا ڪهڙا ڪم اسان جا ڪيل آهن، قابل ۽ عارضي زندگي لاءِ انسان هميشه واري حياتي وڃائڻ کان ڪيٻائيندو آهي، ٿورو غور فڪر ڪجان، تون اڪيلو هن دنيا ۾ نه آيو آهين، تو کان وڌيڪ عاقل، طاقتور، دولت مند ۽ صحت مند به هن دنيا ۾ آيا ۽ هِتان هليا ويا. ته پوءِ توکي ڪهڙي موهه موهي وڌو آهي.

    اُڀريا چنڊ اسور جا، نکٽ نوراني،
    پهر رحمتي رات جو اٿي اوڳاني،
    توجيڏا تو سرتا، وٽان تو وياني
    هي ڦٽي اٿئي فاني، جنهن در نياتو دوستي

    زندگي جل ٿل جو مڪان آهي، هي روح هن وقت صرف هن جسم ۾ آيو آهي، هي ته اڳئي صديون سال يا ڪيتروئي وقت پيدا ٿيل آهي. هن جي مسافري جا به ڪيترائي مرحلا آهن. روح لافاني آهي، هن روح جي خلفت، ڪن فيڪون کان شروعات ملي ٿي، ٿي سگهي ٿو ان کان به اڳ جو هجي، جيئن لطيف سرڪار جن فرمايو ته اڃان ڪن فيڪون نه چيل هو، اڃان هن ڪائنات جي ابتدائي جوڙ جڪ نه ٿيل هُئي، منهنجو تعلق توسان ان وقت آهي، مون پنهنجي پرين کي ان وقت تسليم ڪيو هو، انهي ڳالهه جون مونکي پڪيون يادگيريون آهن.

    نڪا ڪن فيڪون هُئي، نڪا مورت ماهه،
    نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو عُرض گناهه،
    هيڪائي هيڪ هُئي، وحدانيت واهه،
    اکين ۽ ارواح اُها، سڃاهه سپرين.

    لطيفي فڪر ڪا عام سوچ ته ناهي جو ان جو به اسان پيمانو مقرر ڪري سگهون، لطيفات جيتري سمجهه ۾ ايندي، اوتري لکجي سگهي ٿي، پر هي هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن تي جيترو لکبو اوترو ئي وڌي وڃي ٿو. انهي ڳالهه مان ثابت آهي ته جنهن موضوع تي جيترو ڳالهائبو اُهو اوترو وڌي وڃي ٿو. اُهو ڪهڙو علم آهي، جنهن کي خبر هجي ته اڃان ڪن فيڪون به نه هو، ان کان اڳ جون ڳالهيون لطيف سائين کي ڪنهن ٻڌايون، اُهي سڀ خبرون ڪٿان آيون، هنن بيتن کي آخرڪار ڪهڙي حدود ۾ قيد ڪريون، اوهان دل سان غور ڪري پڙهي ڏسو ته اوهان کي معلوم ٿيندو هي لطيفي پيغام سنڌي زبان ۾ ڪو عام پيغام نه آهي، هن رستي ڏسندڙ سرڪار هڪ اهڙو دڳ ورتو آهي، جيڪو مالڪ ۽ بندي کي ڳنڍي ٿو، انهي رشتي جي بحالي جو سبب بڻجي ٿو. لطيف سرڪار جي بيتن ۾ به ڪي اهڙا اهڃاڻ ملن ٿا.

    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن،
    نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

    آيتون نشاني طور به استعمال ٿين ٿيون، پر ڪجهه بيت ٻيا به آهن، جن مان پتو پوي ٿو ته سرڪار جن فرمائين ٿا ته مون کي هي ڏس ملن ٿا، تنهن کان پوءِ آئون انهن نشانين کي بيان ڪريان ٿو.

    بيکاري کي بر ۾ ويو، ڪيف چڙهي،
    ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون، ڳوڙها پيس ڳڙي،
    ڪا جا انگ اڙي، ڇُٽا ڦٽ چڪي پيا.

    لطيف سائين هن بيت ۾ اسان جي لاءِ تمام اونهون ۽ سبق آموز پيغام ڏنو آهي. هڪ شخص بکيا يعني خيرات گهرندڙ هجي ۽ ان کي بر ۾ يعني جهنگ ۾ نشو چڙهي وڃي، يعني هُو نشي واري حالت ۾ ڌت ٿي وڃي ته ان کي ڀلا ڪهڙي خبر؟ ته آئون ڪٿي آهيان، پر جڏهن هن کي هوش اچي ٿو ته هو روئي پوي ٿو ۽ چئي ٿو ته هي ڇا ٿي ويو، آئون آيل ڪهڙي ڪم سان هئس پر سمهي پنهنجو وقت وڃائي ويٺس.
    وقت گذري ويو، ڏينهن لهي ويو، هاڻ روئڻ مان ڪهڙو فائدو ۽ اوهان غور فڪر ڪري ڏسو، ڄڻ ته هي ڳالهه هر عام ماڻهو تي لاڳو ٿئي ٿي. اسان ڪهڙي ڪم لاءِ آيا آهيون ۽ ڪهڙا ڪم ڪري رهيا آهيون؟ عارضي زندگي تي ايترو ڀروسو ڇو آهي؟ سائين جن اسان کي حق جي راهه جي ڳولا لاءِ دڳ کولي ڏنو آهي. اوهان کي ان ڳالهه تي ڀروسو هئڻ گهرجي ته مالڪ اوهان کي فراموش نٿو ڪري ته اوهان ان کي ڇو وساري ويٺا آهيو، انهي ڳالهه تي غور ڪري ڏسجي، سائين ڪنهن جي ڳالهه ٿا ڪن. هي پيغام اوهان جي ۽ مالڪ جي وچ وارو پيغام آهي، جيڪو اوهان کي حق جي راهه ڏسي ٿو. غور ڪرڻ ته اسان تي لازم آهي.


    بادشاهه ڀلا ڀٽ ڌڻي

    بادشاهه ڀلا ڀٽ ڌڻي

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن 1102هه ۾ جنم ورتو ۽ 1165هه ۾ وصال ڪيو. سائين جي جنم واري جاءِ ڀئين پور آهي ۽ وصال سائين سرڪار جن جو ڀٽ شاهه ۾ ٿيو. لطيف سائين پنهنجي زندگي ۾ ايترو وڏو ڪم ڪيو جو اڄ جي سائنس ۽ اڄ جو انسان پريشان آهي ته سرڪار جن اهڙا فڪر ڀلا ڪيئن پالي رکيا هئا. سائين جن جي زندگيءَ جو مقصد ڀلي الله تعاليٰ جو ذڪر، فڪر ۽ عبادت ڪرڻ هو پر سائين سرڪار جن پنهنجي حياتي ۾ انسانن کي اعليٰ ڳڻن سان نوازيو. سرڪار جن سير و سفر ڪرڻ کانپوءِ پاڻ ڀٽ شاهه کي پنهنجو مسند ٺاهيو. جتي ويهي پاڻ انسانيت جي تبليغ شروع ڪئي. انهي روحاني علم جي شروع ڪرڻ واري عمل جا پڙاءُ دنيا جي ٻين ملڪن تائين پهتا. اُتي جا فقير پڻ سائينءَ جي حاضري ۾ اچي رهيا. محمود شاهه، راول فقير جهڙن وڏن گهراڻن جا ماڻهو به سائينءَ جي خدمت ڪندي زندگيءَ جا آخري ڏينهن سندن پيرن ۾ رهي گذاريا. هڪ ڳالهه سوچڻ جي آهي ته هن افراتفريءَ واري ماحول ۾ جتي ڀاءُ جو ويري ڀاءُ بڻيل آهي، پيءُ پٽ لاءِ سازشون پيو ڪري، مائرن ۽ ڀينرن کي قتل ڪيو ٿو وڃي. انسان ڄڻ ته وحشي ٿي پيو آهي. لڄ ۽ ليهه محفوظ ڪانهي ڪا، هر ڪو پنهنجي مفادن کي ترجيح ڏئي ٿو. سڀوئي ڄڻ ته ٻوسٽ واري ماحول ۾ گذارين ٿا. ٿوري سوچ رکي ڏسجي ته الله جي فقيرن جا آستانا ڪيئن آباد آهن. فقيرن جي زندگي ۾ تڪليفن ڏيڻ کان دنيا وارا ڪين مڙن ٿا. هر حال ۾ ستائين ٿا. مرشد سرڪار جن به ٻين ولين وانگر زندگي ڏکن ڏولاون ۾ گذاري. هونئن به فقيرن جي زندگي سيجن ۽ پلنگن تي ناهي گذرندي. هر فقير پنهنجا ڏيهاڙا تڪليفن ۾ گذاريندو آهي. عجب رنگ مالڪ سائين جا آهن، جو هتي ڪنهن سان محبت کي تڪليف ڏئي پوءِ ويجهو ڪندو آهي.

    خنجر تنهن خوب هڻي جنهن سين يار
    -----
    دوست ڪهائي دادلا، محب مارائي

    جيڪڏهن مالڪ کان عليحدگي اختيار ڪري، تڏهن انسان هت به سورن ۾ هُت به دوزخ ۾. هي ته مالڪ جو بڻيل کيل آهي، جنهن کي سمجهه ۾ اچي، زندگي فقيرن فاقن تي گذاري آهي. فقيرن انهي در کي ڪين ڇڏيو آهي، دنيا جي لاهن چاڙهن جا فقير محتاج ناهن هوندا. جسماني لذتن، نفسياتي خواهشن کي فقير ان وقت ترڪ ڪندو آهي، جنهن مهل هو ڪنهن جو ٿي ويندو آهي.

    بس ڪنهن جي نالي ٿيل هجي ته سڃاڻپ ٿي ويندي آهي. هڪ بَٺي جي سَر جي سڃاڻپ ان جي ٺپي مان پئجي ويندي آهي. ڪا به شيءِ مارڪيٽ مان وٺجي ٿي ته ان جي برانڊ ان جي ڪوالٽي جي خبر پئجي ويندي آهي. فقيرن جي زندگي به ان کان گهڻو مختلف ناهي. فقير به ڪنهن نه ڪنهن جو سڏائين ٿا. انهيءَ سلسلي ۾ هو ڪمال جو ڪم ڪري وري انهي سلسلي جا اڳواڻ پڻ سڏجن ٿا.
    مرشد سرڪار جا راڳي ۽ خدمتگار فقير به سرڪار جي نالي سان شاهه جا فقير سڏجن ٿا. مرشد سائينءَ جا فقير گذريل ٽن صدين کان سائينءَ جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ ڪا به قسر نه ڇڏي آهي. شاهه سائين جي راڳي ۽ دنبوري جي تندن جي “تون تون” جو آواز دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تائين پهتل آهي. لطيفي راڳي فقيرن جي زندگي جو مقصد مرشد سائين جي حاضري ڪري، اهو امن جو پيغام عام و خاص انسانن تائين پهچائڻ آهي.

    تن تسبيح من مڻيو، دل دنبورو جن
    تندون سي طلب جون، وحدت سُر وڄن
    وحده لاشريڪ له هو، اُهو راڳ رڳن
    سي سُتا ئي سونهن، ننڊ عبادت ان جي

    مرشد سائين جي تندن جو عجب رنگ، روح جي رازن جون تندون ڇيڙي ويندو آهي. هن جي دل ۾ هڪ هلچل پيدا ٿي ويندي آهي. لطيف سائينءَ فقيرن جي لاءِ هڪ مخصوص انداز وارو راڳ مقرر ڪيو آهي. سندس ڪلام کي پنهنجي مقامي ماڻهن پڻ پيش ڪيو آهي. لطيفي راڳ جا پڪا بنياد ته سائينءَ جن وڌا هئا، پر انهن فقيرن جو به عمل دخل آهي، جن پنهنجي زندگي مرشد مٿان گهوري ڇڏي. دنيا جي ونهوار کان ڪٽجي، مينهن هجي يا سيءُ، هوائون هجن يا زلزله توڙي قدرتي آفتون به فقيرن لاءِ رُڪاوٽون بڻجي نه سگهيون. هنن زندگي جا ڏينهن پنهنجي مرشد لاءِ وقف ڪري، محبت جا حق ادا ڪيا آهن. لطيفي فقيرن جي ڪا مالي سهائتا به حڪومتي سطح تي ڪانهي ڪا، پر انهن ڳالهين کان فقيرن جو پنڌ پري آهي. فقيري راڳ پنهنجي دنيا آباد ڪئي آهي. ٻئي پاسي مرشد سائينءَ جي دعا آهي، هڪ روايت موجب، سائين جن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته ڪنهن سائينءَ جن کي چيو ته اوهان جو اولاد ناهي ته پاڻ فرمايائون ته منهنجا فقير منهنجو اولاد آهن. راڳي فقيرن به پنهنجي حق جي ادائگي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي.

    مٿان مٿي منهنجي جي هونئن سَر هزار

    مٿي يعني سر مٿان ٻيا به هزارين سر هجن ته اُهي به اوهان مٿان قربان ڪري ڇڏيان. سائينءَ جي محبت جو اظهار لطيفيات سان محبت ڪندڙن به خوب نڀايو آهي. سائينءَ جي عقيدتمندن جو به هڪ ڪردار آهي، جن پنهنجي مرشد سان مريدي جا حق ادا ڪيا آهن. سائينءَ جن پنهنجي مريدن کي به مريد نه چوندا هئا. سائين جن جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته سائين مريدن کي دوست چوندا هئا. هي هڪ فقيري نظام جو اعليٰ ترين نظام هو، جتي هر ڪنهن کي عزت ملندي هئي. مهمان هجي يا عقيدتمند، سڀني جي لاءِ هڪ نظام هو. بس لطيفي فڪر، جو عام ماڻهن جي سمجهه تائين بلڪل ويجهو آهي، ان ۾ صرف دلچسپي رکڻ جي ضرورت آهي.
    مرشد سرڪار جي محبت ۾ به دلچسپي اڳي کان اڳري آهي. هر چاهه رکندڙ جو جذبو جوان آهي. محبت جو سمنڊ اٿليل آهي. محبتن جا انباهه ڦهليل آهن. ميزبان مهمانن جي خدمت لاءِ انتظار ۾ آهن. ڀٽ شاهه جو شهر ته هڪ وڏي انساني سمنڊ سان کچاکچ ڀريل هوندو آهي. پر هن ضلعي، تعلقي تي دوست هڪٻئي جي ميزباني ۾ رڌل هوندا آهن. سائينءَ جا فقير دنبوري جون تندون وڄائي رهيا هوندا آهن. هر عقيدتمند پنهنجي ڌُن ۾ مگن هوندو آهي. سائينءَ جي فقيرن جي عقيدتمندن جو تمام گهڻو تعداد ڀٽ شاهه ۾ ٽي ڏينهن موجود هوندو آهي.

    جي تون آسائو آهين ته ڪر ڀٽ تي ڀيرو
    ترت ۾ تيرو، مطلب ميڙوئي ٿئي

    لطيف سرڪار جي شان ۾ سڀ کان پهرين شاعري تمر فقير ڪئي. تمر جي شاعري جو به هڪ انوکو انداز آهي. جنهن پنهنجي مرشد جو شان ڳايو آهي.
    مرشد سائين جو تصوفي سلسلو ته قادري آهي پر پاڻ صوفي قادري سلسلي ۾ ڪجهه ذڪرن جو اضافو ڪيو آهي، جنهن کي احديث ذڪر چئبو آهي. هي ذڪر سُهائي سومار رات، عيدن تي، ميلي جي رات تي ڪيو ويندو آهي. ان کان علاوه سائينءَ جن جو فقير وصال ڪري وڃي ته ان جي ٽيجهي تي به ذڪر ڪيو ويندو آهي. سائين جي ڪلام جو اثر، انداز، ريتون، رسمون، فقيري نظام جو ٻيو ڪٿي به متبادل ناهي. سائينءَ جي هن فقيري رنگ ۾ شريعت، حقيقت، طريقت، معرفت سان گڏ موجود موسيقي پڻ شامل آهي. پر هن موسيقيءَ جو تعلق دل سان آهي، هن وحدانيت وارو راڳ ڏينهن رات درگاهه شاهه سائين تي هلندڙ آهي. انهي سلسلي جا فقير وحدانيت جي رنگ دنبورن جي تندن ذريعي ڦهلائي رهيا آهن.

    پير منهنجا بادشاهه، ڀلا ڀٽ ڌڻي
    تنهنجي آءُ تڻي، ٻئي ڪنڌي ساريان ڪانڪا


    آيو عَلي شِير، مَرڪيو مَديني ڌڻي،

    آيو عَلي شِير، مَرڪيو مَديني ڌڻي،

    سيد جي سونهن سنڌ جي نه بلڪه پوري دنيا جي لاءِ هميشه مهڪندي رهندي. مرشد سرڪار جو درس انتهائي شفقت ڀريو انداز آهي، هر ڳالهه کي اهڙو لباس پهرائي ڏسين ٿا جو پڙهندڙ کي ايئن محسوس ٿو ٿئي هي شاعرانه انداز ان پڙهندڙ جي لاءِ آهي. سائين جن هر لحاظ کان پيارو نمونو ڏيئي ڳالهه کي سمجهايو آهي، پر پاڻ بهادري ۽ شجاعت، دليري جي ڀلي ڀر وٺن ٿا، انسان جو تعلق اعليٰ مخلوق سان آهي ته ان جون خصلتون به بهترين هجن، ڀلا ڪم هيڻي واري حالت هجي. بهادري جهڙي نعمت سان سرشار هجي، هُن جو جيئڻ جو انداز به الڳ هجي، انسان ته زر ۽ زمين لاءِ مَرن ٿا، وڙهن ٿا، پر ڪو قوم لاءِ به وڙهي، مري پر جيڪڏهن دين اسلام جي قرباني جو وقت اچي وڃي ته پوءِ اڳئين کان به اڳڀرو رهجي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح هميشه بهادري وارن کي پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏني آهي. اُها اڪيلي عورت، ڪو ٻيلياڻي يعني جنهن جو ڪو ٻيلي ساٿي نه هجي يا ڪو دودو سورهيه هجي، سپڙ سردار سخاوت جي نالي ۾ مشهور انسان، جکرو هجي، لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ هر ان سورهيه کي جاءِ ڏني جنهن ڪنهن نه ڪنهن ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، ظاهر باطن انسان جنگين کان متاثر رهندو آهي، ڪڏهن نفس جي جنگ ته ڪڏهن ضمير جي للڪار، انسان کي پئي ولوڙيندي آهي.
    ڪاتي تان نه وڍين، مان وجهلڻ وڍيو لطيف سائين ايئن چيو “اي ڪاتي تون مونکي نه ڪُهين، مونکي اندر جي وجهلڻ وڍي ڇڏيو آهي.”
    صوفين جي نظر ۾ جنگ ٻن قسمن جي هوندي آهي. يعني هڪ جهاد اصغر ۽ ٻيو جهاد اڪبر. اصغر مطلب ننڍو جهاد، تلوار کڻي وڙهڻ واري جنگ، ٻيو جهاد اڪبر يعني وڏو جهاد جيڪا نفس اماره سان فقير وڙهندا آهن ۽ فقير هميشه هميشه انهي جهاد اڪبر واري جنگ، جنهن جو ظاهر ۾ ته پير کُر نه هوندو آهي پر اندر ۾ هميشه خطرا رهندا آهن، اها جنگ مسلسل وڙهي ويندي آهي، لطيف سائين به انهي جنگ جو ذڪر ڪيو آهي.

    اصغر ڏي آهن گهڻا، تون اڪبر ڏي آءُ
    متان لوڙهو لاهين، مجوسي مٿان
    حيدر جي هٿان، وڙهه ته وير مارين

    راهه فقيري وارا هن ويڙهه کي چڱي ريت ڄاڻن ٿا. هُو انهي ڳالهه کان واقفيت رکڻ سان گڏوگڏ ان گُرکي به ڄاڻن ٿا. هي جنگ هٿيارن سان نه وڙهبي آهي، هي جنگ نفس جي پيچن ۽ ڪوڙڪين کان بچڻ واري جنگ آهي.
    پر اسان اڄ فتح خيبر جي باري ۾ ڄاڻڻ جي مختصر ڪوشش ڪنداسون، جتي نبي سائين صه جن جي حمايت لاءِ حضرت علي ڪرم الله وجهه جن پهتا.
    ڪجهه انهي واقعي کي ڄاڻڻ لاءِ اُتي جي حالتن کان واقف ٿيڻ ضروري آهي. خيبر جو علائقو مديني منوره کان اُتر طرف تقريبن ٻه سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. جتي ان وقت يهودي رهندا هئا. جيڪي اسلام دشمن سرگرمين ۾ مصروف هئا. هو هميشه اسلام جي خلاف ڪم ڪندا هئا. يهودين سان گڏ هڪ ٻيو قبيلو بنو عظفان به هو جيڪو هر وقت انهن جو ساٿ ڏيندو هو.
    اسلام جي خلاف ڪم ڪندڙ يهودين ۽ اسلام دشمنن جون سازشون عروج تي هيون، اُها خبر جڏهن پاڻ سڳورن صه جن کي پئي ته پاڻ پنهنجي ساٿين سميت خيبر جي وادي ڏانهن روانا ٿيا.
    مدني سرڪار سان گڏ ٻارنهن سئو پيادا جنگي جوان، ٻه سئو سوار شامل هئا.
    آيا اُجارين، تونگ تراريو تورا
    سانگون سائين هٿ ۾، ڪلهان نه لاهين،
    اُڀا ئي آهين، مهائين مرڻ تي،

    ياد رهي ته خيبر جي وادي توبڪ واري رستي تي اتر طرف آهي. هن وقت خيبر جي انهي رستي تي وادي سڪينه، الفقير، السعيد، التمد جا علائقا ۽ واديون اچن ٿيون. هاڻوڪي دور ۾ خيبر سعودي عرب جي هڪ ضلعي واري حيثيت رکي ٿو، ان وقت خيبر جي علائقي ۾ ڪُل يهودين جا ۽ اسلام دشمنن جا اٺ قلعا هئا، انهن سڀني قلعن ۾ مضبوط قلعو “قموص” هو.
    قموص واري قلعي ۾ يهودين جا سردار ۽ جنگي بهادر رهندا هئا، هن قلعي جي بناوٽ ٻين قلعن کان اوچي هئي، پر اڃا تائين اسلام دشمن قوتن لاءِ مثال بڻيل هي عبرت جو هنڌ ٽٽل ڦٽل حالت ۾ موجود آهي ۽ ٻيو قلعو “ناعم” هو جنهن ۾ هنن جو کاڌي پيتي جو سامان رکيل هو. خيبر جو علائقو سرسبز ۽ شاداب هو، جتي کجين جا وڻ موجود هئا. جيڪي اڃا تائين ساوا بيٺل آهن. جيڪو علائقو هن وقت آثارِ قديمه کاتي وارن جي انتظام هيٺ آهي، حضور ڪريم صه ۽ فاتح خيبر اسدالله حضرت علي ڪرم الله وجهه جا معتقد ۽ اسلام سان پيار ڪندڙ وڌندا رهيا.
    حضرت علي سائين جن جي دهشت جو منظر خيبر جي آثارن ۾ اڃا تائين واضح نظر اچي ٿو. خيبر جي آثارِ قديمه وارو شهر ڪلوميٽرن جي احاطي ۾ واقع آهي جيڪو پنهنجي موجودگي جي پاڻ گواهي ڏئي رهيو آهي ۽ اهو هاڻوڪي خيبر کان تقريبن 7 ڪلوميٽر اڳتي آهي. آثار قديمه جي هن شهر جون گهٽيون، جايون، گهر، حڪومتي سطح تي ڪافي حد تائين محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. پر اُتي حضرت علي ڪرم الله وجهه جي ذوالفقار تلوار جون ضربون ۽ انهن جا نشان اڃا تائين موجود آهن جن مان هن وقت به پاڻي وهي رهيو آهي. اُتي هڪ مسجد پڻ ٺهيل آهي ۽ انساني رهائش جو ڪو به انتظام موجود ناهي، پر ڪي ڌنار پنهوار اُتي نظر ايندا آهن. جتي هڪ اهڙو به چشمو موجود آهي جتان پاڻي نڪري ڪافي علائقي جي کجين کي آباد ڪري رهيو آهي.
    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن هڪ بيت ۾ فرمايو آهي ته جيڪڏهن حضرت علي ڪرم الله وجهه حال حيات هجي ها ته ڪربلا جو واقعو هرگز پيش نه اچي ها.
    علي شير ويا، رڻ ۾ پيئن راتڙي
    ڪربلا جي ڪارڻ بابت سائين فرمائين ٿا ته رڻ ۾ رات به نه پوي ها، جيڪڏهن حضرت علي سائين جن هجن ها ته فتح حق جي ٿئي ها. اُها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته انهي راز کان واقف رڳو مالڪ سائين جن جي ذات آهي.

    دوسِتَ ڪُهائي دادُلا، مُحِبَ مارائي؛
    خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَخِتـيُون سَھائي؛
    اَللهُ اَلصَّمَدُ بي نيازُ، سا ڪَري، جا چاھي؛
    اِنَھِين مَنجِھ آھي، ڪا اُونھي ڳالھِ اِسرارَ جي.

    مالڪ سائين جي پرکڻ جا پئمانه الڳ آهن، نبين سڳورن، اوليا اڪرام ۽ پيارن ٻانهن هميشه انتهائي ڏکيائي وارن حالتن ۾ زندگي گذاري آهي. ڪربلا جي ميدان جو واقعو باطن سان اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي ٿو. تعدادن سان ۽ طاقتن سان بهادري ڏٺي نه ويندي آهي، بهادري ته هڪ جذبي جو نالو آهي، اُهو صغيري واري حالت ۾ به ملندو ته نوجواني واري حالت ۾ به اوهان کي بزدلي جي جاءِ نه ملندي، هر ڪو انسان انهي ڳالهه کان باخوبي واقف آهي.

    ڪامل ڪربلا ۾ آيا جُنگ جوان
    بهادر گڏيا بهادرين، شير وڏي ڪنهن شان
    ڌرتي ڌٻي لرزي، ٿرٿليا آسمان
    ڪُرهه هئي ڪانه، هو نظارو نينهن جو

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي هڪ منفرد سڃاڻپ ۽ خوبي اها رهي آهي ته پاڻ ڪڏهن به ڪنهن بزدل جي تعريف نه ڪئي آهي پر ٻئي ڪنهن به اوليا ولي نه ڪئي آهي.

    هڻڻ هڪلڻ، ٻيلي سارڻ اي مانجهائي مرڪ
    وجهن تان نه فرق رُڪ وهندي راند ۾
    لطيف سائين جن ڪربلا فلسفي ۾ اسان کي زندگي جو گُر سيکاريو آهي. پاڻ انهي ڳالهه کان واقف ڪن ٿا. جنگ جي ميدان جو منظر ۽ زندگي گذارڻ جو اصولي فيصلو ٻڌائين ٿا ته هڻڻ، هڪلڻ، يعني تلوار جو وار هڻڻ، هڪلڻ، گهوڙي سواري يا ڪا ٻئي سوار کي هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، يعني پنهنجي دوستن کي ساٿين کي سارڻ، انهن جو خيال رکڻ هي فطرت مانجهين مردن جي آهي، هي عام سوچ ناهي، هي اعليٰ ظرفي جي نشاني آهي. مالڪ سائين انسان کي پنهنجو نائب ڪري موڪليو آهي ته ان جو خيال به اوترو وسيع هجڻ گهرجي.
    ڪربلا واقعو جو لطيفي فڪر جي پسمنظر ۾ انساني سوچ ۾ بهترين يقين ڏيارڻ وارو آهي، مالڪ سائين تي يقين رکو، دشمن نيست و نابود ٿي ويندو، بهادري، همت، حڪمت عملي سان زندگي گذارڻ جا ڏس ۽ گُر لطيف سائين اسان کي ڏسيا آهن. امامن سڳورن جو انداز اسان جي زندگي لاءِ مشعل راهه آهي.

    ڪامل ڪربلا ۾، آيا اڄ امام
    ماري تن مصرين سي، ڪنبايائون ڪام
    ڪپيائون ڪوفين جا، اُتي اُڙدهام
    ڪاڙهو ٿيو قيام، حادثو مير حسين سين

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پنهنجي سُر ڪيڏاري ۾ 6 داستان بيان ڪيا آهن. جنهن جي هر هڪ بيت ۾ امامن سڳورن جي شان جي بلندي، همت، مضبوط ارادي جي ساراهه ڪئي آهي.
    اسان ڪيڏاري جي لفظي معنيٰ تي غور نٿا ڪريون اسان ڪيڏاري فڪر بابت ڏسنداسون ته سائين جن ڪيتري نه پياري انداز ۾ امامن سڳورن جي تعريف بيان ڪئي آهي. هن بيت جو جنگ خيبر سان ساٿ ملي ٿو.
    آيو علي شير، مُرڪيو مديني ڌڻي
    سونهاري سيد ري، ڪوٽ ڀڃندو ڪير
    شير ورتو وير، پڙ ۾ پاواڙا ڪري

    حيف تنين کي هو

    الله تعالى پنهنجي مخلوق کي حق سچ ۽ سڌي واٽ ڏَسِڻ لاءِ هر علائقي (قريه) ۾ نبي، صحيفا، آسماني ڪتاب ۽ اولياء موڪليا آهن، صرف ان ڪري جو پنهنجي مخلوق کي حق جي راهه ڏانهن راغب ڪيو وڃي. اسان جي سرزمين سنڌ تي سنڌي ٻولي ۾ حق جو پيغام پهچائيندڙ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌي زبان ذريعي پوري ڪائنات کي الله جي طرف راغب ڪرڻ لاءِ سنڌي ۾ شاعري جو اهڙو مثال ڏنو آهي، جنهن جو اڳ مثال ملڻ مشڪل آهي. شاهه سائين پوري اشرف المخلوقات کي سنڌي زبان ۾ انسان ذات جي خدمت ۽ مخلوق سان محبت جي رستي ڏانهن هلڻ جو اعلى سبق ڏنو آهي. ٽي صديون اڳ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ درسگاهه ڀٽ تي اڏائي وڏي اوطاق جو نالو ڏنو. وڏي اوطاق سنڌ ڌرتي جي تصوف جي پهرين درسگاهه آهي، جنهن ۾ مخلوق ۽ الله جي راهه بابت سبق ڏنا ويا. الله تعالى جي روشني ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هي اعلى يونيورسٽي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ قائم ڪئي، جنهن ۾ تصوف سيکاريو ويو. اهڙو تصوف سيکاريو ويو جنهن جو مقصد ٻين جي مدد ڪرڻ، الله جي راهه کي ڳولي لهڻ هو. جڏهن ته پيرن، فقيرن، شاعرن ۽ ڏاهن جا اوتارا ۽ اوطاقون اڳ به هئا پر هي عظيم عاليشان تصوف جو بنياد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي وڌو، جنهن ۾ ذات پات، قوم، ننڍ وڏائي جو بلڪل فرق نه هو. هن خانگاهه ۾ فِڪر، ذِڪر ڪري هن کي سنڌ ۾ تصوف جو ڳڙهه بنايو. سنڌ جي صدين جا ٿڪ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار لاهي ڇڏيا. هڪ نوجوان وانگر سرزمين سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي جيئدان ڏنو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي وطن سان اهڙو ته پيار ڪيو جو ان حب الوطنيءَ جي جذبي ۾ تصوف کي تمام اعلى طريقي سان سمايو. پاڻ وطن سان محبت ڪيائون ٻولي سان محبت رکي تصوف جا جز سنڌ جي سورمين، سورمن جي روپن ۾ سمائي اعلى سنڌي شاعريءَ جو بنياد وڌو،


    حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو

    حيف تنين کي هوءِ وطن جن وساريو

    ان کان علاوه سنڌ جي سرزمين جا علائقا، علائقائي زبانون ۽ انهن ۾ حب الوطن بهادرن، بانڪن، دلير انسانن، سخين، سردارن جا قصا تصوف جي رنگ ۾ اهڙا ته قائم ڪيا، جن جا مثال اڳ ڪڏهن به نه ٿا ملن. تصوف جو رنگ سورمين ۾ جيترو شاهه سائين رکيو اوترو ئي پنهنجي شاعري ۾ سورمن کي مقام عطا ڪيو. پنهنجي سرزمين سنڌ جي وڻن ڪنڊن، ڪانڊيرن، پٿرن ۽ پکين کي اهڙيءَ ريت تصوف جي رنگ ۾ وڌو جنهن جا مثال اڳ موجود نه هئا.
    وڻن ٽڻن جا مثال، جانورن پکين جا مثال، تصوف جي رنگ ۾ اهڙي نموني سيکاريا ته جيئن اسان هيٺانهين ۽ ذڪر فڪر ڪري الله جي راهه تي رهون، جيئن وطن سان پيار ڪري اسان اصلي حقيقت وارو تصوف اپنايون، جنهن مان تصوف جو رنگ اهڙو چڙهيو جو سنڌي ٻولي ۽ هن سرزمين جا ماڻهو جيڪي اڳ به حب الوطني سان گڏ تصوف جي رنگ ۾ رنڱيل هئا، انهن تي ويتر تصوف جو رنگ چڙهي ويو. صوفي هڪ سوچ آهي، جنهن جو اصل مقصد پنهنجو پاڻ کي الله جي حوالي ڪري ڇڏڻ آهي، جنهن سببان هو دل ئي دل ۾ روشني حاصل ڪندو آهي، جنهن کي وصالِ يار چئبو آهي. انسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن هن جو پنهنجو نفس آهي، جيڪو انسان کي غلط راهه تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن شيطاني ڪمن ۾ انسان مشغول رهي حق جو رستو وساري ويهي. الله جا ولي انسان ذات کي حق جو رستو ڏيکارڻ لاءِ تصوف جو سبق ڏيندا هئا، جنهن ۾ تزڪيه نفس يعني نفس جي پاڪائي ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪري، تزڪيه نفس ڪرڻ لاءِ اندر جي پاڪائي جو هجڻ لازمي جز آهي. جيئن هر فڪر، ذڪر ۽ روحاني رمز کي حاصل ڪرڻ اصل تصوف آهي.

    صوفيءَ صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو
    تهان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرينءَ سين

    جڏهن صوفي پنهنجي وجود ۾ نگاهه ڪري ٿو ته اندر ۾ رمز الاهي سان سرشار ٿئي ٿو، مگر صوفي ازم جي شاگرد کي معرفت جي اهم ضرورت هوندي آهي،

    صحبت از علم ڪتابي خوشتر است
    صحبت مردان حر آدم گرست

    ڪتابن جي علم ۾ اوهان کي دماغ جي خشڪي ٿيندي پر ان علم سان گڏ اوهان کي هڪ ڪامل مڪمل ولي جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جنهن جي ڪيميا اوهان کي ڪمال جي درجن تائين پهچائيندي،

    ڪوڙين ڪتابن ۾، حرف مڙوئي هيڪ
    جي تون نظر نيڪ، ته بسم الله ئي بس ٿئي.

    صوفي ازم ۾ پهرين پهرين انسان کي اندر جي صفائي ڪرڻ لازم ملزوم قرار ڏنو ويندو آهي. صوفي پنهنجي وجود کي الله جي ذڪر سان صاف ڪري فڪر ۽ فهم سان دنيا کي اندر جي صاف اک سان ڏسندو آهي.

    صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀانئيس ڪير
    منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر ناهيس پير
    جنين ساڻس وير، ٿئي واهرو تن جو

    صوفي پنهنجي وجود ۾ سڀني لاءِ خير جو پيغام رکندڙ هوندو آهي، هر جڳهه تي حق جي ڳالهه ڪري ٻين کي ڀلائي ۽ سچائيءَ جا رستا ڏيکاريندو آهي، دشمنن جو به هو مددگار هوندو آهي. ڪنهن سان به دشمني نه رکندو آهي. هي پيغام اسان سنڌين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه سائينءَ اهڙو ته سيکاريو جو وجود ۾ انسانيت جو عنصر اڳ ۾ اهڙو ڪنهن نه ڏنو هو. اسان سنڌين کي انسانيت جي تربيت ڏيندڙ سنڌي ٻولي ۾ شاهه سائين ڪمال جي معرفت ڏني آهي. صوفي سدائين پنهنجي من کي مراقبي ۾ رکندو آهي، دنياوي آسائشن کان پري، خواهشن ۽ لذتن کي ويجهو نه ويندو آهي. ٻين جي ڀلائي لاءِ هميشه پتوڙيندو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي فڪر ۾ ان ڳالهه جي سٺي نموني پرچار ڪئي آهي. هر قسم جي صوفي ازم جي نظرئي تي نظر وجهي شاعري ۾ اسان سنڌ واسين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ الهامي پيغام ڏنو آهي. جيتوڻيڪ صوفي پنهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ پنهنجي پاڻ کي وساري الله جي راهه ڏانهن ٻين کي راغب ڪندو آهي، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ شاهه سائين پنهنجي رسالي ۾ جڳهه جڳهه تي پيغام ڏنو آهي ته (گر کي گڏيا ڪاپڙي) يعني اوهان کي پنهنجي رهنما مرشد گر جي تمام گهڻي ضرورت آهي، جيڪو توهان کي معرفت جي ذريعي الله جي راهه ڏانهن صحيح نموني سان وٺي وڃي. سچي معرفت ڪامل مرشد کان ئي حاصل ٿيندي آهي.

    جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهن،
    نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.


    تدبيران تقدير، آهي جابر جيڏيون

    تدبيران تقدير، آهي جابر جيڏيون

    سونهاري سنڌ جي بزرگن ۽ ولين اسان کي علم، امن ۽ پريت جو پيغام ڏنو آهي، پنهنجي پيغام ۾ اُنهن اهڙا ڏس ڏنا آهن، جن تي اڄ جو انسان عمل ڪري ڪامل ٿي سگهي ٿو. سڀني الله تعاليٰ جي بزرگن زندگيءَ جي هر موڙ تي انسان جي ڀلائي لاءِ بهترين انداز سان اصلاح ڪري انسان کي حقيقت ڏانهن راغب ڪيو آهي. مالڪ سائينءَ جي ولين پنهنجي شاعري ۾ قصا، ڪهاڻيون، اصلاحي ڏس، ماضي جا تجربا، حال احوال ۽ مستقبل جو بيان اهڙي ريت بيان ڪيا آهن، جنهن ڳالهه کي هر عام و خاص انسان آساني سان سمجهي سگهي ٿو. حضرت مولانا جلال الدين رومي پنهنجي“مثنوي رومي” ۾ اهڙيون ڳالهيون بيان ڪيون آهن، اهڙي طريقي سان اسان جي شهنشاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان کي سورمين ۽ سورمن جا قصا ۽ انهن جي قصن ۾ اهڙا اهڃاڻ ڏنا آهن، جن جو تصور شايد حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان اڳ ڪنهن به نه ڏنو آهي. عشقيه داستانن ۾ روحانيت جو اهڙو ته اثر ڇڏيو آهي جو انهن سُرن کي پڙهندڙ، خود پنهنجي اندر جو احساس سمجهي ٿو. سسئي جو مطالعو ڪندڙ پاڻ کي سسئي سمجهي ٿو، ليلان جا حيلا، سهڻي جو ڪچو گهڙو، ڪربلا جي پڌر ۾ ترارن جا آواز، سامونڊين جي عورتن جون آهون، متارن جي سُرڪ جي ڪڙاڻ جو ذائقو، پتنگن جو مچ ۾ سڙڻ، ناکوئن جي ٻيڙي جو تختن تي نظر اچڻ، سانوڻ جي موسم ۾ تاڙي جي تنوار، مومل جون راڻي جي جدائي ۾ رڙيون، سسئي جون پنهل لاءِ پڪارون، محبوب ۽ چنڊ جي حسن جو پاڻ ۾ مقابلو، عقابيل جي پرن سان ڀريل عشق جي تير جو آواز، ٻاجهه جي ٻُڪي لاءِ کنيل هٿ، مورڙي جون ڀائرن جي لاءِ عدل ۽ انصاف لاءِ دلو راءِ در تي دانهون، پٻ جي پنڌ تي کاهوڙين جي تڪليفن جا انبار، تماچي تڙ ڌڻي جا ڪينجهر ۾ ڄار اُڇلڻ، ماروي جي مارن کان جدائي جو احساس ته اهڙو آهي جو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام جو مطالعو ڪندڙ سمجهي ٿو ڄڻ ته هُو ماروي آهي. هن کان مارو جدا ٿي ويا آهن، آهون پڪارو سورمين جي اندر مان احساسن سان ڀريل اکين جي آلاڻ تائين اچن ٿيون، ڪاتبِ تقدير جو سربستو احوال فڪرِ لطيفيات ۾ موجود آهي.

    نه سو ڪاغذ قلم هو، نه موران هئي مس،
    لکڻ واري لکيو، ناهي ويچاري وس،
    پنهوارن عجب پس، اڻ ڏٺا پاڙي انگڙا،

    فڪر لطيف جي پرواز جو اندازو ان مان لڳايو ته پاڻ ڪيئن ٿا ڏسن، تقدير جي ڪاتب بابت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جيڪو فڪر ڏنو آهي، ان جو ڪمال آهي، جيئن سائين فرمايو آهي ته تقدير ان وقت مالڪ لکي جنهن وقت نه ڪو ڪاغذ هو، نه قلم هو، نڪي مورهين مس هئي، لکڻ واري ته لکيو، هتي تقدير تي ڪنهن جو وس ناهي، حيرت ته ان ڳالهه جي آهي ته اسان اُها تقدير نڀايون پيا، جيڪا اسان نه ڏٺي آهي، انهن انگن تي هلون پيا جن جي اسان کي خبر ڪانهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا اهڙا بيت انسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿا ته اسان جو روحاني سفر شروع ڪڏهن ٿيو آهي. ڪهڙي ڪارڻ اسان هتي آيا آهيون، محبوب سان وفا جو عهد تقدير جي باب مان پاڻ ٻڌائين ٿا، نه صرف تقدير پر ڪٿي ته تخليق ڪائنات کان اڳ جا قصا بيان ڪن ٿا.

    نڪا ڪُن فَيَڪُون هئي، نڪا مورت ماهه،
    نڪا سُڌ ثواب جي، نڪو غرض گناهه،
    هيڪائي هيڪ هئي، وحدانيت واهه،
    لکيائين لطيف چئي، ڳجهه اندر جي ڳاهه،
    اکين ۽ ارواح، اُها ساڃاهه سپرين.

    ڪن فيڪون اڃا ڪانه چئي وئي هئي. مورت، صورت ماهه جو ڪو تصور اڃا ڪو به نه هو، ثواب ۽ گناهه کان هي ڳالهه اڳ جي آهي، صرف هيڪڙائي هئي، مالڪ جي وحدانيت هئي، ان وقت اندر ڳالهه لکيائين، جنهن جي ساڃاهه اڃا تائين اکين ۾ آهي، ڇو ته اول، آخر، ظاهر، باطن سندس ئي موجودگي آهي، وفا جو هي اعليٰ مثال اهڙو ڏنو آهي جو انساني عقل ڪنهن حد تائين پهچي بيهي رهي ٿو، ان جو مطلب اُهو ناهي ته اسان شاهه سائين جي ڪلام جو مطالعو ئي ڇڏي ڏيون. هي فڪر ته اسان جي سمجهه کان مٿي آهي، بس هاڻ ڪونه ٿا پڙهون، نه هرگز نه، سائين اسان جي سنڌي زبان ۾ اسان کي اهڙو هڪ درس ڏنو آهي جو ان کي پڙهڻ پروڙڻ به اسان جو اخلاقي فرض آهي. بس دلچسپي جي ضرورت آهي. ڪوبه ڪم ڏکيو ناهي، ڪُن چوڻ سان ڪائنات ٺهي ان کان اڳ جون ڳالهيون، فڪر لطيف جي مقام جو ڪو پرو پاند ناهي، جيئن ئي هن معاشري مان روحن تان دز ۽ مٽي لهندي، شعور اسان جي دلين تي روشن ٿيندو، پوءِ اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر جي سمجهه ايندي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ اسان جي نهايت بهترين واٽ آهي، جنهن رستي تي هلي اسان هڪ اهڙي معاشري کي اڏي سگهون ٿا جيڪو امن ۽ پيار جو بهترين مسند ٿي سگهي ٿو. روحانيت، امن، ڀائيچاري، سهپ، تاريخ، ماضي، حال ۽ مستقبل جو ضامن لطيف سرڪار جو فڪر آهي، جنهن ۾ اوچ نيچ جو ڪو فرق نه آهي. شاهه سائين اسان کي امن جو گهڙو روحانيت سان اهڙو ٺاهي ڏنو آهي جنهن کي ڪا به حسد، ساڙ، فساد جي هوا لوڏي نٿي سگهي. بس اوهان شاهه سائين جي فڪر جي پيروڪاري ۾ اچي وڃو.

    پائي پانڌ ڳچي ۾، اڱڻ جي اچن،
    منهِه مدايون تن کي، ڏسڻ نه ڏجن،
    اوڳڻ عيب مٺايون، ڍڪڻ ٿي ڍڪجن،
    توڙي ڪچيون ڪن، معاف ڪجانءِ مينڌرا.

    معافي وٺڻ جي لاءِ ڪو اوهان جي اڱڻ تي اچي ته ان کي منهن سان ميهڻا نه ڏجو، ان جا عيب سڀ لڪائجو، ان جي ڪوتاهين تي پردو رکجو، ڪابه غلطي هجي ته ان کي معاف ڪجو. معاف ڪندڙ انسان نه صرف ٻين جي ڀلائي جو ڪارڻ ٿيندو آهي پر خود هو پنهنجي رستن جي رڪاوٽن کي ميٽي ويندو آهي. اوهان جڏهن ٻين جا سهولتڪار ثابت ٿيندا آهيو ته اوهان جي لاءِ ڪيترائي ماڳ کلي ويندا آهن. زندگي ڪاميابي جي طرف روان دوان ٿي ويندي آهي. حضرت شاهه عبدللطيف ڀٽائي جو فڪر اسان کي ڪاميابي جي ضمانت ڏي ٿو. اهو دنيا جو ڪهڙو به شعبو ڇو نه هجي، شاهه سائين جي ڪلام ۾ هڪ روشني آهي، جيڪا دنيا جي فڪري معاشرتي بادشاهي ڪندي. فڪر لطيف روشني جا ڪِرڻا اڄوڪي سائنسي دور ۾ انساني معاشري تي اثرانداز ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. اڄوڪي ڪشمڪش واري فضا ۾ انسان امن جي طرف سفر تي وڃي رهيو آهي، انسان امن جا پاڇا ڳولڻ ۾ مصروف آهي. ڇو ته اڄ جي انسان بمن بارودن جا انبار لڳائي ڇڏيا آهن، پنهنجي موت جو سامان اسان انسانن پاڻ ٺاهي تيار ڪري رکيو آهي. بارودن بوءِ انساني روح کي مجروح ڪري ٻين رستن تي ڀٽڪائي ماريو آهي. اوهان کي امن انسانيت، رهنمائي، پيار ٻين جي ڀلائي جو رستو فڪر لطيف ۾ اهڙو ملندو، جنهن بابت اوهان سوچي به نٿا سگهو. راهه هموار ڪرڻ لاءِ اوهان گڏجي ڪم ڪريو، لطيفي فڪر تي هلي اسان هڪ اهڙو معاشرو اڏي سگهو ٿا، جنهن ۾ امن هوندو، هڪ ٻئي جي عزت هوندي، ڀلائي هوندي. هر اُها ڳالهه هوندي جنهن جو ڪم انساني صلاحيتن ۾ اضافي جو انبار هوندو، هڪٻئي تي تنقيد ڪرڻ کان بهتر آهي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سوچ جو جهنڊو اسان اهڙي ريت کڻي نڪرون، جنهن جي ڇانوَ ۾ انسان ته انسان پر ٻئي مخلوق به اچي ته به ان کي راحت ملي سگهي، اهي جيت هجن يا پکي، وڻ هجن يا جانور سڀ مخلوق مالڪ جي آهي، ان جو خيال رکڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي، اوهان ڪنهن ٻئي جو خيال نه رکندؤ ته اوهان جو ڪير خيال ڇو رکندو، ڏيڻ وٺڻ هڪ مڪافاتِ عمل آهي، ان جو انسان جي سوچ سان ڪو تعلق ناهي، بري عمل مان چڱائي جي توقع رکڻ چريائي کان گهٽ ناهي. اسان جي پياري رهبر اسان کي اهڙو دڳ ڏنو آهي جنهن سان اسان جي رستي جون سڀ تڪليفون دور ٿي سگهن ٿيون. تقدير جو قلم اسان جي تدبيري سوچن کان طاقتور آهي. ڪنهن جي به ڪوٽ ۾ طاقت ڪارآمد ناهي، مالڪ اهو اختيار ڪنهن کي به نه ڏنو آهي پر مالڪ اهو چيو آهي ته ان قوم جي تقدير اسان نه بدلائيندا آهيون جيڪا خود پنهنجي تقدير نٿي بدلائڻ چاهي.

    تدبيران تقدير، آهي جابر جيڏيون،
    بندو رٿي نه بيهي، جا صاحب رٿي سبير،
    “يعفل الله مايشاءَ” هاڻي سڻ حمير،
    هئا ويڙهيچا وير، ڪان پيين ڪوٽ سان.


    رات سھائي ڀونءِ سنئين پِرت نئين پنڌ پور

    رات سھائي ڀونءِ سنئين پِرت نئين پنڌ پور

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جنهن به فڪر، موضوع تي ڳالهه ڪئي آهي اُها تصديق سان ڪئي آهي، حوالو جامع ۽ مستند ڏنو آهي، اکين ڏٺل واقعي ۽ ڪنن سان ٻُڌل ڳالهه ۾ رات ڏينهن جو فرق آهي. هر شاعر پنهنجي، پنهنجي طريقي سان ڳالهه ڪئي آهي. تمثيل نگاري، تجنيس حرفي جو استعمال به هر هڪ شاعر جو الڳ هوندوآهي. شاعر ته احساسن جو ترجمان ڪوٺيو ويندو آهي، هُو پنهنجا احساس لفظن ۾ آڻي، گيتن، غزلن، وائين، بيتن جي صورت ۾ ڏيئي ٻين جي رهنمائي ڪندو آهي، مصور تصوير ٺاهي پنهنجي اندر جو احوال ڏيندو آهي. الغرض هر فن وارو پنهنجو هنر پيش ڪري داد ماڻيندو آهي، البته جيڪي اُن جي اندر جو احساس هوندو آهي، اها ان جي اندر جي تصور جي فوٽو ڪاپي هوندي آهي. جيڪا اهو ٻين تائين رسائيندو آهي. اصل ته ان جو اُهو خيالي تصور هوندو آهي جيڪو انجي دماغ ۾ هوندوآهي. تصور انسان جي طاقت جو اعلى معياري ڳڻ آهي، جنهن سان هُو هزارين ميلن جا فاصلا ڪري ويندو آهي. خيالي تصور کي اشرف المخلوقات جي اعلى صنف چئي سگهجي ٿو، اڄ جي هن جديد دنيا ۾ سائنسي طور تي ان تصور جو جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن جا نتيجا چڱا ڪارآمد نڪتا آهن، جنهن کي نئون نالو “ٽيلي پيٿي” جو ڏنو ٿو وڃي، يا ڪو ٻيو ڏنو ويو آهي. ان جي ذريعي هُو پنهنجا ڪم ڪري رهيا آهن پر هي فڪر مغربي دنيا ۾ هاڻوڪو آهي، پر اسان جي رهنما رهبر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٽي صديون اڳ ڏنو هو پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي سائين جي فڪر تي سائنسي تحقيقاتي ڪم نه ٿيو آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪو وڌاءُ نه هوندو ته بلڪل نه ٿيل آهي. اسان ته ڪجهه ٻين مصروفيتين ۾ مصروف آهيون. ڪو ادارو اهڙو تشڪيل ڏجي، جيڪو سائين جي فڪر تي ڪو ڪارآمد ٿي ڪم ڪري. سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي سرڪار جي فڪر جي پرواز زمينن جي تهن کان ٿيندي، آسمانن کان اڳتي مقام محمود تي صدرت المنتهى کان اڳتي گهمي ٿي، اول کان آخر تائين، ظاهر ۽ باطن جا قصا سائين جي فڪر ۾ موجود آهن. جيڪڏهن ان جي ڳولا ڪئي وڃي، نه صرف ايترو پر پاڻ “لاحد” جي حدن ۾ لوچين ٿا، ان تي ڪو عملي ڪم ڪيو وڃي ته ان ۾ اسان انسانن جي ڀلائي ٿيندي. سائين محبوب جو تصور اصلي شڪل ۾ ڏيکاري ڇڏيندو آهي. وقت جي رفتار کان ۽ فاصلن جي پنڌ کان تصور جي رفتار تيز آهي، ان ڪري فقيري رنگ ۾ مرشد مريد کي مراقبو ڪرائي تصور جي تربيت ڏيندو آهي. جنهن سان روح جي اهڙي دري کُلندي آهي، جنهن جي ڪري فقير پنهنجي تصور سان ڪشف ۾ ڪامل ٿي ويندو آهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمايو ته، ضلالت کان پري ٿي، مراقبي ۾ مشغول ٿي، اُها مالها من ۾ ورد ڪندين ته تون پنهنجي گُر سان، پنهنجي محبوب سان هڪ ٿي يڪذات ٿي ويندين. کي فڪر فقيري ۾ فنافل شيخ به چوندا آهن، جيئن هادي حضرٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو ته:

    “ضادون” ضلالت کان، پاسي ٿيا پري
    منجھ مراقبي مشغول ٿيا، ڪامل قلب ڪري
    مالها پُوئي من جي، پڙهن وِرد وري
    “فلهم اجرُ غير ممنون”، سوامين سُڃ سري
    پاڻان ٿيا پري، گُر کي گڏيا ڪاپڙي

    تصور انسان جي تڪميل جو بهترين ذريعو آهي، جنهن کي هُو پنهنجي خيال جي دنيا کي اصلوڪي شڪل ۾ آڻي ٿو، جڏهن به انسان پنهنجو ڪو نئون ڪم شروع ڪندو آهي ته سڀ کان پھرين ان جو تصور ڪندو آهي، هن خيالي عمل جي ايتري سرحد ڪا محدود ناهي جو ان کي ڪا حد ڏئي هڪ هنڌ بيهاري سگهون. اڄ جي دنيا جي ترقي جو ڪارڻ سٺو تصور آهي، اڄ جي جديد ايجادن جو دارومدار بهتصور تي هوندو آهي، اُهو تصور ڪهڙو به هجي، انسان جي اڄ جي دور ۾ هڪ کان هڪ اهڙو اُوزار ٺاهيو ٿو وڃي جنهن جو ڪجهه سال اڳ وهم گمان نه هوندو هو. هڪ خيال جي ڪري، لکين ڪروڙين، اربين انسان سک جو ساهه ماڻي رهيا آهن پر جي تصور جو ٻيو پاسو ڏسنداسون ته بم بارود انسان ٺاهي پنهنجي لاءِ عذاب جو در پڻ کُولي رهيو آهي. تخليق انسان کي ڪامل بڻائيندي آهي، جھڙي سوچ هوندي نتيجو به اُهو ئي نڪرندو، اسان جا عمل اسان جي شخصيت جي تعمير ڪندا آهن، اُهو اسان جي تصور تي منحصر هوندو آهي ته اسان جي خيالي ڊوڙ ڪھڙي طرف ٿي وڃي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تصور انساني سوچ تي اهڙو حاوي آهي ڄڻ ته هر انسان جي احساس جي ترجماني سائين ڪري رهيو آهي.
    محبتي ميڙي، ڳوٺ ٻَڌجي هڪڙو.

    اڄ جي انسان دولت ۽ سک لاءِ پنهنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن، ڏينهن رات جفاڪشي ڪري دولت جي ڳولا ڪندڙ انسان، جڏهن پنهنجو مقصد پورو ڪندو آهي تڏهن هُن وٽان محبت ڪندڙ هُن کان ڪافي پري ٿي ويندا آهن، دولت ته ملي ويندي آهي پر پيار ڪندڙ نه رهندا آهن، عزيز والدين ۽ پيارن دوستن کي اسان وقت جي لھرن ۾ لوڙهي، آهه و زاري ڪندا آهيون، قليل زندگي ۾ انسان ڪافي ڪجهه ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن هُو ڪرڻ چاهي، اسان زنده قوم جيان ٿي ڪري پنهنجي رهبر شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان رهنمائي حاصل ڪري محبت، امن، پيار، سهپ ۽ ٻــڌي جو اهڙو درس ڏئي سگهون ٿا، جنهن ۾ اسان جي ڀلائي ٿيندي، سائنسي راهون پڻ کُلي سگهن ٿيون، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو تصور پنهنجي محبوب لاءِ ڪمال آهي، اُن خيالي پهچ جو اندازو اوهان هِن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته سوين سِجن جي برابر، چوراسي چنڊن کي منڊ لڳي وڃن ٿا، ڀون بسم الله چوي ٿي، اکين ۾ الماس آهن، فڪر لطيف تي جديد علم جي يعني سائنسي ذريعي نظر وڌي وڃي ته ان جو نتيجو سٺو نڪري سگهي ٿو پر اسان وٽ اُهي وسيلا ناهن ته اسان هن عالمي ۽ آسماني فڪر جي ڪا کوجنا ڪري ڪو سٺو دڳ ڳولي لهون.


    ڪُوپيري ۾ پير، ڪنين پاتو پيرئين
    جيئان مُنجھڻ ماڻهوئين، سڄڻ تيئائين سير
    اُن ڀون سندو ڀير، ڪوڙئين مان ڪو لهي

    اُها زمين جنهن ۾ اڃا تائين ڪنهن ڪنهن پير پاتو آهي، اتي مونجهارو آهي، سڄڻن جو سير اُتي ٿئيٿو، انهي مٽي جو ڀير ڪوڙين مان ڪو لهي ٿو، سڀ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي ڪا. محبوب جي غير موجودگي ۾ چوڏهينءَ جي چنڊ جي روشني ۾ اونڌاهي نظر اچي ٿي، جي محبوب اچي وڃي ته چنڊ ڪتين سان گڏ پڙلاءَ ۾ پئجي وڃي ٿو، جيڪڏهن مقابلو ٿئي ته چنڊ کي اُها پيشاني پرين واري ڪٿي مليل آهي، انساني سوچ جو انت ٿي وڃي ٿو، فڪر لطيف سرڪار جي سوچ ۾ جڏهن کان کُلڻ شروع ٿيو ته دنيا جي سائنس حيران ٿي ويندي، آسماني علم جو شاهه عبداللطيف ڀٽائي وٽ خزانو آهي، ابجد جو علم هجي يا علم ڪيميا جو، سندن فڪر انهن سڀني علمن تي بادشاهي ڪري ٿو.
    ابجد انگ اندر ۾، لئون لئون الف لکيج

    تحقيق جو دائرو جڏهن به کُليو ته اُها خبر پوندي ته موسيقي سان روحانيت جو ميلاپ ۽ طريقت ۾ توحيد جي وائي ڪهڙي ريت سمايل آهي، شاهه جي رسالي تي ڪم ڪندڙ کي اسان جو معاشرو عزت سان نوازي ٿو، راڳين کي فقير چيو وڃي ٿو، سماع ڪندڙن کي ذيڪري چئبو آهي، هر هڪ شعبي جو الڳ سان نالو آهي، هڪ مڪمل طريقت جي نظام جو باني حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي آهي، هڪ سٽ جي هڪ اکر تي جيڪر لکجي ته ڪتاب لکجي وڃن، جيڪڏهن لطيفي سوچ اسان جي دل ۾ پيدا ٿي وڃي ته اسان امن پيار جا اھڃاڻ ٿي وڃون، انسان جي زندگي جو مقصد پورو ٿي وڃي، جيڪي اخلاقيات، مذهب اسان کي سيکاري ٿو اُهو سڀ ڪجهه اسان جي رهبر اسان کي تمام سهڻي نموني سان آسان ڪري ٻڌايو آهي، هر اُها ڳالهه شاهه سائين جي ڪلام ۾ آهي جنهن ۾ انسان جي بقاءَ هجي. روحانيت جي انبارن سان ڀريل هي فڪر اڄ لفظن ۾ توريو وڃي ٿو. بس هن آفاقي علم لاءِ اسان کي علم کڻڻو آهي، قدم کڻو منزل خود هلي ايندي، جي ارادو مضبوط آهي ته ڪابه راهه مشڪل ناهي، آسان منزلن کي اسان جي سوچ مشڪلبنائي ٿي، ڏکين رستن تي پڪو ارادو هجي ته مقصد پورو ٿي وڃي ٿو، رات سُھائي هجي، ڀون يعني مٽي سڌي هجي، پرت هجي پوءِ ته ڪو به پنڌ پري ناهي، اي ميان محبوبن جي حضور ۾ هليو وڃ، جيڪي چت ۾ چڻڪن ٿا اُهي ڀلا ڪيئن ٿا ڏور ٿي سگهن، اندر جي ڳالهه سائين اهڙي نموني ڪئي آهي جو هر عام خاص چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو، پنهنجي تصور کي محبوب جي حضور ۾ اهڙي طرح سائين پيش ڪيو آهي جو ان ۾ روحانيت سان گڏ سائنسي ڄاڻ پڻ موجود آهي، بس ٿوري سوچ وسيع ڪري ڏٺو وڃي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر اسان جي سوچ کي اُها ڏِيسا ڏيکاري سگهي ٿو جنهن جو اڳ ڪنهن انسان سوچيو به نه هوندو.

    رات سھائي، ڀون سنئين، پرت، نئين پنڌ پور،
    ميا محبوبن جي، هلي وونئڻن حضور،
    جي چڻڪن چت ۾، سي ڪيئن سڄڻ ڏور،
    الله لڳ اسور، اُتاهين ٿي آءُ تون.


    هاري هنئيونم لوڏ، سُکن پوندين سسئي

    هاري هنئيونم لوڏ، سُکن پوندين سسئي

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي تي اڻڳڻيا ڪتاب ۽ رسرچ پيپر لکيا ويا. وس آهر هر ڪنهن پنهنجو فرض نڀائڻ ۾ڪا به قصر ڪانه ڇڏي، الغرض زندگي جي رفتار انيڪ تجربا ڇڏيا، ڪنهن ان تي تنقيد ٿي ڪئي، ڪنهن حمايت ڪئي ، انهي سان اسان جو ڪو تعلق ناهي. تنقيد جو رستو هرڪنهن لاء کليل آهي. اسان پنهنجي پاڻ جو محاسبو ڪريون ته اسان اُهو ڪم ڪري سگهيا آهيون، جيڪو اسان تي حق هو؟ شاعرن، اديبن، ڏاهن، سائنسدان، ماهرِ موسيقارن، آسماني علم جي پارکن، روحانيت جي واٽ تي واجھائيندڙن، جي ڏس علمي ڪتابن ۾ پڙهيا وڃن ٿا، ته جيئن انهن جي علمي پورهيي تي ڪارآمد ڪمٿي سگهي، نيون واٽون ڳوليون وڃن ٿيون، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر کي سيمينارن، اوطاقي ڪچهرين ۽ ميڊيا جي ادارن ۾ ڪجهه پروگرام ڪرڻ کان سواء اسان جي ڪا ٻئي واٽ کليل ناهي. لطيفيات کي ڪتابن ذريعي متعارف ڪرائڻ ۾ جيڪو ڪم ٿيو اُهو به ڪنهن کان لڪل ناهي. هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ اسان جو معمول بڻيل آهي، آئون سچو ۽ صحيح واري ڳالهه تحقيق جا در بند ڪري ڇڏيا آهن. تحقيق ايتري نه ڪنداسون، تنقيد جا انبار لڳائي ويٺا آهيون، سائين منهنجا ٻڏندا به تارو آهن، اڻ تارو ته تار ۾ لهندو ئي ڪين. هڪ ٻئي جا ساٿي ٿي ڪري ڪو ڪم ڪيو وڃي ته اسان جي نسلن کي لطيف سرڪار پڙهڻ ۾ ڪا سولائي ٿئي نه ته رڳو ڪتابي لطيفيات رهجي ويندي، ايتري ڪا سُڃ به اڃان ڪانه ٿئي آهي، رڃن ۾ رڙاڃان اچي ٿي. ڪو ڏيئو ٻري ٿو، ڪو غازي حق جو علم کڻي نڪري ٿو، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجيفڪر ۾ڪڏهن سسئي جو ساٿي ٿئي ٿو، ڪڏهن سسئي کي صلاحون ڏئي ٿو،الست ارواحن کان وٺي منڪر ۽ نڪير سوالن جوابن تائين سسئي پورو احوال ملي ٿو. ڪڏهنپاڻ انهي رستي جي تڪليفن جو پتو ٻڌائين ٿا،

    بروڏوبارگهڻو، ويجھو نه وڻڪار
    ليڙن جو لطيف چئي ، کنيو منڌ مدار
    وڻندن ته وڙ ڪندا،نت اڳين جي اختيار
    ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، ڪيڏانهن ٿي هٿ کڻي

    هر زندگي جي تڪليف واري موڙ تي سسئي جو سُر ۾اندر جي آگاهي جو اهڃاڻ ٿئي ٿو. همت جڏهن جواب ڏيئي وڃي ٿي تڏهن اوهان کي سسئي جئيان ته فڪر لطيف سهارو ٿئيٿو. هِتان کڻي هُت جن رکيو سي رسيون، جا ڏس ملن ٿا، الله تعالى کان دعا گهري وڃي ٿي، جا منزلن ماندي سا قادر ڪيچ رسائين. هڪ هڪ ڏس تي اگر جي عمل ڪيو وڃي ته اسان جي زندگي ناڪامي کان مايوس هرگز نه ٿيندي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ بيت اهڙو آهيجو زندگي جي ڪاميابي لاء هڪ نسخو ٿي سگهي ٿو. هڪ بيت عمل ڪرڻ سان سُٺي زندگي گذاري سگهون ٿا. اڄ جو انسان فرعون واري دعوى تي هلي رهيو آهي، خود اندر ئي اندر ۾هُو پاڻ کي مڪمل سمجهي ٿو. لحاظ مروت جهڙا لفظ ڪتابن ۾ لڀن ٿا. باقي انساني زندگي جي اڄوڪي دور انسان لالچ جي اهڙي دائري ۾ لهي ويو آهي، واسطا ۽ رشتيداريون به ملڪيت جي پيمانن ۾ ماپيون وڃن ٿيون. بس هرڪو انهي ريت هلندڙ انسان ڪامياب تصور ڪيو وڃي ٿو، اڄ جو انسان ٻاهرين عيبن کي ڳولڻ ۾ دير بلڪل نه ڪندو آهي، پر اندر کوکلو لڳو پيو آهي. ڀاءُ جو ويري ڀا آهي، خون جا رشتا جاني دشمنين تي لهي اچن ٿا. عارضي شُهرت جا بکيا ڪِريل حرڪتون ڪن ٿا. اُهو ڪو نئون عمل ته ناهي پر ان ڪم ۾ هاڻ واڌارو لاڳيتو وڌي رهيو آهي. ضرورتون خواهشن ۾ هليون ويون آهن. اڄوڪي دور جي هن منجهيل معاشري ۾ اسان کي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ڦهلائڻ جي ضرورت آهي. هر عام خاص تائين هي آفاقي پيغام پهتو ته افراتفري واري ماحول ۾ ڪافي گهٽتائي ايندي، پر انسان جي اندر ۾ هڪ اهڙو جذبو پيدا ٿيندو جنهن سان انسان جو روح منزل جي قريب ٿي پوندو، هيٺائين جو سبق انسان کي اگر جي اچي وڃي ته هُو ڪاميابي طرف روان دوان ٿي وڃي ٿو. علامه اقبال يونيورسٽي ۾ اقباليات پڙهائي وڃي ٿي، ڇا حضرت سيد شهنشاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۾ ڀلا ڪھڙي کوٽ آهي جو تدريسي ڪتابن ۾ نه پڙهايون، شعور نه جاڳندو ترقي نه ٿيندي، هڪ ٻئي تي تنقيد برائي تنقيد ڪنداسون ته ڪو رستو نه کلندو، لطيفيات پڙهڻ جي ضرورت اسان جي استاد کي آهي ، جڏهن استاد ئي نه پڙهي سگهندو ته هُو شاگردن کي ڪھڙو سبق ڏيندو؟ دوستو زندگي ۾ انسان گھڻو ڪجهه سکڻ لاء پاڻ پتوڙيندو آهي پر تعليم دولت جو ڪارڻ بنجي ان مان ڪو انسانيت کي درس نه ملندو آهي. بکئي پيٽ لاء جانور پکي جيت به جئين ٿا، اسان ته انسان آهيون، انهن عملن کان ڪافي پري آهيون. ڪجھه ٻيا قانون انسانيت تي لاڳو ٿين ٿا، ان لاء لازمي آهي اسان جي هِن گُهٽ ٻُوسٽ واري فضا ۾لطيفيات پڙهائي وڃي ته جئين انسانيت جو ڪو درجو مٿاهون ٿي سگهي. وقت ڪنهن جو به انتظار نه ڪندو آهي پر وقت اسان وٽ موجود آهي. جيڪڏهن اسان ان مان سھولتون وٺي سگهون ته ڪنهن به اسڪول ۾ لطيفيات پڙهائي سگهجي ٿي. ڪاليج کان يونيورسٽي تائين ممڪن آهي، اگر ان ۾ ڪا دلچسپي ورتي وڃي ته ڪو ڪم مشڪل ناهي. تازو حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي سان صوفي يونيورسٽي جوڙي جيڪا اڻڳڻت مسئلن جي ور چڙهي ويئي، جنهن جي مالڪي جيڪا هجڻ گهرجي ها، اُها نه ٿي سگهي، اگر انهي صوفي يونيورسٽي ۾ لطيفيات جا شعبا مختلف نمونن سان پڙهايا وڃن ته ممڪن آهي، شاهه جو فڪري فلسفو، شاهه جي شاعري، شاهه جو راڳ ، شاهه سائين جي فڪر تي سائنسي تحقيق، تاريخي جائزو، شاهه سائين جي شاعري ۾ جماليات جا اُهي جوهر ڏيکاري جن سان اسان جا ڪافي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. ها ڪنهن تي تنقيد ڪجي پر اصلاحي تنقيد ڪجي ته جئين ڪو لاڀ حاصل ٿي سگهي. اسان وٽ ته هڪ وڏو مسئلو آهي ته لطيفيات پڙهائيندو ڪير؟ سڀ کان پھرين انهي مسئلي کي حل ٿيڻ گهرجي، فڪر لطيف ڊگرين کان گھڻو مٿانهون علم آهي. ظاهري علمي سرگرمين کان لطيفيات جو مقام تمام گھڻو اونهون ۽اعلى آهي، ۽ تمام گهڻو آسان به آهي، جيڪڏهن اسان مان خودنمائي وڃي هلي ته لطيفيات اسان جي اهڙي رهنمائي ڪندي جنهن جو ڪو مثال نه هوندو، اڃان ته اسان سڀ سکڻ جي مرحلن ۾ آهيون، جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته آئون واقفڪار آهيان ته ان کي اڃان تحقيق جي ضرورت آهي، لطيفيات جو بحر جيترو ووڙجي ٿو اوتروئي اونهون ٿئي ٿو.

    هٿين پرين مونڙين، ڪهج ڀر ڪپار
    متان ڇوري ڇڏئين، پريتـڻي پچار
    توکي سند سسئي، سندي لئون لغار
    جي هونئن هوت هزار، تب پاڙج ڪو م پنهون سين

    ڪوشش سان انسان ڪاميابي ماڻي سگهي ٿو، جيڪر ان جي تمناء ۾ اُها ڳالھه هجي ته ڪو به ڪم ناممڪن ناهي، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي فڪر ۾ نااميدي کي بلڪل جڳھه نٿو ڏئي، بس جيڪو ارادو آهي ان تي ڪم ڪجي، نيتون نيڪور هجن ته ڪھڙي پريشاني ٿيندي. اسان جي معاشري ۾ وڏائي ڪم ئي لاهي ڇڏيا آهن. آئون صحيح، مون کي خبر، منهنجي ڄاڻ سڀني کان مٿي آهي، انهن ڳالهين ماري ڇڏيوآهي، ٽيلنٽ کي اڳتي اچڻ ته ڏيو، همٿ افزائي ڪري ته ڏسو ته اوهان جون راهون ڪئين ٿيون کلن،

    ماندي ٿئي نه ماروي، ورق ورندا پس
    جسو زنجيرن ۾، جالڻ آهي جس
    مارو آڻي مس، آجي ڪندا اڳهين

    هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جنهن ۾ نه رڳو، سنڌ پر دنيا جي عالمي فڪرن ۾ لطيفي فڪر پڙهايو ويندو، ڇو ته رات هميشه رهڻ واري ناهي، ڪاراڻ پويان روشني جو وجود هوندو آهي. اڄ جو انسان اخلاقي قدرن کان وانجهيل آهي، اندهيري رات ۾ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر روشني آهي، اها روشني جنهن سان انسان ۾ انسانيت، روحانيت، مالڪ سائين سان رابطي جو طريقو مضبوط ڪرڻ جا ڏس مليل آهن. سورمين، سورمن، تاريخ، کان لطيفي فڪر جي پرواز اوچي آهي، ڪيترن ئي صدين کان راڳ آلاپيو وڃي ٿو، طريقت جا پوئلڳ فقير ان فڪر تي قائم آهن، ذڪر، فڪر، طريقت اگر جي نصابي علم ۾ پڙهايو وڃي ته آساني ٿيندي، شعور بيدار ٿيندو. روشن ضميري جا ڳڻ انسان ۾پيدا ٿيندا. سالانه محفلن، سيمينارن۾ اوهان پاڻ سمجهو ته ڇا ٿيندو. اڄ جي ماڻهو کي ڪالهوڪي ڳالهه ياد ڪانهي ڪا سال واريون ڳالهيون ياد ڪٿي پونديون. هڪ ڏينهن ضرور ڏک لهي ويندا، لطيفيات جو اعلى مقام هوندو.

    هاري هنئيونم لوڏ، سکن پوندين سسئي
    ڪوهيارو تو ڪوڏ، اچي ڪرهه قطاريو


    دوست ڪُهائي دادلا

    دوست ڪُهائي دادلا

    محرم شريف جي آمد سان گڏ ئي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فِڪرُ ذهن جي ياداشت ۾ هيئن اڀري اچي ٿو ته ..

    مِحرَمُ مَوٽِي آئِيُو، آيَا تَان نَه اِمَامَ

    مرثيه گوئي، نوحا خواني ۽ واقعه ڪربلا تي ڪيترائي فِڪر لکيا ويا، پر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام حضرت امام حسين عليه السلام جي لاءِ سلام، بهادري، شجاعت، همت، عزت ۽ گَرب وارو پيغام آهي، اهڙي شاعري جا مثال جيڪي شاهه سائين ڏنا آهن اڳ ڪنهن نوحه خوان، مرثيه گوئي شاعر يا ڪنهن ڪتاب ۾ نه ڏنا ويا آهن، شاهه سائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيڏارو لکي سنڌين ۽ دنيا جي بهادرن جي همت ۽ جوش اڃا به وڌائي ڇڏيو، شاهه سائين جا بهادري تي ٻين سُرن ۾ به بيت چيل آهن جيئن

    مَوٽَڻُ جِن مِهڻُو، پِڙَ تِي سِي پَوَن

    يعني جنهن کي ميدان مان واپسي مهڻو آهي اهو شهيد هوندو يا غازي هوندو، ميدان بهادر نه ڇڏيندا آهن، حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ٻين امام سڳورن ۽ شهداءِ ڪربلا جي بهادرن کي شاهه سائين شاعري ۾ اهڙي سهڻي نموني سان پيش ڪيو آهي ته بهادري سان زندگي گذاريو، بهادري ۽ شان جو موت قبوليو، بزدلي ۽ بي حسي سان نه جيئو، شاهه سائين جن حضرت امام حسين جي باري ۾ فرمائين ٿا ته نه رڳو پاڻ ڪربلا جي ميدان ۾ جنگ لڙي رهيا هئا پر پنهنجي ساٿين سميت پنهنجي سڄي قافلي جو پڻ خيال ڪري رهيا هئا،

    هَڻَڻُ هَڪِلَڻُ، ٻِيلي سَارِڻُ، اِي مَانجهائِي مَرڪُ

    شاهه سائين جي هن بيت ۾ واضع آهي ته جنگ سان گڏ پنهنجي ساٿين جو خيال رکڻ هڪ مانجهي مرڪ آهي، باهمت بهادري جا مثال شاهه سائين پنهنجي سر ڪيڏاري ۾ اهڙا ته ڏنا آهن جو پڙهندڙن جي دل مان احساسن جا اُلا نڪريو پون، پاڻ فرمائين ٿا ته

    سَچُ ڪِيئَن بِيبي ڄَايا، اِهڙا سُورهيَه سُپِرين

    شاهه سائين فرمايو ته سلام آهي انهن مائرن کي جن اهڙا سورهيه پٽ ڄڻيا، جن ميدان ڪربلا ۾ همت ۽ بهادري سان اسلام جي بقا لاءِ جنگ وڙهي هر دور جي يزيد کي شڪست ڏني، سنڌي زبان ۾ جنگ نامه ۽ ڳاهون شاهه سائين کان اڳي لکيون ۽ ڳايون وينديون هيون مگر شاهه سائين سُر ڪيڏارو سڀ کان پهرين سنڌي زبان ۾ پاڻ لکيو، حضرت امام حسين جي بهادري ۽ شجاعت کي پاڻ سنڌي ۾ اهڙو سمايو جيڪو اڳ ڪنهن به نه چيو هو،

    ڪَامِلَ ڪَربَلا ۾ آيا اَڄُ اِمامَ
    مَارِي تِنِ مِصِرين سِين ڪَنبايَائو ڪِمامَ

    يا

    مِصرين مُنهَن ڪَڍِيا، هَڏَ کَڙ کَڙ ڪَنِ

    يعني شاهه سائين مصر جي خاص مخصوص تلوارن جو ذڪر ڪيو آهي ته جڏهن امامن ميدان ڪربلا ۾ مياڻن مان تلوارون ڪڍيون ته اسلام جي دشمنن جي هڏن ۾ کڙ کڙاهٽ پيدا ٿي وئي. شاهه سائين جي مشاهدي مان ڪمال جي بيان گوئي سندس شاعري ۾ موجود آهي اکين ڏٺو احوال پاڻ شاعري ۾ پيش ڪن ٿا، پاڻ ٻين سرن ۾ به حَقيقي منظر نگاري ڪئي اٿن جيئن سر سَسُئي ۾ هي بيت چيو آهي ته

    سَسُئي کِي سَڏُ ٿِيُو، اَسان اولاڻُو

    يعني جڏهن پنهون جي تلاش ۾ سَسُئي کي سڏ ٿيو ته اسان ٻڌو ۽ اولاڻو ڏنو يعني روئي ڏنو، “اولاڻو لفظ سنڌي جي روئڻ جي لهجن ۾ استعمال ٿيندو آهي” اهڙي ريت منظر نگاري جو ڪمال شاهه سائين ڪربلا جي ميدان تي اکين ڏٺو احوال شاعري ۾ هينئن فرمائين ٿا ته
    ڪَارِي ڪَڪَر هِيٺِ، مُون جِهيڙيندِي ڇَڏِيا
    ڪَارَا ڪُند هَٿَن ۾، اَڙَل وَڇِير هِيٺِ
    ٿِئي نهَ تَنِين سِين ڏِيٺِ، مَوٽَڻُ جَنِين مِهڻُو.

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پاڻ حد انتها جي بهادري ۽ شجاعت جو شاعري ۾ بيان ڪيو اٿن ته ڪربلا جي ميدان ۾ شهيدن کي ڪاري ڪڪر هيٺ مون ڏٺو جن جي هٿن ۾ ڪارا ڪُند هئا ۽ اڙل وڇيرن تي ويٺل هئا، انهن سان جنگ ٿي ته هو واپس نه ورندا، حق جي سپاهين لاءِ موٽڻ مهڻو آهي، شاهه سائين اکين ڏٺي منظر جي هن عڪس نگاري فڪر لطيف ۾ سنڌين لاءِ سنڌي ۾ شاعري ڪري پاڻ پيغام ڏنو، هن قسم جا بيت لکڻ ڪنهن مرثيه گو، نوحه خوان يا تاريخدان کي اهڙي جرئت نه آهي، ته هو ائين چوي ته مون ڏٺو، جڏهن ته ڪئين صديون اڳ هي ڪربلا جو واقعو پيش آيل آهي پر شاهه سائين پاڻ اتي موجودگي جو اهڃاڻ ڏئي ٿو، همت ۽ جرئت جو بيان پاڻ هيئن فرمائين ٿا ته

    وِيهي وِيريِن سَامهان، تِکا هَنيَائُون تِيرَ

    يعني امامن سڳورن جيڪي تير اسلام جي دشمنن کي هنيائون اهي طاقتور تکا هئا، ڪمزور طريقي سان داغيل نه هئا، هنن ۾ جرئت ۽ بهادري هئي. نه صرف امام سڳورا پر انهن جا ساٿي به بهادري ۽ همت سان اسلام جي دشمنن کي شڪست ڏيڻ لاءِ حق جي جنگ وڙهي رهيا هئا، شاهه سائين جي رسالي جي سڀني سُرن ۾ ڪٿي به بزدلي، نااميدي، بي حسي بلڪل نه آهي، پاڻ هميشه بهادرن، بانڪن، سورمين ۽ سورمن کي ڳايو آهي پر ڊڄڻن کي ننديو به اٿن، ڪمزورن کي شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ ڪوبه مقام نه ڏنو آهي،

    ڀَڳُو آءُ نَه چَوان، مَارِيو هوءِ تَه وِسهان

    جنگين جي ميدانن مان جيڪي بهادرن جا لاش ملندا آهن انهن کي ڌڪ سينن ۾ هوندا آهن پٺن تي نشان ڪنهن بزدل ۽ بي حس تي هوندا آهن، شاهه سائين ڪربلا جي ميدان تي اسلام جي دشمنن جي خلاف اسلام ۽ حق جي محافظن لاءِ هي لفظ چيا آهن.
    آئِيا اُجارين، تَونگَ تَرارِيُون تِورَا،
    سَانگُون سَائِن هَٿَ ۾، ڪُلهان نَه لاهِين،
    اُڀا ئِي آهِين، مُهائِين مَرڻ تِي،
    يا
    ڪَامِلَ ڪَربَلا ۾، خِيما کَوڙُيائُون،
    جِهيڙُو يَزِيدَ سَامهُون، جُنبِي جَوڙِيائُون،
    مُنهن نَه مَوڙِيائُون، پَسِي تَاءُ تَرارَ جَو،

    ڪامل ڪڏهن به ناقص جي هٿ تي بيعت نه ڪندو آهي پوءِ ان کي حياتيءَ جو سودو ڇو نه ڪرڻو پوي، پر حقيقت ۾ ان جي شهادت ئي ان جي اصل حيات آهي، اڄ به حق لاءِ وڙهندڙ زنده و منور آهن جن حق کان منهن نه موڙيو باطل کي ڀرپور شڪست ڏني تاريخ انهن کي سنهري ورقن سان ۽ مرتبي واري مقام تي جاءِ ڏيندي آهي، پوءِ اهي آب حيات پي هن ڌرتي تي حضرت خِضر عليه السلام واري حياتي گذارين ٿا، شاهه سائين سر ڪيڏاري ۾ جنگ جي ميدان جو اکين ڏٺو احوال ڪجهه هن طرح به پيش ڪيو اٿن جنهن سان دل کي يقين اچي ٿو

    ڪُندَ ڪَڙِڪَو ڍَالَ ڍَڙِڪَو پَاڳَ ڦَڙِڪَو مانجهي جت مرن
    ڪند جي آواز سان ڍال جو آواز ان سان گڏ پڳ جي ڦڙڪي جو پڻ ذڪر پاڻ ڪيو اٿن، منظر نگاري ۽ مشاهدي کان سواءِ هي مثال ڏيڻ اجايو آهي، هن بيت مان تصديق ۽ يقين واري صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو درجو ڪيڏو اعلى ۽ افضل آهي جن حق جي جنگ جي هي منظر ڪشي ڪئي آهي، شهداءِ ڪربلا جا شهيد اسلام جي بقا جي جنگ وڙهندي وڙهندي وڃي مالڪ حقيقي سان مليا جنهن هنن جي تقدير ائين لکي هئي،

    ڪَامِلَ ڪَربَلا ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ،
    وِيهي وِيرين سَامِهان، تِکا هَنيائُون تِيرَ،
    هُئي هِي تَقديرَ، اَصُل اِمامَن سِين،
    الله تعالى پنهنجي خاصن کان امتحان وٺي اعلى درجا ڏيندو آهي، انهن خاصن ۾ به ڪجهه خاصن خاص هوندا آهن جن جون رمزون به لڪل ۽ خاص هونديون آهن هر عام انسان ان تائين پهچ حاصل ڪري نه سگهندو آهي،

    ڪِي رِندَ پَروڙِين رَاز، قَضِيو ڪَربَلا جَو
    يا
    قَضِيو ڪَربَلا جَو، مِڙيو ئِي مَلهَارَ،
    ڳَالِهه سَڄَائِي ڳُجَهه جِي، اِلاهِي اِسِرارَ،
    مَولَو ٿِيو مُختِيار پَنهنجَن جُون پَرکُون لَهِي،

    ڪربلا جي جنگ نه صرف اسلام جي هئي پر انسانيت کي اوليت ڏيڻ واري جنگ هئي، باطل کي امامن سڳورن ايڏي وڏي شڪست ڏني جو هر دور جو يزيد ڪنڌ هيٺ ڪري جيئندو حسيني سِرُ هميشه مٿانهين مقام تي رهندو.
    ڪيتري به سختي ۽ تڪليف ڇو نه هجي حق جي راهه تي هلڻ وارا ڪڏهن به هيٺ ڪنڌ ڪري نه جيئندا آهن، زندگي جو ڪيڏو به تڪليف ده موڙ ڇو نه هجي بهادري سان منهن ڏيندا آهن،

    سَخِتي شَهادَتَ جي، مِڙوئِي مَلهَار،
    ذَرو نَاهِي يَزيدَ کِي، عِشقَ جَو آثَار،
    ڪُسَڻُ جَو قَرار، اَصُل اِمَامَن سِين.

    حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا جي ميدان ۾ هر دور جي يزيد کي ايڏي وڏي شڪست ڏني جو هو ناقص ۽ نامڪمل ٿي ويو، ڪامل امام عليه السلام هر گز باطل جي اڳيان نه جهڪيو، حق جي راهه ۾ پنهنجو گهر ۽ پنهنجا ساٿي، پنهنجي جان الله جي حوالي فخر ۽ مان مرتبي سان ڪئي،
    سَرُ نه پِيو سَخيءَ کِي، ڪَاٽِيندِي ڪَپار،

    حق جي لاءِ وڙهندي امام کي هڪ سَرُ به نه پيو جو هو خوف جي عالم ۾ هجي ها، پاڻ شجاعت سان بهادري سان نذرانه عقيدت سان پنهنجو گهر ۽ ٻچا الله جي حوالي ڪيا، يزيد ۽ اسلام جي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب اهڙي ريت ڏنو جو اڳ تاريخ نه لکيو هو ۽ نه ئي حضرت امام حسين کان پوءِ اهڙو بهادر هن ڪائنات ۾ پيدا ٿيندو،

    مَٿَان مَٿِي مُنهنجِي، جِي هُوَن سِرَ هَزَار

    الله جي انسان ذات، حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي دين ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شجاعت بهادري جو مثال حضرت امام حسين ڪربلا جي ميدان ۾ اهڙو لازوال قائم ڪيو جنهن جا پاڻ لائق هئا، نه صرف امام حسين پر سندس ساٿين جي قرباني انساني بقا لاءِ تاريخ ۾ وڏو مثال آهي ۽ ڪنهن ۾ همت ناهي ته حضرت جيئان ايئن ڪري سگهي.
    دَوستَ ڪُهَائِي دَادِلا، مُحُبَ مَارائِي،
    خَاصَن خَلِيلَن کِي، سَختِيُون سَهَائِي،
    اَلله الصَمدُ بِي نِياز، جَا ڪَري سَا چَاهِي،
    اُنهيءَ ۾ آهِي، ڪَا اُونِهين ڳَالهه اِسِرارَ جِي.


    ڪَن ڪَٽ، ڪا پَٽِ، ڪاپڙي

    ڪَن ڪَٽ، ڪا پَٽِ، ڪاپڙي

    فڪر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو افضل ۽ اعلى مقام آهي، پنهنجي هن فڪر ۾ شاهه سائين سسئي پنهون، ليلى چنيسر، عمر مارئي، سامونڊي، رام ڪلي، ڪلياڻ، الغرض هر سُر جي بيتن جو محور شاهه سائينءَ جو فڪر ئي آهي، سورمي ۽ سُر ڀلي الڳ هجي پر شاهه سائين جو فڪر اهو ئي آهي، اڄ اسان سُر رامڪلي جي انهن ڪردارن بابت ڳالهائينداسون جن پنهنجي زندگي جو مقصد هڪ ئي رکيو يعني الله جو ديدار، ڪٿي شاهه سائين انهن اوليائن کي جوڳي سڏي ٿو ڪٿي ڪاپڙي سڏي ٿو ۽ سامي جهڙا نالا شاهه سائين جي رسالي ۾ انهن بابت ملن ٿا، شاهه سائين جي جوڳين ۽ سامين جو ڪردار اهو نه آهي جيڪو اسان جي تصور ۾ اچي ٿو يعني ڌنڌي ڪرڻ وارا پنڻا ۽ نانگن کي نچائڻ وارا جوڳي، جيڪي پيٽ گذر خاطر هنن ڪمن کي پيشو بنائين ٿا پر شاهه سائين انهن فقيرن بابت ڳالهايو آهي، جن پنهنجي زندگي جو مقصد الله جي رضا ۽ خوشنودگي خاطر پنهنجي زندگي گذاري، پهاڙن ۽ جهنگن ۾ اڪيلا رهيا،

    پيو جن پرو، گنجي ڏونگر گام جو،
    ڇڏي کيپ کرو، لوچي لاهوتي ٿيا.

    لاهوتين جوڳين ويراڳين سامين ڪاپڙين بابت شاهه سائين جا بيت سُر کاهوڙي ۽ سُر رام ڪلي ۾ ملن ٿا. شاهه سائين هنن فقيرن بابت تمام گهڻو ڪلام لکيو آهي، ڪٿي ڪاپڙين جي لنگ ۽ ليڙ کان سواءِ شاهه سائين تعريف ڪن ٿا، ڪٿي گل گلاب جهڙا ويس وڳا پائين ٿا،

    لنگ نه ليڙ ڪا، الف رهيا اڌوت،
    يا
    جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سايون.
    هنن جو ڪم صرف رضا الاهي ۾ رهڻ آهي، الله جي نور کي تلاش ڪرڻ ۾ هنن پنهنجو زندگيون گذاري ڇڏيون آهن. هنن جي زندگي جو ڪنهن ويس وڳي سان هرگز تعلق نه آهي، الله جي رضا ۽ خوشنودگي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ آهن، ڪٿي اڪيلا رهندا آهن جهنگن ۾، پهاڙن ۾، ڪٿي ماڻهن جي ڀريل جهرمٽ ۾ بهترين ڪپڙن ۾ سلوڪ واري رستي جي تبليغ ڪندي نظر اچن ٿا. الله تعالى جي ڏنل هدايتن تي عمل ڪري هو پنهنجي زندگي جو مقصد پورو ڪري رهيا آهن،

    آديسي امر ري، ڪڇن ڪونه ڪلام.

    هنن فقيرن جو فڪر سلوڪ، ابدالي ۽ سالڪي ۾ گذري ٿو، ڪو صوفي سڏي ڪو ڪاپڙي سڏي يا ڪجهه پر هنن فقيرن جو فڪر ساڳيو ئي هوندو آهي. هنن فقيرن جو مقصد انسانيت جي تبليغ ڪرڻ آهي، ڪنهن به انتها پسندي ۾ نٿا رهن هر ڪنهن کي پيار ۽ امن جو پيغام ڏين ٿا. ڪافي صوفين جو خيال آهي ته صوفي لفظ ماصوف مان نڪتل آهي اڪثر صوفي اُن جو لباس پهريندا هئا. پوءِ صوفين جي سڃاڻپ جو ذريعو لباس ٿيو، جيئن ٻيا مذهب ۽ فرقه به لباس جي وسيلي سڃاتا ويندا آهن، پر صوفي لاءِ ائين چوڻ ته جيڪڏهن هُو اُن جو لباس پهري ته هو صوفي آهي نه ته هو صوفي نه آهي، اهو صحيح نه آهي. لباس سان ته ڪوبه فرق نٿو پوي، ڇوته انسان جي لباس ۾ اڄ جو انسان حيوانن جهڙا ڪم ڪري رهيو آهي. روحانيت جو تعلق ڪپڙن ۽ ٻين شين سان بلڪل ڪونهي. روحانيت ڪنهن لاءِ اهو مقرر هرگز ڪانه ٿي ڪري ته هو اُن جا ڪپڙا پائي، اگر ائين آهي ته پوءِ چئبو ته اهو صوفي فقير ڪونهي جنهن وٽ اُهي ڪپڙا ناهن، صوفي ته هڪ سوچ آهي جنهن جو اصل مقصد آهي ته هو پنهنجو مالڪ حقيقي الله تعالى جو جلوو پنهنجي اندر ۾ ڳولي لهي، ڏسي يعني وصال پسي، انهن الله جي اوليائن جو جيئڻ مرڻ پنهنجي مالڪ حقيقي لاءِ هوندو آهي، اهو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هو سڀ ديوارون ڀڃي ٿو، وڏي ۾ وڏو دشمن هِن جو پنهنجو نفس هوندو آهي، جيڪو هِن کي واپس غلط رستن تي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پوءِ مرشد جي هُو ڏسيل رستي تي هلي ڪري پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيندو آهي، صوفي لفظ لاءِ ڪافي فقيرن جو اهو چوڻ آهي ته اصطلاحي معنى آهي تزڪيه نفس يعني پاڪائي. انهي سببان هُو پنهنجو مقصد حاصل ڪري ٿو، ايڏي وڏي ۽ نوراني مقصد لاءِ پاڪائي قلب جي اهم جُز آهي،
    الله تعالى هڪ آهي ان جا نالا مذهبن الڳ رکيا هجن، پر هو لاشريڪ آهي، برائي ته ڀلائي جي هر ڪم ۾ رڪاوٽ آهي، اوليائن ۽ فقيرن جو چوڻ آهي ته پهريون صوفي هن دنيا جو حضرت آدم عليه السلام آهي، جنهن پنهنجي پاڻ تي ظلم ڪرڻ واري دعا گهري آهي ته مون پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو، باقي ائين هرگز ناهي ته ظالم ۽ عياش کي اسان صوفي چئون، پر صوفين جي فڪر کي گم ڪرڻ لاءِ اهڙِيون تحريڪون ضرور هليون آهن پر صوفي جو مقصد اهڙو اهم مقصد آهي جو انهن کي هو بلڪل اثر نٿا ڪري سگهن. نشي جي شين استعمال ڪندڙ غلط رستن تي هلندڙ کي اسان انهي مقصد جو لقب سان نٿا نوازي سگهون، ان کي صوفي نٿا چئي سگهون، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا:

    صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
    تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو،
    يا
    صوفي سير سڀن ۾، جيئن رڳن ۾ ساهه،
    سا نه ڪري ڳالهڙي، جيئن پريون پروڙي پساهه،
    آهيس اي گناهه، جيڪا ڪري پڌري.
    جڏهن صوفي پنهنجي وجود ۾ نگاهه ڪري ٿو ته پوءِ هو پنهنجي اندر ۾ پنهنجي محبوب جو ديدار ڪري ٿو، وجود جي اندر صفائي لازمي آهي، صوفي ائين سڀني سان سلهاڙيل هجي ٿو جيئن ساهه رڳن اندر گهمي ٿو، اها ڳالهه هُو هرگز نٿو ڪري جنهن هُن کي پنهنجي محبوب سان ملايو، انهيءَ راز کي ٻڌائڻ گناهه سمجهي ٿو، فقيرن درويشن ته قرآن پاڪ جي مثالن سان شاعري ڪئي آهي، انهيءَ شاعري کي هو پاڻ چون ٿا ته هي جيڪي تون شاعري ٿو سمجهين ائين نه آهي هي ته آيتون آهن، حضرت جلال الدين رومي ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن فرمائين ٿا ته اسان جي شاعري کي شاعري نه سمجهو هي آيتون آهن، جيڪي هنن چيو آهي اهو قرآن سان لاڳاپيل آهي، هنن جو مقصد قرآن مجيد جيئان پاڪ آهي ۽ صاف آهي، هنن جي جستجو مقصد فقط الله جي خوشنودگي آهي ۽ ديدار آهي.
    معنى: ڪتابن جي صحبت اوهان جي دماغ ۾ خشڪي پيدا ڪندي، ڪنهن مرد ڪامل جي صحبت اوهان کي انسانيت ڏانهن راغب ڪري انسان بنائيندي.
    ڪتابن جي علم ۾ ايترو ڪجهه ناهي جيترو توکي فقيرن جي محفلن ۾ ملندو، فقيرن جي نگاهه ته ڪيميا جيئن هوندي آهي، ته به هو رحم ۽ ڪرم جي نظر وجهندا آهن انهن جي زندگي جو بقايا حصو تبديل ٿي ويندو آهي، صوفي ته سدائين پنهنجي من جي مراقبي ۾ رهندو آهي، اهي ۽ هو هميشه ديدار جي خمار ۾ پنهنجي حقيقي سان ملاقاتي رهندو آهي، هُن کي ڪتابن جي علم جي ڪابه ضرورت نه هوندي آهي، هُو جنهن ذات ۾ گم هوندو آهي، اُها ئي انهن جي منزل هوندي آهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي فڪر ۾ انهيءَ ڳالهه جي تمام سُٺي نموني پرچار ڪئي آهي، صوفين جي هر قسم تي نظر وڌي اٿن ۽ خاص طور تي پاڻ ٻه سُر ته صرف فقيرن جي عملي زندگي تي چيا اٿن، انهن جي رهڻي ڪهڻي انهن جو طور طريقو انهن جو هُليو، انهن جو فڪر وغيره.

    نه ڀڪليا، نه بکيا، ڌاڳا ڌوڙ بڀوت،
    نڪو لنگ نه ليڙ ڪا، الف رهيا آڌوت،
    ملنگهه لنگهيا، منتهى کان، منهن نه ڪن ملڪوت،
    نڳا ٿيا ناسوت کان، جاءِ نه پڇن جبروت،
    سندري سين ثابوت، جوڳين مٽيو جزم کي.

    جيتوڻيڪ انهن جي جسم تي ڪوبه ڪپڙو به ناهي،ليڙ به ناهي، پر انهن جي فڪر جي رسد تمام گهڻي اونچي آهي، صدرت المنتهى کان ملڪوت کان ناسوت کان جبروت کان پوءِ به انهن جي منزل اڳتي آهي، هي جيڪي به هي صوفي منزلون طئه ڪندو آهي اهو پنهنجي اندر ۾ گم ٿي ڪري اڳتي وڌندو آهي، مريد جو پهريون مقصد اهو آهي ته هو پنهنجي مرشد ۾ گم ٿي وڃي.
    صوفي جڏهن هن دنيا سان تعلق ٽوڙي پنهنجي مالڪ حقيقي لاءِ جيئندو آهي پوءِ هن جي لاءِ ڪابه منزل وڏي نه لڳندي آهي، پر هن جو پهريون ڪم اهو آهي ته هو مرشد تائين پهچ حاصل ڪري، جڏهن هُن جي رسائي ٿي پوءِ هن جي لاءِ ڪوبه ٻيو ڪو مقصد نه رهندو آهي، سڌي راهه ڏيکارڻ وارو ته مرشد هوندو آهي، جڏهن مريد ڪامل مرشد ۾ هڪ ٿي وڃي ٿو ته هو مرشد جي نظر ۾ به ڪامل ٿي وڃي ٿو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ان فڪر تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي ته تون پنهنجي مرشد سان گڏجي وڃ، پاڻ ان فڪر تي هي اکر استعمال ڪيا اٿن، (گر کي گڏيا ڪاپڙي) يعني هو مرشد سان گڏجي ويا. جيڪڏهن ڪو فڪر ڪو لباس مٽائي سگهي ٿو ته پوءِ بازار ۾ ملندڙ ويس جي ڪابه ڪمي نه آهي، اها من گهڙت ڳالهه آهي ته صوفي هڪ خاص لباس سان سڃاتا وڃن ٿا، پر صوفي ازم هڪ فڪر جو نالو آهي جيڪو روحانيت سان گڏ انسانن ۾ الله جي توحيد جي پرچار ڪري حقيقي راهه انسانن کي ڏيکاري ٿو، اهي ئي صوفي ڪاپڙي، ويراڳي، سامي، جوڳي سڏجن ٿا جن جي بابت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪافي وڏو بحث ڪيو آهي ته انهن ئي حقيقي راهه ڳولي لڌي، جن الله جي راهه ماڻي جن انسانن جي خدمت ڪئي. اصل ۾ انسانن جي خدمت ڪرڻ ۽ الله جي عبادت ڪرڻ ۾ ئي اسان جي زندگي جو مقصد لڪل آهي، جنهن بابت شاهه سائين جوڳين فقيرن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي ته هلو انهن فقيرن ڪاپڙين جي آستانن تي فيض پرايون پنهنجي فقرا کي هي سبق ڏنو آهي ته:

    ڪَن ڪَٽ ڪا پَٽِ ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن ڪٽ،
    دونهان جن دکايا، هلي مٿي هٽ،
    خاڪ جنين جي کٽ، هلو تڪيا پسون تن جا.


    پڳھه پاسي گھار، آيل سامونڊين جي

    پڳھه پاسي گھار، آيل سامونڊين جي

    اچو ته فڪرِ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي هن روحاني علم مان فيض حاصل ڪريون ۽ سوچون، سمجهون، ڏسون، پرکيون ته لطيفي سوچ جو مقام ڇا آهي؟ اوتري تائين رسد حاصل ڪري سگهون ٿا يا نه پر ڪنهن مقام تائين پهچي ضرور سگهون ٿا. سرڪار جي پيغام ۾ ڪو به حتمي فيصلو نٿا ڏئي سگهون، اسان پنهنجي عقل جي پهچ جيترو سوچي سگهون ٿا. سائين جو فڪر اسان جي سوچ کان مٿانهون آهي. فڪر لطيف ۾ ڏسون ته اسان هن ڌرتي تي ڪھڙي ڪم لاءِ آيا آهيون. زندگي انسان کي وري وري نه ملندي آهي. جيڪي اسان سڀ جا سڀ انسان آهيون، اُن لاءِ ضروري آهي ته اسان سوچون اسان دنيا جي هڪ ننڍڙي گولي تي رهندڙ انسان آهيون. هن ڌرتي کان سواءِ ته ٻيا ڪيترائي وڏا گرهه هن ڪائنات ۾ وجود رکن ٿا. مالڪ سائين هڪ زمين جو مالڪ ناهي، رب پاڪ ته پوري ڪائنات جو ڌڻي آهي. مالڪ جي حد جو ڪنهن کي پرو پاند ناهي، ڪيتريون مخلوقون مالڪ خلقيون آهن، جن جي خبر آهستي آهستي سائنسي وسعت سان پوندي ٿي وڃي. جيت، جانور، پکي، هتي ڪنهن نه ڪنهن مقصد لاءِ خلقيل آهن، ان جو مقصد ڪو ته آهي؟ جنهن سببان اسان انسان هن ڌرتيءَ تي آيا آهيون. مالڪ سائين ڪنهن کي بي مقصد نه بنايو آهي. جڏهن حضرت آدم عليه السلام کي الله تعالى خلقيو ته ان کي صفاتي علم جي سکيا پڻ ڏئي موڪليو هو. ان علم جو نالو علم صفاتي آهي. ان جو ذڪر پاڪ ڪتاب ۾ آهي. شاعرن جو سرتاج، سنڌين جو سرواڻ، آڙين جو آڌار، اسانجي رهنما حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي فرمايو ته:

    نه بابو، نه بکيا، نه اسم نه اثباتي،
    منجهان ارادي حق جي، ٿيو ظاهر عشق ذاتي،
    ايءَ صورت “صفاتي”، پوءِ ڪئين پڌري.

    نه ڪو نالو هو، نڪي ڪو انسان هو، حق جي ارادي سان عشق ظاهر ٿيو. هي صفت ڪندڙ صورت پوءِ پڌري ٿي. انسان جيلاءِ ڏاهپ جا گس شاهه سائينءَ کولي عام انسانن لاءِ به راهون هموار ڪيون آهن پر اڄ جو انسان همدردين جو محتاج بڻيل آهي. پنهنجي ناڪامي جو ڪارڻ ٻين تي هڻڻ جي قابل ٿي ويو آهي. پنهنجي ڪاميابيءَ تي جشن ملهائي ٿو پر ناڪامي قبول نٿو ڪري، ڇو ته اُها هُن کان برداشت ڪونه ٿئي ٿي. جيڪي انسان ڪاميابين تي جشن ملهائين ٿا، شڪست کي قبول نٿا ڪن، اُهي ناڪامي جي طرف وڃي رهيا آهن. اسان ويھي پنهنجو ڪڏهن محاسبو ڪريون، غلطين مان سکون، جنهن سان ڪا اصلاحي سوچ پيدا ڪري سگهون. اسان سوچون ته غلطي ڪٿي آهي، ڪمزور پاسي جي تلاش ڪجي ته جيئن معاشري ۾ سڌارو آڻي سگهجي. اُهو پاسو آهي تعليم حصول. جھڙي تعليم اسان پنهنجي نسلن کي ڏينداسون اهو معاشرو اسان کي ملندو. ٿوري دير لاءِ سوچون ته معاشرو ڪير آهي. معاشرو ته اسان آهيو. معاشرو ته اوهان آهيو، معاشرو آئون آهيان، اسان سڀ معاشري جو حصو آهيون، صحيح تعليم اسان نه ڏيئي سگهياسون ته اسان ناڪام ٿينداسون، تعليم ۾ ڪمزوري جا ڪارڻ ڳولبا ته انهن ۾ اسان شامل آهيون، اسان جيڪڏهن سکيا لاءِ سوچون ٿا ته، ان جو ذميوار، استاد، تعليمي نظام، سياست، نصابي انتظام، اسان جو هدف هوندا آهن پر اسان جي هن تعليمي نظام ۾ سڀ کان وڌيڪ تنقيد استاد تي ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته استادن تي تنقيد ڪندڙ به استاد کان ئي پڙهيل هوندا آهن، اسان جي معاشري مان ترقي ڪندڙ انسان، وڏن عهدن تي پهچڻ وارا آفيسر به اسان مان آهن، جيڪڏهن تعليم جي نظام جو حصي رهي عهدن تي پهچن ٿا، ڪڏهن سوچو آهي، نه هرگز نه ٻين تي تنقيد ڪرڻ آسان آهي، تعليمي جي تباهي جو ڪارڻ اسان سڀ آهيون، مادري زبان کي ڇڏي، لشڪري ٻولين جو سهارو وٺڻ سان، اسان روحاني طور مجروح ٿي ويا آهيون، ڪڏهن فارسي سرڪاري ٻولي سکڻ جا اسان جتن ڪريون ٿا، ڪڏهن عربي زبان جو گرامر سکون ٿا، ڪڏهن انگريزي زبان جي گرامر ڄاڻڻ تي فخر ڪريون ٿا، هاڻ ته انگريزي زبان جي پويان پئجي ويا آهيون، چائنيز ۽ انگريزي اسڪولن ۾، گهر ۾ سنڌي، قومي زبان اردو آهي، سکڻ وارو شاگرد ڪيڏانهن وڃي؟ علم سکڻ ڏوهه ناهي، ڀلي ڳالهه آهي، انٽرنيشنل زبان سکڻ اسان جو اخلاقي ڪم آهي، پر اسان جا معيار ڪمزور آهن، اسان پنهنجي مادري زبان ڇڏي ڏني آهي.
    مثال طور فارسي زبان ان وقت جي ڪامياب ٻولي هئي، جنهن جي سکڻ سان نوڪري ملي ويندي هئي، اڄ سرڪاري زبان اسان جي اردو آهي پر اسان جو دارومدار انگريزي زبان تي آهي، اردو ادب جي ڪيتري به مھارت ڇو نه هجي پر نوڪري نه ملي سگهندي، هي قانون اسان کي حڪومتي نظام جي طرفان تحفي ۾ مليل آهن، اسان جون قومي ٻوليون ڪمزور ٿيڻ جو سبب هڪ اهوئي به آهي، ڪجھه اسان جي دماغي ڪيفيتن جو به عمل دخل آهي، اسان جيڪر پنهنجي ٻولي جا وارث نه ٿياسون ته آخرڪار ڪير ٿيندو، اوهان سڀ ڪجھه آهيو، يقين رکو سڀ ڪجھه ٿي سگهي ٿو، سنڌ صدين جي تھذيين جي تاريخ رکي ٿي، جيڪڏهن سنڌي ٻولي سان گڏ لطيفيات پڙهائي وڃي ته اسان هڪ صحت مند ماحول کي تشڪيل ڏيئي سگهون ٿا، هڪ ٻئي کي پوئتي ڌڪڻ جي چڪر ۾ اسان پاڻ پوئتي ڌڪجي ويا آهيون، پڪا ارادا تقدير جي تبديلي جا ضامن هوندا آهن، اسان کي الزام تراشي وارا خيال دل مان ٻاهر ڪرڻا پوندا، جيڪو انسان تقدير پنهنجي نٿو بدلي ان جي تقدير الله به نٿو بدلي، هن خيال کي بدليو ڪير ڪنهن جو ذميوار ناهي، اسان پنهنجن ڳالهين جا پاڻ ذميوار آهيون، معاشري اسان کي سهولتون ڏنيون آهن، معاشري اسان کي ماحول ڏنو آهي، تعليمي نظام هجي يا ٻيو ميدان هر ڳالهه اسان کان اسان تائين آهي، نصاب اسان جو جو ٺهيل آهي، ڏوهه معاشري جو ٿا ڏيون، معاشرو حالات فراهم ٿو ڪري، اسان کي معاشرو جيئڻ جا ڏس ٿو ڏي، اسان انا جي انڌيري رات جا مسافر ٿي زندگي پيا گذاريون، معاشرو روشني آهي، معاشرو ڄاڻڻ جو ڀنڊار آهي، رستو اسان کي وٺڻو آهي ڪهڙو ٿا وٺون، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هي بيت اسان لاءِ روشني آهي.

    ڏيئو ٻاري ڏورج، ڏورج م ڏيئي ڌار
    ڪوڙيئين لک هزار، هن اونداهي انڌا ڪيا.
    ڏيئو کڻي روشني ساڻ ڪري نڪرڻ سان راهه جي تڪليفن کان پري ڪري سگهجي ٿو، اِها روشني بتي واري ناهي هتي ڳالھه علم جي ٿي ڪجي، علم روشني آهي، جنهن سان انسان ۾ اڻ ڳڻيون صلاحيتون پيدا ٿين ٿيون، شعور اُجاگر ٿئي ٿو، جھالت جي ڪاراڻ کي ڇڏي انسان بھتري جي راهه ڏانهن راغب ٿئي ٿو، راهون کُلن ٿيون، منزل جو رستو آسان کان آسان ٿيندو ٿو وڃي، دنيا جي تاريخ پڙهي ڏسو تاريخون بدلڻ وارو ڪو هڪ انسان هوندو آهي، پڪو ارادو انسان کي سُٺا ساٿي ڳولي ڏيندو آهي. عالمي مفڪرن جو درس نصابي ڪتابن ۾ پڙهايو ويندو آهي، هر دور ۾ سٺي سوچ جي تلاش انسان کي هوندي آهي پر افسوس اسان جي درسي ڪتابن ۾ ڪانگ، ڪوئل جون ٻوليون پڙهايون ٿيون وڃن، ڪانگ جي، ڪوئل جي زبان ڪا سنڌي آهي؟ خبر ناهي ته سنڌي ٻولي ۾ ڪا ايتري کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي جو اسان اهڙا ڪم ڪريون، اڃان سج ۽ چند جو نقشو مٽيو ناهي، پکي پر ٿو هڻي داڻو کٽو ناهي، ايتري سُڃ اڃان ڪانه ٿي آهي، اڃان رڃن ۾ رڙ اچي ٿي، ڪوشش ڪرڻ سان سڀ ڪجھه ٿي سگهي ٿو.
    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر اسان پرائمري اسڪول جي سطح کان يونيورسٽي جي سطح تائين پڙهايون ته اسان جي تعليمي نظام جو مقام بلند ٿي سگهي ٿو. بس حڪمت عملي جي ضرورت آهي، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي لطيفيات کي ڪورس ڪري پڙهايو وڃي ته اسان سهڻي زندگي تشڪيل ڏيئي سگهون ٿا نه صرف ايترو پر اسان لطيفي فڪر عالمي طور تي متعارف ڪرائي سگهون ٿا. اسان وٽ لطيفي فڪر جي حاصلات لاءِ هن وقت صرف ڪي چند ماڻهو آهن، جن وٽ به ڪا تعليمي ڊگري ناهي پر ڪمال جو عبور لطيفي فڪر رکن ٿا. هنن جو قدر هن وقت نه ڪيو ويندو آهي، پر اُهي انسان انسانيت جي علم جو ڀنڊار رکن ٿا، لطيفي فڪر ۾ انهن سان گڏ ويهڻ، ڪچهري ڪرڻ سان انسانيت جو جوهر ملي ٿو، اسان کي لطيفيات جو هڪ ادارو گهربل آهي، جنهن سان نسلن تائين هي هڪ آواز پهچي سگهي.

    پڳهه پاسي گهار، آيل سامونڊين جي
    وجهي جئ جنجار، جم وڃنئي اوهري.


    اول الله عليم

    اول الله عليم

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ۾ اسان وٽ هڪ رستو موجود آهي، پر افسوس اهو آهي ته اسان ان راهه ڏانهن گامزن نه ٿا ٿيڻ چاهيون. صرف چند روحاني رمزن کان واقفڪار ٿي اُتي ئي موجود آهيون. باقي گهڻائي وارو تعداد اڃان تائين سائين جي ڪلام تي عمل آزمائي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. ڪجهه اتفاق انهيءَ ڳالهه جو ٿيو آهي ته سائين جي سُر ڪلياڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ڪلياڻ لفظ ڪهڙي ٻولي جو آهي؟ ڪهڙي راڳڻي آهي؟ اسان سنڌي سڏائيندڙ سڀ جا سڀ لطيفي سڏايون ٿا، پر اسان جي فڪري سوچ ڪيتري نه ڪمزور ٿي وئي آهي، جو اسان سائين جي پاڪ سنيهي کي سمجهڻ ۾ غافل رهون ٿا. پر هر جڳهه تي به ائين ناهي، ڪي ڪاپڙي ڪي سامونڊي ڪي جوڳي ڪي عاشق لطيف اڃان تائين موجود آهن. جن جي تلفظ جي انداز مان ئي مفهوم ئي معنيٰ چٽي نڪرندي آهي. ڪلياڻ سنسڪرت ٻولي مان نڪتل لفظ آهي جنهن جي معنيٰ سُک ۽ اندر وارو امن آهي. ڪلياڻ هڪ راڳ آهي جنهن جو تعلق ديپڪ راڳ جي اٺن پٽن مان هڪ آهي. هن سُر ڪلياڻ کي سنجهي يا فجر جو ڳائبو، پر لطيفي راڳي فقير سُر ڪلياڻ کي عشاءَ کانپوءِ ڳائيندا آهن. ياد رهي ته جيڪڏهن راڳي فقير سُر پورب آلاپيندا ته اهو سُر ڪلياڻ کان اڳ آلاپيندا آهن. سُر ڪلياڻ مرشد سائين جي رسالي ۾ پهرين رکيو ويو آهي پر مرشد سرڪار جي گنج ۾ پهريون سُر سسئي آهي. جڏهن کان سائين جا رسالا ترتيب ڏيڻ شروع ڪيا ويا آهن تڏهن کان عوام انهيءَ مونجهارن ۾ ڦاٿل آهي. مرشد سائين هادي جي سُر ڪلياڻ ۾ ٽوٽل 3 (ٽي) داستان آهن. 6 ڇهه وايون ۽ 98 بيت آهن.
    هي اهو تعداد آهي جيڪو ڌڻي جي در تي ڳايو ويندو آهي. پر هي تعداد ترتيب ڏيندڙن گهٽ وڌ به ڪيو آهي. اهو بحث الڳ آهي. لطيفي تند جي تنوار سان هي سُر ضرب سان شروع ٿيندو آهي. مرشد پاڪ جو هي لافاني آسماني پيغام هر عام و خاص تائين پهچي ٿو. مرشد سائين جو انداز بيان ٻين کان گهڻو مختلف آهي. اصل ۾ هي ڪلياڻ جو راڳ ڪلاسيڪل راڳ سان ملندڙ ته ضرور آهي پر ان جي قيد ويند ۾ بلڪل ناهي. هن راڳ کي لطيفي ڪلياڻ ڪري چئجي ته بهتر رهندو.

    اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي
    قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهه قديم،
    والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
    سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جهان جون.

    سائين جن فرمايو آهي ته اول يعني سڀ کان پهرين به مالڪ هو. الله پاڻ ڌڻي آهي، هو سڀ کان اعليٰ ۽ افضل آهي. قادر يعني هر شيءِ مٿان قدرت رکندڙ ڌڻي آهي. هو پنهنجي قدرت ۾ سڀ کان اول قديم آهي. هو والي ۽ واحد هڪ ئي، رزق جو رکوالو به پاڻ ڌڻي آهي. انهيءَ پاڪ رب جي ساراهه ڪريو، سچو ڌڻي آهي، ۽ حڪم رکڻ وارو آهي. ڪريم پاڻ هر ڪم ڪري ٿو، انهيءَ جي جوڙيل هي ڪائنات آهي، هي بيت الله تعاليٰ جي توحيد ۽ وحدانيت جو واضع ثبوت آهي ۽ هن بيت جي مُشابهت سورة الفاتح الحمد شريف سان ملي ٿي جنهن ۾ رب پاڪ پنهنجي ڪتاب ۾ فرمائي ٿو ته الحمدلله يعني سڀ تعريفون انهيءَ ڪريم رب لاءِ، سرڪار مرشد سائين جي بيت جي معنيٰ به انهيءَ ڳالهه مان نڪتل آهي. جيڪو رب پاڪ بابت هي سُر ڪلياڻ ۾ فرمايو آهي.

    جوڙي جوڙ جهان جي، جڏهن جوڙيائين
    خاوند خاص خلقي، محمد صه مُڪائين
    ڪلمون تنهن ڪريم تي، چٽو چيائين
    “انا مولائک وا انت محبوبي” ائين اُتائين
    لکي ڏنائين ٻئي سرايون سيد چئي

    سائين فرمايو ته جڏهن مالڪ پاڻ ڪن فيڪون جو لفظ فرمايو ته هي ڪائنات جو وجود ۾ آئي. ان وقت هن ڪائنات جو والي حضرت محمد صه مقرر ڪيو ويو ۽ انهيءَ ڪريم تي ڪلمون ظاهر به ظاهر پڙهيو ۽ پنهنجو محبوب ڪري موڪليو ويو. لکي ڏنائين يعني دنيا ٺاهي جوڙي تيار ڪري، ٻئي پاسا يا طرف ان حوالي ڪيا ويا. وحدت جي ڳالهه ۾ انتهائي هڪ راز سمايل آهي، جيڪو به انهيءَ راهه حق جو مسافر هوندو اهو انهيءَ ڳالهه کان ضرور واقف هوندو ته هي بيت شاهه سائين ڪهڙي ريت فرمايو آهي هن بيت جي گهرائي هيٺين بيت ۾ پڻ شامل آهي.

    وحده لاشريڪ لھ، چئو چوندو آءُ،
    فرض واجب سنتون، نئون ترڪ ۾ پاءَ
    توبه سندي تسبيح، پڙهي ساءِ پچا
    ننگا پنهنجي نفس کي، سنئين راهه سنهاءَ
    ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي

    سائين جن جو فرمان هڪ تلخ هدايت جهڙو آهي، جيڪا هڪ اڻ واقف لاءِ هوندي آهي، جيڪا هڪ پاڪ ڌڻي کي هڪ ڪري مڃي فرض، واجب ۽ سنتن کان منهن نه موڙي ۽ ان سان گڏ توبه جي تسبيح به پڙهندو رهي ته بهتر ٿيندو. انهيءَ سلوڪ جي راهه کي اختيار ڪرڻ سان بندو حقيقي رستي تي پهچي سگهي ٿو. هڪ ڳالهه سپرين جي ڏسيل آهي، هن ڳالهه کي هنئين سان هنڊاءِ ته دوزخ جي عذاب کان نجات ملندي، هن بيت ۾ نه رڳو سمجهاڻي آهي پر هن جي انساني فڪري سوچ جي حد به مقرر ڪئي وئي آهي. هن رستي ۾ شريعت، طريقت، حقيقت معرفت جو چٽو سبق ڏنل آهي.

    وحده لاشريک لہھ، جان ٿو چئين ائين
    تان مڃ محمد صه ڪارڻي، نر تون منجهان نينهن
    تان تون وڃيو ڪيئن، نائين سر ٻين کي

    هي اعليٰ فڪري سوچ جو مرڪز به انتهائي اونهون ۽ افضل آهي. سائين جن فرمايو ته جيڪڏهن تون الله کي وحده لاشريڪ لھ ڪري مڃين ٿو ته حضرت محمد صه ڪارڻي کي عشق ڪري مڃ، جيڪڏهن تون انهيءَ راهه تي گامزن آهين ته توکي در در وڃڻ جي ضرورت ڪابه ڪانهي. لطيفي موج جو انداز لطيف آهي، اسان جي سوچ ۾ هڪ انتهائي ڪمي آهي ته اسان پنهنجي سوچ کي لطيفي فڪر سان ڀيٽيون ٿا. اسان جي عقل جو اهڙو مقام آهي جو سرڪار جي انهيءَ آفاقي ۽ لافاني سوچ سان ڀيٽي سگهون. جيڪڏهن ترقي يافته ملڪ کي لطيفي فڪر ڏنو وڃي ۽ انهن کي تحقيق جي اجازت ڏني وڃي ته اسان جون اکيون کلي وينديون.
    هن فڪر ۾ اوهان کي سائنسي علم، آسماني علم، روحاني علم دنيا ۾ رهڻ ڪرڻ جا قائدا، اول، آخر جون ڳالهيون ۽ ٻيا بيشمار فائدا ملي وڃن ٿا. ڪيئي انسان هن روحاني علم مان فائدو پرائي ويا آهن، ڪي ته صرف رڳو عام هڪ ٻه اکرن جي ڀيٽا ڪرڻ ۾ پورا آهن. لطيفي فڪر ڪنهن عام جي سوچ کان تمام پري ويڙهو وسايو آهي. هنن بيتن تي ڪيئي ماڻهو تجربا ڪري ويا، ڪي ڪن پيا ڪيئي اڃان به ڪندا، هنن اکرن کي هنن بيتن ۾ نه هئڻ گهرجي جون به ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون.

    وحده لاشريک لھ، جن اُتو سين ايمان،
    تن مڃيو محمد صه ڪارڻي، قلب سان ايمان،
    او فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا
    يا
    اوتڙ ڪنهن نه اوليا، ستڙ ويا سالم
    هيڪائي هيڪ ٿيا، احد سين عالم
    بي بها بالم، آگي ڪيا اڳهين

    سائين فرمايو ته هو اوتڙ يعني غلط راهه تي ڪو نه ويا هو سُتڙ ئي سالم رهيا. يعني هي سُتا ئي ڪونه ننڊ عبادت ان جي هو هيڪڙائي ۾ هڪ ٿي ويا احد سان عالم بي بها بالم انهن کي آگي اڳتي سڌي راهه تي آڻي ڇڏيو. ۽ انهيءَ راهه تي قائم ۽ دائم رهيا.

    آگي ڪيا اڳهين، نسورو ئي نور
    لا خوف عليهم، ولاهم يحزنون سچن ڪونهي سور
    مولي ڪيو معمور، انگ ازل ۾ ان جو

    سائين جن جو فرمان آهي ته جيڪي انهيءَ راهه تي اچي ويا، نور ئي نور واري رستي تي اچي ويا. انهن کي ڪو به خوف ڪونهي ڪو، هميشه سڄڻ کي ڪو به سور ڪو نه هوندو آهي، جيڪو مالڪ انهن جو انگ لکيو آهي انهيءَ تي هو خوش آهن، جيڪو انگ ازل جو لکيل آهي. فقراءَ جي اها به هڪ سڃاڻپ آهي ته هو هميشه لاخوف هوندا آهن، هو صرف پنهنجي ڳالهه ۾ گم رهندا آهن.

    وحده جي وڍيا، الا الله سي اورين
    هنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورين
    معرفت جي ماٺ سين ڏيساندر ڏورين
    سُک نه ستا ڪڏهن، ويهي نه ووڙين
    ڪلهنئون ڪرين، عاشق عبداللطيف چئي

    سائين جن فرمايو جيڪي وحده جي وڍ ۾ اچي ويندا آهن، اهي لا الله اورين ٿا، هنيون انهن جو حقيقت ۾ مبتلا هوندو آهي، طريقت ۾ تورين يعني انهيءَ راهه ۾ رهن ٿا، معرفت جي مان سان ڏيساندر ڏورين ٿا. هو ڪڏهن به سُک نه ٿا سمهن، عاشق هميشه سر جو سانگو لاهي ويهن ٿا. توحيد جي طالب کي هي سمجهاڻي مليل آهي، هي لطيفي بيت قرآن پاڪ جي هدايت وانگر آهي، الله جو پاڪ ڪتاب هدايت متقين کي ڏئي ٿو. مومن سان ڳالهائي، نادان کي نصيحت ڪري ٿو ۽ ان کي خوف به ڏئي ٿو، لطيفي فڪر به توحيد جي طالب کي حقيقي راهه ٻڌائي ٿو، اسان جو انساني عقل اڃان تائين قرآن پاڪ جي علم کي به مڪمل پرکي نه سگهيو آهي ۽ لطيفي فڪر کي به پرکي نه سگهيو آهي.
    اڃان انساني سوچ ۾ اڀار ايندو، انساني سوچ اڃان ترقي ڪندي، لطيفي فڪر تي ڳالهائبو، اڃان هن روحاني راهه تي تمام گهڻو ڪم ٿيڻو آهي. هن لطيفي اداري جو ڪو به خاص بنياد نه پيو آهي. جيڪڏهن ڪي ادارا آهن سي به ماڳ ۽ مڪان ڳولهي لهن ٿا. آهي ڪو مرد مجاهد جيڪو لطيفي فڪر تي ڪو ادارو قائم ڪري اڄ جي جهالت واري دور ۾ لطيفي ڏيئي جي روشني مئل دلين تي، سُتلن ضميرن تي وجهي ته جيئن جو هو روشن ٿي پون. هڪ هڪ بيت رهنمائي لاءِ تيار آهي هڪ هڪ بيت تي عمل ڪرڻ سان اول آخر، ظاهر باطن زندگي سنواري سگهجي ٿي. پنهنجي لطيفي فڪر کي جامع ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جي همٿ افزائي ڪرڻ اسان سڀني جو اخلاقي فرض به آهي ۽ اسان سڀني جي نجات جو سبب پڻ آهي. هڪ هڪ بيت تي ڪيئي ڪتاب لکجي سگهجن ٿا، هڪ هڪ تي عمل ڪرڻ سان ڪيترا ڀٽيڪل انسان سڌي راهه تي اچي سگهن ٿا.

    وحده لاشريک لہھ، هي هيڪڙائي حق
    ٻيائي کي ٻَک، جن وڌو سي ورسياءِ

    سائين جن جو فرمان آهي ته مالڪ جو ڪو به مٽ ثاني ناهي هو وحده لاشريڪ آهي اصل ۾ هيڪڙائي جو حق به اهو ئي آهي. جنهن ٻيائي ڪئي، يعني مالڪ سان ڪجهه ٻيو شريڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو، ورسي پوندو لٽڪي پوندو. مالڪ جي وحدانيت جو ڪو به مثل ۽ مٽ نه آهي. الله بس هڪ ئي آهي. توحيد جي شاگرد کي پهرين انهيءَ باب بابت ڄاڻ ڏني ويندي آهي ته هو انهيءَ ڳالهه تي قائم رهي ته هو اڳتي سلوڪ جي رستي هلي نه سگهندو.


    وحدت جي وِهانءِ، جي ويا سي وڍيا

    وحدت جي وِهانءِ، جي ويا سي وڍيا

    سِرُ ڍُونڍيان، ڌڙ نه لهان، ڌڙ ڍُونڍيان، سِرُ نانهن،
    هَٿَ ڪَرايُون آڱريون، ويا ڪپجي ڪانهن
    وحدت جي وِهاۡنءِ، جي ويا، سي وڍيا.

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جو لافاني پيغام آسماني وسعتن ڏانهن وٺي وڃي ٿو. مٿئين بيت ۾ مرشد سرڪار جن فرمايو آهي ته سر ڍونڍيان ڌڙ نه لهان! هي بيت هڪ ڪيفيت ڏانهن اشارو ڪري رهيو آهي. پر مرشد سرڪار جي هن بيت جي آخري سٽ ۾ توحيد ۽ وحدت جي معنيٰ ۽ ان جي سلسلي ۾ رهندڙن لاءِ هڪ اعلان آهي. “وحدت جي وهانءِ جي ويا سي وڍيا” انهيءَ ڳالهه کان ڪير به انڪاري نٿو ٿي سگهي؛ جيڪو حق جو طالب ٿئي ٿو، دنيا جي ملامتن جو بار کڻڻ سان گڏوگڏ مالڪ سائينءَ جي بيشمار امتحانن ۾ اچي ويندو آهي. مالڪ جا عجيب رنگ آهن، جن سان به ويجهو ٿيندو آهي، ان جي ظاهري حال تي تمام گهڻو اثر وجهي ڇڏيندو آهي. انهيءَ ڳالهه کان دنيا وارا ناواقف هوندا آهن.
    وحدت جي واٽ ۾ ڪي قليل هوندا آهن، باقي ته گهڻا لوڀ جي لهرن ۾ لڙهي ويندا آهن. جيڪڏهن انهيءَ کان به ڪو بچي وڃي ته آتش جي اوڙاهه ۾ وڃڻ ۾ دير نه لڳندي آهي. هيءَ دنيا انيڪ امتحانن مان اسان کي ڏورائيندي آهي. انسان سمجهي يا نه سمجهي، هو هر وقت امتحان ڏئي رهيو هوندو آهي. عجب رنگ مالڪ سائينءَ جا آهن، هر انسان ائين گذاري پيو ڄڻ ته هو اڳ ئي هن دنيا ۾ آيل هجي، هن کي هتي جي خبر هجي، فقيري حال جو به هڪ عجيب روپ هوندو آهي، هو پنهنجي حال، ماضي، مستقبل سان گڏ زندگي، هر خوشي ۽ غم سڀ ڪجهه ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. ڏٺو وڃي ته خوشي هڪ ڪيفيت جو نالو آهي. غم به انهيءَ وانگر آهي، ٻئي ڪيفيتون آهن، جيڪي انساني سوچ جي اُڀار سان پيدا ٿينديون آهن. فقيريءَ جو حال مالڪ سائينءَ سان ڳنڍيل هوندو آهي. فقير هميشه ڌڻيءَ جي راضپي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندا آهن. فقيرن انهيءَ ڳالهه جو عملي مظاهرو ڪيو آهي. تصوف جي تاريخ رت جي ڦُڙن سان لکيل آهي. مگر فقير جي سڃاڻپ اها به آهي ته هو ٻَڙڪ به ڪُڇندا ڪونه آهن. جنهن ۾ ڌڻي راضي، فقير به ان ۾ راضي آهي. اسان جو هڪ الميو آهي، جن ڳالهين جو انسان سان تعلق ئي نه هوندو آهي، ان بابت زندگي گذاري، آخري زندگي جي ايامن ۾ شرمساري واري ڪيفيت مان هن دنيا مان هليا ويندا آهيون. مرشد پاڪ جن فرمائين ٿا ته:

    تون چئه الله هيڪڙو، ٻئي وائي وسار
    تن ۾ تند تنوار، سدا سُپرين جي

    هڪ اهڙي ڳالهه سائين فرمائي ٿو ۽ اوهان کي متوجه ڪري ٿو ته تون چئو الله هيڪڙو، انهيءَ ڳالهه مان اندازو لڳايو ته پڙهندڙ کي لطيف سرڪار چئي رهيا آهن ۽ ٻڌندڙن تي اها ڳالهه واجب ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن تون منهنجي ڳالهه کي مڃين ٿو ته تون چئو الله هيڪڙو. مرشد سرڪار واضح ڪيو ته الله جي هيڪڙائيءَ سان ڪنهن کي به ڀيٽا نه ڏجانءِ، هو هڪ آهي، هُن ڌڻيءَ جو ڪو ثاني ناهي، هُن بابت دوئي وارو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ ۽ انهيءَ جي ورد کي پڪو ڪري وٺ ته تنهنجي لاءِ بهتر، پرينءَ وٽ يا پرينءَ جي پچار واري ڳالهه آهي. حضرت سرڪار مرشد لطيف سائين پنهنجي هڪ هڪ بيت ۾ هڪ هڪ بيت جي اکر ۾ انسانيت لاءِ هدايت جو درس بهترين نموني ڏنو آهي. لطيفي پيغام کي به ڏسڻ لاءِ اڄ جي دور ۾ عقلي پيمانا ماڻهن ٺاهي ڇڏيا آهن، جيڪي انتهائي پريشان ڪندڙ آهن ۽ انهن جي لاءِ دليل گهربل آهن. عشق ۽ عقل جي لڙائي دليلن کان شروع ٿئي ٿي. عقل دليل گهري ٿو، عشق بغير سبب جي به ٿي سگهي ٿو، ان لاءِ ڪا به جهل پل ناهي.

    مروئان موران، پکڻان وائي ٻي مَ ڀُل،
    هي هلاچو هل، بالله سندو سڄڻين

    توحيد جي نظر عام نظر کان مختلف آهي. اوهان کي اهو اندازو ان مهل لڳندو جڏهن اوهان پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي تلاوت دل جي اکين سان ڪندؤ، سرڪار جن فرمايو آهي ته مالڪ سائين اسان کي پڪ ڏني آهي ته آئون اوهان جي ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهيان، جتي اوهان ٻه آهيو، اتي ٽيون آئون آهيان، “وفي انفسکم” آهيان. انهيءَ ڳالهه کي سرڪار هن بيت ۾ شامل ڪيو آهي. توحيد جي نظر ۾ وحدت ئي وحدت، جيئن پاڻ هن بيت ۾ فرمايو آهي ته:

    ٽيڏي پسي ٽي، هوت آهي هيڪڙو.

    لطيفي فڪر ڪو عام فهم ناهي، جنهن سان اوهان پنهنجو عقل ملائي سوچيو، اها اجازت اوهان کي ناهي، جيڪڏهن اوهان کي لطيفي فڪر کي صحيح ثابت ڪرڻو آهي ته اُن آفاقي پيغام کان لطيفي فڪر ٻاهر ناهي، اوهان جو عقلي پيمانو ۽ ظاهري سوچ جي لطيفي فڪر تابع ناهي، اوهان دنيا جا عام انسان آهيو، اسان به انهيءَ سوچ جا قائل آهيون، هر شيءِ کي دليلن سان ۽ عقل سان ثابت ڪندا آهيون، مرشد سرڪار جي شان جو ڪو به احاطو ناهي.

    وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪُلُّ؛
    حق حقيقي هيڪڙو، ٻولئ ٻِئ مَ ڀُلُ؛
    هُو هُلاچو هُل، باالله سندو سڄڻين.

    سُر ڪلياڻ جي شروعات ته مرشد سرڪار حمد و ثنا کان ڪئي آهي، پر ان ۾ شان مصطفيٰ صه پڻ بيان ڪيو آهي. انهيءَ منزل کانپوءِ توحيد جي هڪ اهڙي وادي ۾ سرڪار اهڙو گهميو آهي جو ان کي اسان پنهنجي عقل آهر ڳولي ته سگهون ٿا پر ان تي ڪنهن حتمي فيصلي جي صلاحيت نه ٿا رکون.
    سائين فرمائي ٿو ته وحدت مان ڪثرت ٿي پئي، يعني هيڪڙائي مان گهڻائي ٿي پئي، سڀ هيڪڙائي ڌڻيءَ جي آهي، ٻئي ڪنهن به رستي تي ڀلجي متان وڃين. مالڪ جو قسم ته هي سمورو هُل انهيءَ پرين جو آهي. حضرت مولانا جلال الدين رومي بلخي جن ائين توحيد جي نظريي تي بحث جامع ڪيو آهي.

    خود ڪوزه، خود ڪوزه گر، خود گِل گل ڪوزه

    هن شعر ۾ رومي جن فرمايو آهي ته خود (پرين) تان خود ٿانون کي ٺاهيندڙ، خود ٿانون جي مٽي به پاڻ آهي. مرشد سرڪار جن فرمايو آهي ته:
    پاڻهين جل جلالہ، پاڻهين جان جمال،
    پاڻهين صورت پرين، پاڻهين حسن ڪمال،
    پاڻهين پير مريد ٿي، پاڻهين پاڻ خيال،
    سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

    الله تعاليٰ جي ولين جو خيال ۽ رستو هڪڙو ئي هوندو آهي علائقا ۽ ٻوليون ڀل مٽيل هجن.

    پاڻهي ڏي سنيهڙا، پاڻهي سلطان
    يا
    پاڻهي خلقي خوب، پاڻهي طالب تن جو

    لطيفي فڪر توحيد جي انهيءَ واديءَ کي جهاڳيو آهي، جنهن جو اڳ فقير درويشن احوال ته ضرور ڏنو هو پر انهيءَ ڳالهه کي ائين کولي نه ٻڌايو هو. لطيف سرڪار جن فرمايو آهي ته وحدت ۾ مالڪ هڪ ئي آهي، ان جو ڪو به شريڪ ناهي، هن جو ڪو به ثاني ناهي.
    سو هي، سو هو، سو اجل سو الله،
    سو پرين سو پساهه، سو ويري سو واهرو
    لاکيڻي لطيف جي نظر، عام جي نظر کان گهڻو اڳتي آهي، هر ڳالهه کي انتهائي شفقت واري انداز ۾ سمجهائين ٿا. حق جي طالب کي اها واٽ ڏسين ٿا،
    سوئي هيڏانهن، سوئي هوڏانهن، سوئي من وسي
    سوئي سو پسي، تنهن سندي سوجهري.
    فرمايو اٿن، اهو ئي هيڏانهن آهي، (ڌڻي پاڻ ئي آهي) اهو هوڏانهن به آهي، اهو ئي من ۾ وسي ٿو. اهو ئي پاڻ پنهنجي سوجهري ۾ پاڻ کي پسي ٿو. مرشد سائين پنهنجي خيالن جو اظهار بيتن ۾ اهڙي انداز ۾ ڪيو آهي جو انهيءَ ڳالهه مان روح جي خبر چڱيءَ ريت پئجي ٿي وڃي.

    پڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جي لَهِين؛
    هُئا اَڳَهِين گڏ، ٻُڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    سرڪار فرمايو ته آواز ۽ ان جو پڙاڏو؛ يعني آواز ته هڪ هو ان جي پٺيان هڪ پڙلاءُ پيدا ٿئي ٿو، اهو به ان آواز جو آهي، هو هڪ آهن، انهن ۾ ڪو به فرق ناهي، پر هو ٻڌڻ ۾ ٻه ٿا لڳن، حقيقت ۾ هڪ آهن. هي هڪ رمز جو راز آهي. جنهن لاءِ انسان ۾ اها حقيقي ڳالهه هجڻ لازمي آهي، جنهن ڪاڻ هي کيل متل آهي.

    ڪوڙين ڪايائُون تُنهنجيون، لِکَن لَکَ هزارَ؛
    جِئُ سڀڪنهن جئَ سين، دَرسن ڌارون ڌَار؛
    پِريَمِ تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئِي ڪيئن چوان.

    تنهنجون لکين هزارين ڪروڙين، پر ان کان به وڌيڪ ڪوڙين ڪايائون آهن، جيءَ ته سڀ ڪنهن جيءَ سان مليل آهي، (اهو مالڪ ٿو وسي) پر هر ڪنهن جو ديدار الڳ الڳ آهي. اوهان جو اهڃاڻ، اوهان جون نشانيون الڳ الڳ آهن، ان جا پار (ڏس) ڪهڙا چئي ۽ ڪيئن چئجن. بزرگن، مالڪ جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ جا راز سائين کوليا آهن. پر هر ڳالهه ڪنهن کي سمجهائڻ ضروري ڪونهي، جنهن جو جيڪو فهم هوندو، اهو اُتي هوندو، انهيءَ جي پيماني واري ڳالهه هو سمجهندو، پر ڳالهه ڪرڻ وارن ڳالهه ڪري ڇڏي آهي، عقلي دليل ۽ انساني سوچ ۾ سڀ ڪنهن کي سڀ ڳالهيون هڪ جهڙيون سمجهه ۾ نه اينديون آهن.
    فقير ڪنهن ٻولي يا ڪنهن علائقائي حدن جا محتاج نه هوندا آهن، انهن جا رابطا بغير سرحدن جي هوندا آهن. خيال جي ڪا به سرحدي حد نه آهي، خيال جو پروان اعليٰ ۽ افضل آهي، هو ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي هوندو آهي.

    سڀڪا پريان ڪُون پُوڄي؛
    نينهن نيڻين، ڳُڻُ ڳالھ وو.
    جا چِتايم چِتَ ۾، سڄڻ سا ٿو ٻُجھي؛
    لات جا لَطِيفُ جي، سَڏُ تنهنجو سُڄي.

    سڀڪا پنهنجي پرين جي پوڄا ٿي ڪري، هيءَ ڳالهه نينهن جي آهي، يعني عشق اعليٰ آهي، جيڪا مون پنهنجي اندر ۾ ڳالهه رکي آهي. انهيءَ کان ڌڻي پاڻ واقف آهي. لات جيڪا لطيف جي آهي انهيءَ جو سڏ سُجهي پيو الاپجي پيو.


    مشاهدو محبوب جو سامي سڃاڻيج

    مشاهدو محبوب جو سامي سڃاڻيج

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر جو اندازو ته اڃا تائين ڪو به لڳائي نه سگهيو آهي پر هر ڪنهن پنهنجي خيالي دنيا مان هڪ نظريو پيش ضرور ڪيو آهي.
    ڀٽ ڌڻي بهادري جو پاسو ورتو آهي، پاڻ هميشه انهي ڳالهه تي پڪا ۽ پختا رهيا آهن ته عشق جو ميدان هجي يا جنگ جو ميدان پاڻ سدائییين بهادرن سان گڏ رهيا آهن. انهن جنگين مان هڪ ٻئي جنگ به آهي جيڪا بغير هٿيار جي وڙهي ويندي آهي، ان جنگ ۾ ڪو بيروني دشمن نه هوندو آهي، اها ويڙهه فرد جي اندر ۾ هوندي آهي، يعني اماره نفس جي جنگ، جنهن سان وڙهندي وڙهندي پنهنجون حياتيون صرف ڪري ڇڏبيون آهن. بس انهي جنگ جيان عشق جي جنگ به ڪا گهڻي مختلف نه هوندي آهي، جنهن ۾ عاشق پچي راس ٿيندو آهي. خيال جو مرڪز سندس محبوب هوندو آهي، عشق جي باهه به ڪا عام باهه نه هوندي آهي، عشق جي باهه به خلقيندڙ پاران عطا ٿيل آهي، مرشد سرڪار جن عشق جي موضوع تي تمام گهڻو لکيو آهي، عشق ته ڪنهن کي پاگل نٿو بڻائي، البته پاگل کي به قلندر ضرور بڻائي ڇڏي ٿو.

    جان عاشق مٿي ماس، دعويٰ ڪَر مَ نينهن جي،
    سائو منهن سونهن گئي، لڱن ناهه لباس،
    اڀو پريان پاس، مٿي سر سودا ڪري.
    يا
    جان عاشق مٿي رت، دعويٰ ڪَر مَ نينهن جي،
    سائو منهن سونهن گئي، سڪڻ ئي شرط،
    نڪي گوڏ گرٿ، مٿي سر سودا ڪري.

    پاڻ فرمائين ٿا ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيڪڏهن توکي تنهنجي ماس سان عشق آهي ته پوءِ نينهن جي دعويٰ نه ڪر. عشق جا ته قانون نرالا آهن، هتي تنهنجي چهري جي رونق هلي ويندي، لڱن جي لباس کان توکي عشق آجو ڪري ڇڏيندو، هڪ سر هوندو، ان جو به هو سودو پنهنجي محبوب سان ڪندڙ هوندو. سرڪار جن فرمايو ته جيڪڏهن اڃا تون پنهنجو رت جسم مان ٻاهر نٿو ڪڍڻ ڏئين ته عشق جي دعويٰ نه ڪر. هتي رنگ روپ عشق بدلائي ڇڏيندو آهي، هتي سڪڻ شرط آهي.
    عشق جي تاريخ رت سان لکيل آهي، هن باب ۾ تڪليف ئي تڪليف آهي پر هن جي سڪون جي مزي جي موج جي خبر ته صرف عاشقن کي ئي هوندي آهي. مرشد سرڪار جن فرمايو ته مالڪ سائين کي هن ڪائنات خلقڻ جو خيال به عشق جي ڪري پيدا ٿيو.

    بابو نه بکيا، اسم نه اثباتي،
    منجهان ارادي عشق جي ٿيو، ظاهر عشق ذاتي،
    هي صورت صفاتي، پوءِ ڪيائين پڌري.

    نه بابو، نه بکيا يعني گهُرڻ وارو هو، نه نالو هو، نه اثبات هئي، پوءِ ڌڻي کي اندر ئي اندر ۾ عشق جاڳيو، ان مان اهو عشق ظاهر ٿيو، هي صفات واري صورت پوءِ پڌري ڪري پيدا ڪيائين.
    هڪ سهڻي لطيف جو بيت ٻيو سرڪار جو فڪر، اسان جي سوچ ۾ اهو ڀلا ڪيئن سمائجي سگهندو؟ اوهان جو خيال اوهان تائين محدود هوندو آهي. اسان پنهنجي حال سارو ڳالهه ڪنداسين.
    پوءِ ڪيائين پڌرو بابو بياني،
    پائي ڏيو صورت جي، شڪل انساني،
    هي سر سبحاني، ذاتي مان ظاهر ٿيو.
    يا
    ذاتي مان ظاهر ٿيو، صفاتي مان سڀ جڳ،
    آديسي الڳ، مشاهدو محبوب جو.
    ۽
    مشاهدو محبوب جو سامي سڃاڻيج،
    احد جدا احمد کان، ڀورا مَ ڀائيج،
    خالي ڪَو مَ، کڻيج، گُر رِي پساهه گودڙيا.

    لطيفي فڪر جو انداز عوامي شاعرن ۽ ٻين اوليائن کان گهڻو مختلف آهي، پاڻ جيڪا ڳالهه ڪن ٿا انهي ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ هڪ پورو پيغام ڏين ٿا. ڳالهه ٿوري سوچ ۽ سمجهه جي هوندي آهي. هڪ نقطو اگر سرڪار کي سمجهائڻو هوندو آهي ته پاڻ ان نقطي جي لاءِ پورو داستان ڏئي کولي سمجهائن ٿا. مرشد سرڪار جو پيغام اڪثر ڪري اڄڪلهه انساني سوچ سان ڀيٽيو ويندو آهي، جيڪا وڏي ۾ وڏي غلطي آهي. مرشد سرڪار جو آفاقي فڪر آهي، جنهن بابت ڪا مستند راءِ نٿا ڏئي سگهون پر پنهنجي خيال جو اظهار ضرور ڪري سگهون ٿا.
    عشق هڪ اهڙو فهم آهي، جنهن جو مقصد ۽ مطلب صرف سندس محبوب آهي، هو پنهنجي محبوب جي چئوگرد سوچن کي محدود ڪري هڪ احاطو اڏيندو آهي، اکين جي نظر، سوچن جو مرڪز، خيالي دنيا جو بادشاهه بڻائي ڇڏيندو آهي. پنهنجي محبوب جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ عاشق ڇا ڇا نٿو ڪري؟ هر ممڪن کان ناممڪن لاءِ عاشق پاڻ پتوڙيندو، جسماني طاقت جو عشق جي طاقت سان ڪو تعلق ناهي، عاشق هميشه ڏُٻرا هوندا آهن.

    نئون نينهن لڳوس، ڳري ۽ ڳالهيون ڪري،
    اوريندي ارٽ سين، پنهون ياد پيوس،
    پهو پٽ ڪريوس، هو هٿ اوڏانهين رهيو.

    عشق جي باهه اها ڳالهه ڪٿي سوچڻ ڏيندي آهي ته ڇا آهي، محبوب ڇا آهي، بس حسن جو پرتو پيو، هن جي سمجهه ۽ سوچ ساڪن ٿي ويندي آهي. هو هڪ عميق جي درياءُ ۾ غوطو هڻي ڇڏيندو آهي.

    ڪي اوڏائي ڏور ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
    ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور،
    جيئن مينهن ڪنڊي پور، تيئن دوست وراڪو دل ۾.

    مرشد سرڪار جن هن بيت ۾ ويجهي هوندي به پري گذارڻ وارو تصور بيان ڪيو ويو آهي. ڪي وري پري رهي ڪري به گڏ هوندا آهن. هي عشق جو مقام آهي، ڪي دل تي چڙهن ئي ڪو نه، ته ڪي وري مورهين هڪ پل به پري نٿا گذارين. ڦريو گهريو دل جي يادگيرين واري پٽيءَ تي چٽ سالي ڪريو وڃن. عاشقن جي لاءِ سائين جن تمام وڏو مقام بيان ڪيو آهي ته هت ڀل هو ڪهڙي حال ۾ هجن پر هُنن جو وڏو مقام آهي، هو گم ٿي وڃن ٿا، ماديت پرست جي سوچ کان عشق اڃا اڳتي نڪتل آهي.

    سوامي چاهين، سُک طلبين وارين نه ويراڳ،
    ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا اُٿي جوڳي جاڳ،

    سهڻي جي عڪس نگاري اُها ئي آهي پر ان سهڻي جي خيال ۾ سائين جا نظريا پنهنجا آهن. ڪٿي پاڻ خود سهڻي ٿي پيش ٿين ٿا ته ڪٿي سهڻي جا صلاحڪار ۽ ڪٿي وري سهڻي جو خيال به سائين جن پاڻ ٿين ٿا.
    سيءُ سيارو، پاڻي پارو، گهڙي وسندي مينهن،
    هلو ته پڇون سهڻي جا ڪر ڄاڻي نينهن،
    جنهن کي راتو ڏينهن، ميهار ئي من ۾.

    هن تسلسل جي بيتن کي اڪثر ڪري سه سيارو ڪري پڙهندا آهن پر انهن ڳالهين ۾ اجايو وقت وڃائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
    وقت جا اسان ڀاڱا ڪڍي ڇڏيا آهن، 3 سو سالا تاريخ اسان جي مٿان لطيفي ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو آهي، جنهن زبان ۾ اوهان لافاني فڪر ڏنو، اها قوم اڃا تائين سرڪار اوهان جي بيتن ۾ پڙهڻيون تلاش ڪري رهي آهي، لطيفي فڪر ۽ ڪلام ڪو لاطيني يا سنسڪرت يا ڪنهن ٻئي ڏکي ٻولي ۾ ناهي لکيل، اسان جي مادر ٻولي سنڌي زبان ۾ لطيف سرڪار جو پيغام موجود آهي، ته پوءِ ان لاءِ اجايو بحث ڇو؟ واويلا ڪنهن لاءِ؟ پر هاڻ ته انهن ڳالهين کان به هن وقت وارن ڪم وڌائي لطيفي فڪر جون سرحدون سوڙهيون ڪيون ويون آهن، سورمي ڪردارن جي شخصي بحثن کي پڻ مباحثن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو.
    سي سياري ۾ هوندو، اونهاري ۾ به ڀلا ڪو گرم ڪپڙا پائبا آهن ڇا؟ هن بيت جو متن پڙهندڙن جي ذهنن تي چٽو نظر اچي ٿو، ڪمال آهي، هن ڳالهه بابت ڀٽ ڌڻي سرڪار جن پاڻ چون ٿا ته هلو پچون سهڻي کان جا ڪَري ڄاڻي نينهن! ڇا ته سائين جن خيال پيش ڪيو آهي، ٻين کي سائين سهڻي ڏانهن متوجهه ڪن ٿا، سُر سهڻي جا جيڪي بيت مرشد سرڪار جن چيا آهن، انهن ۾ هڪ اعليٰ خيالي وارو نظريو پڻ پيش ڪيو آهي.

    نه ڪاني نه ڪانهن، نڪو ڏوهه قلم جو،
    انگ اُتي لکيو، جت نه رسي ٻانهن،
    ڪنهن کي ڏيان دانهن، قضا قلم وهايو.

    يا

    قضا قلم وهايو، نت هئس سياڻي،
    انگ منهنجي ۾ اڳئي لکيو هو پاڻي،
    تيلانهن ئي ڄاڻي، ڪِران ڪُنن وچ ۾.

    سائين مٿين بيت ۾ فرمايو ته نه ڪاني هئي، نڪو قلم ٺاهيندڙ ڪانهن جو وڻ هو، منهنجو انگ اڳ ئي اُتي لکيل هو، جتي ٻانهن نه رسي سگهي. آئون پنهنجي انهي تقدير جي گِلا به نٿي ڪري سگهان. مرشد سائين جو فڪر ۽ نظر آسمانن جي ڪنارن کي مستقبل، ماضي ۽ حال ۾ چڱي ريت ڏسي ٿو.

    ڀيلي ڀُلائي، پَسي چِٽ چري ٿي،
    ٻر ٻر ٻڏي سهڻي، ويرن ۾ وائي،
    ڪچي ڪيرائي، لال لهرن وچ ۾.

    اوهان جي نظر مان هي بيت ڪيترائي ڀيرا گذريو هوندو ڪيترائي ڀيرا هي بيت اوهان ٻڌو هوندو، پر شايد اوهان ان تي غور نه ڪيو، ڀيلي ڀُلائي هجي، منطق هي شعور ساڳيو قرآن پاڪ ۾ پاڻ ڌڻي تعاليٰ به ڏنو آهي. اي انسان تون اعليٰ آهين پر تنهنجا ڪم ڪهڙا آهن؟ ڇا پيو ڪرين؟ بس انسان ته ذاتي بناوٽي مصروفيتن ۾ ايترو ته موهجي ۽ ڪاهل ٿي ويو آهي، جو هو اعليٰ ظرفي جي ڪمن ڏانهن سوچڻ کان غافل ٿي ويو آهي. اڄ جي دور ۾ انسان صرف پنهنجي مالياتي ڪمن کي ترجيح ڏيڻ واري رواج تي قائم آهي، هي مال ملڪيت جي موهه، حوس ۽ انسان اعليٰ قدرن کي متاثر ڪيو آهي، هو خود کان غافل ٿي ويو آهي، اسان جي سوچ انساني قدرن کان ڪافي گهٽ آهي. هن دنيا جي درياهه ۾ تون ۽ آئون سهڻي جيئان ڪردار آهيون، سائين جي سُرن ۾ مرشد سرڪار ڪٿي بيت کي ورجائڻ واري سهڻي چون ٿا، ڪٿي ته خود سهڻي ڪري پيش ڪن ٿا. لطيفي فڪر کي حد يا دائرو ته اسان نٿا ڏئي سگهون پر ان کي مختلف حصن کان ڏسڻ ته اسان جو اخلاقي فرض آهي. مرشد جي بيتن ۾ جيڪو جمال ۽ جوهر ان جي اثر ۾ اڄ دنيا وٽ آهي، لوڪ سڄو لطيف، لطيف ٿو ڪري. اسان ته مرشد سرڪار جي ڪلام تي، سائين جي بيتن تي، سورمين ۽ سُرن تي تنقيدي مقالا لکون ٿا، پڙهندڙن دوستن کي گذارش آهي، ته عزت اوهان کي ٻئي هنڌان به ملي ويندي پر سرڪار جي سامهون برابري ڪرڻ سان اوهان جي پنڊال ۾ تاڙيون ته وڄنديون پر اوهان جي قبرن کي ڪير به عزت نه ڏيندو.

    “جونچائي بندر، وه نهين هوتا قلندر”

    هر ڪنهن کي سوچڻ سمجهڻ جو موقعو ملڻ گهرجي، هر ڪنهن کي خيالي آزادي جو حق آهي پر اسان جي انهن اعليٰ ڪردارن تي غلط سوچڻ انتهائي ڪمزوري واري ڳالهه آهي. اسان جي علمي ڀائرن کي عَملي ڪم جو موقعو به آهي، وقت به آهي، ته پوءِ هو سوچي ڏسن، انهي ڳالهه جي تحقيق ڪن ته هو لطيفي فڪر بابت ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪم ڪري رهيا آهن يا انهن جي تحقيق جو مرڪز لطيفي سوچ تي تنقيد ڪرڻ آهي.
    مرشد سرڪار جي ٻاجهه اسان مٿان هميشه وانگر اڄ به موجود آهي، لطيفي فڪر کي عام ڪرڻ هر سنڌي جو اولين فرض آهي ۽ اسان جي نجات جو ذريعو به مرشد سرڪار اسان کي حقيقي راهه ڏسي آهي، ان راهه تي هلڻ بدران اسان انهي ڏسيندڙ جي ڳالهين مان ڪنڊا ڪڍون ٿا.
    اڃا ايئن ٿو لڳي ته اسان ذهني طور قابل ئي ناهيون جو فڪر لطيف بابت سوچي سمجهي سگهون. ڪڏهن سهڻي کي پنجاب جي رهواسڻ چئون ٿا، ته ڪڏهن جيسلمير وارن بيتن تي بغير تحقيق جي راءِ ڏيون ٿا. ڪيڏاري تي به گهڻن کي ڪاوڙ آهي، ڪي ته ايئن چون ٿا ته سائين صرف سنڌي ۾ شاعري ڪئي، ڪو هڪ شعوري فيصلو ڏئي سائين جي فڪر تي ڪم ڪرڻ گهرجي. لڳي ايئن ٿو علمي کوٽ سبب اسان اهو ڪم لاءِ ذهني طور تيار ناهيون يا مرشد سرڪار کان هينئر وارن ماڻهن ۾ عقل وڌيڪ اچي ويو آهي. ڪا به ماجره آهي، لطيفي فڪر تي گڏجي ڪم ڪرڻ جو وقت آهي يا اسان پنهنجي ڪم خاطر لطيفي بيتن کي پڙهي سگهون ٿا.
    گهڻو ڪري ته سڀ سڌڙيا نه هوندا؟ ڪي مرد مجاهد لطيفي فڪر کي سيني سان لائيندا آهن، پنهنجي مرشد جي پيغام کي اندر سان ئي لائي حقيقي حق ادا ڪندا، لطيفي فڪر کي زخمي ڪرڻ جا حربا ڏينهون ڏينهن وڌندا پيا وڃن. خداره رحم ڪريو، قوم تي رحم ڪريو، پنهنجي نسلن تي، ايندڙ اولاد جا ڏوهاري ٿيڻ بدران حقيقي پيار ڪندڙن ۾ شمار ٿيو، پنهنجي رهبر جي ڏسيل واٽ تي هلڻ اسان لاءِ ڪارآمد رهندو، باقي ته سڀني جي لاءِ راهون کليل آهن.
    ڪاڏي ٿيو ڪوهيار، واري ڳالهه اسان جي سامهون آهي. لطيفي فڪر سان پيار ڪندڙن جو روح ۽ نسل آباد ٿيو وڃي. الله جي ياد ۾ اسان جي نجات به آهي ۽ مخلوق جي خدمت به، هي لطيفي علم انهي ڳالهه جو علمبردار آهي.


    ڪَر ڪُل ئي، قادر حوالي ڪَمُ

    ڪَر ڪُل ئي، قادر حوالي ڪَمُ

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جي پيغام ۾ لڪل رازن کان اسان سڀ اڃان سمجھڻ کان اڪثر قاصر آهيون. انھي طرح هيءَ دنيا مالڪ سائينءَ جي ڳُجھي اسرارن سان ڀريل آهي. انھن رازن تان مرشد سرڪار ڪجھه ڳالھيون کولي سمجھايون آهن،

    نه سو ڪاغذ قلم ھو، نه موران ھئي مَس
    لکڻ واري لکيو، ناھي ويچاري وَس
    پنھوارن عجب پَس، اڻ ڏٺا پاڙي اَنگڙا.

    مرشد سائين جن فرمايو ته تقدير اُن وقت لکي ويئي جڏهن اڃان قلم به خلقيل نه هو، اڃان مس جو به وجود نه هو، لکڻ واري ته لکي ڇڏيو، جنھن تي اسان جو ڪو به وس ناهي. عجب ته ان ڳالھه جو آهي ته پنھوار اڻ ڏٺل اَنگ پارين پيا، انسان جي سوچ ناقص آهي، مالڪ سائين ڪامل مڪمل آهي، جيڪي اسان جي لاءِ مالڪ سائين سوچيو آهي، اسان انسان ان جي برعڪس ڏسندا آهيون. مالڪ سائينءَ کان اسان عجيب عجيب شيون گھرڻ جون خواھشون ڪندا رهندا آهيون. اسان جي گھرڻ کان مالڪ وڌيڪ ڏيڻ چاهيندو آهي پر اسان جو خيال اسان کي ڪمزور ڪري ناڪاره ڪري ڇڏيندو آهي. انسان مالڪ جي اعلى تخليقن مان هڪ آهي، جنھن تي مالڪ سائينءَ کي به ناز آهي. اسان جي لاءِ مقام سوچڻ جو آهي ته اسان ڪھڙا ڪم ڪري رھيا آهيون؟ اسان ڪھڙا ڪم ڪرڻ لاءِ هن ڌرتيءَ تي آيا آھيون؟ اسان جي لاءِ مالڪ طرفان روزي مقرر ٿيل آهي، عزت، ذلت ڌڻيءَ جي هٿ ۾، زندگيءَ جي حفاظت موت مقرر حد تائين ڪري پنھنجي آغوش ۾ وٺي وڃي ٿو. هر ڪم مقرر آهي، جنھن ڪم ڪاڻ اسان انسانن ننڊون حرام ڪري مالڪ کي وساري اجائين سجائين لاهن، چاڙهن ۾ خود کي ڦاسائي ڇڏيو آهي،

    تو سنڱ ساهه کڻڻ سين، جئيڻ گوشي جاء
    مرڻ موسين آء، پٺي تو پنڌ ڪريان.

    حضرت شاهه سائين جن فرمايو آهي ته غفلت جي ڪري اسان مالڪ سائينءَ کان پري ٿي ويا آهيون. هڪ نڀاڳ جي ننڊ ۽ ٻيو ته اجايون خواهشون، اسان کي ڌڻيءَ جي در کان پري ٿيون ڪن،

    ور سين وجھو ڪاڻ، کر سين کلون پائين
    ڀوري منڌ اُڄاڻ، ڪڻ ڇڏيو تھه ميڙئين

    نه رزق تنھنجي هٿ ۾، نه زندگيءَ جي حفاظت ڪري سگھين ٿو، نه قابلِ عزت ٿيڻ جي خواهش ڪري سگهون ٿا. هر شي مٿان قادر رب العالمين آهي، انڪري انسان کي جنھن ڪم لاءِ مالڪ پيدا ڪيو آهي، اُهو ڪم آهي ته مالڪ کي اسان ڏينھن رات ياد ڪريون. ان سائينءَ جي ياد ڪرڻ سان اسان جا بگڙيل ڪم آسان ٿي ويندا. هن ڳالھه ڪرڻ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته اسان خاموش ٿي ويھي رهون، مرشد سرڪار جن فرمايو ته
    پھرين تون پاريج، پارڻ پوءِ پنھون تي

    سائين جن فرمايو ته پھرين اسان بندگيءَ جا فرض بجا آڻيون ته مالڪ به اسان جي مٿان مالڪي ڪرڻ شروع ڪري ڏيندو. انسانن جي لاءِ بھترين ڪم عاجزي ۽ نوڙت سان انسان عبادت جي ادائگي ڪري ته منزل آسان ٿي ويندي،

    نااُميدي نيج، ته اوڏي ٿئين اُميد کي

    توڪل انسان جي روحانيت جي تعمير ڪندي آهي. انسان ته گھور انڌيري واري گناھن ۾ ڦاٿل آھي، بس مالڪ سائينءَ تي اميد رکي جيئڻ جو گُر جيڪڏهن انسان سکي ويو ته منزل آسان ٿي ويندي.
    آساني جيڪڏهن زندگي ۾ پيدا ڪرڻي آهي ته ان جو تعلق اوهان جي عملن تي منحصر آهي. ذڪرِ مالڪ، خلق جي خدمت، توڪل، اُميد وارو سبق پڪو ڪرڻو پوندو، پوءِ جنھن تي توڪل هوندي ته اُھو اوهان کي هرگز مايوس نه ڪندو. علم، پيار، شفقت، چڱائي، سھپ، درگذر، تحمل مزاجي انسان ۾ اهڙا ڳُڻ آهن، جيڪڏھن اُهي اچي وڃن ته هي انسانيت جي قابل ٿي سگهي ٿو،

    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، حال فقيرن جي هيءُ
    هُو گار ڏيئي گوء مان، تون جوڌون چئو جيءُ
    ڪاوڙ جا قلوب جي، سا پاڻي وانگر پيءُ
    سندو سورن سيءُ، لڳئي ڪونه لطيف چئي.

    فقيري جي رنگ ۾ هڪ رمز سمايل آهي، جنھن ۾ اسان جي ڀلائيءَ جا ڏس آهن. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي هن بيت تي جيڪڏهن ڪو عمل ڪري ته ان جي زندگي آسان ٿي وڃي. هڪ بيت اسان جي زندگيءَ کي سنواري سگھي ٿو. ان تي جيڪڏهن ڪو عمل ڪري ته شاعري ته هڪ عام فن آهي، پر ان ۾ جيڪڏھن روحانيت هجي ته اها نجات جي واٽ ثابت ٿي سگھي ٿي. سائينءَ جي هڪ هڪ بيت ۾ انمول هيرا آهن، جڏھن اسان کي سمجھه ۾ اچن، لطيفي راهه انسانيت جي اعلى راهن سان ڀرپور فڪر آهي. هن فڪر جو تعلق مالڪ سائين ۽ ان جي مخلوق سان گڏوگڏ قدرتي فطرت سان مالامال آهي. لطيفي فڪر انسان کي اصلي راهه ڏانھن وڃڻ جي واٽ ڏسي ٿو. اڄ جو انسان انتھائي مايوسيءَ واري ماحول ۾ زندگي گذاري رھيو آهي. انسان جون خواھشون عروج تي آهن، لذتن جي ڪري اسان راتين جون ننڊون حرام ڪري ويٺا آهيون، پر ان راهه تي لطيفي فڪر هڪ روشن ڏيئو آهي. حقيقي راهه انسان جي مالڪ جي خوشنودي آهي. باقي نفس جي غلامي ڪندي اسان کوکلا ٿي ويا آهيون. اسان جي لاءِ اسان جي رھبر ڪا به اھڙي ڳالھه نه ڇڏي آهي، جنھن بابت اسان کي ڄاڻ نه ڏني هجي. پنھنجي پاڻ تي يقين ڪرڻ سان اسان ۾ خوداعتمادي جو هڪ اھڙو عمل پيدا ٿيندو آهي، جنھن بابت اسان کي اندازو نه هوندي، هيڏانھن، هوڏانھن وڃڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، سائين جن جئين فرمايو آهي ته

    وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
    لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار
    ٿي سَتي ٻڌي سندرو، پرت پنھون سين پار
    نائي نيڻ نھار، تو ۾ ديرو دوست جو.

    سائينءَ جو فڪر آسماني ۽ لافاني ذڪر آهي. مالڪ سائينءَ جي محبت انسانن جو مالڪ سان ملائڻ وارو هڪ فڪر آهي، سائين جن اسان جي لاءِ هڪ اھڙو پيغام ڏنو آهي، جنھن تي عمل ڪرڻ سان اسان جو دڳ کلي پوي ٿو. حقيقت جي راهه تي هلڻ لاءِ انسان کي ڪا مالي گُھرج جي ضرورت نه پوندي آهي. بس اسان جو ارادو اسان کي انھيءَ سچ واري واٽ جو مسافر بنائي ڇڏيندو آهي. ڪوڙ، حسد، لاپرواهي، بي ادبي، بداخلاقي، بدگماني ۽ وهم اسان کي تباهه ڪن ٿا، جنھن اسان جو من ميرو ٿي وڃي ٿو، اکين جي اڳيان هڪ ڪارو پردو چڙهي وڃي ٿو،

    عالم آئون ساڻ، ڀريو ٿو ڀير ڪري
    پاڻ ناهي ڄاڻ، مانڊي منڊ پکيڙيو

    سائينءَ جي فڪر جو نعرو اسان کي پُڪاري ٿو، حق جو هوڪو ڏيئي ٿو، سائين جو رسالو، مرشد جو ذڪر، لطيفي فڪر، هيٺائين، امن، پيار کان علاوه توڪل جو تُرهو ٻڌڻ جي ڳالھه ڪري ٿو. همت ڪري جذبي سان ڪوبه ڪم ڪجي ته اُهو ڪم آسانيءَ سان ٿي سگهي ٿو. نه ته ونگاري ڪم ڪوبه نه ٿيندو آهي. اسان جو ڪم اسان جي سڃاڻپ ٿيندو آهي، اُهو ڪھڙو به هجي. حضرت مرشد سرڪار سائين جو نالو زبان تي جيڪڏهن اچي ٿو ته دل ۾ هڪ طاقت اچي وڃي ٿي، انسان کي انسان ٿيڻ تي فخر ٿئي ٿو. اسان جي رهبر جي شاعري سنڌي ۾ هئڻ به اسان جي لاءِ قابلِ عزت ۽ احترام آهي. رب ڪريم سان محبت ڪرڻ اسان جي اجائي ٿي ويندي، اندر اُجاري ٻين جي لاءِ به ڀلائيءَ جو سبب پيدا ڪري سگُھون ٿا. مالڪ تي توڪل ڪرڻ سان، ڌڻي اسان کي اڪيلو نه ڇڏيندو آهي. ايمان جي ضرورت آهي، ايمان آڻي وجود کي آبادي ڪري سگهجي ٿو، جيئن سائين جن فرمايو آهي ته

    ڪر ڪل ئي، قادر حوالي ڪم
    تحقيق ڪر تسليم سين، لاهي غم وهم
    قادر ساڻ ڪرم، حاصل تو حاج ٿئي.


    هڻَڻَ، هَڪلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ

    هڻَڻَ، هَڪلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيغام ۾ انتھائي مشڪل وقت ۾ حوصلو، همت افزائي سان گڏ ڏکئي وقت جو ساٿي، سائينءَ جو ڪلام آهي، لطيفي لات جي هڪ عجيب ڪيفيت آهي ته هر وقت، نئين کان نئين راهه ڏيندڙ آهي،

    هِتان کڻي هُت، جن رکيو سي رسيون
    ساجن سونھن سُرت، وکائين ويجھو گھڻو

    لطيف سائينءَ جو نالو ئي هڪ اهڙي وڏي طاقت آهي، جنھن جي نالي وٺڻ سان وجود جي وڻڪار ۾ ولولو، جوش، جذبو، همت، روحاني طاقت جو نه کٽندڙ هڪ طوفان هلي ٿو وڃي. انسان جو روح خود کي مڪمل سمجھڻ لڳي ٿو. روحانيت جو ڪمال اهو آهي ته لطيفي رسالي جي سُرن ۾، داستانن ۾، بيتن ۾، هڪ هڪ جملي ۾، هڪ هڪ بيت ۾ جوش ڀريل جذبات موجود آهن. اُهو صرف پڙهندڙ تي منحصر ٿو ڪري ته هُو ڪيئن ٿو پڙهي؟ هڪ ڳالھه اسان اڪثر وساري ويھندا آهيون ته اسان کي لطيفي فڪر جي پيروي ڪرڻي آهي، جيڪڏهن اسان ڪامل مڪمل آهيون ته پوءِ لطيفي فڪر جي اصلاح ڀل ڪريون. هڪ عام انساني سوچ ۽ لطيفي فڪر ۾ ڪيئي نوري سؤ سالن جا فاصلا آهن، پر لطيف سرڪار جو ڪرشمو عجيب آهي ته تمام بھترين انداز ۾ ساٿ ڏين ٿا. اوهان جا معلم ٿي اوهان کي حق جي راهه تي آڻين ٿا. جنھن کي اڳواڻ مڃبو آهي، ان جي پيروي ڪبي آهي، ان جي اصلاح نه ڪبي آهي. اسان کي پنھنجون ڪميون، ڪوتاهيون دور ڪري، حقيقي راهه ڏانھن گامزن ٿيڻو آهي. انھيءَ لطيفي واٽ ۾ اسان جي ڀلائي آهي. انسانيت، امن، سھپ، پيار، اتحاد، توحيد، تصوف، تقوى ۽ وحدانيت جو وجود ۾ سمائڻ جو بھترين ڏس اسان کي، اسان جي هادي ڏنو آهي. سڄو رسالو، شاهه جو راڳ، لطيفي طريقت اسان جي اُها راهه، جنھن کي اختيار ڪرڻ سان اسان جي نجات ممڪن ٿي سگھي ٿي. سائينءَ جي فڪري ڪردارن سان شاعري ۾ سمجھايل ڏسن سان انسان جي اندر جي عڪاسي ٿيل آهي.
    جوڳيءَ جو ڪردار هجي يا سوامي جو، سسئيءَ جا سور هجن يا سھڻيءَ کان صلاح، کاهوڙين جا پنڌ هجن يا متارن جا ڪنڌ، ليلان جي لوچ هجي يا ماروي جي ماروئڙن جي سوچ، اسان جو رهبر اسان کي سنڌ جي تاريخ سان گڏ اسان جي روحاني تربيت، سائنسي تعليم، آسماني علم، حسابي ترتيب، اخلاقي سوچ، والدين جو احترام، استاد جي عزت ڪرڻ، عزيزن جي عزت ڪرڻ، ساٿين جي سار لھڻ، پڙ تان نه موٽڻ جو درس ڏئي ٿو. لطيفي رھبري جنھن انسان ۾ اچي ويئي، ان جو آئيندو، اڄ ۽ گذريل وقت سڀ سڌري ويندو. ڇو ته حقيقي رهبري ۾ انسان جڏهن اچي ويندو آهي ته ان جي مالڪي ڪئي ويندي آهي. پوءِ اوهان سوچيو جنھن جو اڳواڻ شاهه عبداللطيف هجي، ان کي ڪير ٿو ڀُلائي سگھي؟
    جي ڀائين ته وس چران؟ ته سنگھارن سين لڏ
    هاڃي سندي هڏ، ڪوڪ نه سڻين ڪڏھين

    افسوس صد افسوس، اڄ جو انسان خودنمائيءَ جي هڪ اھڙي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل آهي، جنھن مان هو ويچارو خود نٿو نڪري. حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي فڪر ۾ انسان کي مدد طور ڪافي صلاحون، تجويزون ۽ رستا ٻڌايا ويا آهن. ان تي عمل ڪرڻ اسان جو اخلاقي فرض آهي، جڏھن تون دنيا جي درن تان مايوس ٿي وڃين ته پوءِ ان کان گُھر، جيڪو اوهان جي گُھرڻ لاءِ انتظار ۾ آهي، هُو توتي ڏُک ٿو ڪري،
    ڏاتار ڏک ڪيا، پاڻان مٿي مڱڻي
    مون در ڇڏي مڱڻا، مڱين ڪوهه ٻيا
    تڏهن تو پيا، وچان ولھا ڏينھڙا.

    لطيف سائين جن پاڻ پنھنجي هن آفاقي پيغام ۾ هر ستايل جا ساٿي، غمگين جا دوست، صلاحڪار، همدم ٿي رهن ٿا. ڇو ته لطيف سرڪار سسئي جو ساٿ ڏنو، جيڪو هنن لفظن ۾ موجود آهي

    سسئي کي سڏ ٿيو، اسان اولاڻو
    ڪونھي پڄاڻو، اڻ ڪوٺي ڪا مَ ڪري.

    هڪ ته سسئي اڪيلي عورت، ڏکيو سفر، پاڻي جو پاءُ به موجود نه هو، راهه جو ساٿي ڪير نه هو، لوڪ جا لاڳاپا لاهي، اندر جي طاقت کي وجود ۾ ويڙهي ڀنڀور جي ڀتين کان نڪري، جَھر جَھنگ ۾ جھاڳي، وڻڪار جو اڪيلائيءَ ۾ سفر طئه ڪيو، ان ڪري سائينءَ ان جو ساٿ ڏنو. بھادري انسانن سان گڏوگڏ خود خدا کي به وڻي ٿي. همت ۽ مسلسل محنت اسان انسان لاءِ گھڻو ڪجھه ڪري سگھي ٿي. لطيف سائين فرمايو ته

    ڀانئياڻي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيُنِ ڪَڪِرا؛
    رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ؛
    لانچي لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرِ ڏورِ؛
    جَتُ وَڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏِي ٿِئين.

    سائين لطيف ڪٿي سسئي جو صلاحڪار، ڪٿي سسئيءَ جو ساٿي، ڪٿي خود پاڻ سسئي ٿي، اسان ۾ همت جو جذبو پيدا ڪري ٿو. هڪ به انسان جيڪڏهن ڪنھن به ميدان ۾ نڪري پوي ته هو گھڻو ڪجھه به ڪري سگھي ٿو. هيءَ دنيا ته اسان جي ويري ٿي سامھون اچي ٿي، انھن جي وچان هڪ اھڙو ڪم ڪرڻو آهي، جنھن سان خود تاريخ ٿي وڃون. دشمني ۽ وقتي ناڪاميون اسان کي، اسان جي راهه کان روڪي نه ٿيون سگھن. سائين جن سسئيءَ جي زباني فرمايو ته

    اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛
    چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ پَيرَ؛
    پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛
    ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛
    سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ؛
    واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين!

    بھادري انسان ۾ جيڪڏهن آهي ته هُن سان ٿيل دشمنيءَ مان هُو گھڻو ڪجھه سکي ٿو. بزدل، بخيل، لالچي، منافق جي دوستي مان فيض ڪونه ملندو. بھادري جي دشمني مان انسان گھڻو ڪجھه سکي سگھي ٿو.
    سسئي جي سورھيائي، سھڻيءَ جي دليري، ماروي جو سَت حياءُ، ليلان جي لوچ، موکيءَ جي مٽ اڳيان متارن جا مٿا ڪرڻ، پتنگن جا پور، سنڌ جي ڪنڊن جا ٻُور، ڪاپڙين جا ڪشڪول ۽ سورٺ جا منگتي اڳيان جُھول، مومل جو مجاز، ڏياچ جي اڳيان ٻيجل جو ساز، انھن سڀني قصن ۾ سائينءَ طاقت جو رنگ ڀريو آهي. لطيف سرڪار حوصلي جو نالو آهي، بي بھا بھادريءَ جو نالو آهي، جنھن کي لطيف سرڪار سمجھه ۾ اچي ويو، اُهو انسان خود هڪ تحريڪ ٿي ويندو. بلڪه تحريڪون ته ختم ٿي وينديون آهن، پر اُهو ڪردار تاريخ ٿي ويندو.

    ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو، اوڻٽيهين اُونداهِي؛
    چَنڊ نالو ناهِه ڪو، دَرِياهَه دَڙَ لائِي؛
    ساهَڙَ ڪارَڻ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي؛
    اِي ڪَمُ اِلاهِي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِھڙي؟

    جيڪڏهن اسان جي اڄوڪي معاشري ۾ لطيف سائينءَ جي لطيفيات پڙهائي وڃي ته هن نظام ۾ اهڙا ڪردار پيدا ٿي ويندا، جيڪي سسئي جيان سورھيه هوندا. سھڻي جيان بيباڪ هوندا. کاھوڙين جيان جاکوڙي هوندا، ماروي جيان قولن جا پڪا هوندا، پتنگن جيان بي پرواهه هوندا، دنيا جي سمونڊ جا سونھان هوندا، ڏياچ جيان ڏهيسر هوندا، سپڙ جيان سخي هوندا. اسان جي رهبر لطيف سائينءَ جي فڪر جي پيروي ۾ اسان جي لاءِ انيڪ سبق موجود آهن پر انھن سبقن مان هڪ سبق حوصلي جو به آهي. حوصلي وارو انسان، دنيا جي صورت تبديلي ڪري ڇڏيندو آهي. لطيف سرڪار جو شان ته اعلى آهي پر لطيفي هر سُر تحريڪ جو نانءُ آهي. هي اُها جاکوڙ آهي، جنهن جي شروعات نفس جي اصلاح کان ٿئي ٿي، ختم مالڪ ۽ ان جي بندي جي صُلح تي ٿئي ٿي. انسانن کي مالڪ جي راهه ڏسيندڙ رهبر جي هدايتن تي هلندڙ ڪيترا طاقتور هوندا؟ ان جو اندازو ان جي اڳواڻ مان لڳائي سگھجي ٿو،

    ھڻَڻَ، ھَڪـِلَڻُ، ٻيلِي سارَڻُ؛ مانجِھيان اِيُ مَرَ ڪـُ؛
    وِجَھنِ تان نه فَرَقُ، رُڪَ وَھندِيءَ راندِ ۾.

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن جو ڏس اسان جي لاءِ روشنيءَ کان گھٽ ناهي. اچو گڏجي انھيءَ فڪر جا فقير ٿي، انسانيت جي راهه تي هلون، مالڪ جي مالڪي کان سواءِ اسان ڪجھه به ناهيون، جيئن سائينءَ جن فرمايو ته،

    ويٺس وک نه اُپڙي، تون آرياڻي آء
    چڪي تو سين چاء، پاسي ڀر پئي رڙهي


    جوڳي تنهنجي جوڳ ۾، ڳالهيون گهرجن ڳچ

    جوڳي تنهنجي جوڳ ۾، ڳالهيون گهرجن ڳچ

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي رسالي ۾ مختلف موضوعن تي جامع بحث ڪيا آهن. انهن سڀني بحثن مان روحانيت کي ترجيح ڏني اٿن. سائين جن ڪردارن بابت ڳالهايو آهي، انهن جا نالا هي آهن: جوڳي، سوامي، سنياسي، کاهوڙي، لنگوٽيا، ڪاپڙي، ڪن چير، آڌوتي، گُرو وغيره آهن. جوڳي اکر جي لغوي معنيٰ آهي، جوڳ پچائڻ، مالڪ جي طرف هر وقت ڌيان رکڻ وارو. زهد، تقويٰ، عبادت سان مالڪ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ واري کي ۽ نانگن کي جهلڻ واري کي جوڳي چوندا آهن.

    جيمئون جوڳيئڙن جي، جان نهاريم جو،
    عقل تان اوجهو ٿيو، هُو هليا سامهان هو،
    مونکي ان مذڪور جي، پسيئي بوءِ،
    الحب الله والبغض ِلله خاصي سندن خوءِ
    وڃي روبرو، گُر کي گڏيا ڪاپڙ

    سائين جن هن بيت ۾ فرمايو آهي ته جوڳيئڙن جا پار پتا ڪهڙا آهن، انهن کي ڏسڻ لاءِ عقل ساڪن ٿي ويندو آهي. فقيرن پنهنجي زندگي جو سودو ڪري مالڪ حوالي سڀ ڪجهه ڪري ڇڏيو آهي.
    فقيرن هڪ اهڙي پيروي کي ساڻ کنيو آهي، جنهن ۾ مالڪ جي رضا هجي ۽ ان رضا خاطر جوڳي، سواميءَ پنهنجي زندگيءَ جي خواهشن کي ترڪ ڪري، نفس کي تزڪيه ڏيئي، اندر ئي اندر ۾ عشق جو اهڙو آتش ٻارين ٿا، جنهن مان آب ٿي پئي. فقيرن پنهنجي زندگين کي مالڪِ محبوب جي اڳيان پيش ڪيو ۽ خودنمائي کان پري رهيا. ٻين جي ڪاڻ جيئڻ کي اوليت پڻ ڏني. مالڪ سائينءَ جي حقن جي ادائگي جو شوق هجي ته ان جي مخلوق جي دل آزاريءَ کان، بيزاري کان پاسو ڪجي. بزرگن پنهنجي حياتين کي ٻين جي حفاظت ۽ خدمت خاطر وقف ڪيو. سهپ، صبر، پيار، شفقت جا اعليٰ ڳڻ زندگي ۾ پيدا ڪري اسان جي لاءِ روشن راهه ٿي ويا.
    سوامي سڀ ڄمار، وڄائي واٽ ٿيا، انهيءَ راهه جي خاطر هنن پنهنجي پاڻ کي وجود ۾ ويڙهي، وحدانيت جي راهه ٻڌائي. انسان جو ڪائنات ۾ خودمختيار ٿيڻ به هڪ الميو آهي. انيڪ راهون، بيشمار رهنما، دڪانداري جا عادي، سچ سورن ۾ آهي، ڪوڙ جي بادشاهي، شيطاني محل، لقمي جي پوڄا، حسد جي باهه، ڪاوڙ جو غرور، گلا جو گهانگو الغرض اڻ ڳڻيا رستا موجود آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي من پسند راهه کڻڻ لاءِ ڪا به پابندي ناهي، جوڳي جو تصور اوهان جي خيال ۾ ايندي هڪ اهڙي تصوير اوهان جي خيال ۾ ايندي هڪ اهڙي تصوير ذهن جي پردن تي نمايان ٿئي ٿي، جنهن جي مٿي تي هڪ ٽُڪرين واري ٽوپي پاتل، ڪنن ۾ والا پاتل، وار بغير ترتيب جي ٺهيل هجن. لال ڳاڙهيون اکيون، چپ خشڪ، ڦاٽل ميرا ڪپڙا، ڪُلهي ۾ گودڙي، پيرن ۾ ٽُٽل کرڪڻا يعني جوتا، اکين ۾ مسلسل جستجو جو وچن، هٿ ۾ اڻ سڌي لٺ، هلندي اهو چوندي نظر اچن ٿا ته، “آهي ڪو بکايل کي ماني کارائي” ڏيو الله جي نالي تي. امان ماني جو سوالي آهيان. جهڙا لفظ اچاريندو نظر اچي ٿو.
    انساني فطرت کان هڪ الله تعاليٰ واقف آهي ٻيو هو خود؛ جيڪو انهيءَ ڳالهه سان جڙيل آهي. سو اسين نانگن وارا جوڳي، سنياسي ۽ سيلاني سوامي اڪثر هٿن ۾ ڪڙا، پيرن ۾ لوهه جون زنجيرون، هٿن ۾ ڍارا يا تسبيحون رکن ٿا. زور سان ڳالهائڻ هنن جي عادت ۾ شمار هوندو آهي. ڪي نفس جا پوڄاري حرص ۾ هلن ٿا، ڪي ناٽڪ ڪري عوام کي چريو ڪن ٿا، ڪي ته مقرر حدن تائين مرشد جي حُڪم تي نفس کي ذليل ڪري، مشاهدا ۽ تجربا ماڻي راهون ڏسين ٿا.

    هلن ته ڪن هو، ويهن ته وڃن سنڱيون
    جوڳي مٿي جُوء، وڄائي واٽ ٿيا.

    اصلي انهيءَ راهه جا راهي فقير انساني ظرفن جو پڻ مشاهدو ڪن ٿا. باقي نفس جا پوڄاري جوڳي هميشه پيٽ جي پوڄا، نفس کي ڳچيءَ ۾ ڪنٺا پارائي، وڌيڪ گمراهه ڪن ٿا. جوڳي هجي سوامي، هي ڪنهن راهه جا مسافر نه هوندا آهن. هنن جا مقصد به الڳ الڳ هوندا آهن. جوڳي نفس لاءِ جوڳ تي نڪرندا آهن. ڪي مالڪ جي رضا خاطر به نڪرندا آهن.
    حضرت سيد مرشد لطيف سرڪار جي علم جو پڙلاءُ اڃان تائين انسانن تي محلاتي سازشن جي ڪري اوترو نه پهچي سگهيو، جيترو پهچڻ گهربو هو. لطيف سائين جي علم کي عام ڪٺن ۾ وچڙائڻ وارا اڪثر تڪليفن ۾ هوندا آهن. اڻ ڳڻيل دلين تي بادشاهي ڪندڙ منهنجو مرشد لازوال طاقت جو مالڪ آهي. پاڻ انسانيت لاءِ جهنڊو کڻندڙ جي اڳين صف ۾ بيٺل آهي. لطيفي فڪر کي دائرو ڏئي جيون کي منور نٿو ڪري سگهجي. عام انسانن جي وهم کان، شعور کان، پهچ کان سرڪار جو فڪر ته پري جي ڳالهه آهي پر بيتن جي تشريح جي به پهچ ناهي.
    جوڳي ٿيڻ لاءِ ڪنٺا، ڪولابا، ڪشڪول، گداگيري، ڪنن ۾ ڪُر پائڻ، هٿ ۾ لٺ کڻڻ، والا ٽوپائڻ، ڍارا هڻڻ، بيکاري ٿي در در تي سين هڻڻ ضروري ته ناهي. لطيفي فڪر اسان کي ڪهڙي ريت جوڳي، سوامي، سنياسي، فقيريءَ جون صفتون ٻڌائي ٿو. جوڳي سنياسي، سوامي درد، صدائون ئي سيکاري ٿو، گهمڻ به هڪ ڪيفيت ۽ منزل آهي. جتي فقير پنهنجي چيلن کي گهمائي، در در تي سين هڻائي هنن جي تربيت ڪندا آهن. مختلف علائقا تبديل پڻ ڪندا آهن.

    لاهوتي لطيف چئي، سُڃ ۾ هَڻن سين

    سڃ ۾ به فقير سين هڻن ٿا، صدائون بلند ڪن ٿا، عشق الاهي جو ڪو به مڪتب ناهي، ڪنهن تدريسي عمل ۾ روحانيت نٿي ملي سواءِ فقيري خوانگاهن جي، خوانگاهي نظام تمام پراڻو آهي. جتي انساني نقطه نظر هر اها شيءِ سيکاري وڃي ٿي، جيڪا مالڪ کي به راضي ڪري ۽ انسانيت لاءِ به بهتر هُجي.
    هن جُڳ جي جوڳين جون نشانيون لطيف سائينءَ بيتن ۾ ٻڌايون آهن. لطيف سائين اسان کي صرف هتي وارن جوڳين بابت ته سمجهايو آهي پر هُتي وارن يعني اصلي مقصد وارن لاءِ گهڻو ڪجهه علم ڏنو آهي. اُهي ڪهڙا هوندا آهن، انهن جون نشانيون ڪهڙيون آهن، اُهي سڀ نه ٿيون ڏئي سگهجن پر هن بيت ۾ سائين فرمايو آهي ته:

    جي ڀانئين جوڳي ٿيان، تان ويهي ڳولهه وجود
    اُٿي الک سامهون، سامي ڪر سجود
    خلوت ڪر خفي سين، ٿي نفي ۾ نابود‎
    پرج پورب پار ڏي، بابو ڇڏي بود
    نانگا نفس پنهنجو، ڪر رضا ساڻ ربود
    تن کي ڏئي تسيا، ٿي الف سين آلود
    لڏي تون لاهوت ۾، ڪر ويراڳي ورود،
    غنبي ڇڏ غنود ته راول رسين رام کي.

    سنڌ جي پهرين خوانگاهي، اوطاق ڀٽ شاهه جي وڏي اوطاق آهي جتي هر ڪنهن لاءِ عزت هئي. ڪو به وڏو ننڍو نه هو، سنڌ جو سائين سڀني فقيرن کي دوست چوندو هو، يا سڄڻ ڪري سڏيندو هو. فقيرن جي ايتري اڳ عزت سنڌ ۾ ڪٿي نه ڪئي وئي هئي. بلڪه پيري ۽ مريديءَ جون درگاهون ۽ مسندون ٻيون به هيون پر روحانيت، شريعت، طريقت، حقيقت، معرفت جو ميخانو ڀٽ شاهه هئي.

    نابودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو
    مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
    ڪبي اِت ڪيهي، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي

    چوڻ جو مقصد ته هر راز ڳجهه، انسانيت جو نغارو فقيرن هر دور ۾ هنيو هو، شريعت سان گڏ اندر اجارڻ پڻ هن سيکاريو.
    جنهن کي صورت ناهه سرير ۾، تنهن مورک ڪبو ڪوهه
    ته ڪو سون برابر لوهه، جي اٺ ئي پهر اُجارئين

    فقير جو رنگ ۽ علم ٻين علمن کان گهڻو مختلف آهي. جيئن ڪنهن به تدريسي ڪورس ڪرڻ لاءِ اوهان کي سبق ته ڏنو وڃي ٿو، اوهان جي يادگيري تي اوهان کي علمي سند سان نوازيو وڃي ٿو، پر فقيري رنگ ۾ سڀ کان پهرين اندر جي صفائي ضروري هوندي آهي. اها هڪ اهڙي سِٽ آهي، جيڪو به فقير هوندو هر مريد کان وٺندو. پوءِ مڪتب عشق جو طالب بڻائيندو آهي.

    جو تو ڏيئو ڀانيو، سا سورج سهائي
    اندر اونداهي، رات وهامي ڏينهن ٿيو

    اندر ئي اندر ۾ علم ۽ بحث مباحثا پيا منتقل ٿيندا آهن، سوامين، جوڳين جي روين ۾ ڪاپڙي گهمن پيا، علمن کان امتحان وٺن ٿا. جڏهن ته ڪپڙي جي ٺهيل گودڙين جي هنن کي گهرج ناهي، فقير هميشه آرائش کان ۽ ضرورتن کان پري رهندا آهن. مالڪ جي رضامندي لاءِ جسم جو گوشت رت پنهنجي ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيندا آهن.


    سُتا سڀ پئي، سندي معلم آسري

    سُتا سڀ پئي، سندي معلم آسري

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪري سوچ ۾ انسانن لاءِ آسانيون پيدا ٿيل آهن، انسان جي اِها پراڻي فطرت آهي ته اميد تي گھڻو جيئندو آهي، محنت، محبت سان ڪم ڪرڻ واري جذبي سان گڏوگڏ هُو اميد جو پنڌ هرگز نه ڇڏيندو آهي، لطيف سائينءَ جن فرمايو آهي ته،
    نااميدي نيج ته اُوڏي ٿئين اُميد کي

    لطيف سرڪار اسان جي لاءِ روشنيءَ جي راهه جيان رهنمائي ڪن ٿا. سائين جي سُرن ۽ داستانن جي سوچ گھڻي مٿي آهي، هي اسان جي لاءِ آساني پيدا ٿيل آهي. انسانن جي لاءِ راههِ حق جي تلاش ڪرڻ هر انسان يا عام شاعر جي وس جي ڳالهه ناهي. لطيف سرڪار پنھنجي وجود ۾ هڪ اعلى تخليق ڪري انسانن کي مالڪ سان ملائڻ جو هڪ رستو پيدا ڪيو آهي. وفا جو بھترين مثال سائينءَ هر فڪر ۾ ڏنو آهي. ڪجھه شيون انسان جي لاءِ گھڻيون ضروري هونديون آهن. وفا، اعلى فڪري سوچ، اڻٿڪ محنت، ساٿين جي رکوالي، اصولن جي پختگي، مستقل مزاجي، ڏڏن ڏڦيرن کي به ساڻ ڪري هلڻ ۾ انسان جي شخصي تعمير ٿئي ٿي ۽ ان مان انتھائي وڏائي وارا عنصر ان انسان ۾ موجود هجن ٿا، پر انھن ۾ سچائيءَ جو هجڻ لازمي آهي، جيڪو اهڙا ڪم ڪري ٿو، پر اڄ جو انسان افسوس، بي وفائي، مڪاري ان سان ئي ڪندو آهي، جيڪو ان جي ويجھو هوندو آهي. سائين ڪافي جڳھين تي فرمايو آهي ته
    چَڱا ڪَنِ چَڱايُون، مَٺايُون مَٺَنِ؛
    جو وَڙُ جُڙي جِن سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.

    تڪليفون اسان جي توقعات جي ڪري ٿينديون آهن، اڳين ڏانھن نھارڻ کان بھتر آهي ته اسان پنھنجو ظرف ڏسون، انڪري جو اسان مالڪ جي ڪسوٽي تي هر ويل چڙهيل هوندا آهيون، پر ارادي جي مضبوطي اعلى مقام ڏيئي سگھي ٿي

    هُو چَوَنِـئِي، تون مَ چؤ، واتان ورائي؛
    اَڳُ اَڳَرائِي جو ڪري، خطا سو کائي؛
    پاندَ ۾ پائي، ويو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪي.

    اسان جا ڪم اسان جي شخصي سڃاڻپ رکن ٿا، نه ڪي ڳالھيون، هر حال ۾ انسان پنھنجي ڪم سان سڃاپي، انڪري ٿو جو ان جي سوچ انھن ڪمن مان ظاهر ٿئي ٿي. اسان جو مالڪ اسان جي هر ڳالھه کان واقف هوندو آهي

    ڳالھيون ڳجھه اندر جون، پرين پروڙين مُور
    هلي تو حضور، ڪھڙو وللان وات سين

    سائين جن فرمايو آهي ته مالڪ دلين جا راز ڄاڻي ٿو ان جي اڳيان وات جي بڪ بڪ جو به ڪم جي ناهي. زباني ڳالھين کان اڳتي مالڪ سائين خيالن تي قابض آهي. لطيف سائين اسان کي ٻڌائي ٿو ته اسان تان حرف هرو معاف ٿيل آهي پر اسان به خود ان جي پوئلڳ سڏائڻ جي قابل ته ٿيون

    ڏاگھا ڪين مَ ڏرو، اوهانجو آرياڻي اڳي ٿيو
    موڙ مڃر ٽاريون، چانگا سڀ چرو
    آن تان حرف هرو، ميڙوئي معاف ٿيو.

    بس پاڻ سڃاڻڻ جي ضرورت آهي. لطيف سرڪار اسان کي اميد جو دامن نه ڇڏڻ جو چيو آهي، پر ڪجھه اسان تي واجب ڳالھيون لاڳو ٿين ٿيون ته اسان انھيءَ عمل تي پڪا ٿي ته بيھون، جنھن جو آسرو آهي، ان سان ته سچائي هجي، باقي پنھنجا عمل پاڻ ئي سڌري ويندا. مرشد اسان کي اھڙو آسرو ڏنو آهي، جنھُن مان اميد جي راهه کلي وڃي ٿي،
    نااميدي جي نجھري، پھي پس الله
    چٽو ربي راهه، مرادن مخفي ڪيو

    نااميدي، الله تعالى جي ظاهر راهه به مخفي ٿي ڪري. اسان جي مراد يعني اميد جي مطابق اسان جا ڪم ٿين ٿا، انھيءَ ڪري مرشد سرڪار جن فرمايو آهي ته

    جيڏو تنھنجو نانءَ، ٻاجھه به اوڏيائي منڱان

    ڏيڻ وارو هميشه گھرڻ واري جو ظرف پرکيندو آهي. اسان کي، اسان جي ڌڻيءَ تي، اعتبار تي منحصر آهي ته اسان کي ڇا ملندو؟ ڌاتار ڏک ٿو ڪري ته مونکان تون ڇو نٿو گهرين، آئون سڀ ڪجھه ڏيڻ وارو آھيان. ڪيترو به گنھگار آهين، هڪ دفعه توبهه ڪري وري اچ، هڪ فقير جو شاعر فارسي جو آهي ته

    باز آ “باز آ” هر آنچه هستي باز آ
    گر کافر و گبر و بت پرستي باز آ
    اين درگه ما در که نو ميدي نيست
    صد بار اگر توبه شکستي باز آ

    اسان کي مالڪ تي پڪو يقين هجڻ گھرجي ته مالڪ اسان کي معاف ڪندو، پر اسان جي اُنسيت ڪنھن سان منسلڪ آهي. اميد به اوتري رکون، پاڪ رب مان سُٺي توقع رکڻ گھرجي. مالڪ انسان جو همدرد آهي، تڪليفون به ان جي ڀلائيءَ جي ڪري ڏيندو آهي. يقين ڪامل هجي، ضمير روشن هجي ته منزل آسان ٿي پوندي. سنگتي سٺا ملي ويندا، پڪ سان، اسان تي مالڪ رحم ڪندو،
    جيڪي ڪري بندو، سو سڀوئي ڏوهه
    تون پارس آئون لوهه، سڃين ته سون ٿئي

    لطيف سرڪار اسان جي لاءِ اهڙيون راهون ڏنيون آهن جو اسان کي ڪا به تڪليف نه ٿيندي، پر اسان جو انھيءَ تي عمل هجڻ گھرجي ته اسان جي لاءِ منزل تي پھچڻ ڪا به وڏي ڳالھه ناهي،

    ثمر جنين نه ساڻ، هوت حمايتي تن جو
    ڇنا اڏبا ڇپرين، ايندو پنھون پاڻ
    ٿيندي روح رھاڻ، لحظي منجھه لطيف چئي.

    اسان کي سائين جن فرمايو ته جنھن سان ثمر ساڻ نه هوندو، ڪير به ساڻي نه هوندو، ان سان مديني واري سرڪار، غريبن جو مددگار، هيڻن جو حامي، آڙين جو آڌار، يتيمن جو يار انھن سان گڏ هوندو. هن بيت مان هيءَ ڳالھه ثابت آهي ته اسانجو ڌڻي اڪيلو ڪڏھن ڪين ڇڏيندو. ڇو ته پاڻ رحمت اللعالمين آهن، ساري جڳ جو آسرو، ڪائنات جي ڌڻي امتين جي آجائي لاءِ ڪيئي دفعه واهر جي دعا گھري آهي. الله سائين جا لاتعداد احسان آهن، ڪھڙا به آهيون، آهيون ته ان مالڪ جا. اسان جي عيبن کان مالڪ جي رحمت وسيع کان وسيع آهي، ان ڌڻيءَ تي پڪو يقين گھربل آهي، جنھن پڪ ڪئي ان جي لاءِ ڀلائي ٿي. انسان جو عقل ڪُل ناهي، هي ويچارو ڪيتري به ترقي ڪري، پر انھيءَ نڪتي کان انھيءَ نڪتي تائين هوندو. ڪائنات جو مالڪ ته بلند بالا آهي، جيتري ڪائنات آهي، ان کان ڪافي وڏي رحمت مالڪ جي آهي،

    هِت حامي هڻين جو، هُت هادي هٿ ڌريندو،
    يا
    سُتا سڀ پئي، سندي معلم آسري
    اوھين پڻ سمھو ناکئوا، بندر ناهي ڀئي
    جن جي سيد لڄ کنئي، سي سڀ لنگهندا لڪيون.

    هر ڪنھن کي پنھنجي اڳواڻ تي بانور هوندو آهي. اسان جو اڳواڻ حضرت محمد صه جن تي يقين آهي، اسان جو مددگار ٿيندو، انھي يقين ڪامل تي رهڻ ۾ اسان جي ڀلائي آهي. لطيفي پيغام انسانيت جو چٽو ثبوت آهي، هنئين ۾ هنڊائن جي ضرورت آهي.


    طالب قصر ، سونهن سر

    طالب قصر ، سونهن سر

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر۾ جيڪو تصوف جو رنگ سمايل آهي، اُهو اهڙي ريت سمايل آهيجنهن سان اصل انسانيت جي حقيقي راهه جا اهڃاڻ ملن ٿا، ميدان فقر۾ انسان کي تمام گهڻي محنت ڪري رياضت ڪري توحيد جي ميدان ۾ هلڻو هوندو آهي. ڪا ايڏي وڏي ڳالهه ناهي. دنياوي ڪمن ۾ جيتري دلچسپي هوندي آهي اوتري محنت سان روحانيت جو علم حاصل ڪري سگهجي ٿو. فقير هميشه، شريعت، حقيقت، طريقت، معرفت سان قائم رهندا آهن. ان کان علاوه ذڪر، فڪر، مراقبا، سفر فقيري جي طريقت ۾ موجود آهن، پنهنجي فڪر ۾ رهن ٿا.

    جن کي دور درد جو، سبق سور پڙهن
    فڪر ڦرهي هٿ ۾، ماٺ مطالعي ڪن
    پنو سو پڙهن، جنهن مان پسن پرين کي

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۾ ٿورڙن فقيرن جا نالا ورتا ويا آهن، جيڪي فقيري جي رنگ ۾رنگيل آهن، انهن مان حضرت منصور حلاج ۽ حضرت مولانا جلال الدين رومي جن جي فڪر تي شاهه سائين بهترين روشني وجهي سمجھايو آهي. حضرت منصور، جي نالي سان سمجھايل بيت ۾ توحيد جي پرچار ڪن ٿا. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي سُر سهڻي جي داستان ۾ ذڪر ڪيل آهي، ڇو ته اسان جي شاهه سائين جو رسالو الله تعالى جي وحدانيت سمجھائڻ لاء هڪ بهترين نمونو آهي. روح جي دري کولي اندر ۾ جھاتي پائي مالڪ ڏانهن متوجھه ٿي، روح سان شاهه سائين جي ڪلام جي مطالعي جي ضرورت آهي. اوهان جون راهون روشن ٿي وينديون، زندگي آسان ٿي ويندي. بار وانگر نه رهندي اوهان راهه جا رهنماء به ٿي سگهو ٿا، جيڪڏهن انهي خيال ۽ رمز سان شاهه سائين جي رسالي جو مطالعو ڪريون. ڪهڙي ڳالهه آهي جيڪا سائين حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسان کي نه سمجھائي آهي،

    سڀت پچار پرين جي، سڀت هوت حضور
    مُلڪ مڙيوئي “منصور”، ڪُهي ڪهندين ڪيترا

    فقيريرنگ ۾عبادت، رياضت، ذڪر جو سبق هوندو آهي، اڄ اسان ان هستي تي روشني وجھنداسون جنهن شخصيت کي حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن سر يمن ۾ نالو وٺي ڳايو آهي، جنهن جو نالو حضرت مولانا جلال الدين رومي “بلخي”، رومي سائين جن جو اصل ڳوٺ” بلخ“ افغانستان آهي. حضرت مولانا جلال الدين رومي سائين جن جي پيء جو نالو بهاولدين آهي، رومي سائين جن جو والد بلخ ۾ هڪ مدرسي جو اڳواڻ هو. منگولن جي حملن جي ڪري ٻئي هنڌ هجرت ڪري وڃڻ لاء روانو ٿيو. رومي سائين علامه جي عهدي تي سند آفته هو جڏهن نيشاپور پهتا، جتي حضرت فريد الدين عطار جي ڪتاب (الهى نامو) پڙهڻ جو موقعو رومي سائين کي مليو. جنهن جي مطالعي سان حضرت مولانا جلاالدين رومي جو روح عرفان ماڻي ورتو. حضرت رومي سائين علامه مان هاڻ سائين روحانيت جي سرحدن تائين پهچ حاصل ڪري ويو هو، نيشاپور مان جڏهن سندس والد هجرت ڪئي ته پاڻ قونيه، اڄوڪي تُرڪي ۾ رهائش پذير ٿيا، اُتي جڏهن حضرت مولانا جلال الدين رومي جي ملاقات، وقت جي انتهائي قابل و ڪامل ولي حضرت شمس تبريز سان ٿي، جنهن جو حضرت مولانا جلال الدين رومي سائين مريد ٿيو،
    صحبت ڪتابي، از خوش تر است
    صحبت مردان، آدم گر است

    ترجمون، رومي سائين جن فرمائين ٿا ته، “ڪتابن جي صحبت دماغ ۾ خشڪي پيدا ڪندي آهي، ڪنهن مرد ڪامل جي صحبت اوهان کي انسان بنائي ڇڏيندي” ڇو ته نصاب پڙهائڻ لاء به استاد جي ضرورت هوندي آهي، هر علم جي سکيا ڪتاب مان ڀل ملي پر استاد جي هٿان ملندي ته اُها انتهائي ڪارآمد ۽ موثر هوندي آهي. فقير رومي جي چوڻ جو مطلب آهي ته، ڪو به علم حاصل ڪريو ته ان جي لاء ڪامل استاد، مرشد جو هجڻ ضروري آهي،
    الله جي توحيد ۽ جي ان هيڪڙائي جو بيان شاهه سائين جي ڪلام ۾ انتهائي بهترين نموني چيل آهي، هر سُر ۾ شاهه سائين اسان کي کولي کولي سمجھايو آهي

    ميم مان معلوم ٿيو، الف آهين تون
    تيلانهن آيل مون، ورق وارئي ڍڪيا

    فرمان لطيفي آهي ته، “ميم مان مونکي پتو مليو، ميم مان مونکي ڄاڻ ملي ته الف تون ئي آهين، انهي ڪري ٻين ڪتابن جا ورق مون ورائي بند ڪري ڇڏيا آهن” هي راز حقيقي آهي جنهن تي منڪشف ٿيندو آهي، ان جي زبان خاموش ٿئي ويندي آهي. ٻين ڪتابن جي مطالعي کان غافل ٿي پنهنجي اندر جي محبوب سان مگن ٿي وڃي ٿو، حضرت جلال الدين رومي جن جو فڪر حضرت شمس تبريز کان ۽حضرت شمس تبريز جو فڪري خيال حضرت ابن تعفور بايزيد بسطامي کان، انهن تي حضرت ذوالنون المصري جن جو اثر آهي، حضرت ذوالنون المصري جن جي صحبت جو اثر ۽ مريدي جو رنگ حضرت بسطامي مٿان ايترو چڙهيو جو هن پنهنجي پاڻ مٿان ان فڪر کي حاوي ڪري ڇڏيو، روح جي علم جو هي ماهر فقير، روحانيت جو سبق نفس تي عبور ڪرڻ فقيري واري رنگ جو اڳواڻ ڪري مڃيو وڃي ٿو، جنهن کي هڪ صوفي جماعت جو اڳواڻ پڻ ڪري مڃيو وڃي ٿو، حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو حڪم آهي.

    جي ڀائين جوڳي ٿيان، ته ڪِين پيالو پيء
    نانهن نهاري هٿ ڪري، آئون اُتم ٿيء
    سندو وحدت ويء، طالب توڙا ماڻين

    پهرين جهاد پنهنجي نفس سان ڪر، پوء ڀلي ٻئي پاسي نهار، انسان جي اندر ۾ جيڪي نفس واري جنگ هوندي آهي. ان جي هار ۽ جيت ئي اصل ظاهري زندگي جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو سبب بڻجندي آهي. انسان خواهشن جي غلامي تڏهن ڪندو آهي، جڏهن هُو “نفس اماره” جي گهيري ۾ اچي ويندوآهي. هن نفس جو ذڪر پاڪ ڪتاب ۾ فرمان خداوندي ۾ آهي، اماره نفس انسان کي برائي ڏانهن راغب ڪري ٿو، ان نفس جي اهڙين چالن کان بچڻ جي لاء الله جي ولين، بزرگن۽ نيڪ ٻانهن هڪ اهڙو گس ڳوليو، جنهن ۾ فقط مالڪ جي رضامندي، ذڪر الاهي ۽ مراقبي مشغول ۾ زندگي گذاري وڃي، ۽ ان جو پيغام ٻين انسانن تائين پهچايو، ته اصل بادشاهي اُها آهي نه ضرورتن ۾ رهو، خواهشن کان پاسو ڪريو، لذتون اوهان کان ڏوهن وارا ڪم ڪرائي ذلت و خواري جو سبب بڻائينديون آهن. عارضي خواهشون انسان جي اندر جي دنيا ۾ تباهي جو ڪارڻ بنجن ٿيون ۽ بزرگن انهن برائين کان انسان کي بچائڻ لاء خوانگاهي نظام ٺاهي، عبادتن ، ذڪر ۽ سماع جون محفلون سينگاري انسان کي ڀلائي جو رستو ڏيکاريو. نظم ۽ نثر ۾ علائقائي زبانون استعمال ڪري انسان کي حقيقي راهه رستو ڏيکاريو آهي، جنهن جي ڪري انسان کي علم جي حصول ۾آساني ٿئي ۽ ڪارائتو بنجي پئي، فقيرن پنهنجي زندگي ٻين انسانن جي ڀلائي لاء وقف ڪري ڇڏي ۽ الله تعالى جي عبادت ڪري مالڪ جو حقيقي قرب حاصل ڪيو. الله جي رضا ۾ راضي رهيا. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن انهي ڳالهه لاء تمام گهڻو چيو آهي

    “ر”ريئون راضي روح ۾، مٿي رب رضا

    حضرت ذوالنون المصري يا حضرت فريدالدين عطار، حضرت شمس تبريزي يا حضرت مولانا جلال الدين رومي يا اسان جو شهنشاهه حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن سڀني فقيرن حق جي رستي جي پرچار ڪئي آهي، جيڪو به الله تعالى جو ولي هوندو اهو انسان کي حق جي راهه ڏانهن راغب ڪندو. پاڻ تڪليفون سهي انسان لاء زندگي آسان ڪندڙ هي حق جا راهي هميشه ڪامياب رهن ٿا. انهن فقيرن جو مقام الله تعالى جي بارگاهه ۾ اوچو رهي ٿو. بزرگ ٻين لاء مشعل راهه بنجي، عام انسان کي سادگي سان زندگي گذارڻ جو ڏس ڏيئي پنهنجي رستي ڏانهن هليا وڃن ٿا

    هيء هيء ڪري هليا، آديسي اُٿيا
    جوڳين جا جهان ۾، خيما ڪِين کُتا
    منهن ويڙهي مڙهين ۾، سامي ڪِين سُتا
    پورب سي پهتُا، ڏئي اوجاڳو اکينء

    فڪر لطيف ۾ اسان کي حضرت مولانا رومي جن جو تمام سهڻي انداز ۾ حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي ٻڌايو آهي، جنهن سان اسان کي پنهنجي راهه لاء آساني ٿي سگھي. بس ڪوشش جي ضرورت آهي، جيترو انسان دل لڳائيندو اوتري ڪاميابي ملندي، بس اُهو اسان تي آهي ته اسان هينئر ڇا ڪري رهيا آهيون؟ ڪٿي ۽ ڪهڙي منزل جا مسافر آهيون؟ اسان جي زندگي انمول آهي اها مالڪ جي طرفان تحفي کان گھٽ ڪانهي ڪا. ٿورڙي سوچ اسان کي اعلى مقام تائين پچائي سگهي ٿي. اُها سوچ به ڪريون ته سهي، ڏسو ته ڪيئن ٿي تبديلي اچي، الله سائين اوهان جو حامي ٿيندو، رستو آسان ٿي ويندو، ظاهر، باطن ڪاميابي ملي ويندي. حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جو فڪر هجي يا ڪنهن ٻئي فقير جو خيال، الله جي بزرگن انتهائي رهنمائي ڪئي آهي، حضرت مولانا جلال الدين رومي جي باري ۾ شاهه سائين جن فرمايو آهي ته
    طالب قصر سونهن سر، ايءِ رومي جو آهي
    تاڙي جي لاهي ، منجهئين مشاهدو ماڻين


    آگميو آهي، لڳھه پس لطيف چئي

    آگميو آهي، لڳھه پس لطيف چئي

    الله تعالى انسان جي تخليق سان گڏ هن ڪائنات ۾ ٻيون مخلوقون، وڻ، ميوا، سمنڊ، درياهه ۽ موسمون خلقيون آهن، پر سنڌ جي سانوڻيءَ واري موسم دنيا جي عجيب موسم آهي. هِتي سنڌ ۾ سانوڻيءَ جون برساتون، اڪثر اتر جي مينھن ۽ پورب يعني اوڀر جي طرف جون برساتون وسن ٿيون. سنڌ جي مٽي ۾ هڪ خوشبو آهي، جيڪا سانوڻي جي وسڪاري پوءِ اٿندي آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. سنڌ جي سانوڻيءَ جي مند جو نمونو اڳ کان هينئر ڪجھه مختلف آهي. اڳ سنڌ جي آبادگاري گھٽ هئي، اڳ سنڌوءَ جا واھڙ وهندا هئا، جن تي مختلف واهن جا نالا ڏنل هوندا هئا، جتان به سنڌو چاهيندو هو وهندو هو، انھن واهن جي ڪنارن تي وڻن جو نه کٽندڙ سلسلو هوندو هو، پر ٿر جي پاسي وارو علائقو صرف برسات تي گذارو ڪندو هو. حضرت شاهه سائين کي برساتي موسم سان بيحد پيار هو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنھنجي ڪلام ۾ پاڻيءَ جو ذڪر سُريراڳ، سُرسامونڊي، سُر سھڻي، سُر سارنگ، سُر ماروي ۽ ٻين سُرن ۾ ڪيو آهي. ٻين سُرن ۾ لطيف سائين درياهه، سمنڊ ۽ مختلف طريقن سان پاڻي جو تذڪرو ڪيو آهي، پر سُر سارنگ ۾ لطيف سائين صرف برسات تي ڪلام چيو آهي. لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ هڪ اعلى رنگ سمايل آهي، جنھن به موضوع تي سائين جو ڪلام آهي، انھيءَ بابت سائين تقدير جو حوالو ضرور ڏنو آهي. هي هڪ بيت سارنگ ۾ آهي، سائين جن چون ٿا ته، برسات کي حُڪم ڪير ٿو ڪري، مالڪ جي فرمان سان برساتون وسن ٿيون، ڏيھه جا ڏڪار لھي وڃن ٿا، خشڪي واري صورتحال ختم ٿي وڃي ٿي، کير ۽ لسي جو واهپو وڌي وڃي ٿو. الله سائين کان مرشد شاهه سائين جن دعا گھرن ٿا، جيڪي هتي ڏڪار لاءِ سوچين ٿا، اُهي شل مري وڃن، آبادي ۾ واڌارو ٿي وڃي،

    حڪم ٿيو بادل کي، سارنگ ساٺ ڪجن
    وڄون وسڻ آئيون، ٽھه ٽھه مينھن ٽمن
    جن مانگھه لاءِ ميڙيو، سي ٿا هئي هٿ هڻن
    پنجن مان پندرهن ٿيا، ايئن ٿا ورق ورن
    ڏڪاريا ڏيھه مان، موذي شال مرن
    مينھون پاڻ مراديون، ٿڌا ٿر چرن
    وهڪيئي جن ورهه ٿيا، موٽي سي مڙن
    وري وڏي وس جون، ڪيون ڳالھيون ڳنوارن
    سيد چئي سڀن، آه تو تنھنجو آسرو

    حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائي جن پنھنجي ماروئڙن جي روح جي ترجماني ڪئي آهي. سائين جي ڪلام ۾ پوري سنڌ جي علائقن جو احوال پڻ موجود آهي. لطيف سائين فرمائين ٿا ته سڀني کي مالڪ سائينءَ جو آسرو آهي. لطيف سائينءَ جي هن سُر سارنگ ۾ ڪڪرن جا قسم، ڪڪرن جا وسڻ، تاڙي جون تنوارون ۽ ٻين مختلف پکين جون لاتيون ٻڌايون آهن. گاهن جا رنگ، ڪڪرن ۾ سج جي روشني جا عڪس، محبوب سان مينھن جي مشابهت، چوماسي جي هوائن جو ذڪر، مينھن موسم ڌنارن جي بيتن جو بيان، سپن جي اندر جي آس لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ موجود آهي. سپ جي اندر آس هوندي آهي ته مينھن وسي جيئن موتي جڙي پون. ماروئڙن سان بيحد پيار لطيف سائين جن ڪن ٿا. انھن جي واپار لاءِ، سنڌين جي کير مکڻ جو سوچين ٿا، ڏڪار کان سخت نفرت ڪن ٿا، سائينءَ جي سُر سارنگ ۾ چوماسي هوائن جي رخ جو ذڪر به ڪيو آهي. تاڙي جي تنوار ٿئي ٿي، سائين جي پسنديده مُند سانوڻي لڳي ٿي،

    مُند ٿي، منڊل وڄيا تاڙي ڪئي تنوار
    هارين هر سنباهيا، سَرها ٿيا سنگھار
    اڄ پڻ منھنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا

    شاهه جي موسمياتي تجربن جو هڪ مطالعو ٿيڻ گھرجي، جنھن مان اسان جي موسمي حالاتن کان واقفيت هن جديد دور ۾ به ٿي سگھي ٿي. لطيف سائينءَ جي ڪلام جي ٻين خاصيتن مان هڪ اها به خوبي آهي ته لطيف سائين هر دور جا شاعر آهن. لطيفي فڪر خاص هڪ وقت لاءِ ناهي چيل، هڪ موضوع ۾ لطيف سائين جي تمام گھڻي اونھي سوچ هوندي آهي. اُهو سُر ڪھڙو به هجي، سارنگ جي بيتن ۾ لطيف سائينءَ موسمياتي ماحول جي اهڙي ترجماني ڪئي آهي جو بيت پڙهندڙ کي ايئن محسوس ٿئي ٿو، تاڙي جون تنوارون هلن ٿيون، مينھن جي وڻن جو ٽاريون ٽمن ٿيون، هاري هر کڻي ڏاندن سان گڏ کيتي جي لاءِ روانا ٿين ٿا. ڪڪر جو اُٻون اتر طرف کان ڪئين اچن ٿيون، وڻن ۾ بھاري لڳي پئي آهي، خوشي وارو ماحول آهي. ماروئڙن جا چھرا خوش آهن. لطيف سائين جي بيتن جو منظرنگاري وارو پاسو به تمام گھڻو وسيع آهي،

    ماڙي چڙهي ڏٺام، پکا پنھوارن جا
    هڪ اڳئي سھڻا، ٻيا ويتر مينھن وٺام
    ڪھڙا ڏوهه ڪيام، جئين ٿر مارو آئون ماڙئين

    چين کان ننگرپارڪر تائين، ساماري کان جيسلمير تائين، لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ سونھن ئي سونھن سمايل آهي. سونھن ته مالڪ سائين کي به وڻي ٿي. انھيءَ سانوڻي موسم سان گڏ لطيف سائينءَ هن ڪائنات جي سانوڻيءَ جي موسم جي به ڳالھه ڪئي آهي. جڏهن حضور پاڪ صه جن جو هن دنيا ۾ جلوى افروز ٿيا ته هن ڌرتي جو رخ مٽجي ويو، هي دنيا شاد آباد ٿي ويئي،

    اکيان ميگھه ملار، صورت تنھنجي سڀ جڳ موهيو
    سجدو فيل في الحال ڪيو، پسي نور نرار
    ڄاپڻ سان ڄام جي، ڪريا ڪُنگرا ڪوٽ ڪفار
    آگي آسمانن جو، توکي ڪاريو سير ستار
    “ولسوف يعطيڪ ربڪ” توسين قادر قرار
    قادر پاڻ قسم کنيو، خاڪ قدمن جي ڪلتار
    آهين ڪرم ڪريم جا، احمد ساڻ اَپار
    اُڪنڊيا جي اَبر کي، سرها ٿيا سنگھار
    موڪل ٿي مينھن کي، دوست هٿان دلدار

    سائين جن جي هن وائي مان اوهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته سائين جن سُر سارنگ ۾ صرف هڪ موسم جو ذڪر نه ڪيو آهي، اسان جي تقدير جو فيصلو ڪندڙ مالڪ سائين جن اسان کي تمام اُتم ۽ اعلى پيغمبر جو اُمتي بڻائي هِت موڪليو آهي،
    روضي پاڪ رسول جي، ڪيو وڄڙين وارو
    ڀريائين ڀير پئي، نظر سين نارو
    هادي ڀر حُڪم سين، هيءُ تڙ تاسارو
    نبي نظارو، پيءِ پسايو پانھنجو

    لطيف سائين جي سارنگ ۾ اندر جي موسم جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. سائين پنھنجي محبوب جو ذڪر پڻ ڪيو آهي،

    آگم ائين انگ، جھڙو پسڻ پرين جو
    سيڻن ري سيد چئي، روح نه رُچن رنگ
    سھسين ٿيا سارنگ، جاني آيو جوء ۾

    لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ بي بھا خزانو آهي. موتين جي هنن تڙتن کي ڪنھن جوھري جي ضرورت ناهي. لطيف سائينءَ جي ڪلام ۾ انسان جي ڀلائي، هڪ هڪ ڪم الڳ الڳ بيان ٿيل آهي، سوچڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت تي زور ڏجي، سائين سُر سارنگ ۾ سندس ڀٽ جو به اهڙيءَ ريت ذڪر ڪيو آهي، جئين ٿر جي ڀٽن، ڏهرن يعني پوٺن جو، گاهن جو ذڪر ڪيو آهي. سائين پنھنجي ڀٽ ۽ ڪراڙ جي ڪنن جو ذڪر سُر سارنگ ۾ ڪيو آهي.

    ڀِري ڀٽ تي آئيون، سارنگ سھج منجھانءَ
    يا
    ڀريائين ڪن ڪراڙ جا، وٺو ولاسو

    سارنگ جي سار انسانن سان گڏ پکين، جيتن، جانور کي به ٿئي ٿي. لطيف سائين به انھي ڳالھه جي ترجماني ڪن ٿا. شاعر کي ته عام طرح احساسن جي ترجماني جو اڳواڻ چيو ويندو آهي، پر اسان جي رهنما، شاعريءَ ۾ انسانن جي احساسن کي ته ڳايو آهي پر لطيف سائين“آر” هڪ جيت آهي جيڪو مينھن جي موسم کان اڳ چي چي ڪندو آهي، ان جو به ذڪر ڪيو آهي. مرگھه يعني هرڻ آهي، ماڻھن سان گڏ مينھن جانور لاءِ به سانوڻيءَ واري موسم پسنديده موسم آهي، سائين انھن سپن جي احساسن جو به ذڪر ڪيو آهي، جيڪي سمنڊ ۾ برسات لاءِ سڪي ٿي،
    سارنگ کي سارين، ماڻھو مرگھه مينھون
    آرون اَبر آسري، تاڙا تنوارين
    سپون جي سمنڊ ۾، سي سج نھارين
    پَلر پيارين، ته سنگھارين سک ٿئي

    سنڌ جي خوشحالي سان گڏوگڏ سائين جن پوري دنيا جي آبادي لاءِ دعا گھري آهي ته هي عالم سڄو آباد هجي، هتي ڪو به ڏڪار نه هجي، انسانن ۾ خوشحالي هجي، جيت، پکي ۽ جانورن کي ڪا به تڪليف نه اچي. اڄ اسان جي سنڌ نيم ڏڪار جي حالت ۾ آهي. پاڻي پاڇاٽا ٿي ويا آهن. اڄ جو سنگھار سائينءَ کي سوال ٿو ڪري، پراڻيون سانوڻيون وري اچن، پاڻي عام جام هجي، اندر ٻاهر انساني موسم سانوڻي واري هجي، هر انسان خوشي واري زندگي گذاري.
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،

    سنڌ اُهو خطو آهي جتي مڪمل ڪڏهن به ڏڪار نه ٿيو آهي، ٿر نه وٺو ته ڪاڇو وسي ٿو، ٻئي نه وٺا ته وچين سنڌ سدائين آباد رهي ٿي. سانوڻي جھڙو ماحول هن وقت ٿي پيو، مالڪ در ٻاڏايون پيا ته مالڪ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ شاد آباد رکجان،

    آگميو آهي، لڳھ پس لطيف چئي
    وٺو مينھن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي
    ڇن ڇڏي پٽ پيو، ثمر سنباهي
    ويھو مَ لاهي، آسرو الله مان


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 923
    ڪتابن جو مشاهدو: 2927409
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 760855
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ