ڪتاب جو نالو: ڌرتيءَ جا گيت
مصنف: نياز ھمايوني
ڇپائيندڙ: تخليق پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1977
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 24 جولائي 2020 ع
پڙهيو ويو: 924 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 282 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ قومي زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورتحال جي ترجماني ڪيل آھي. آزاديءَ کان اڳ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي گذريو ۽ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر پوندو رھيو تنھن بابت شاعر جي سوچ ڪھڙا انداز اختيار ڪندي آئي اھا سڄي حقيقت ھتي واضح ٿئي ٿي.
ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • اَلا توھار
  • انسان دوست، محب وطن ۽ شاعر
  • گيت

  • گيت لکان يا ڳوڙھن ۾ ڪا ڳالھ ڪريان!
  • تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول
  • سانوڻ جي برسات اَلا ھيءَ ڪاري ڪاري رات
  • ھو جھُڙيالي- ھي جھڙيالي-
  • وھي ڀتر وَل جان ڦلاري
  • ٻيڙيءَ وارا ٻيلي، مون کي پار پڄاءِ!
  • سانوڻ سُک جي سيج وڇائي،
  • اُٿو جو سِج لھڻ تي آھ، متان اوير ٿي وڃي
  • دل ٿي چاھي، ويٺو گيت لکان
  • اُوسيئڙا ٿا آس اورانگھن، تانگھ ٿي پويان پير کڻي
  • لوڪ گيت

  • چيڻو
  • سنيھو
  • ڍاٽيڙو
  • ڇيڄ
  • اَلا مان مٿي اگھاڙي!
  • مور ٿو ٽلي
  • لولي
  • لاڏو
  • ٻاگھي
  • اُوٺيئڙو
  • مانجھيئڙو
  • لوڪ ناچ
  • ڍوليا
  • مورو
  • بالو
  • ماھيا
  • ھنبوڇي
  • جمالو
  • نظم

  • جنگ آزادي 1947ع
  • يلغار
  • رھنمائو قوم اوھان کان ٿي پڇي!
  • سنڌ موجود حق موجود
  • جيئي سنڌ جيئي شال
  • منھنجي ڌرتي
  • اي وطن منھنجا وطن
  • سنڌڙي بہ تون، منھنجي جندڙي بہ تون!
  • سنڌڙي منھنجي ماءُ
  • او سنڌو سونھاري سنڌو
  • اھو عھد آھ سنڌڙي
  • ھي سنڌڙي ھي سانگي
  • سنڌ سدائين جيئي شال
  • سنڌ جاڳي پئي
  • جنگ جاري رھي!
  • جنگ اسان جي جاري رھندي
  • اچو تہ بي قرار ٿيون
  • اچو تہ ڪو بلو ڪريون
  • بابل منھنجي ملڪ ۾!
  • واھڻ وارا ڇوڪرا
  • ھو جي ويا، سو ويچارا
  • ھاريءَ جي نالي
  • نئين نسل جي نالي
  • اي درد ھلي آءُ
  • دل جي ڳالھ
  • تنھنجون وايون ورھ لطيف
  • سچل سائينءَ جي حضور ۾!
  • اي خبردار زمانا
  • اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ
  • پاڇا ۽ پڙلاءُ
  • زندگي اھڙي بہ ڇا؟
  • مگر زندگي، زندگي !
  • زندگي تنھنجي ڪري!
  • وڇڙي ويل يار جي ياد ۾
  • طويل نظم

  • ھاءِ جيجل مارئي!
  • مڪلي منھنجي جيجل مڪلي!
  • سنڌ جا ميلا
  • پرھ ڦٽيءَ کان پوءِ
  • غزل

  • ھن دور ۾ اسان جو، اظھار ياد رکجان
  • ٻڌاءِ صياد! ھن زماني ۾ ڪير آھي،
  • جانبازي جي تقاضا، دل فگاري کان علاوہ
  • اي دل ڪڏھن موت جي ايندي صدا اوچتي
  • دل نہ جي غم سان رھي سازگار اي دوستو!
  • سڀئي ٿا چون خوش ٿي! چمن ۾ بھار آھي
  • پنھنجي وطن ۾ ڪين رھيا جو وندر جا وسڪارا ھو
  • اسان جي عشق جو جنھن آرزو تي انحصار آھي
  • اوھان جو ڀاڳ ستارا سٺو ٻڌائن ٿا
  • ديارِ دل ۾ محبت ٿي بي قرار رھي
  • ويچارن جي واٽ وٺي مان، ويراني ۾ ڀٽڪيو آھيان
  • ڪڏھن غمگين گهاريون ٿا، ڪڏھن خوش ٿي گذاريون ٿا
  • جڏھن تنھنجي غم ۾ گرفتار ٿياسين
  • دوستو! ڪا مقتل ۽ خنجر جي ڳالھ
  • عشق جو قلم کڻي، حسن جو بيان ڪجي
  • روئجي ٿو تہ تازو ٿو ارمان ٿي
  • زندگي پنھنجون گهڙيون، دک درد ۾ گهاري وئي
  • اوھان جي درد ۾ اي دوست دلفگار آھيون
  • دل جي توسان لڳي تہ اڏجي وئي
  • اسان جي عزم کي اي آسمان متان نہ مڃين
  • آدميءَ جي اذان، انقلاب زندہ باد
  • وطن جي دوستيءَ ۾ وفا جا حوصلا کپن
  • دوھا

  • (۱)
  • (۲)
  • (۳)
  • (۴)
  • (۵)
  • (٦)
  • (۷)
  • (۸)
  • وايون

  • عشق ۾ ناھي ڳالھ کٽڻ جي،
  • مون ۾ سڀ موجود، تو ۾ تون ئي آھين،
  • ٽانداڻي جان ٽيڙو ٽمڪيا، کڙيا کٽڻھار الا
  • انسان پنھنجي دنيا، ڏس ڪينءَ تہ پاڻ ٺاھي

  • انتساب

    پنھنجي گھر ڌياڻي شيرين ۽ نياڻِي انجم جي نالي

    نياز


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڌرتيءَ جا گيت“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري شاعر نياز ھمايوني جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
    ھن ڪتاب ۾ قومي زندگيءَ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورتحال جي ترجماني ڪيل آھي. آزاديءَ کان اڳ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي گذريو ۽ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر پوندو رھيو تنھن بابت شاعر جي سوچ ڪھڙا انداز اختيار ڪندي آئي اھا سڄي حقيقت ھتي واضح ٿئي ٿي.
    ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن.
    ھن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1977ع ۾ تخليق پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون صوڀيديري سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻوليءَ جي عاشق شاھنواز سومري صاحب جا جنهن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    ساٿ سلامت سنڌ سلامت


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com 


    اَلا توھار

    سر زمین سندہ مسجود دل غمدیدہ ھے
    ذرہ ذرہ مین لھو اسلاف کا جوشیدہ ھے
    اقبال

    تخليق پبليڪيشن پاران ھي پھريون ڪتاب شايع ڪجي ٿو جنھن ۾ قومي زندگي جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي صورتحال جي ترجماني ڪيل آھي. آزاديءَ کان اڳ ۽ ورھاڱي کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪي ڪجھ ٿي گذريو ۽ سنڌ تي ان جو جيڪو اثر پوندو رھيو تنھن بابت شاعر جي سوچ ڪھڙا انداز اختيار ڪندي آئي اھا سڄي حقيقت ھتي واضح ٿئي ٿي.
    جيستائين شاعر جي ذميداري جو سوال آھي ان جي نڀائڻ ۾ ڪا ڪسر باقي رھيل نٿي ڏسجي. ھن باري ۾ قوم تي ڪھڙو فرض عائدٿئي ٿو اھو ويچارڻ ان جو ئي ڪم آھي. تاريخ جي ھر دور ۾ سنڌي شاعري پنھنجو بلند معيار قائم رکندي ۽ اھم ڪردار ادا ڪندي آئي آھي، ھتان جو ھر محب وطن شاعر انفرادي سوچ کي اجتماعي رنگ ڏئي قوم جي دونھاٽيل ذھن ۾ روشنيءَ جا ڪرڻا اپائي ٿو. ھو پنھنجي قول توڙي عمل وسيلي صداقت جو ثبوت مھيا ڪري اصول پرستيءَ جي انتھا تائين پھچي ٿو. ان ڪري ھن کي مثالي حيثيت سان ياد ڪيو ويندو آھي. ھي ”ڌرتيءَ جا گيت“ جنھن حب الوطني ۽ انسان دوستي جي جذبي سان لکيا ويا آھن، وقت جي تقاضا موجب انھن کي ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ جي جيڪا ضرورت محسوس ڪئي ٿي وئي ان کي ڌيان ۾ رکندي تخليق پبليڪيشن ھيءَ مھم سر انجام ڏني آھي.
    ھن پبليڪيشن جي مالي مدد جو بار جنھن ڀلاري شخص پنھنجي سِر تي کنيو آھي (سندس ھدايت مطابق) ان جو نالو ته في الحال ظاھر ڪري نٿو سگھجي ليڪن اڳتي ھلي اھا نيڪي الم نشرح ٿي ويندي ته ھن زماني ۾ سنڌ اندر ڪي اھڙا مانجھي مرد به موجود ھيا جن پنھنجي خلوص ڀري خاموشي سان ھن قسم جي قومي ڪارنامي ذريعي پنھنجو پاڻ ملھائي ادب نوازي ۽ انسان دوستيءَ جو ثبوت پيش ڪيو. خدا اھڙي پر خلوص ھستيءَ کي سلامت رکي..... آمين.

    ناظم تخليق پبليڪيشن


    انسان دوست، محب وطن ۽ شاعر

    ارسطو جي زماني کان وٺي ھن دور تائين شاعري توڙي شاعري جي تنقيد جا مسئلا نه صرف ادبي نقادن، شاعرن ۽ جماليات جي ماھرن بلڪ عام ماڻھن جي لاءِ به دلچسپيءَ جو موضوع ٿيندا آيا آھن، انھن مان ھر شخص انساني زندگي جي ھر مرحلي تي شاعري جي فطري ضرورت ۽ ان جي تھذيبي اھميت کي محسوس ۽ واضح ڪرڻ جي پوري ڪوشش پئي ڪئي آھي.
    مشرقي ۽ مغربي عالمن جي راءِ مطابق شاعري جذبات جي لطيف موسيقي، احساسات جي حسين مصوري ۽ تخيل جي وجداني ڪيفيت آھي. ھن جو دل ۽ دماغ ٻنھي تي اثر پوندو رھي ٿو. ھي حواس جي تندن مان نغما اُڀاري روح کي سرشار بڻائي ٿي ڇڏي، ھي جذبات کان علاوه شعور سان به رابطو رکي ٿي. ھن جي طفيل زندگيءَ ۾ ڪيئي روشنيون پيدا ٿين ٿيون ۽ ماڻھن کي رھنمائي نصيب ٿئي ٿي. ھي انسان کي جياپي جي ريت سيکاري ٿي. سندس ذھن ۾ زندگيءَ جو شعور اڀاري ٿي ۽ کيس زندگي بسر ڪرڻ جو مڪمل احساس ڏياري ٿي.
    ڪنھن حقيقت پسند ادبي نقاد جي انھيءَ مختصر تمھيد کان پوءِ آءٌ خود ان جي ئي لفظن ۾ نياز جي شاعري سندس پرخلوص شخصيت جي صحيح عڪاس ۽ پنھنجي ماحول جي سچي ترجمان آھي. ان ۾ اجتماعي زندگيءَ جو احساس ۽ اظھار ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ موجود آھي. ھن جي شاعري شانائتي شاعري آھي جنھن ۾ زندگيءَ جو عرفان، انسان جي عظمت جو ايقان ۽ ان جي روشني ۽ مستقبل جو امڪان جھلڪي ٿو.
    ھن جي شاعري زندگيءَ جي دک درد ۽ رنگ رومان سان گڏ قوم ۽ وطن جي شاعري آھي، ھي اڪثر قومي زندگي جي مسئلن کي پنھنجي شاعري جو موضوع بڻائي ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي اھڙيءَ طرح بلنديءَ کان وٺي پستي تائين اجاگر ڪندو رھي ٿو جو سندس شاعري اسان جي زندگيءَ لاءِ صحيح عڪاسي جو رتبو رکي ٿي. انھيءَ عڪاسيءَ ۾ انفرادي، اجتماعي، ذھني ۽ جذباتي زندگيءَ جا سمورا نقش بلڪل پڌرا نظر اچي رھيا آھن.
    محترم نياز سان منھنجي پھرين ملاقات سندس شاعري جي شروعاتي دور ۾ اوڻيھ سؤ پنجيتاليھ ڌاري ٿي ھئي جڏھن پاڻ پندرھن يا سورھن ورھين جي ڄمار جو ھيو. ھاڻ ته ھن يار جي عمر ذري گھٽ پنجاھي سالن تائين پھچڻ واري آھي. زندگيءَ جي انھي طويل عرصي ۾ ھن شخص جيڪي ڏک سور ڏٺا تن جو سندس ذھن تي ڀرپور اثر پوندو رھيو. خاص ڪري ھڪ غريب ھاريءَ جي خاندان ۾ جنم وٺڻ سبب دنيا جي ھرڪا مصيبت مٿس نازل ٿيندي رھي جا ھن جي احساسات ۾ برابر ھلچل پيدا ڪندي آئي. ھن پنھنجي شاعري جي شروعات ۾ ئي غمِ جانان کي غم دوران سان ملائي انفرادي معاملا درگذر ڪري اجتماعي مسئلن کي پنھنجي شاعري جو موضوع بڻايو ۽ وقت جي تقاضا موجب تحريڪ آزادي سان پاڻ کي ھمڪنار ڪري ڇڏيائين. انھي طبعي ميلان مھابي کيس ملڪ جي عظيم مدبرن جي صحبت ۽ اصولي زندگيءَ جو قريبي مشاھدو ڪرڻو پيو جنھن ھن کي آدرشي زندگي عطا ڪئي. منھنجي خيال ۾ نياز صاحب نھايت خوش نصيب آھي جو کيس ايڏن اتانھن انسانن جو قربتون حاصل ٿينديون رھيون جن جي اڪسيري نگاھ ٽامي کي به ڪندن بڻائي ڇڏي ٿي.
    نياز جي شخصيت سراپا غم آھي ليڪن انھيءَ غم سندس ذھن ۾ ڪابه تاريڪي پيدا نه ڪئي، ھي اٿاھ غمن جي باوجود زندگيءَ سان دلچسپي رکندو آيو، کيس ڪا خوشي ميسر نه ٿي تڏھن به پنھنجي مُرڪ ملھائيندو رھيو. سندس شخصيت جي اھا خصوصيت کيس خود اعتمادي جي جذبي سان نوازيندي رھي جنھن ڪري پاڻ زندگيءَ جي ھر قدم تي مايوس ٿيڻ بدران اميدن ڀريا اُمنگ اُڀاريندو رھيو.
    اھا ڳالھ بنا ڪنھن وڌاءَ جي چئي سگھجي ٿي ته نياز وسيع ظرف رکندڙ ۽ زنده دل انسان آھي، سندس خلوص واقعي مثالي حيثيت رکي ٿو. عام انسانن وانگي ھن ۾ به ڪي خاميون ضرور آھن مگر جيتري قدر اصول جو تعلق آھي تنھن جي باري ۾ ھن جي شخصيت ڪڏھن به داغدار ٿيڻ واري ناھي.
    اڪثر ڏٺو ويو آھي ته ڪي ماڻھون شاعر کي سندس شخصيت کان پري رکي پرکيندا آھن جا ڳالھ حقيقت جي بلڪل برعڪس آھي. ڪوبه شاعر جيستائين شخصي طور ڪنھن به معاملي ۾ پاڻ کي ذميدار تصور ڪرڻ لاءِ تيار نٿو ٿئي تيستائين ان جي ڪنھن به فرض ادائي کي صداقت تي مبني چئي نٿو سگھجي.
    شاعر کي شاعر ٿيڻ لاءِ وڏي محنت ۽ مشقت جي ضرورت رھي ٿي. پھريان ھي پاڻ کي سمجھڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پوءِ پنھنجي روح کي پرکڻ لڳي ٿو. کيس مختلف آزمائش ۾ مبتلا ٿي پاڻ تي درد انگيز ڪيفيت طاري ڪري ذھن جي اونھائين مان پار ٿيڻ جا حيلا ھلائڻا پون ٿا. جيڪڏھن سندس شخصيت آسائشن کان پاڪ ٿي شاعريءَ لاءِ آماده ٿئي ٿي ته ھن جي اھا شاعري انسان ذات ۽ قوم وطن لاءِ ڪارگر ٿئي ٿي ٻي حالت ۾ سندس شاعري محض شاعري ھوندي منجھس مجاز جو ڪوبه دخل نه رھندو.
    نياز ھمايوني بنيادي طور قوم پرست شاعر آھي. جيتوڻيڪ ھي ترقي پسندي جي رنگ ۾ اشتراڪيت ڏانھن به رغبت رکندو اچي ٿو ان ھوندي به سندس قوم پرستيءَ وارو جذبو ڪڏھن فنا ٿي نه سگھيو آھي. سندس شاعريءَ ۾ جديد ۽ قديم فن ۽ فڪر جا عنصر ڏٺا وڃن ٿا پر ھن جيڪا ان ۾ نواڻ پيدا ڪئي آھي تنھن کي ڌيان ۾ رکندي اھو فيصلو ڏئي سگھجي ٿو ته نياز بيشڪ منفرد شاعر آھي. ھن مجموعي ۾ نياز جا گيت، لوڪ گيت، نظم، طويل نظم، غزل، دوھا ۽ ڪي وايون شامل آھن. انھن سڀني شين جي مطالعي کان پوءِ مجموعي طور نياز جي نرالي شاعري ۾ شاعريءَ سان گڏ موسيقي، مصوري ۽ تخيل جي وجدان جون خصوصيتون چٽيءَ ريت محسوس ٿين ٿيون تنھن کان سواءِ فڪر ۽ فن جون مڙئي خوبيون منجھس موجود آھن.
    ھي شاعري جنھن خوش اسلوبي ۽ روانيءَ سان نگاھون اُڪري ذھن جي گھراين تائين پھچي ٿي تنھن مان درجي به درجي اھو اندازو ٿيندو وڃي ٿو ته ھن ۾ فڪر جي بلند پروازي سان گڏ فن جي عجيب پختگي، موسيقي جي دلفريبي ۽ مصوري جي رنگيني قوس و قزح جا المست نظارا پسائيندي رھي ٿي. نياز جي شاعري جي ھر صنف ۾ مٿيان اثر ۽ قدر برابر سمايل آھن جن کي ڏسندي اھو اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته اھا شاعري ڪنھن ڪوشش بدران قدرتي ڏات جي پيداوار آھي.
    اھڙي قسم جي شاعري بھترين ۽ خوشترين طبيعت جي يادگار گھڙين جي سرگشت ھوندي آھي. ھر انسان جي قسمت ۾ اھڙيون اڻ وسرندڙ گھڙيون ضرور اچن ٿيون جڏھن ڪوبه جذبو يا خيال جنھن جو موضوع، مقام يا ڪردار نفسي ڪيفيت مان اڀرندو آھي ۽ اچانڪ انسان جي طبيعت ۾ وارد ٿي بنا پڇي واپس ھليو وڃي ٿو ليڪن انھي لمحي جي قيام جا اثرات ناقابل اظھار حالت ۽ سرخوشيءَ جي صورت ۾ ذھن تي رھجي ويندا آھن، جنھن ڪري ان جي ھلڪي يادگيري انسان کي سدائين لطف اندوز ٿيڻ جا موقعا ميسر ڪندي آھي. اھڙيون عجيب گھڙيون گھڻو ڪري انھن انسانن کي نصيب ٿين ٿيون جن جي احساس جي قوت ۽ تخيل جي قدرت انتھائي ذڪاوت ۽ وسعت واري ھوندي آھي. نفس جي اھا ڪيفيت جيڪا انھن گھڙين جي خاصيت مان شمار ٿئي ٿي ھر معمولي خواھش سان ٽڪرائيندي رھي ٿي. انھيءَ مان ئي نيڪي ۽ محبت جو احساس وطن جي حب ۽ دوستداري جي انداز جا جذبا پيدا ٿيندا آھن جن کي شاعر پنھنجي زبان ۽ انداز بيان وسيلي عوام تائين پھچائي ٿو. اھڙو شاعر نيڪيءَ جو علمبردار ، محبت جو مبلغ، وطن جي حب جو داعي ۽ دوستيءَ جو ديوانو ھوندو آھي. ھن جو ھر قول سچائي ۽ سونھن جو طلبگار ٿئي اھوئي شاعر قومن جي ذھن يا زندگيءَ ۾ انقلابي شعور اپائي سگھي ٿو. مٿيون اقتباس نياز جي شخصيت ۽ شاعري سان بلڪل ٺھڪي اچي ٿو. ھن پنھنجي شخصيت جي بناء تي شاعريءَ جي جيڪا آبياري ڪئي آھي تنھن مطابق وڏي وثوق سان چئي سگھجي ٿو ته سندس شاعري زنده جاويد شاعري آھي ۽ جيستائين سنڌ قائم آھي تيستائين ان جو اثر باقي رھندو. اھا شاعري اَيامن کان پٺتي پيل قوم کي اڳتي وڌڻ جو پيغام پھچائڻ لاءِ وارد ٿئي ٿي، اھوئي ھن جو وڏو ڪارنامو آھي. نياز پنھنجي شاعري جي صورت ۾ سنڌي قوم لاءِ اھا ميراث مھيا ڪئي آھي جنھن ۾ ڪڏھن به ڪا کوٽ اچڻي ناھي، ھيءَ شاعري ذھن جي تغير زندگي جي تعمير ۽ تھذيب تاريخ جي آئينه دار آھي. ھن مان ذميداري نڀائڻ جو درس، زندگي گھارڻ جو احساس ۽ انساني آدرش جي بجا آوري جو پيغام ملي ٿو. ھن ۾ قوم جي عروج ۽ زوال بابت تمثيلي طور تاريخي داستان دھرائي قومي زندگيءَ جي پستي ۽ بلندي جي صحيح تصوير پيش ڪئي ويئي آھي. پنھنجي تھذيب جو تحفظ ڇو ۽ ڇا لاءِ ضروري آھي اھا اشاريت به ھن شاعريءَ ۾ موجود آھي. نياز جي خيال ۾ تھذيب جو تحفظ تيستائين ممڪن نه آھي جيستائين انھيءَ ڪارڪردگيءَ ۾ وطن جي حب جو جذبو شامل نه آھي. ان ڪري ھي تھذيبي قدرن جي ترجماني سان گڏ حب الوطنيءَ جو صدائون به ڪري ٿو. سندس لوڪ گيت انھن صدائن جو مظھر آھن.
    سنڌڙي تنھنجي سُک جي ساک بلي
    ڦٽندي نيٺ ته پنھنجي باک بلي

    نياز پنھنجي شاعري ۾ جنھن سِڪ ۽ سوز سان سنڌڙيءَ کي ڳايو آھي تنھن جو مثال ورلي ڪو ملندو. سنڌ سان سندس محبت عقيدت جي حد تائين ڏسجي ٿي:
    آءٌ نه پوڄيان لوڪ جيان، ڌڻي ڪڏھن به دنيا جا،
    منھنجي ڌياڻي سنڌ الا، صدقي جنھن تان سو سجود.

    ھن جو جئڻ توڙي مرڻ صرف سنڌ لاءِ آھي:
    جڳ چئي پاڻ ليءَ، آءٌ نه اھڙو ٿيان،
    آءٌ تو ليءَ جئان، آءٌ تو ليءَ مران!

    وري بي خوديءَ ۾ اچي چوي ٿو:
    تنھنجي جذبي ساڻ جئان، تنھنجي مستيءَ منجھ مران،

    پڇاڙيءَ اھو عھد به ڪري ٿو:
    سنڌڙي تنھنجي نانوءَ تان صدقي، منھنجا سڀ سنگيت الا،
    جيسين جيئندس، تيسين لکندس، تنھنجي غم جا گيت الا.
    انھيءَ سوز گداز ۽ معصوم انداز سان نياز جڏھن سنڌڙي ڳائيندو آھي ته ٻڌندڙن جي دل ڀرجي ايندي آھي ۽ سندس اکيون آليون ٿي وينديون آھن.
    آيل تنھنجي سورن جا ٿا، اسان کي اِئين اھڃاڻ لڳن،
    ننڊ مان ڇرڪي ٻار جيئن ٿا، ماءُ جي ڇاتيءَ ساڻ لڳن.

    يا:
    روئندي روئندي نِير کُٽي ويا، لھو اچي ويو لڙڪن ۾،
    آءٌ ڪيئن کلندي کير پيئان، منھنجي سنڌڙي آھي سڏڪن ۾.

    اِنين نه آھي ته نياز رڳو سنڌ جي غم جا گيت ڳايا آھن. ھن غم جي اظھار سان گڏ اھا للڪار به ڪندو رھيو آھي ته:
    سنڌڙيءَ ڪارڻ سودائي ٿي، سِر ڏئي ساري ڪرڻي آھ،
    سنڌڙيءَ جا سرويچ جئن شل، سنڌڙيءَ جي پَت رکڻي آھ.

    يا:
    اڄ جو نعرو سڀان جي ھلچل، ميڙو انت مچي پوندو،
    نيٺ ته سنڌ جي ساري ٿيندي، نيٺ ته جبر جھُڪي پوندو.

    نياز جي شاعري ۾ ٻين خصوصيتن سان گڏ خاص خوبي اھا به آھي ته ھي آس ۽ نراس ٻنھي جو اثرائتي نموني اظھار ڪري ٿو. پھريان پنھنجي انداز بيان موجب ھر ڳالھ جو غمگين پھلو پيش ڪري پڇاڙيءَ نھايت جوش ۽ جذبي سان اميد جون ريکائون نروار ڪرڻ لڳي ٿو. جئن نظم ”زندگي اھڙي به ڇا“ ۾:
    اي دکي دل تنھنجي غم کان گھائجي ويو آھيان
    شام جي گل وانگيان ڪومائجي ويو آھيان
    بس ڪر اي دل ھاڻ مان گھٻرائجي ويو آھيان.

    وري نظم جي پڇاڙيءَ ۾ چوي ٿو:
    اڄ ته ڪاھيون ڪاڪ تي، اي مينڌرا منزل ڌڻي،
    ڏيل ڏاريون مومليون ماڻيون، ٿيون محمد ڌڻي
    ٽوڙ بند ۽ لاھ ڦندا، ھل ته ٿيون دنگل ڌڻي.
    اميد ۽ ياس جو اھو طلوع ۽ غروب نياز جي شاعري جي ھر صنف ۾ جادوگريءَ جي حد تائين نشانبر آھي، ايتري قدر جو ھن جي طويل نظم ”ھاءِ جيجل مارئي“ ۾ دک درد ۽ مايوسيءَ جي انتھا آھن ۽ دانھن کان پوءِ به نظم جي خاتمي تي ڀرپور اميد ۽ پوري جوش جذبي جو مظاھرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    شاعري ۾ تشبيھون سورھن سينگارن جو درجو رکن ٿيون. ان باري ۾ به نياز جيڪو ڪمال ڪري ڏيکاريو آھي تنھنجي ڇا ڳالھ ڪجي. سندس ھر تشبيھ سون وانگي نِج پئي لڳي:
    1. ساھ کي ويا ائين سور وٺي ڄڻ
    چنڊ گرھڻ ڙي ڍوليا
    ھاءِ اسان جي جندڙي ٿي وئي
    پنڊ پھڻ ڙي ڍوليا
    2. ڪنڍيون ڀروان ته سنھڙا چپ بالو
    اسان ترسون ڪينءَ تو وٽ سانڍيل سڀ بالو
    3. تنھنجي لوڏ ۾ لھرا بينن جا
    اسان مستيءَ ۾ ڇڙيا چيڻا سينن جا
    4. تنھنجون ساھيڙيون ڀٽن تي ھيون انھي اوصاف ۾
    ڄڻ ته گوپيون مندرن ۾ ڄڻ پريون ڪوڪاف ۾
    5. جي نوجوان حسرتون کنڀين جئان کڙن پيون
    جي يادگار ساعتون پکين جئان مڙن پيون
    6. مست ٿي موھن دڙي سان جاڙ جئن مھراڻ ڪئي
    اھڙي حالت ڪنھن اچي اڄ تنھنجي ھستيءَ ساڻ ڪئي

    انھيءَ کان سواءِ نياز جون اڪيچار تشبيھون ٻيون به آھن ليڪن ھتي فقط انھن تي ئي اڪتفا ڪجي ٿي. مڪليءَ نظم ۾ ته نياز ايتريون تشبيھون آنديون آھن جو انھن جي ڳڻپ ڪرڻ ئي مشڪل ڪم آھي. ھن مان ھر تشبيھ اسان جي ماحول، تھذيب، تاريخ ۽ تمدن سان تعلق رکي ٿي تنھن ڪري انھن جو حسن ھيڪاري وڌيڪ دلفريب نظر پيو اچي. نياز بيشڪ جتي نظم جو بادشاھ آھي اتي تشبيھن تي به پورو عبور رکي ٿو، نياز جي زبان ۽ انداز بيان جا صرف ڪي مثال پيش ڪجن ٿا:

    1. ھاڻ ته ڪاغذ جو گل آھيان
    بي سُڌ ته به سُرت رھي ٿي
    ھير نه مونکي ڀانءِ پوي ٿي
    ماڪ نه مون کي راس اچي ٿي
    رنگن ھوندي بي رنگي اف،
    پاڻ کان پاڻ کي ڪرڀ لڳي ٿي

    2. ھميشہ ھڪڙي مُرڪ ليءَ ٿا لڙڪ ڪيئي لاڙجن
    ھميشہ ھڪڙي پور ليءِ ٿا سور ڪيئي تاڙجن
    ھميشہ ھڪڙي عيش ليءَ ٿا ھانوَ ڪيئي ساڙجن
    جھٻا اچن ٿا جيءِ کي ٽٽن ٿا ساز ساٿيو!

    3. ھانوَ تي مُڱ ٿو ڏري ڪوئي ته ڀي چپ ٿا رھون
    ساھ مُٺ ۾ ٿو ڪري ڪوئي ته ڀي چپ ٿا رھون
    ننھن نڙيءَ تي ٿو ڌري ڪوئي ته ڀي چپ ٿا رھون
    نانگ وانگي ٿو وري ڪوئي ته ڀي چپ ٿا رھون.

    ۽ ھي آھي نياز جي شاعري جي بي پناھ رواني:

    1. ھو گھوڙا ھو ميدان جا مينڌرا
    منزلون جن کي مومل جان مرڪي ملن ٿيون
    ھلن ٿا ائين ڄڻ ڏکڻ جون ھوائون
    ڊڪن ٿا ائين ڄڻ ته کنوڻيون کلن ٿيون
    ويا ھو ويا ھوڪرا پئجي ويا
    سوڀ ۽ ھار ليءَ سڀ جون ڇاتيون ڇلن ٿيون.

    2. ھو جوڙا ملھن جا جتي جوان جوانن کي
    ڀاڪر وجھي بي ڊپا ٿي وڙھن ٿا
    گھڙي ٿا ڪمانن جان ٻيڻا ٿين
    ۽ گھڙي تير وانگي سڌا ٿي وڙھن ٿا
    دسڻ ۽ ڪرڻ مرڪ مردن جو
    ڊپ کان ٿي آجا ھي مھمير راجا وڙھن ٿا.

    نظم مڪلي ۾ دريا خان جي دلاوري ھن رواني سان ٿو بيان ڪري:

    ڌُوڪي ويو ميدان ۾ ائين ڄڻ
    شينھن لنگھي ويو ٻيلي ۾
    ڌارين ۾ ڦڙڦوٽ پئي ڄڻ
    مينھن وسي پيو ميلي ۾
    ڀاڱن ۾ پيا بدن انھن جا
    پئجي وئي رت ريلي ۾.

    اھا اٿاھ رواني تشبيھن جي ور وڪڙ مان ھينءَ سنڌا ڏئي پار ٿيو وڃي ٿي:
    محفل ۾ ٿي ماٺ، اڏاڻا ڄام جا نشا آڙين جان
    درٻارين جا ڪنڌ جھڪي پيا، ڪرندڙ جھرندڙ ماڙين جان
    ھڪل ڪيائين درٻارين کي مڇريل شينھن جي راڙين جان.

    نظم جي ھيڏي رواني کي شايد نثر جي رواني به نه پڄي سگھي.
    نياز جون طويل نظمون تاريخي حيثيت رکن ٿيون جن لاءِ پڻ طويل تبصري جي ضرورت آھي پر مجبوريءَ سبب ائين ڪري نٿو سگھجي. حڪم آھي ته ھر ڳالھ اختيار سان ھجي. اھا پابندي خود شاعر کي وجھڻ کپي جنھن طويل نظم لکي طويل تبصري جو ڪارڻ پيدا ڪيو آھي.
    غزل ۾ نياز اھوئي انداز ادا ڪيو آھي جنھن جي کانئس بھترين توقع رکي ٿي.
    1. دعا گھرو دل جي سوجھري جي ته ٿي سڻائي
    اکين سڄي جو ھتي ته ڪاريءَ تي پير آھي.

    2. سچ آھ زھر ته به ٿا ان جا پئون پيالا
    اي زندگي اسان جو ڪردار ياد رکجانءِ.

    3. انسان جي عشق ۾ ڀي غم ڪرڻ سِک ميان
    حاصل نه ٿيندي ڪٿان اھڙي غنا اوچتي.

    4. زندگيءَ جا زخم لک ته به گھرو نٿا گھاوَ اڃا
    مان ٿي ڇيھون ستن جي ڪٽار اي دوستو.

    نياز جا دوھا ۽ وايون به پنھنجو مَٽ پاڻ آھن. خاص ڪري پڇاڙيءَ واري وائي- انسان سرا لاھي ته لاجواب آھي، ۽ ھي دوھو سڀني دوھن جو سرتاج:

    آءٌ نماڻو ھاري زادو، ذات جو ڪوري نانءُ نياز،
    سڀ ڪو ڄاڻي ڪين ٿو ڄاڻي، ڏنگن وارو ڏانءُ نياز.


    فقط

    محمد صالح عاجز
    ايڊيٽير ھفتيوار ”صبح صادق“
    نواب شاھ سنڌ


    گيت

    گيت لکان يا ڳوڙھن ۾ ڪا ڳالھ ڪريان!

    راھون ڪيئي ليڪن مونکي
    ڪابه انھن مان راس نه آئي
    جن راھن ۾ ريت نه ڪائي
    تن تي ڪيئن مان پير ڌريان
    ڳوڙھن ۾ ڪا ڳالھ ڪريان.

    صبح صدا جان آيو ويو پر
    شام وڃڻ جي ڪانه ڪري ٿي
    رات وري ٿي جان جھُري ٿي
    ھاءِ الا، مان ڪينءَ ڪريان
    ڳوڙھن ۾ ڪا ڳالھ ڪريان.

    آس نراس جي آڌيڙن ۾
    ويتر ٿي تقدير اَڻائي،
    تدبيرن ڪئي ڪانه سڻائي
    اونده اُپڙي اوريان، پريان
    ڳوڙھن ۾ ڪا ڳالھ ڪريان.

    جن سان وسي ٿي دل جي دنيا
    ديد وري ٿي پڻ ديدن ۾
    آءٌ انھن ئي اُميدن ۾
    آئيندي جا پيو رنگ ڀريان
    گيت لکان يا ڳوڙھن ۾ ڪا ڳالھ ڪريان.
    *


    تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول

    تنھنجي دنيا سڀ رنگ سانول
    مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ الا.

    تنھنجي دنيا ڪنول تي ڪرڻا
    منھنجي دنيا جر جان اونداھيل
    مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ.

    تنھنجي دنيا انڊلٺ ريکا
    منھنجي دنيا گدلا بادل
    مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ.

    تنھنجي دنيا سج جا پاڇا
    منھنجي دنيا چنڊ جان گھايل
    مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ.

    تنھنجي دنيا چيٽ جا ميلا
    منھنجي دنيا ھيڪل وياڪل
    مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ.

    تنھنجي دنيا سُندر سپنا
    منھنجي دنيا اکڙيون اوجاڳيل
    مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ.

    منھنجي دنيا مرگھ ترشنا
    تنھنجي دنيا رمندا بادل
    مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ.

    منھنجي دنيا سڃ ۾ سڏڪا
    تنھنجي دنيا ڇم ڇم پايل
    مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ.
    *


    سانوڻ جي برسات اَلا ھيءَ ڪاري ڪاري رات

    سانوڻ جي برسات اَلا ھيءَ ڪاري ڪاري رات
    سُور مليم سوغات اَلا ھيءَ ڪاري ڪاري رات.

    اوسيئڙي جي اونداھيءَ ۾
    لڙڪ ڏياٽيون ٻاري
    اوجاڳي ۾ سپنا ساري
    ويل ڇڏيسون واري
    پرھ ڦٽي پرڀات الا، ھيءَ ڪاري ڪاري رات.

    سانجھيءَ جي سج وانگ
    اسان جي روح رچايا رنگ
    دٻجي وئي دل آھن ۾
    ڄڻ کوھ اندر شھونگ
    واھون واڳونءَ وات الا، ھيءَ ڪاري ڪاري رات.

    وِلھ تي جئن وڻ ڪنڌ جھڪائي
    گُم سم گھڙيون گذاري
    تنھنجي ڪارڻ اسان به پنھنجي
    عمر ڇڏي ائين گھاري
    ٿي نه محبت مات الا، ھيءَ ڪاري ڪاري رات.

    سانوڻ جي برسات الا، ھي ڪاري ڪاري رات،
    سُور مليم سوغات الا، ھيءَ ڪاري ڪاري رات.
    *


    ھو جھُڙيالي- ھي جھڙيالي-

    ھو جھُڙيالي- ھي جھڙيالي-
    ھا جھڙيالي ڙي
    دل جھڙيالي- اک جھڙيالي
    ڪا جھڙيالي ڙي.

    زندگي جي ديس ۾، چپر نه ڪوئي ڇانورو،
    مري تري مسافرن، اُسن ۾ عمر جالي ڙي،
    ھو جھڙيالي ڙي.

    مُرڪ تنھنجي مَن ڌڻي، بھار بانورا ڪيا
    ڀيڄ قرب جي ڪڻي، جھول آھ خالي ڙي
    ھو جھڙيالي ڙي.

    تون نه آئين ھير جان، ته اک لڳي نه دل لڳي
    پور جھلي پاند، ڪيم رات پالي ڙي،
    ھو جھڙيالي ڙي.

    عشق دل درياه ڪئي ته سرحدن جي سرت وئي
    لوڪ لکا ڇاھ؟ اسان لاءِ اُبالي ڙي،
    ھو جھڙيالي ڙي.

    دل جھڙيالي اک جھڙيالي ڪا جھڙيالي ڙي
    ھو جھڙيالي – ھي جھڙيالي.
    *


    وھي ڀتر وَل جان ڦلاري

    وھي ڀتر وَل جان ڦلاري
    پوپٽ وانگي نينھن آيو
    پوپٽ وانگي نينھن آيو.

    ٽانڊاڻي جان آس الا، ٽمڪي دل جي واھڻ ۾
    اُڌمن اڻ تڻ لاتي ھوءِ، باھ لڳي ڄڻ باھڻ ۾
    ڪينءَ ڪري اڻ ڄاڻ وچاري
    پوپٽ وانگي نينھن آيو.

    چانڊوڪيءَ تي وير جيئن، لھي چڙھي ٿي چور ٿئي
    دل ٿي چاھي تيئن ڪوئي، اوري اچي ۽ ڏور ٿئي
    سرس ٿئي سِڪ ھيڪاري
    پوپٽ وانگي نينھن آيو.

    پيار جي مٺڙي ھير گھُلي، کڙيون مرادن جون مکڙيون
    ھيج وسايون وستيون الا، جرڪيون ماڻڪ جان اکڙيون
    وسنو ورونھن ٿي چوڌاري
    پوپٽ وانگي نينھن آيو.

    وَھي ڀتر وَل جان ڦلاري
    پوپٽ وانگي نينھن آيو
    پوپٽ وانگي نينھن آيو.
    *


    ٻيڙيءَ وارا ٻيلي، مون کي پار پڄاءِ!

    ٻيڙيءَ وارا ٻيلي، مون کي پار پڄاءِ!
    مون کي پار پڄاءِ!

    جھڙي دَڙد درياھ ۾،
    تھڙي منھنجي مَن:
    موج سان موج مِلاءِ،
    مون کي پار پڄاءِ!

    جيڏي واھر ونجھ ۾،
    تيڏي تنھنجي سَگھ:
    لوڏن کي نه لَکاءِ،
    مون کي پار پُڄاءِ!

    جئن جئن سانجھي سامھين،
    تئن تئن صبح جي سَڌ:
    راتين ۾ نه رجھاءِ،
    مون کي پار پڄاءِ!

    ھَي ھَي حياتي ڪک پَن ڄڻ،
    پَل پَل پاڻيءَ تِکَ:
    رھنديءَ کي نه رھاءِ!
    مون کي پار پُڄاءِ!

    ٻيڙيءَ وارا ٻيلي، مون کي پار پُڄاءِ!


    سانوڻ سُک جي سيج وڇائي،

    سانوڻ سُک جي سيج وڇائي،
    آءُ ته ڪريون ڪا روح رھاڻ!
    آءُ ته ڪريون ڪا روح رھاڻ!

    مست اکين جا جام ڀري ڏي،
    دل جي خوشيءَ سان پيئندس مان
    زلف جو سايو ڪر مونتي،
    اڄ تنھنجي اَڀل ۾ جيئندس مان
    جوڀن تنھنجو جُڙي سدائي، آءُ ته ڪريون ڪا روح رھاڻ!
    آءُ ته ڪريون ڪا روح رھاڻ!

    تنھنجي جواني چانڊوڪي جان
    منھنجي حياتي ويرن وانگ
    ملندي کلندي وقت گذاريون
    صبح جي مٺڙين ھيرن وانگ
    ھيکل گھارڻ عمر اجائي، آءُ ته ڪريون ڪا روح رھاڻ!
    آءُ ته ڪريون ڪا روح رھاڻ!

    تارن جان ٿي منھنجي تمنا
    تنھنجي واٽ نھاري ھو،
    اوندھ ۾ جئن واٽ ڀليل ڪو
    ڏيئي جي لاٽ نھاري ھو
    آءُ ته سنجري ڪا سرھائي، آءُ ته ڪريون ڪا روح رھاڻ!
    آءُ ته ڪريون ڪا روح رھاڻ!


    اُٿو جو سِج لھڻ تي آھ، متان اوير ٿي وڃي

    اُٿو جو سِج لھڻ تي آھ، متان اوير ٿي وڃي
    متان اَوير ٿي وڃي.

    اُداس اکيون ڇپر کڻي، ٿيون انتظار ۾ رھن
    اجھو سي آئيا جي ٿا، پَرين ديار ۾ رھن
    انھن جي سِڪ ڏسڻ تي آھ،
    متان اوير ٿي وڃي.

    ڪو ڇا ويو گل مان ڄڻ ته بوءِ پَر ڪري وئي
    اُجاڙ ڄڻ ڪي ماڙيون ڇمر جي ڇَر ڪري وئي
    نشان ڀي ڊھڻ تي آ،
    متان اوير ٿي وڃي.

    جي زندگيءَ جو حسرتون نڀائڻيون ھيون ھتي
    اھي ائين سُجھي ٿو ڄڻ وڃائڻيون پيون ھتي
    انھن جو دم کُٽڻ تي آھ،
    متان اوير ٿي وڃي.

    سڳنڌ جنھن جي سانت سان وسي رسي ٿي ساھ ۾
    ۽ رنگ جنھن جا ڀانت ڀانت رم ڪرن ٿا چاھ ۾
    سو گل ڪوئي پٽڻ تي آھ،
    متان اوير ٿي وڃي
    متان اوير ٿي وڃي.


    دل ٿي چاھي، ويٺو گيت لکان

    دل ٿي چاھي، ويٺو گيت لکان
    ويٺو گيت لکان.

    ڪڻڇيءَ وانگي ڪنھن جي ڪارڻ، آڌيءَ آئي
    لاتيون لنوندي سڀڪجھ باھي،
    ويٺو گيت لکان!
    دل ٿي چاھي.

    اُوڏڻ وانگي اُون رکي ڪا، اکڙيون چائي،
    لوڪ لکا جا ليکا لاھي،
    ويٺو گيت لکان!
    دل ٿي چاھي.

    کنڀڙين وانگي جوت پسي ڪا، جھرمر لائي،
    پرڙا کوھي سينو ساھي،
    ويٺو گيت لکان!
    دل ٿي چاھي.

    ٻارن وانگي اُبتا سبتا ليڪا پائي،
    ڪا شي ميٽي، ڪا شئي ٺاھي،
    ويٺو گيت لکان!
    دل ٿي چاھي.

    ڳالھين وانگي ڪنھن جون ڳالھيون ڳائي ڳائي،
    ھيکل ھيکل، گاھي گاھي،
    ويٺو گيت لکان!
    دل ٿي چاھي.


    اُوسيئڙا ٿا آس اورانگھن، تانگھ ٿي پويان پير کڻي

    اُوسيئڙا ٿا آس اورانگھن، تانگھ ٿي پويان پير کڻي
    آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي

    نِرڙ تي ھٿڙا رکندي تنھنجي واٽ تڪيندي وَرھ ٿيام
    ھانو کي آٿت ڏيندي، ٿڌڙا ساھ ڀريندي ورھ ٿيام
    اڌما ٿا ڪھرام مچائن، اُڻ تڻ پئي ٿي تند تڻي،
    آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي.

    ياد آيا جئن پور پرايا، ٿي ويا پنھنجا سور سوايا ھوءِ
    مايوسين جي ميڙ منجھايو، گذري پاڻ تي ڇا ڇا ھوءِ
    اکڙيون لڙڪ ائين پيون لاڙين، انبن مان جئن ٻور ڇڻي،
    آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي.

    آڌيءَ رات ۾ چنڊ اداس ۽ منھنجو روح نِراس اَلا
    ھن کي ڀانءِ نه تنھائي، نڪي مون کي جدائي راس الا
    ھاءِ حياتي ھنئي ھچائن، شال نه ڪنھن کي ماءُ ڄڻي
    آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي.

    تو جئن منھنجي حال تي ھردم وقت پيو ٿو وار ڪري
    آءٌ ته ويٺس دل ھاري پر آس اڃا پئي سار ڪري
    سور اھيئي سانده آھن، سانول جيڪا توکي وڻي،
    آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي
    آءٌ ٿي گھاريان چنڊ ڳڻي.


    لوڪ گيت

    چيڻو

    ڪانگ مَنھ تي، رئو اُرھ تي، چيڻو ويٺي ڇڙيان
    ڇڄ ۾ داڻا، منھنجا راڻا، چيڻو ويٺي ڇڙيان
    مان ته، چيڻو ويٺي ڇڙيان.

    پَٽ تي جھرڪيون، اندر ۾ اُجڪيون، چيڻو ويٺي ڇڙيان
    تنھنجون ڳالھيون، تيرھن تاليون، چيڻو ويٺي ڇڙيان
    مان ته، چيڻو ويٺي ڇڙيان.

    ھٿن ۾ ڪنگڻ، ھانوَ ۾ ٽِمجھڻ، چيڻو ويٺي ڇڻيان
    لوڪ جون لاتيون، ڪُک ۾ ڪاتيون، چيڻو ويٺي ڇڻيان
    مان ته، چيڻو ويٺي ڇڙيان.

    عاج جي ٻانھين، سچو نه آھين، چيڻو ويٺي ڇڙيان
    مُنڊي نه لاھيان، تنھنجي آھيان، چيڻو ويٺي ڇڙيان
    مان ته، چيڻو ويٺي ڇڙيان.
    *


    سنيھو

    سنيھو


    سيج پلنگ تي پئي ٿي اُٿلان
    ڄڻ ته تئي تي ماني
    منھنجا جاني، مان ته سنيھو پئي ڳايان
    مان ته سنيھو پئي ڳايان

    مٿي ۾ ڦيري، من ۾ اُماڙيون
    ڄڻ ته سراڻ تي ڪاتي
    منھنجا ڀاتي، مان ته سنيھو پئي ڳايان
    مان ته سنيھو پئي ڳايان.

    اکڙين ۾ گھِم، اندر ۾ اُلا
    ڄڻ ته ڦڙين ۾ نِھائين
    مانھنجا سائين، مان ته سنيھو پئي ڳايان
    مان ته سنيھو پئي ڳايان.

    جوڀن تنھنجو جيئي سدائين
    ڄڻ ته قنڌاري ڏاڙھون
    منھنجا ماڻھون، مان ته سنيھو پئي ڳايان
    مان ته سنيھو پئي ڳايان.


    ڍاٽيڙو

    ڍاٽيڙو

    ڏاڍا مينھن وَٺا ڙي ڍاٽيڙا
    ٿيا وڇڙيا ڪَٺا ڙي ڍاٽيڙا
    ھيلوڪو وري آءُ
    ھيلوڪو وري آءُ

    سھڻا ٽوھ پٽن ۾ ڙي ڍاٽيڙا
    ولھي آھيان وطن ۾ ڙي ڍاٽيڙا
    ھيلوڪو وري آءُ
    ھيلوڪو وري آءُ

    پيا پارا اڪن تي ڙي ڍاٽيڙا
    ڪانھي وندر وڻن تي ڙي ڍاٽيڙا
    ھيلوڪو وري آءُ
    ھيلوڪو وري آءُ

    ڪاھي اربع خطا ٿي ڙي ڍاٽيڙا
    ڇاکون ويڇا وڌا ٿي ڙي ڍاٽيڙا
    ھيلوڪو وري آءُ
    ھيلوڪو وري آءُ
    *


    ڇيڄ

    ڇيڄ

    گھور وڃان – گھور وڃان – گھور وڃان گھور
    رنگ رتي روپ وتي، تنھنجي ڳليءَ تان،
    گھور وڃان- گھور وڃان- گھور وڃان گھور!

    جھاڙ رکي جوڳيءَ لاتي ھنئين اندر ھور
    جھور ڪيا جيءَ اندر پپل وارا پور
    پپل وارا پور -!
    گھور وڃان گھور -!

    پٿر پوي پاڻيءَ اندر، لھر ڀري زور
    تنھنجون ڳالھيون ٻڌي ٻڌي بڻجي پياسين ڀور
    بڻجي پياسين ڀور - !
    گھور وڃان گھور -!

    چپر مٿي ڇمر نچي، پڌر مٿي مور
    جنھن به ڏٺو توکي، بڻيو چانڊوڪيءَ جو چور
    چانڊوڪيءَ جو چور -!
    گھور وڃان گھور -!

    ڀيڄ ڀنيءَ ڪنھن نه لڌي راتين جي پر گھور
    ڇنگ بڻجي چاھ ڪيو ڇاتيءَ منجھان شور
    ڇاتيءَ منجھان شور -!
    گھور وڃان گھور -!

    او گھور وڃان، گھور وڃان، گھور وڃان گھور -!
    گھور وڃان گھور -!
    گھور وڃان گھور -!
    *


    اَلا مان مٿي اگھاڙي!

    اَلا مان مٿي اگھاڙي!

    منھنجي بابل جي سوني ماڙي
    ماڙيءَ جي در تي تاڙي
    اَلا مان مٿي اُگھاڙي!

    منھنجي آيل جي وڌندڙ واڙي
    واڙي ته وائُن ساڙي
    اَلا مان مٿي اُگھاڙي!

    منھنجي ٻاٻل جي ٻولي ٻاڙي
    ٻاڙيءَ ته اک به نه لاڙي
    اَلا مان مٿي اُگھاڙي!

    منھنجي دادل جي دِھ ۾ آڙي
    آڙيءَ جو گھر تڙ ناڙي
    اَلا مان مٿي اُگھاڙي!

    منھنجي سانول جي ڀرونءَ ته جاڙي
    جاڙيءَ نه ڪا پت پاڙي
    اَلا مان مٿي اُگھاڙي!
    اَلا مان مٿي اُگھاڙي!
    *


    مور ٿو ٽلي

    مور ٿو ٽلي

    ڪَڪر موڙيا ڪَر، اَلا، ڪَڪر موڙيا ڪَر:
    پُور پکيڙيا پَر، اَلا، پُور پکيڙيا پَر –
    مور ٿو ٽِلي،
    اَلا مور ٿو ٽِلي!

    ڪَڪر ۾ ٿي بُوند،اَلا، ڪَڪر ۾ ٿي بوند:
    تون به ھجين ھا ھوند، اَلا، تون به ھجين ھا ھوند –
    مور ٿو ٽِلي،
    اَلا مور ٿو ٽِلي!

    ڪَڪر ۾ ٿي گاج، اَلا، ڪَڪر ۾ ٿي گاج:
    توسان منھنجو ڪاج، اَلا، توسان منھنجو ڪاج –
    مور ٿو ٽِلي،
    الا مور ٿو ٽِلي!

    ڪَڪر ۾ ٿي ڇانوَ، اَلا، ڪَڪر ۾ ٿي ڇانوَ:
    ھيکل ھري ھانوَ، اَلا ھيکل ھري ھانوَ –
    مور ٿو ٽِلي،
    اَلا مور ٿو ٽِلي!
    مور ٿو ٽِلي!


    لولي

    لولي

    لولي – لولي – لولي اَلو
    سانت سُک جي ٻولي اَلو
    لولي – الو

    جوڳيئڙا ڪيئن جالين جڳ ۾
    جھير ٿي جن جي جھولي الو
    لولي – لولي.

    جوڀن تنھنجو جھنگ جي گل جان
    واءُ نه لڳـئي شل اولي اَلو
    لولي – لولي.

    ڇا تي گجين ٿو سکڻا بادل
    تو وٽ ڇاٽ نه ڇولي اَلو
    لولي – لولي.

    مُرڪ جنين جي پرھ جي مکڙي
    آئون ته انھن جي گولي اَلو
    لولي – لولي.

    لوليون اسان جون ٻيجل جون ٻوليون
    سنڌ جي شال ٿي سولي اَلو
    لولي – لولي.
    *


    لاڏو

    لاڏو

    منھنجي اونداھين جي اور، منھنجي اڱڻ اچجانءِ
    ٽلي ٽانڊاڻي جي ٽور، منھنجي اڱڻ اچجانءِ

    منھنجي اڱڻ اچجانءِ، منھنجي دل رکجانءِ
    منھنجي ماڙيءَ سندا مور، منھنجي اڱڻ اچجانءِ

    منھنجي اڱڻ اچجانءِ، منھنجي ڳالھ ٻڌجانءِ
    منھنجي چانڊوڪين جا چور، منھنجي اڱڻ اچجانءِ

    منھنجي اڱڻ اچجانءِ، منھنجي سار لھجانءِ
    منھنجي زاري تنھنجو زور، منھنجي اڱڻ اچجانءِ

    منھنجي اڱڻ اچجانءِ، منھنجا حال ڏسجانءِ
    ٿيندي گولي توتان گھور، منھنجي اڱڻ اچجانءِ

    ٽلي ٽانڊاڻي جي ٽور، منھنجي اڱڻ اچجانءِ
    منھنجي اونداھين جي اور، منھنجي اڱڻ اچجانءِ.


    ٻاگھي

    ٻاگھي

    دلو کڻي جو ٻانھن ورائي، ٻانھينءَ واري – ٻاگھي
    دل وئي ڄڻ ڪنھن کوھ تي، وھنجي ڦڻي وساري – ٻاگھي
    ٻاگھي او ٻاگھل – ٻاگھي -!

    بولو پائي جو نو ورني، ٻنيءَ تي آئي – ٻاگھي
    اکڙين جرڪي تارن وانگي، ننڊ ڦٽائي – ٻاگھي
    ٻاگھي ھو ٻاگھل – ٻاگھي -!

    سينڌ سنواري ساھيڙيءَ جو، کلي نھاريو – ٻاگھي
    کيرو ٿي ڪنھن کير ڪٽورو، پٽ تي ھاريو – ٻاگھي
    ٻاگھي ھو ٻاگھل – ٻاگھي -!

    مَلي مساڳ جو ھلڻ لڳي ڪا، اجرڪ پائي – ٻاگھي
    واٽ مٿي ڪي راوت ويٺا، اکيون وڇائي – ٻاگھي
    ٻاگھي ھو ٻاگھل – ٻاگھي -!

    ميندي لائي، لوڏ ڪري جو ھلي سھاڳڻ – ٻاگھي
    لھرين لک لباس وساريا، واءُ ڇڏيا وَڻ – ٻاگھي
    ٻاگھي ھو ٻاگھل – ٻاگھي _!

    گھگھري سان جو گھير تي آئي، ڪنگڻ واري – ٻاگھي
    پاڻيءَ ان جا پير چميا، چئي جيءُ پياري – ٻاگھي
    ٻاگھي ھو ٻاگھي – ٻاگھي -!
    *


    اُوٺيئڙو

    اُوٺيئڙو

    اوٺيئڙا ڙي اوٺيئڙا ھو، او منھنجي وندر وئي وڻڪارن ۾!
    جھَل واڳ ته ڪي واڪا ڪريان لا، من ڪا ڪھل پوي بَر وارن ۾!

    اُٺن سنواريون سِھ سين قطارون، مارن مون کي لوڪ ميارون،
    اکڙيون منھنجون مَرم جون ماريون، مَن ڪو مان ڪري موچارن ۾!

    اُٺن جو اکڙيون، اجرڪ ڦلڙيون، منھنجي بدن ۾ اُڀريون دُرڙيون،
    ھيکل منھنجي وايون وِلڙيون، او مان ڪيئن ڪنديس مونجھارن ۾!

    اُٺن جون ڳانيون، نيھن نشانيون، وِھُ ٿيون ماروئڙن جون ماڻيون،
    آءٌ جھليان ڪيئن ھِت مھمانيون، او منھنجو اَنت ويو اوڇنگارن ۾!

    اُٺن جون جھوڪان، سرءُ جون سوڪان، آءٌ ٿي سوڪھڙن ۾ سُڏڪان،
    لڳڙيون جن کي نينھن جو نوڪان، تن گھمڻ ڇڏيا گـلذارن ۾!

    اُٺن جو واڳان، سنھڙيون واڳان، سُورن وانگي سوگھيون واڳان،
    آءٌ ٿي روئي راتيون جاڳان، ويا ويل وھي ويچارن ۾!

    اُٺن جا پيرا، کيرا ويرا، آءٌ ڀريان ڪيئن تن سان ڀيرا،
    درد جن وٽ دُنگ نه ديرا، ڪيئن پير کڄن تن پارن ۾!
    *


    مانجھيئڙو

    مانجھيئڙو

    سو ھڻڪا ڙي سميجا
    موڪل ڪو مانجھيئڙو -!
    موڪل ڪو مانجھيئڙو -!

    ڳوٺ ته تنھنجو گودرڙو
    ڏوريان ويٺي ڏونگرڙو
    سو ھڻڪا ڙي سميجا،
    موڪل ڪو مانجھيئڙو-!

    ڳوٺ ته تنھنجو مٽياري
    پيار نه سودو مُکياري
    سو ھڻڪا ڙي سميجا،
    موڪل ڪو مانجھيئڙو-!

    ڳوٺ ته تنھنجو ڪوٽ ڏجي
    سورن ساڙي ڪيم سِجي
    سو ھڻڪا ڙي سميجا،
    موڪل ڪو مانجھيئڙو-!

    ڳوٺ ته تنھنجو سونھري
    اجھا ٿي نيري ٽيپھري
    سو ھڻڪا ڙي سميجا،
    موڪل ڪو مانجھيئڙو-!

    ڳوٺ ته تنھنجو پريان لوءِ
    ولھيءَ واڪا ووءِ ڙي ووءِ
    سو ھڻڪا ڙي سميجا،
    موڪل ڪو مانجھيئڙو-!

    ڳوٺ ته تنھنجو ھمايون
    ھتڙي منھنجا حال زبون
    سوھڻڪا ڙي سميجا،
    موڪل ڪو مانجھيئڙو-!
    موڪل ڪو مانجھيئڙو-!
    *


    لوڪ ناچ

    لوڪ ناچ

    آم شي آم شي لَ- لَ- لَ _ بدام شي!
    آم شي آم شي لَ-لَ-لَ – بدام شي!
    گھگھري گھل ته گھاگھر گھِرڪ بلي،
    آم شي آم شي لَ- لَ- لَ _ بدام شي!
    م شي آم شي لَ-لَ-لَ – بدام شي!

    جوڀن ائين ڄڻ جھُڙ ۾ انار بلي،
    ھي ريکا، ھي روپ نگار بلي:
    آم شي آم شي لَ- لَ- لَ _ بدام شي!
    م شي آم شي لَ-لَ-لَ – بدام شي!

    گوري تُنھنجا انڊلٺ جھڙا انگ بلي،
    ويچارن تي وجھي ڇڏيا تو ونگ بلي:
    آم شي آم شي لَ- لَ- لَ _ بدام شي!
    م شي آم شي لَ-لَ-لَ – بدام شي!

    سانوڻ جھڙي تنھنجي سام بلي،
    صبح کان سھڻي وصل جي شام بلي:
    آم شي آم شي لَ- لَ- لَ _ بدام شي!
    آم شي آم شي لَ-لَ-لَ – بدام شي!

    سنڌڙي تنھنجي سُک جي ساک ڀلي،
    ڦٽندي نيٺ ته پنھنجي باک بلي:
    آم شي آم شي لَ- لَ- لَ _ بدام شي!
    آم شي آم شي لَ-لَ-لَ – بدام شي!
    *


    ڍوليا

    ڍوليا

    ساھ کي ويا ائين سُور وٺي، ڄڻ چنڊ گرھڻ ڙي ڍوليا!
    ھاءِ، اسان جي جندڙي ٿي وئي، پنڊ - پَھڻ ڙي ڍوليا!

    ساٿ نه تنھنجو رھيو ته ڇا جي ھيج ته ڇا جا ھيئا،
    آس نه ڪائي ھجي ته ڪنھن لئه دَر ۾ پايون ليئا:
    راس نه آيو روح کي توريءَ ڏيھ ڏسڻ ڙي ڍوليا!
    ھاءِ اسان جي جندڙي!

    کام اندر ۾، چپ تي سوٽي، حال جنين جا ھھڙا،
    ڏاڍ ڌڻي سي توسان ويھي سينا ساھين ڪھڙا:
    راھ گناھ ڇڏي ڏي تن سان ھام ھڻڻ ڙي ڍوليا!
    ھاءِ اسان جي جندڙي!

    شام جو ڪنھن گھر ڏيئو ٿي جرڪين، ڪنھن گھر ڪرين اونداھي،
    ڪنھن لئه تو وٽ جيءَ ۾ جايون ڪنھن لئه کوٽيل کاھي:
    ڇاھ اھو کٽراڳ ته سڀڪجھ باب بڻڻ ڙي ڍوليا!
    ھاءِ اسان جي جندڙي!

    گھمين ته بادل گھور ٿي توتان، کلين ته بجلي ڇرڪ ڀري،
    اچين ته سڀ جون اکيون ٺرن، جي وڃين ته سڀ جو ھانءُ ڏَري:
    اسان مڃيوسي واھ واھ تُنھنجا رعب رکڻ ڙي ڍوليا!
    ھاءِ اسان جي جندڙي!

    اسان ڇڏيا سي ڀنور جان ڀيرا، ڪوريئڙي جان تانيون،
    مڻيو مڻيو ڪري، ڇني ڇڏيوسين. ڳڻتين جون سڀ ڳانيون:
    پاڻ ئي آھيون ماڳ ته ڇا جا پنڌ پُڇڻ ڙي ڍوليا!
    ھاءِ اسان جي جندڙي!
    *


    مورو

    مورو

    مورو ناھي ٿورو- او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!

    جبل مٿي سِجُ، نينھن اسانجو نِجُ:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي لاڻِي، رمز ته تنھنجي راڻي:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي پُڙ، جوڀن تنھنجو جھُڙ:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي ماڙي، ڀرونءَ ته تنھنجي جاڙي:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي چَنڊ، مُرڪ ته تنھنجي مَنڊ:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي اَڇ، ڪينجھر تنھنجي ڪَڇ:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي باک، تون ته سُکن جي ساک:
    او ڍولڻ مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي گاھ، تو ۾ اٿم ساھ:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي ڪانھن، آءٌ ته تنھنجي ٻانھن:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي جھَت، توريءَ راتيون رَت:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي راڱا، برھ ڪيو ٿَم ڀاڱا:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي ڪانڀ، مون وٽ سورن سانڀ:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي لاڻي، مون نه جواني ماڻِي:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي دونھين، آءٌ نه ڪنھن جي سونھين:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي کيج، مون وٽ روئڻ ريج:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي کيج، توسان ھيئين جي ھيجَ:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي گھنج، مونڏي ڪو ماڻھو مُنج:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    جبل مٿي جنڊ، جيئم جيجل سنڌ:
    او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيانءِ!
    مورو ناھي ٿورو – او ڍولڻ، مورو ويٺي ڏيان!
    *


    بالو

    بالو

    مٺي مند شباب جي- او ماھيا
    بالو مکڙي گلاب جي- او ماھيا

    اک ڪڪڙي ڀلا ڙي- او بالو
    مارييءِ اُڦٽ اَلا ڙي او بالو

    وري ڦڳڻ ڦلاريو- او ماھيا
    دل توکي سنڀاريو- او ماھيا

    ڪارو اکين ڪجل- او بالو
    تنھنجي عشق عجل- او بالو

    لَسيون موتين لڙيون- او ماھيا
    ساريم سُک جون گھڙيون- او ماھيا

    سرھا مينديءَ گل، او بالو
    تنھنجي حسن مٿي ھل- او بالو

    ھليون تترن وَگھڙيون- او ماھيا
    اُڀيون توڏي اکڙيون- او ماھيا

    اَڇي اجرڪ ڦلڙي- او بالو
    ھڄي ھيکل جندڙي- او بالو

    ڳاڙھو کھنبي چٽڪو- او ماھيا
    ماري تنھنجو اُلڪو- او ماھيا
    *


    ماھيا

    ماھيا

    اَسين جوڳيئڙا دم اَلھي اَلا
    ھليا وينداسين کڻي ڪو غم اَلھي اَلا-!

    منہنجي در تي چنبيليءَ وَل ماہيا
    گل گهوري وٺان توتي گهوڙي تہ جهل ماہيا

    ڪُنڍيون ڀروان تہ سنھڙا چپ بالو
    اسان ترسون ڪيئن تو وٽ سانڍيل سپ بالو

    آيو اَسر لھي ويو چنڊ ماھيا
    تنہنجي اوسيئڙي پيھان ويٺي جنڊ ماھيا

    گهلي ھير تہ آئي گهِل بالو
    اسان پنڪيءَ ۾ پڙھيا نيھن نفل بالو

    آڌيءَ ويلي اونداھا گس ماھيا
    بالو پڇندي وتي تنھنجا تارن کان ڏس ماھيا

    بازار وڪامي ڪچ بالو
    متان ڪنھن جي نظر لڳيءِ ماڻھن کان بچ بالو

    اَٿئي ڪک جي ھيٺان لک ماھيا
    منھنجا نيڻ شرابي، اچي چڪڙي تہ چک ماھيا

    سائي بوتل ۾ لال پري بالو
    مند ورندي، جواني نہ ورندي وري بالو

    ساري لوڪ مَٿي جهلي ڇٽ ماھيا
    بالو ڪينءَ جيئي جنھن کي ڳچيءَ ۾ ڳٽ ماھيا
    سائي سرنھن تہ پيلا گل بالو
    دل ڪانہ ڪئي، ڪئي اکڙين ڀل بالو

    ٻاريا جبل تي جوڳين مچ ماھيا
    لڙي آءُ گهڙي تہ ڪي ڳاڙيون ڳچ ماھيا

    اُٺ مَھري تہ نيري جهُل بالو
    تنہنجي ٽھڪن مان ٽڙيا ٽانگر جا گل بالو

    منھنجي اڱڻ مساڳ جو وڻ ماھيا
    مان تہ پنھنجي نہ ٿيس تون تہ منھنجو بَڻ ماھيا

    بگي گهوڙي گلابي تَل بالو
    ماڻھو بھجي ويندا، لوڏي ٻانھن نہ ھل بالو

    ڪيا کنوڻين کيج اُتر ماھيا
    مان صدقي وڃانءِ ايڏا ماڻ نہ ڪر ماھيا

    تنھنجي شھر ۾ رنگ محل بالو
    تو جو پاتو ڪجل، ٿي پيا ڪيترا قتل بالو

    اڄ پير حضور تي تِل ماھيا
    منھنجو اڱڻ اونداھو. اچي کنوڻ جان کل ماھيا

    تنھنجي ڳل تي ڪارو تِر بالو
    کلي نيڻ نہ کڻ، ويندو ڪنھن جو سر بالو

    سائو سرينھن جو وڻ ماھيا
    ڇڻي آھيان گل جان اچي مونکي کڻ ماھيا

    پڪيون ڪڻڪان تہ سونا سنگ بالو
    تنھنجو آرس ائين ڄڻ انڊلٺ ونگ بالو

    پکي ويٺا وڃي وڻ ٽڻ ماھيا
    چنڊ اڀريا لٿا، آئين تون نہ اڱڻ ماھيا

    پکي ويٺا وڃي وڻ ٽڻ بالو
    ڪيم ٻانھن سيراندي لڳم تنھنجي اُڻ تڻ بالو

    آيا ڪينجهر تي ڪھي ڪنگ ماھيا
    اسان سک نہ سمھياسي سڃا سيج پلنگ ماھيا

    اجها وڻ تان اڏاڻي ھل بالو
    اسان مرنداسي پر مرندي نہ دل بالو

    ڦٽي پوکن پاسي جهل ماھيا
    مند آئي وري اچي ھاڻ تہ مل ماھيا

    ڍڪيا ساوڪ سارا پٽ بالو
    تنہنجا پور ائين، ڄڻ پاري جي سَٽ بالو

    منھنجي کاڏيءَ تي ھلڪو چُگھ ماھيا
    مونکي ڀوريءَ ڏنگيو، اچي ڦيڻو تہ وجھ ماھيا


    (2)
    چمڪيا چانڊوڪيءَ تي چنار اَلا
    منھنجي سنڌڙيءَ تي ھجي شال سُڪار اَلا

    ڳاڙھو پير حضور تي پَڙ ماھيا
    لائي توڙ نڀائڻ پنھنجو اصلئون وَڙ ماھيا

    اَڇي ڳل تي ڪارو تِر بالو
    اول عشق جو توئي مچايو شِر بالو

    تنھنجي ٽور تان بادل گهور پرين
    تنھنجا نيڻ نشانبر ڪارا چور پرين

    تنھنجي لوڏ ۾ لھرا بينن جا،
    اسان مستيءَ ۾ ڇڙيا چيڻا سينن جا
    تنھنجا قدم پدم، ھٿ پَشم الا
    ماڻھو تنھنجي جواني جا کڻن ٿا قسم الا

    تنھنجي لب تي ليار جون لاليون ھو
    جڳ مرڪي اسان جو اکيون آليون ھو

    ڪيا اُتر تي کنوڻين کيج وري
    اسان اوسيئڙن کي ڏنا روئي ريج وري

    اسان وڻجارا دم اَلھي الا
    خوشي ڏئي ٿا خريد ڪريون غم اَلھي الا.


    (3)
    اُچي ٻيڙي تي ڇوليان ڇَر ماھيا
    ھو وئي پارت وي، ساڏي پتڻان تي گهر ماھيا

    تيڏي زلفان تي ڀنوران دا شڪ بالو
    اسان ڪُٺل اڳي، وَل گهور نہ تڪ بالو

    ڇلا نينھن نشاني دا،
    وڄ پڙھدي اي ڪلما تيڏي جواني دا

    ڀلي بوءِ گلا بان دي
    ساڏي لڙڪ وراڻي تيڏي سوالان جوابان دي

    ڇڊڙي ڇانءَ اناران دي
    تون جو نال ھووين ڪيھي لوڙ بھاران دي

    چٽا رنگ رابيلان دا
    مرڪي گهنڊڙا لڳاون ڪيھا نينھن نويلان دا

    وسيا جهنگ سيال سَيان،
    اسان تين بن ٿي نہ سگهيو سي نھال سيان

    ھلي ھالاڻي وي بس سڄڻان،
    اسان تيڏي وس تون نہ ساڏي وس سڄڻان.


    ھنبوڇي

    ھنبوڇي

    سنڌڙي اَساڏي سائڻ وي.
    اھندي ويري ڪون کاوي ڏائڻ وي:
    ڀلا جيوي اسان ڏي سائڻ وي.
    ڇمر دا ڇوھا ھنبوڇي:
    ڊھہ پوسي ڊوھا ھنبوڇي.

    گهليا موران جيھا ڏکڻ وي.
    ساڏي ملڪ دي ماڻھو مکڻ وي:
    ڪوئي ڏيکي انھاندا مرڪڻ وي.
    لاڙ دي لونگي ھنبوڇي:
    ڀران دي ڀونگي ھنبوڇي.

    لمي ڍنڍ تي اُڀا پربت وي.
    ميڏي ديس دا پاڻي شربت وي:
    اٿي سدا ملوڪان دي سنگت وي.
    تتر دي ٻولي ھنبوڇي:
    امڙ دي لولي ھنبوڇي.

    ڪنڍي مينھن مڻياندا مئينڌ وي.
    سچي ساھيڙيان دي سينڌ وي:
    ساڏي باکان جيھي اميند وي.
    چاندي دا ڇلا ھنبوڇي:
    ھلا گلا ھنبوڇي.

    کوھان دي اُتي نار وي.
    ميڏا يار گلان دا ھار وي:
    چڙھہ پيھي ھڪلي جهار وي.
    ڀلي گهوڙي ھمبوڇي:
    يار دي جوڙي ھنبوڇي.

    ساريان دي سنگ سوني وي.
    ميڏي پريان دي ويڙھي جهوني وي:
    الا، ملڪ دي اور نموني وي.
    اڪان تي پالان ھنبوڇي:
    وڻ ٽڻ ڪالا ھنبوڇي.

    ٻيريان دي وچ ٻير وي.
    مين تہ ڪرسان باغ دا سير وي:
    تيڏي سر دا ھووي خير وي.
    ڪڻڪ دا ٻوٽا ھنبوڇي:
    پينگھ دا جهوٽا ھنبوڇي.

    ٻٻران دي گل پيلي وي.
    ساڏي رانجهن رنگ رنگيلي وي:
    سڻي ڪون غريبان دي حيلي وي.
    وقت شباب دا ھنبوڇي:
    ڦول گلاب دا ھنبوڇي.
    تيڏي حُسن دي سو سو سانگ وي.
    تيڏا عشق تليھر نانگ وي:
    لڳي ويري ڪون شل ڏنگ وي.
    ھُمر جهُمر ھمبوڇي:
    ڇَمر ڇَڪر ھنبوڇي.


    جمالو

    جمالو
    منھنجو جمالو سنڌڙيءَ سان

    منھنجي سنڌ سَڄي چانڊاڻ لا_ ھو جمالو
    جنھن ۾ موج ڀريو مھراڻ لا_ ھو جمالو
    جنھن ۾ روحن جي تہ رھاڻ لا_ ھو جمالو.

    جنھن جي پرور رکندو پت لا_ ھو جمالو
    جنھن جي مَندن جي ويندي مَت لا_ ھو جمالو

    جنھن جا ڪنول جان ڪنوارا انگ لا_ ھو جمالو
    جنھن جا انڊلٺ جھڙا رنگ لا_ ھو جمالو
    جنھن جا چارڻ چورين چَنگ لا_ ھو جمالو

    جنھن ۾ آڙيون اڏرن پر کڻي_ ھو جمالو
    جنھن ۾ ڪونجان ڪَرڪن ڪَر کڻي_ ھو جمالو

    جنھن ۾ سارنگ جا سينگار لا_ ھو جمالو
    جنھن ۾ ھيجن جي ھُٻڪار لا_ ھو جمالو
    جنھن ۾ جهانگين جي جهونگار لا_ ھو جمالو

    جنھن ۾ اوڏ مٽيءَ جا ڪوڏ لا_ ھو جمالو
    جنھن جي لک لھي ٿي لوڏ لا_ ھو جمالو

    جنھن ۾ چارڻ چندن ھار لا_ ھو جمالو
    جنھن ۾ جاما جلوي دار لا_ ھو جمالو
    جنھن تي سائينءَ ڪئي تہ سڪار لا_ ھو جمالو

    جنھن جو مورڙو مھمير لا_ ھو جمالو
    جنھن جون ڳالھڙيون ڳنڀير لا_ ھو جمالو

    جنھن ۾ مکڻ ولوڙين مايون لا_ ھو جمالو
    جيڪي گهڙا ڀرين گج پايون لا_ ھو جمالو
    جن جون جيءَ ۾ جوڙيل جايون لا_ ھو جمالو

    جن جي اکين ۾ ڪجل جي ڌار لا_ ھو جمالو
    جن جو مُرڪڻ ماکيءَ لار لا_ ھو جمالو

    جنھن تي گهوريو دريا خان لا_ ھو جمالو
    جنھن تي سوڍا ٿيا قربان لا_ ھو جمالو
    جنھن کي ھوشوءَ بخشيو شان لا_ ھو جمالو

    جنھن ۾ مَڪلي ساھ سيباڻي لا_ ھو جمالو
    جنھن ۾ مورن جھڙي مياڻي لا_ ھو جمالو

    جنھن جي درياھن تي دانھن لا_ ھو جمالو
    جيڪي ڪنڌيءَ سڪائن ڪانھن لا_ ھو جمالو
    جيڪي ٻوڙين منھن ٻانھن لا_ ھو جمالو
    جنھن ۾ لال لطيف جي لات لا_ ھو جمالو
    جنھن ۾ سچل سچ جي تات لا_ ھو جمالو.


    نظم

    جنگ آزادي 1947ع

    جانبازو! جنگ آزاديءَ جي تياري ڪريو _ بيدار ٿيو
    قوم ۾ آڻيو سجاڳي، پاڻ ڀي غفلت ڇڏيو _ بيدار ٿيو
    جانبازو! جنگ آزاديءَ جي تياري ڪريو!

    ڪنھن بہ غيرتمند کي ناھي گوارا، ھي غلاميءَ جو جيئڻ
    ذلتن جي زندگيءَ کان بھتر آھي، مرد ميدان ٿي مرڻ
    مرد ٿي مھمير بڻجي مشڪلين سان منھن ڏيو _ بيدار ٿيو
    جانبازو! جنگ آزاديءَ جي تياري ڪريو!

    قوم جي ھر فرد کي ايڪي ۾ آڻي عزم ۽ ايمان سان
    سامراجين جو جنازو جلد ڪڍڻو آھ پنھنجي ملڪ مان
    ھر فسادي غير جا تختا ڪڍو، پاڙون پٽيو_ بيدار ٿيو
    جانبازو! جنگ آزادي جي تياري ڪريو!

    قوم بدلائي نہ جي حالت تہ قدرت ڀي نٿي ڪا شيءِ ڪري
    ماٺ مان ورڻو نہ آھي ڪجھ مگر سڀ ڪجھ ڪرڻ مان ٿو وري
    خال جو رھجي ويو آھي سو ھمت سان ڀريو_ بيدار ٿيو
    جانبازو! جنگ آزادي جي تياري ڪريو!

    پنھنجي قسمت جا اسين آھيون ڌڻي خود ڇو ٻين جي ڪڍ لڳون
    جو اسان جي لاءِ بربادي جو باعث ان تي ڇا باور ڪريون
    قوم ساري کي اھو پيغام ورجائي ڏيو _ بيدار ٿيو
    جانبازو! جنگ آزادي جي تياري ڪريو!

    جنھن کي ناھي فڪر فردا جو نہ غم ماضيءَ جو سا قوم ناھ
    جنھن کي ناھي زندگيءَ سان ڪا محبت سو بہ ڪو انسان آھ؟
    سوچڻو آھي اوھان کي ڪجھ تہ اڄ سوچي وٺو _ بيدار ٿيو
    جانبازو! جنگ آزادي جي تياري ڪريو!

    اي اُٿو جوالا مکي ٿي موج ٿي گجگوڙ ۽ گهمسان سان
    سامراجين سان لڙو، غيور بڻجي جوش ۽ جولان سان
    جي اٿوَ جيئڻو تہ آزادي جي جذبي سان جيئو _ بيدار ٿيو
    جانبازو! جنگ آزادي جي تياري ڪريو!
    جانبازو! جنگ آزادي جي تياري ڪريو!


    يلغار

    يلغار

    جيستائين فرد بدلائي نہ فطرت ساٿيو!
    تيستائين ڦير آڻيندي نہ قدرت ساٿيو!
    حالتن جي ھي تقاضا آھ تہ ظالم سان لڙو
    ۽ ڪريو ان جي خدائي سان بغاوت ساٿيو!
    _
    اٿو اٿو جو زمانو ٿو جنگ جنگ ڪري
    ھي ظلم جبر ٿو روحن کي تنگ تنگ ڪري
    وڄايو دھل بغاوت جو ڍنگ ڍنگ ڪري
    وڌو اڳي ۽ رھو ان کي دنگ دنگ ڪري
    ھي وقت آھ اچو، اجتناب مردھ باد!
    لڳايو نعرو چئو، انقلاب زندھ باد!

    غريب لاءِ غريبي ۽ تنگدستي ڇو؟
    امير لاءِ اميري ۽ خودپرستي ڇو؟
    برابري جي عوض ھي اچائي پستي ڇو؟
    مٽيو نظام اھو ان کي آھ ھستي ڇو؟
    مساويانہ عدالت حساب زندھ باد
    ھوس ۽ ظلم جو خانو خراب مردھ باد

    زمين تي نہ ڪو ظالم ٿي ڪرد گار رھي
    زماني ۾ نہ ڪو انسان دل فگار رھي
    سماج ۾ نہ ڪوئي فرد بي وقار رھي
    ھي ڪم ٿي ھاڻ، نہ آئندي جو انتظار رھي
    کپي بھشت ٿو اڄ، اڄ جو باب زندھ باد
    فريب جنت فردا جو خواب مردھ باد

    نئون نظام اڏيو ھي جھان بدلايو
    غريب امير جو سود ۽ زيان بدلايو
    فساد زر جو شقاوت جو شان بدلايو
    دغا دروغ جو ھر داستان بدلايو
    جو عزم آھ اھو ڪامياب زندھ باد
    ھي سامراج سندس رعب تاب مردھ باد.

    اٿو اٿو تہ بغاوت ڪريون اي مظلومو!
    وڌو وڌو تہ حڪومت ڪريون اي محڪومو!
    ملو ملو تہ محبت ڪريون اي معصومو!
    کلو کلو تہ مسرت ڪريون اي مغمومو!
    خودي سان زندھ رھو التھاب زندھ باد
    لڳايو نعرو چئو انقلاب زندھ باد.


    رھنمائو قوم اوھان کان ٿي پڇي!

    رھنمائو قوم اوھان کان ٿي پڇي!

    رھنمائو!
    قوم اوھان کان ٿي پڇي،
    ورندي ڏيو؟
    ملڪ جو مذھب جي نالي تي ڪيو حاصل اوھان
    پنھنجي مقصد کي انھيءَ ۾ ڇو شامل ڪيو اوھان
    يوم آزادي جي موقعي تي ٻڌايو قوم کي،
    ھي سياست آھ ڪھڙي جنھن رُلايو قوم کي.

    ھن سياست جي دعوا ھئي تہ پاڪستان ۾
    ڪابہ ھڪڙي قوم رھندي ڪانہ ڪنھن نقصان ۾
    جنھن جي تھذيب آھ جھڙي زندھ رھندي سا تئين
    جنھن جي ٻولي آھ جيڪا انت ھوندي سا تئين.

    ڪنھن جي حق تلفي نہ ٿيندي دين جي دولاب سان
    حق پليءِ پوندو سڀن کي، پنھنجي عزت آب سان
    ھي وطن جاگير ناھي ڪنھن بہ آمر فرد جي
    جاءِ ھِت ھرگز نہ ھوندي، ڪنھن بہ جابر فرد جي.

    سامراجين جو نہ ھوندو ڪو اثر ھن ملڪ ۾
    ۽ نڪي سرمايہ داري جو ڏمر ھن ملڪ ۾
    ھت مساوات ۽ اخوت جي نظامت رھڻي آھ
    جو اصول اسلام جو تنھن جي قيادت رھڻي آھ.

    ظلم قائم ڪين ھوندو ۽ نڪي ظالم ڪوئي
    مڪر سان يا جبر سان، ٿيندو نہ ھت حاڪم ڪوئي
    خود غرض ڪوئي نہ ٿي سگهندو ڪڏھن غاصب ھتي
    ۽ نہ رھڻو آھ ھڪ مغلوب ٻيو غالب ھتي.
    رھنمائو!
    قوم اوھان کان ٿي پڇي،
    ورندي ڏيو؟

    عھدنامو جو ھيو جاري ڪيل ھن قوم لاءِ
    تنھن کي سمجهيو ٿي ويو بلڪل اٽل ھن قوم لاءِ
    ڇو ٿيو زيرو زبر سو عھدنامو رھبرو؟
    ڪينءَ اوھان کان ٿي چڪو ھي ڪارنامو رھبرو؟

    اڄ وري اُن عھدنامي تي نظر ثاني ڪريو
    ھر سياسي ڪارنامي تي نظر ثاني ڪريو
    آرسي ھٿ ۾ کڻي پنھنجا عمل جاچيو اوھان
    خود اوھان پيدا ڪيا ڪھڙا خلل جاچيو اوھان.

    پاڻ ئي منصف ٿيو ھن ڳالھ کي فيصل ڪريو
    خود سزا لائق اوھان ڇو ٿا پيا بل بل ڪريو
    شرم جي آھي اوھان کي ڏيو ٽٻي درياھ ۾
    ڇو اچي ٿا خوار ٿيو ھر ھر سياسي راھ ۾.

    ڇا اوھان کي ياد ناھي، قوم سان جو ڪجھ ٿيو
    ظلم ٿيو، بيداد ٿيو، انڌير ٿيو سڀ ڪجھ ٿيو
    سڀ اوھان جي ئي بدولت ٿي چڪو ھن قوم سان
    ھاڻي ڪھڙو ٿا وري ناتو رکو ھن قوم سان.

    بھتر آھي قوم کان اي ليڊرو! پاسو ڪريو
    قوم چاھي ٿي تہ جلد از جلد پڙ پالھو ڪريو
    جيڪڏھن نہ تہ قوم وٽ ھر حرف جو آھي جواب
    جو اوھان جو ظرف، تھڙي ظرف جو آھي جواب.
    رھنمائو!
    قوم اوھان کان ٿي پڇي،
    ورندي ڏيو؟

    ڪنھن ڪيو مذھب جي نالي ملڪ کي تاراج آھ
    ڪنھن جي مڪاري سبب، ھي قوم ٿي محتاج آھ
    ڪنھن جي عياشي ۽ عياريءَ سان ٿي برباد قوم
    ڪنھن غلامي تي ڪئي مجبور ھي آزاد قوم.
    بيگناھي قوم جي ڇو جرم ٺھرائي وئي
    قوميت ڪنھن وئشيا وانگي ڇو ٺڪرائي وئي
    ڪنھن شرافت کي ڪيو نيلام پنھنجي واڪ سان
    ڪنھن رذالت کي وڌايو، ڌوڌ واري ڌاڪ سان.

    آدميت کي ڪيو مجروح ڪنھن ھن ملڪ ۾
    دينداري کي ڪيو بي روح ڪنھن ھن ملڪ ۾
    پنھنجي مطلب لاءِ ڇو اڀري سياست ليڊرو!
    ڇو ڪئي ڪاري اوھان پنھنجي قيامت ليڊرو!

    ھاڻ ڪھڙو منھن کڻي، ميدان ۾ ايندا وري
    جو اوھان پوکي ويا سوئي اچي لڻندا وري
    ياد آھي قوم کي جو ڀي سندو ڪردار آھ
    قوم اوھان کي وئي سڃاڻي، قوم اڄ بيدار آھ.

    جو اوھان جو دور ھو، سو دور اڄ درڪار ناھ
    ھاڻ ٻيھر ڪو تباھي واسطي تيار ناھ
    پنھنجي قسمت پاڻ بدلائڻ گهري ٿي قوم اڄ
    ھانوَ اوھان جي تي اجهو ھينءَ مُنڱ ڏري ٿي قوم اڄ
    بھتر آھي قوم کان اي ليڊرو پاسو ڪريو _!
    بھتر آھي قوم کان اي ليڊرو پاسو ڪريو _!


    سنڌ موجود حق موجود

    سنڌ موجود حق موجود

    آءٌ نہ ڄاڻان ٻولي ٻي، آءٌ نہ ڄاڻان ورد ورود
    ذڪر ڪريان ٿو سنڌڙيءَ جو، پڙھان ٿو ان تي لک درود،
    سنڌ موجود، حق موجود!
    سنڌ موجود، حق موجود!

    آءٌ نہ پوڄيان لوڪ جئان، ڌڻي ڪڏھن ڀي دنيا جا
    منھنجي ڌياڻي سنڌ الا، صدقي جنھن تان سَوَ سجود
    سنڌ موجود، حق موجود!
    سنڌ موجود، حق موجود!

    آءٌ نہ ووڙيان وسندي ڪا، پنھنجو اباڻو ماڳ ڇڏي
    جيڪو اھڙا پير کڻي، ڪين ٿئي شل تنھنجو وجود
    سنڌ موجود، حق موجود!
    سنڌ موجود، حق موجود!

    سنڌڙي ماءُ تہ سنڌڙي پيءُ، ڦوٽ ڪري تہ بہ چوندس جيءُ
    ان کي بخشڻ آھ خطا، جو بہ لتاڙي سندس حدود
    سنڌ موجود، حق موجود!
    سنڌ موجود، حق موجود!

    تون ئي سور سھين سنڌڙي، تون ئي ڏارين ڏاڍن کي
    تون ئي ڌم درياھن جي، تون ئي جهيڻو ساز سرود
    سنڌ موجود، حق موجود!
    سنڌ موجود، حق موجود!

    تنھنجي جذبي ساڻ جيئان، تنھنجي مستيءَ منجھ مران
    تنھنجي ھستي ساڻ ھجي، ھر ڪا جنبش ھرڪو جمود
    سنڌ موجود، حق موجود!
    سنڌ موجود، حق موجود!
    ................


    جيئي سنڌ جيئي شال

    جيئي سنڌ جيئي شال

    آزادي اعلان اسان جو، سوري ڀل سينگار ڪري
    ”مرويسون پر سنڌ نہ ڏيسون“ ھوشوءَ جان للڪار ڪري
    جيئي سنڌ، جيئي شال!
    جيئي سنڌ، جيئي شال!

    ھن ڌرتيءَ جا دودا جاڳيا، جاڳيو دريا خان وري،
    ھن ڌرتيءَ جي مٽي لھندي، مُرڪي پنھنجو مان وري،
    جيئي سنڌ، جيئي شال!
    جيئي سنڌ، جيئي شال!

    پنھنجي حجت آھي تہ پنھنجي ملڪ ۾ پنھنجو نظام رھي،
    ڌارين جي ڪا ڌاڪ نہ گهرجي، سنڌ نہ ڪنھن جي غلام رھي.
    جيئي سنڌ، جيئي شال!
    جيئي سنڌ، جيئي شال!

    دين جي دوکي لٽجي ڦرجي، نيٺ اسان اک کولي اچي
    سنڌ سوا ٻي ڳالھ نہ ٿيندي، سامنھن توڙي گولي اچي
    جيئي سنڌ، جيئي شال!
    جيئي سنڌ، جيئي شال!

    سنڌ سجاڳ ٿي آھي ھاڻي، سنڌ نہ پوئتي پوڻي آھ
    ڇا بہ ڪري ڪو ڪجھ بہ نہ ٿيندو، سنڌ سلامت رھڻي آھ.
    جيئي سنڌ، جيئي شال!
    جيئي سنڌ، جيئي شال!


    منھنجي ڌرتي

    منھنجي ڌرتي

    منھنجي ڌرتي، ھي سندم ديس دلارن جو وطن!
    منھنجي سرويچ، سدا مور، سنگهارن جو وطن!

    ھن جي تاريخ جو انسان اُتاھون سڀ کان
    ھن جي تھذيب جو منھن مانُ مٿاھون سڀ کان
    ھن کي تاراج ڪندڙ، پاڻ ٿو تاراج ٿئي
    آھ برباد بہ آباد سگهارن جو وطن!

    ھن جي غيرت کي نہ ڪنھن سان ٿو ڀيٽي سگهجي
    ھن جي حجت کي نہ ڪنھن ريت ٿو ريٽي سگهجي
    ھن جو ھر ڏاڍ ڏمر ساڻ مُھاڏو آھي،
    ھي ڪڏھن ٿي نہ سگهيو آھ، مَيارن جو وطن!

    منھنجي ساڻيھ ڏٺا غير جا پرڪار سوين،
    ھن کي پنھنجن مان بہ معلوم ستم گار سوين
    منھنجو ساڻيھ سڃاڻي ٿو گل ۽ خار مڙئي،
    بي خبر ناھ خزائن کان بھارن جو وطن!

    ھن تي ڌاريو تہ ڪڏھن ڌاڪ ڄمائي نہ سگهيو
    ھن کي پنھنجو بہ ڪڏھن ماري مڃائي نہ سگهيو
    ڪير آھي جو مٽائي سگهي مانڊاڻ سندياس
    ڪير آھي جو ڪري مات، متارن جو وطن!

    منھنجي ڌرتيءَ جو گنھگار نہ بخشيو ويندو
    ڪوبہ غاصب ڪوبہ غدار نہ بخشيو ويندو
    روپ رھبر جو وٺي سگهندو نہ رھزن ڪوئي
    ھاڻ بيدار ٿيو آھ، ڀلارن جو وطن!

    منھنجي ڌرتي ٿي جڏھن خواب مان بيدار ٿئي
    ھن جو مندو ٿو حياتيءَ مان بيزار ٿئي،
    ھن جو منصور سدا حق جو نعرو ٿو ھڻي،
    ھن کي تاريخ سڏيو آھ، سچارن جو وطن!

    ھي وطن منھنجو وطن، منھنجي اباڻن جو وطن
    منھنجي معصوم اياڻن ۽ سياڻن جو وطن
    شال تاريخ جي ان دور جان آزاد رھي
    جنھن کي سڀ ڪو ٿو چوي، چنڊ ستارن جو وطن!

    منھنجي ڌرتي، ھي سندم ديس دلارن جو جو وطن!
    منھنجي سرويچ، سدا مور، سنگهارن جو وطن!


    اي وطن منھنجا وطن

    اي وطن منھنجا وطن

    اي وطن منھنجا وطن، پيارا وطن تون لک لھين!
    تنھنجا ويرانا بہ ٿا مونکي وڻن تون لک لھين!
    اي وطن منھنجا وطن، پيارا وطن تون لک لھين!

    تنھنجي ٻٻرن جي ٿڌيري ڇانوَ بستن کان ڀلي
    تنھنجي کيرولين جي مٺڙي لست پستن کان ڀلي
    غير جي گينڊي کان وڌ تنھنجو ٻُڪن تون لک لھين!

    تنھنجي ندين ۾ محبت ڦيريون پائي پئي
    تنھنجي پوکن ۾ حياتي ڀيرويون ڳائي پئي
    تنھنجي جهونگارن تان صدقي جان تن تون لک لھين!

    تنھنجي ٻولي ڄڻ تہ اونداھيءَ ۾ ٽانڊاڻا اَلا
    تنھنجا گفتا ڄڻ تہ چانڊاڻين ۾ مانڊاڻا اَلا
    تنھنجي مجلس تي ملائڪ ڀي ڇڪن تون لک لھين!
    تنھنجا جهانگيئڙا وسن جھڙا انھيءَ اھڃاڻ ۾
    ڄڻ تہ اوندھ ۾ ستارا ڄڻ تہ گل چانڊاڻ ۾
    شال سي ساوڻ جئان سرھا رھن تون لک لھين!

    مومليون تنھنجيون مَرم واريون انھيءَ انداز سان
    ڄڻ تہ ڪونجن جون قطارون ڄڻ تہ ڪي سُر، ساز سان
    جن جي قدمن تي ستارا ٿا جهڪن تون لک لھين!

    تو ۾ مريادا جون مرليون، تو ۾ سرندا ساءَ جا
    تو ۾ وندر جي ولايت، شھر آدرڀاءَ جا
    تو ۾ ڏکندا ٿا سُکن جا دم کڻن تون لک لھين!

    او اَلا اڄ تنھنجي قسمت اي وطن ڪنگال آھ
    تنھنجي دامن ۾ جياپو ٿي پيو جنجال آھ
    ڪِن ڪيا تو ۾ گهڻا، ميرن مندن تون لک لھين!

    تو جي جهوليءَ ۾ نپايا نانگ تن جهوري ڇڏيو
    ڏنگ ڏاڍائن ھڻي، ڀترن جئان ڀوري ڇڏيو
    تنھنجا سانگيئڙا سکن ليءَ ٿا سڪن تون لک لھين!

    ڪالھ جن ٿاڪن تي سارنگ جي وسڻ جا ويس ھئا
    منھنجي مارن جا گلابن جان گلابي ويس ھئا
    اڄ انھن ۾ ڪانگ ٿا رڙندا وطن تون لک لھين!

    توکي جيڪا ڀي لڳي گهر مان لڳي ڪو شڪ نہ آھ
    ڏوھ ڇا ٻين کي ڏجي، پنھنجن ئي ڪئي ڪو شڪ نہ آھ
    اڄ بہ توتي واڪ ٿا ڏيندا رھن تون لک لھين!

    ڇا بہ ٿي تون منھنجو آھين، مان آھيان تنھنجو وطن
    جيءُ جسو گهوري ڇڏيندس تو مٿان پنھنجو وطن
    توکي رکڻو آھ سلامت جان من تون لک لھين!


    سنڌڙي بہ تون، منھنجي جندڙي بہ تون!

    سنڌڙي بہ تون، منھنجي جندڙي بہ تون!

    سنڌڙي بہ تون، منھنجي جندڙي بہ تون،
    منھنجي ڌرتي بہ داتا بہ تون!

    تنھنجي ھستيءَ سان جي بہ ھاڃا ٿيا،
    منھنجي گيتن ۾ گوندر گڏيندا ويا
    ٻولي بہ تون، منھنجي لولي بہ تون
    منھنجون آھون، اِلاھون بہ تون!

    توسان اوڀر آڙيو، توسان اُتر آڙيو
    ڪين پائي ويو جو بہ توسان لڙيو،
    مڪلي بہ تون، منھنجي مياڻي بہ تون
    منھنجي سانگين جي سامئي بہ تون!

    تنھنجا ڏکڙا وڃن، تنھنجا سُکڙا ورن،
    توکي ڪوٺين ڪڙيو جن سي ماري مرن
    سنڌو بہ تون، منھنجي سنڌيا بہ تون
    منھنجي مارن جي مارئي بہ تون!

    تنھنجا دودا جيئن، تنھنجا دولھ جيئن
    شال پنھنجا بہ لايا سجايا ٿين،
    ٻاگهي بہ تون، منھنجي تاري بہ تون
    منھنجي ننگر جي ڪويل بہ تون!

    توتي مانجهين، متارن جو سايو رھي
    توتي ڪنھن جي اُچائي نہ ڪوئي سَھي
    موکي بہ تون، منھنجي نوري بہ تون
    منھنجي جيڏين جي جيجل بہ تون!

    تنھنجو ناتو سڃاڻي جي نانگا ٿيا،
    پاڻ ماري بہ توکي جيئاري ويا
    مومل بہ تون، منھنجي سومل بہ تون،
    منھنجي راڄن جي راڻي بہ تون!

    توتي واڳون وريا، تنھنجا ميھر مُٺا،
    راءِ گرنار ۾، تڙ تي ڪونڌر ڪُٺا
    سھڻي بہ تون، منھنجي سورٺ بہ تون،
    منھنجي سوڍن جي ساڻي بہ تون!

    اڄ بہ روپا، رني ڪوٽ مٽبا وڃن
    اڄ بہ ڪينجهر مٿي ڪنگ رڙندا وتن،
    ڀنڀور تون مون ليءِ موھن بہ تون
    پنھنجي اجڙيل ڪھاڻي بہ تون!

    ڪيس ۽ ڪوس ٿا تو مٿان جئن وڌن
    دل ٿي ڌاڱا ٿئي، نيڻ ٿا رت رُون،
    ڏتڙيل بہ تون، اڃا ڏوھي بہ تون،
    پنھنجي دھ جي ڌياڻي بہ تون!

    اي خدا ھي تماشو، ھي انڌير ڇاھ؟
    سنڌ شايد تہ تنھنجي خدائي ۾ ناھ!
    قھار تون _ جبار تون،
    منھنجي ڏاڍن کان ڏاڍو بہ تون!

    تون ئي تون آھ مونکي، او سنڌڙي سدا
    ڪوبہ غم يا خوشي ناھ توکان جدا
    سپنو بہ تون، منھنجي ساڀيا بہ تون،
    منھنجون سانتيون بہ لاتيون بہ تون!

    جڳ جيئي پاڻ ليءِ آءٌ نہ اھڙو ٿيان
    آءٌ تو ليءِ مران، آءٌ تو ليءِ جيئان
    تيرٿ بہ تون، منھنجا تڪيا بہ تون،
    منھنجر مُڪتي بہ ماتا بہ تون!
    سنڌڙي بہ تون
    منھنجي جندڙي بہ تون
    سنڌڙي بہ تون.


    سنڌڙي منھنجي ماءُ

    سنڌڙي منھنجي ماءُ

    سنڌڙي منھنجي ماءُ او منھنجي جيجل توتان گهور ٿيان
    شال نہ ٿيان غدار سندءِ ڀل ڊاڪو ٿيان يا چور ٿيان

    آيل تنھنجي سارھ ڪھڙي تون ائين منھنجي گيتن ۾
    شاھ سونھارو پوئي ويو جيئن آيت آيت بيتن ۾

    ڪڏھن تہ تنھنجو روپ ھو ائين ڄڻ جلوو ٻانھينءَ واريءَ جو
    ھئي حياتي ھيج ۾ ائين ڄڻ ڇيڄ ۾ ڇيڏڪ ڪنواريءَ جو

    ڪڏھن تہ لال ڪنوار ھئينءَ اڄ بيوھ جان بيحال آ بوءِ
    جيجل تنھنجي جهول کي جس پر دل وارن جو ڪال آ بوءِ

    سانوڻ آيو سور ويا تہ بہ تنھنجو اھو ئي حال رھيو
    ساڳيون لھريون ساڳيا لوڏا، ساڳيو سُک جو ڪال رھيو
    وري وري ڪو واءُ سڻائو وري مِٽيءَ کي مانُ مِلي
    سنڌڙي آھي اوسيئڙي ۾، مانَ ڪو دريا خان مِلي

    سنڌڙي تنھنجي ڳالھ ڳڻي ٿا دريا خان کي ياد ڪريون
    شال اھا دل ڌاري اسان اڄ تنھنجي جند آزاد ڪريون

    آيل تنھنجي سورن جا ٿا اسان کي ائين اھڃاڻ لڳن
    ننڊ مان ڇرڪي ٻار جئين ٿا، ماءُ جي ڇاتيءَ ساڻ لڳن

    مڪلي ٿي اڄ ڳوڙھا ڳاڙي، مياڻي ٿي فرياد ڪري
    آھي ڪو جو سنڌڙيءَ کي اڄ، سَڌڙين کان آزاد ڪري.

    روئندي روئندي نير کُٽي ويا، لھو اچي ويو لُڙڪن ۾
    آءٌ ڪينءَ کلندي کير پير پيئان، منھنجي سنڌڙي آھي سڏڪن ۾

    سنڌڙي تنھنجا وير جيئن، تون شاد رھين آباد رھين
    شال اچن سي ڏينھن جڏھن تون، جنجل کان آزاد رھين

    اسان مڙڻ جا ڪينڪي آھيون، ڀلي ڪريو سو ڦند کڻي
    مرويسون پر سنڌ نہ ڏيسون، ھوشوءَ جو سوڳنڌ کڻي

    سنڌڙي آھ تہ سڀ ڪجھ آھي، سنڌڙيءَ سان ئي جندڙي آھ
    اسان تہ ڪجھ ڀي ناھيون سائين، جيڪي آھي سنڌڙي آھ

    سنڌڙي تو جي سور سَٺا، تن سورن جا سوڳنڌ کڻي
    اسان ڪريون ٿا عھد تہ تنھنجا، ويري وڍبا رند کڻي

    جيجل تنھنجي سام جهلي جن سڌڙين توکي سور ڏنا
    انھن ئي سورن سڀڪنھن کي اڄ پوياڙيءَ جا پور ڏنا

    اسان گهڻو ئي سکي چڪاسي، ھاڻي نہ ڪجھ سيکاري ڪو
    وطن جي حب ايمان اسان جو، سوري ڀل سينگاري ڪو
    ھاڻ اسان کي ھن ڌرتيءَ تي، دودو بڻجي رھڻو آھ
    خود داريءَ سان جيئڻو آھ يا سورھيہ ٿي سِر ڏيڻو آھ

    سنڌڙيءَ ڪارڻ سودائي ٿي، سر ڏئي ساري ڪرڻي آھ
    سنڌڙيءَ جا سرويچ جيئن شل، سنڌڙيءَ جي پَت رکڻي آھ

    سنڌڙي جا مخدوم بلال جي، سن جي سائين حيدر جي
    تنھن سنڌڙيءَ تي ڌاڪ نہ رھندي ڪنھن بيگاني بيدر جي

    سنڌڙي تنھنجي سانگين کي جن ڏني تپائي توڻي آھ
    ساموئي جو سُنھن تہ انھن سان ھڪ ھڪاڻي ڪرڻي آھ

    فيصل ٿيندا فتنا سارا، اسان کي چپ ٿي رھڻو ناھ
    سنڌڙيءَ کي جن سودو سمجهيو، سؤلو تن کي ڇڏڻو ناھ

    يا تہ اسان جا سِر ويندا يا ڌاريا ٿيندا ڌوڙ ھتي
    سچ جي ساک سلامت رھندي، رھڻو ناھي ڪوڙ ھتي

    ھيڪر دل درياھ ڪري، جئن اُٿلي پياسين اوٿر جان
    سارا دوکا ڌوڙ ٿي ويندا، ڏونگر ڏرندا محشر جان

    راڻا ڪاڻا راڄ ڏئي تو راڄ ڪيا رنجور مڙئي
    تنھنجي ڪائي گهرج نہ آھ، کڻ دوکي جا دستور مڙئي

    سنڌڙي ڪنھن ارغون جي ناھي، سنڌڙي ڄام نظام جي آھ
    غاصب توکي ڪو حق ناھي، سنڌڙي سنڌ جي عام جي آھ

    سنڌ تصور ناھ حقيقت آھ، مجاز نہ ٿيڻي آھ
    ”ڇا بہ ڪري ڪو ڪجھ بہ نہ ٿيندو، سنڌ سلامت رھڻي آھ“

    سنڌڙي تنھنجي نانوَ تان صدقي، منھنجا سڀ سنگيت اَلا
    جيسين جيئندس تيسين لکندس، تنھنجي غم جا گيت اَلا.


    او سنڌو سونھاري سنڌو

    او سنڌو سونھاري سنڌو

    او سنڌو سونھاري سنڌو، توکي جهڪي ٿا سلام ڪريون
    تون ئي اسان جو عشق ۽ مذھب، توريءَ ٻيو نہ ڪلام ڪريون

    جيڏي تو ۾ موج ۽ مستي، تيڏي ھستي مانجهين ۾
    صبح جو نُور ڀرين ٿا جيڪي، اوندھ آيل سانجهين ۾

    ھيءَ ڌرتي ھيءَ سرجڻھاري، ھيءَ ڌرتي اباڻي آھ
    ڪير جو ھن تي ڌاڪ ڄمائي، اھڙي ڪنھن جي ھستي آھ

    صدين کان پوءِ آئي سُجاڳي، جاڳي اٿيا شھمير مڙئي
    مادر تنھنجو مانُ سلامت، مھل ڪندا مھمير مڙئي

    سنڌڙي تنھنجا سورھيہ جاڳيا، ھاڻ متان دل لاھين تون
    تو ليءِ سرڙو آھ تريءَ تي، اڄڪلھ سڀ ڪجھ آھين تون

    انڊلٺ وانگي رنگ برنگي، اجرڪ لونگيون مارن جون
    ڳالھيون ۽ ڳُڻ ڳائڻ ويٺا، تنھنجن سوڀن ھارن جون

    ھيج ڪري ائين نڪرن جيڏيون، المست ٿي تنھنجي جهونگر ۾
    ڄڻ تہ ستارا سونھريءَ تي ڄڻ ڪنول قطارون ڪينجهر ۾

    ھي سڀ تو ليءِ آھ سنڌڙي، ٿيا ڌاريا جنھن کان دنگ ڏسي
    ايندڙ نسل نہ پٺتي پوندو، ھي پنھنجي مقدس جنگ ڏسي

    ڌاريا تنھنجي دال نہ ڳرندي، ڇو ٿو خلق کلائي وڃين
    سنڌ ڪو حلوو ناھي جو تون، ڳيت ڏئي ڳڙڪائي وڃين

    سنڌ سڪندر کان بہ نہ ٿي ھئي زير، تہ توکان ڇا ٿيندي
    تو جھڙي جنجاليءَ جي ھت جاءِ ڪڏھن بہ نہ ڪا ٿيندي

    تون ڀي ٻڌ او چنيسر پارا! تنھنجي بہ ھاڻ کُٽي آھي،
    تنھنجي مڙسي تنھنجي ڪرسي ڪنھن کان ڪين ڳجهي آھي.

    تو جي ڌارين سان ساڻ مِلي ۽ ڀال ڀلايا پنھنجن سان،
    تن جا ڪيتا لوڙين ويٺو، جُٺ ڦِٺ طعنن تُنڪن سان.

    ڪر موڙي تاريخ اُٿي آھ، دھرائي ٿي پاڻ وري،
    دودي وارو درد کڻي اڄ آئي آھي ساڻ وري.

    ھاڻ نہ ڪوئي ڳوڙھا ڳاڙي، ھاڻ نہ ڪو دلگير ٿئي،
    ھاڻ اھا ئي ھمت گهرجي، تبديل جيئن تقدير ٿئي.

    آڏا ڏونگر ڏاڍ تڏھن ڀي، ڇاتي تاڻي ھلڻو آھ،
    گولين سان منھن گهوٽ ئي ڏيندا، پٺتي پير نہ ھٽڻو آھ.

    جنھن بہ شھادت ماڻي آھي، پنھنجي وطن جي واھر ۾،
    آمر اُھوئي رھجي ويندو، باطن توڙي ظاھر ۾.

    اڄ جو نعرو سڀان جي ھلچل، ميڙو اَنت مَچي پوندو،
    نيٺ تہ سنڌ جي ساري ٿيندي، نيٺ تہ جبر جهُڪي پوندو.

    دريا خان جي دل جو قسم، اَڄ ھوشوءَ جھڙا جوان ھتي،
    سوڀ جو سودو سِر سان ڪرن جي، اھڙا ڀي انسان ھتي.

    تون ڀل ڊاھ ۽ ٺاھ پيو، ھي دھشت جا دستور ميان!
    ڪنھنکي ڪھي پر ڪنھنکي ڪھندين، ملڪ مڙئي منصور ميان!

    سوريءَ تي سر تڏھن بہ پنھنجو نعرو ھوندو جيئي سنڌ!
    جيئي سنڌ تہ جيئي جند، ھرڪو چوندو جيئي سنڌ!


    اھو عھد آھ سنڌڙي

    اھو عھد آھ سنڌڙي

    اھو عھد آھي سنڌڙي، توکي پنھنجو ڪرڻو آھي،
    توتي جان پنھنجي گهوري، توکي زندھ رکڻو آھي.

    توتان عشق، حسن صدقي، توتان صدقي دين، دنيا
    تون سکي رھين سدائين، توکي ڏک نہ ڏيڻو آھي

    تو ڏھاڳ جي ڏجهن ۾، ڪئي عمر پوري
    توکي صدق جي سزا ۾، ٻيو سور سھڻو آھي

    تو بھار جي طلب ڪئي تہ خزان جو دور آيو،
    تو خوشيءَ جي خواھشن ۾، ڪيو غم سان پرڻو آھي

    تو جا آھ ڪئي انھيءَ جو ڪو اثر تہ نيٺ ٿيندو
    تون اداس ٿي نہ جيجان وري وقت ورڻو آھي

    توکي غير غم رسايا تہ خوشي لٽائي پنھنجن
    انھي ريب جي اوراڻي، سڄو وير وٺڻو آھي

    توکي جن بڻايو دوزخ، اھي دوزخي ٿي ويندا
    توکي جنتن جان نئين سر نئون روپ ڏيڻو آھي

    اجهو انقلاب آيو، اجها بدلي تنھنجي حالت،
    اھو ڏينھن نيٺ ايندو، اھو ڏينھن نيٺ ڏسڻو آھي

    ڪيو قول جيڪو ھوشو اھو ياد آھ اڄ ڀي،
    اسان مرسون سنڌ نہ ڏيسون، ائين انت ٿيڻو آھي

    توکي ڏاڍ سان ڏنگيو جن، اھي نانگ ويا نيراني،
    مونکي تنھنجو سنھن تہ توکي، وري مُرڪي جئڻو آھي

    وري ڊوھ جي سياست، ڪيو گرم غيرتن کي
    جيئي سنڌ جي سھاري، نئون دور اچڻو آھي

    ھي سجاڳي نسل نئين جي، ھي جوان دل جا جذبا،
    مونکي آھ يقين بلڪل تہ ڪو رنگ رچڻو آھي

    اھا قوم قوم ناھي، جا وطن جي واھرو ناھ،
    اھو داغ پنھنجي سِر تي، نہ مدام رھڻو آھي

    ھي زمين جنھن جي دل ۾، ٿو صدين جو درد ڌڙڪي
    ھتي مات ناھي ڪائي، نڪو موت اچڻو آھي

    ھي نيازتنھنجي نالي، تون جئين جڙين سدائين
    تنھنجي لاءِ جيئڻو آھي، تنھنجي لاءِ مرڻو آھي


    ھي سنڌڙي ھي سانگي

    ھي سنڌڙي ھي سانگي

    الا منھنجي سنڌڙي جا ھر دور ۾
    پنھنجي مارئي جئان ٻي جي محڪوم آھي
    نڌڻڪي نماڻي ٿي گهاري سدائين
    ٿيل سڀني حقن کان محروم آھي
    ڏکيا ڏينھڙا منھنجي ماروئڙن تي
    سندن حال ڇورن جان مظلوم آھي

    جڏھن ڀي ھتي ڪو نئون سج اڀريو
    تہ ڪرڻا ڪري اوٽ انڌير آيو
    حياتيءَ جا حرف وسري ويا ڄڻ تہ
    اوندھ ۾ ڪنھن نانگ تي پير آيو
    مرن وانگ ماڻھو ٿيا دربدر
    حوصلا ويا تہ ھر ڳالھ ۾ ڦير آيو

    ھي سنڌڙي جا سرسبز، آباد رھندي
    ٿي آئي بھشتن جي بازار وانگي
    ھي سنڌڙي جو ڀنڀور سھڻو ستابو ھيو
    جو بھارن ۾ گلزار وانگي
    حياتيءَ جي مومل ھتي آس جي ڪاڪ ۾
    مست ھئي جهڙ ۾ انار وانگي

    ھي سانگي جي پنھنجي پراون جي ڏک سک تي
    پنھنجي خوشي ڀي نڇاور ڪندا ھئا
    محبت مان مرڪي ۽ گهر آئي مھمان جو
    ڀائرن وانگ آدر ڪندا ھئا
    سٻاجها ۽ سادا رھي، سور سختيون سھي
    ڀي سچائي تي باور ڪندا ھئا

    ھي سنڌڙي ھي سانگي اھي ڪين آھن
    جي آھن تہ ڀي ڄڻ تہ ڪي چور آھن
    نہ رونق نہ رمزون ائين ٿو سجهي ڄڻ
    تہ برپٽ جي ڀڙڀانگ ۾ ڍور آھن
    ھي ھيئن ڪين ھئا پر انھيءَ جي ڪري ٿيا
    جو ظلم ۽ تشدد کان ڪمزور آھن

    ھي جي پنھنجي قسمت جا مالڪ ھئا
    سي ٻين جا ٿي محتاج سڪندا رھن ٿا
    اٿن ۽ ويھن پاڻ ٿا پر ٻين جي اشارن تي
    بيجان پتلين جان ھلندا رھن ٿا
    جيئڻ جي بھاني جيئن ٿا مگر سچ تہ آئندي
    جي وعدن تي مرندا رھن ٿا

    ھي ھاڻي انھيءَ حال ۾ ٿا رھن
    ڄڻ تہ ساڳيو غلاميءَ جو دور آھي
    فلنگي جي فتنا پکيڙي ويا تن جو جاري
    بدستور اھو طور آھي
    ڦُريون ڪينءَ ڦرين کي، اھو ڦندو پورو ٿيو
    تہ بہ انھيءَ تي اڃا زور آھي

    ھي ڌرتي ھنن لاءِ ڌاري ڪئي وئي
    جا ڌرتي ھنن کي جنم ڏئي چڪي ھئي
    ھي ٻولي ھنن جي نہ ٻولي رھي جا
    ھنن کي ديا ۽ ڌرم ڏئي چڪي ھئي
    ھي جيوت ھنن کان جدا ٿي وئي جا
    ھنن کي جيئڻ جو قسم ڏئي چڪي ھئي

    ھنن جو اھو ڏوھ آھي تہ بي ڏوھ
    بڻجي زماني ۾ جيئندا رھن ٿا
    ڀلائيءَ جو بدلو برائي ملي تہ بہ
    کلي خوش ٿي سڀ ڪجهہ ڇڏيندا رھن ٿا
    سَنڌو ناھ رھبر ۽ رھزن ۾ ڪوئي
    ھي مڙنيءَ کي مُھت ڏيندا رھن ٿا
    ھنن ۾ ڪوئي ھوش ۽ جوش ناھي
    ھنن کي ستي ڏئي سمھاريو ويو آھ
    متان ڪا ھنن ۾ سجاڳي اچي
    رھنمائن کي چڪمو چکايو ويو آھ
    جتي ئي ھئا ھي اتي ئي ھنن کي
    ڏئي چپ تي سوٽي بيھاريو ويو آھ

    ھي آھ سنڌ ۽ ان جي سانگين جي تقدير
    جي اڄ زماني جي آئي ۾ آھن
    گلابن جان معصوم جن جي طبيعت
    اھي تيز ڪَنڊن جي گهائي ۾ آھن
    حياتيءَ کان بيزار، خاموش گم سم
    نہ ڪنھن جي سڙي ۽ نہ سائي ۾ آھن

    جو انڌير ڪرڻا ڪري اوٽ آيو ھيو سو
    اڃا تائين وڌندو رھي ٿو
    اونداھي جو گهمسان آڻي ۽ چانڊاڻ
    جي چيٽ کي چوٽ ڏيندو رھي ٿو
    ھي سڀڪجھ جو ٿيندو رھي ٿو انھيءَ کي
    تماشائي ٿي ھرڪو ڏسندو رھي ٿو

    اڃا لُڙڪ جي ڇانوَ ۾ مرڪ آھي
    جڏھن مُرڪ اُٿلي تہ طوفان ايندو
    جي سڀڪجھ وڃائي رھن ٿا، ورائي سگهن ٿا
    انھن ۾ جي جولان ايندو
    تہ کن پل ۾ چوپڙ ئي چوپٽ ٿي پوندي
    رھائي تي سڀڪنھن جو ايمان ايندو

    ھي مارئيءَ جا مارو، ھي ٻاگهيءَ جا دودا
    ھي مڪليءَ جا جوڌا، ھي مياڻي جا مانجهي
    جڏھن گاج بادل ۽ کنوڻين جان نانگا
    ٿي نڪتا وطن جي، وراڻي جا مانجهي
    تہ سڀ گوڙ گهمسان، ڪک پن ٿي ويندا
    نہ رھندا ھتي ڪي، سگهاڻي جا مانجهي.

    (سنڌي شام تي لکيل)


    سنڌ سدائين جيئي شال

    سنڌ سدائين جيئي شال

    سنڌ سونھاري، سرجڻھاري سڀ جي پياري جيجل وانگ
    ھن جا راڻا، ساھ سيباڻا، ھن جون سوڍيون مومل وانگ
    ھن جا گيت، سڀن جا گيت، ڳائن ٿا سڀ ٻيجل وانگ

    سنڌ سڀاڳي ڀاڳ ڀري ھئي، سانوڻ جي برسات جئان
    پر نہ رھايو قسمت ھن سان، ڪاري قھري رات جئان
    ھاڻ تہ ھن تي ڏينھن اچي ويا، بيوھ جي اوقات جئان

    سنڌ ٿي سڏڪن ساڻ سنڀاري، مياڻيءَ وارا مانجهي اڄ
    سر ڏئي جيڪي سام بچائن، راڄ دلارا مانجهي اڄ
    ھاءِ ھجن ھا جيئرا جيڪر، ھوشوءَ پارا مانجهي اڄ.

    ھوشو جيڪو سنڌ جو سورھيہ، راڄ سڄي جو راڻو ھو
    حب وطن جو ڪوڏيو ڪونڌر، جنھن کي ملڪ تي ماڻو ھو
    آزاديءَ جو پروانو ڄڻ، لکن ۾ ھڪ داڻو ھو.

    ھوشو جنھن جي جنگ ھئي تن سان، جن جا جڏا پرڪار ھئا
    ھڪڙا ڌاريا جيڪي لوڀي، ٺوڳي ۽ خونخوار ھئا
    ۽ ٻيا پنھنجا جيڪي اوڻا نپنا غدار ھئا

    سنڌ ۾ ڌارين اکيون وڌيون ۽ سنڌ جو ڀاڳ لُٽڻ لڳا
    ھن جو ارڪو ترڪو کڻندي پنھنجا گهر تڙ ڀرڻ لڳا
    سنڌ کي مفت جي مال جيان بي رحم ھٿن سان لٽڻ لڳا

    ڍؤ نہ ٿيو تہ بہ پوڍاين جو، آخر حرص جي ھام ھڻي
    واسينگن جان وڌندا آيا، ويرين واري لام ھڻي
    پنھنجا پنھنجو ننگ وڃائي، گڏيا انھن سان گام ھڻي

    سنڌ ڇٽي وئي بگهڙن کان پر واسينگن جي وات پئي
    ڏاڍائين جا ڏنگ لڳي ويا ڏونگر کان ٿي مات پئي
    ويچاريءَ سان ويل وھيا، ڄڻ بر ۾ ڪنھنجي رات پئي

    سنڌ جا وارث ويڳا ٿيا، سنڌ جي واھر ڪانہ رھي
    پائيندڙ جان پائي آيا ڌاريا، آڌر ڪانہ رھي
    آزاديءَ جي ڪابہ توقع رتيءَ ماتر ڪانہ رھي

    جڏھن وطن جي آزاديءَ کي، آندو ڌارين خطري ۾
    ڪوئي ڪنھنجو ڪونہ رھيو، وڌو سڀ کي ڌڪارين خطري ۾
    سنڌ پڪاريو آھن ڪي جي، واھر وارِين خطري ۾.

    ھڪل ڪري ڪنھن مرد پڪاريو، آيس آيس آيل مان
    جاڳي مرد جي غيرت ائين ڄڻ، بجليون نڪتيون بادل مان
    آيو ھوش مان جوش ۾ ائين ڄڻ، ڇوليون اڀريون ساحل مان.

    ھي ھو، ھوشو آيو جيڪو، طوفانن جان شور ڪري
    گاج جئان گجگوڙ ڪري، ماحول ڇڏيائين اور ڪري
    ڪير آھي جو منھنجي وطن کي، غلام بڻائي زور ڪري.

    منھنجي وطن کي ڪوئي بالم، ڪنھنجو غلام نہ رھڻو آھ
    جيسين غيرت باقي آھي، تيسين غير سان لڙڻو آھ
    آزاديءَ سان جيئڻو آھي، آزاديءَ سان مرڻو آھ

    آزادي حق آھ اسانجو، ڌارين جي جاگير نہ آھ
    آزاديءَ تان سڀڪجھ صدقي، ٻي ڪائي تدبير نہ آھ
    ڌارين جي جو ڪري غلامي، سو ڪوئي مھمير نہ آھ

    ھوشو مرندو مري ويو تہ بہ، قبول ڪيائين نہ غلاميءَ کي
    وري ڪوئي منصور ھليو ويو، ڏئي تياڳ جوانيءَ کي
    سنڌڙي اڄ ڀي فخر منجهان، ٿي ساري اھڙي مانجهيءَ کي.

    سنڌڙي جنھن جي آزاديءَ تان، ھوشو ٿيو قربان الا
    ھوشو جنھن جي حب الوطني، ھن جو ھئي ايمان الا
    ان جي وطن مان پيدا ٿيندا، ھوشوءَ جھڙا جوان الا

    جيڪي بڻجي شير وطن جي، ويرين کي للڪار ڪندا
    ڪيرائيندا قيد جا ڪوٽ، ۽ مندن کي مسمار ڪندا
    سنڌڙي تنھنجو عشق سلامت، نعرو ھي نروار ڪندا.

    آزادي دا ننگ رکيسون _ سنڌ سدائين جيئي شال
    مور نہ ڪنھن دي غلام رھيسون، سنڌ سدائين جيئي شال
    مرويسون پر سنڌ نہ ڏيسون، سنڌ سدائين جيئي شال.
    (ھوشوءَ جي ورسيءَ تي لکيل)


    سنڌ جاڳي پئي

    سنڌ جاڳي پئي

    سنڌ جي مڪلي ۽ ساموئي جو قسم
    شاھ جي سھڻي ۽ مارئي جو قسم
    پنھنجي جهانگين کي جهوليءَ ۾ لولي ڏئي
    پنھنجي لوليءَ کي ٻاگهيءَ جي ٻولي ڏئي
    سنڌ جاڳي پئي!

    رات جي سانت ۾ ڪنھن ستاري مثال
    صبح جي نور ۾ ڪنھن نظاري مثال
    ما۽ جي روح ۾ راس لولي جئان
    ڪنوار جي ذھن ۾ ڪنھن پرولي جئان
    سنڌي جاڳي پئي!

    ھير جي ھنج ۾ مست سرھاڻ جان
    وير جي ور تي المست چانڊاڻ جان
    ڪوئي معصوم پينگهي ۾ مرڪي جئين
    ڪوئي محبوب يادن ۾ مشڪي جئين
    سنڌ جاڳي پئي!

    سنڌ صدين کان مظلوم رھندي اچي
    پنھنجي حقن کان محروم رھندي اچي
    ھن جي آھن مان اميد ڪرڻا ڪڍيا
    اوچتي جوت جذبن مان جهرڻا ڪڍيا
    سنڌ جاڳي پئي!

    ڪو زمانو تہ ھن سان اھو ظلم ھو
    ھن جو نالو وٺڻ ڀي وڏو جرم ھو
    ڪالھ اُن جرم ۾ جي بہ جهلجي ويا
    تن جي صدقي ھي سڀ رنگ رچجي ويا
    سنڌ جاڳي پئي!

    ڪالھ ھن تي تہ ڪنھن لڙڪ لاڙيو نٿي
    ھن جي سورن سان ڪوئي سلھاڙيو نٿي
    اڄ تہ ھرڪو ئي ٿو رت وھائڻ گهري
    عشق ھن جي ۾ سوري سجائڻ گهري
    سنڌ جاڳي پئي!

    ڪو ڀلي مڪر ۾ جبر جاري رکي
    ھوش ۽ جوش ٿي سنڌ ساري رکي
    ھاڻ حيلو ھلي ڪين سگهندو ڪوئي
    سنڌ ماري مڃائي نہ رھندو ڪوئي
    سنڌ جاڳي پئي!

    ظلم قائم نہ رھندو نہ ظالم ھتي
    ۽ نہ غاصب رھي سگهندو سالم ھتي
    جن حياتي اسان تي ڪئي تنگ آھ
    سنڌ ساري جي تن ساڻ اڄ جنگ آھ
    سنڌ جاڳي پئي!

    سنڌ اي سنڌ منھنجي ايامن جي سنڌ
    مونکي آسيس ڏي منھنجي خوابن جي سنڌ
    تنھنجي گيتن کي سنگيت ڏيندو رھان
    تنھنجو چارڻ ٿي ھيءَ سين ھڻندو رھان
    سنڌ جاڳي پئي!
    سنڌ جاڳي پئي!


    جنگ جاري رھي!

    جنگ جاري رھي!

    جانبازو جيئي سنڌ وڌندا ھلو
    سنڌ جي سڏ تي سڀ جيءُ چوندا ھلو
    سر تريءَ تي رکي سئن ھڻندا ھلو
    جنگ جاري رھي، جنگ جاري رھي!

    سنڌ سڏڪن ۾ ھئي ھاڻ مُشڪي پئي
    پنھنجي ڄاين مٿي ماءُ مرڪي پئي
    سوڀ جي جوت جذبن مان جرڪي پئي
    جنگ جاري رھي، جنگ جاري رھي!

    ھي جيئي سنڌ جي سئن ھر جوان جي
    جنھن کان لرزي ٿي ديوار زندان جي
    ختم اھا ئي ڪندي رات گهمسان جي
    جنگ جاري رھي، جنگ جاري رھي!
    جوش جذبي سان ھر حال تيار ٿيو
    ظلم جي تير آھي تہ تلوار ٿيو
    ظالمن لاءِ سِيھي جي ديوار ٿيو
    جنگ جاري رھي، جنگ جاري رھي!

    پنھنجي تاريخ نئين سر ٿي نروار ٿي
    ھرڪو سنڌڙيءَ سان ٿو وفادار ٿي
    ڇا مجال آھ جو ڪوبہ غدار ٿي
    جنگ جاري رھي، جنگ جاري رھي!


    جنگ اسان جي جاري رھندي

    جنگ اسان جي جاري رھندي

    پنھنجي حق جي باري ۾، پنھنجي سنڌ جي باري ۾
    سنگينن جي سامنھن توڙي، گولين جي وسڪاري ۾
    جاري رھندي، جاري رھندي،
    جنگ اسان جي جاري رھندي!

    جاڳي سنڌ سگهاري آھ، جاڳي سنڌ سگهاري آھ،
    جاڳيا نينگر ننگر پارا، جاڳيو ھاري ناري آھ
    جاري رھندي، جاري رھندي،
    جنگ اسان جي، جاري رھندي!

    اُڀري آيون گام کڻي، اڀري آيون گام کڻي،
    منھنجي سنڌ جون سوڍيون راڻيون، مارئيءَ واري ھام ھڻي
    جاري رھندي، جاري رھندي،
    جنگ اسان جي، جاري رھندي!
    بچندا ڪين بھانن سان، بچندا ڪين بھانن سان
    جن ڀي سينو ساھيو آھي، ڌرتيءَ جي ديوانن سان
    جاري رھندي، جاري رھندي،
    جنگ اسان جي، جاري رھندي!

    ڀلي وَھايو ويل ھتي، ڀلي وَھايو ويل ھتي
    پر نہ وساريو ڇڏبا ڇوٽ نہ، ڌرتيءَ جا ڌاڙيل ھتي
    جاري رھندي، جاري رھندي،
    جنگ اسان جي، جاري رھندي!

    مرڻ جيئڻ جي جذبي سان، جيئڻ مرڻ جي جذبي سان
    قدم وڌايو قدم وڌايو، جيئي سنڌ جي نعري سان،
    جاري رھندي، جاري رھندي،
    جنگ اسان جي، جاري رھندي!


    اچو تہ بي قرار ٿيون

    اچو تہ بي قرار ٿيون

    اچو تہ بي قرار ٿيون
    جو درد مند دل جي واسطي قرار ٿو کپي
    خزان نصيب زندگيءَ ليءِ بھار ٿو کپي
    اچو تہ بي قرار ٿيون!

    عظيم ٿيون جبل جئان، وسيع شھر وانگ ٿيون
    محيط آسمان جان، عميق بحر وانگ ٿيون
    حسين ماھتاب جان، عجيب مھر وانگ ٿيون
    زمين جي گلن جئان، دلين جا شھريار ٿيون،
    اچو تہ بي قرار ٿيون!

    ھي صبح زھر خند ڇو، ھي شام دلفگار ڇو؟
    ھي رات درد مند ڇو، ھي وقت غم شعار ڇو؟
    ھي لال ڪنوار ڪائنات، ھاءِ سوگوار ڇو؟
    اچو تہ گهوٽ ٿي ڪري انھيءَ تي جان نثار ٿيون!
    اچو تہ بي قرار ٿيون!

    بھار جھڙي آرزو سقم نصيب ڇو رھي
    بھشت جھڙي زندگي الم نصيب ڇو رھي
    ھي آدمي ھي ناخدا، ستم نصيب ڇو رھي
    انھيءَ غريب ساڻ اھل دل ٿي غمگسار ٿيون،
    اچو تہ بي قرار ٿيون!

    ھي بي اصول بي وقار، بندگي جي زندگي
    ھي تشنہ روح، خستہ جسم، زندگي جي زندگي
    نٿي کپي نٿي کپي، ھي گندگي جي زندگي
    اٿو تہ موت سان لڙي، حيات جو وقار ٿيون،
    اچو تہ بي قرار ٿيون!

    اچو تہ ظلم ليءِ بغاوتن جي ابتدا ڪريون
    اچو تہ موت مار مامرن جي انتھا ڪريون
    اچو تہ زندگي سان دوستي رکي، وفا ڪريون
    اچو تہ غم نصيب آدمي جا غمگسار ٿيون،
    اچو تہ بي قرار ٿيون!

    ھي ميڻ جا مسيح، ۽ ھي سنگ خشت جا خدا
    نصيب جا نقيب ۽ بلند و پست جا خدا
    ڪري سگهيا بلو نہ ڪو ھي نيست ھست جا خدا
    انھن جي لاءِ ڪيستائين محو انتظار ٿيون،
    اچو تہ بي قرار ٿيون!
    اچو تہ بي قرار ٿيون!


    اچو تہ ڪو بلو ڪريون

    اچو تہ ڪو بلو ڪريون

    زمانو آھ ذھن سان ستم طراز ساٿيو
    حقيقتن تي وارجي وَيا مجاز ساٿيو
    حيات و موت ۾ رھيو نہ امتياز ساٿيو
    اٿو تہ انقلاب اچي، ٿي چارہ ساز ساٿيو،
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

    نصيب ناس ٿي چڪا، جڏا قلم وھي ويا
    اجاڙ آشيانا ٿيا، پکي ٽڙي ٽھي ويا
    ڏسي ھي حال زار، آدمين جا منھن لھي وَيا
    ائين نراس ٿيا تمام، ڪارساز ساٿيو،
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

    ھتي بھار ٿا جلين، گلن جي سر ڏي خير ناھ
    خزان جو آھ دائرو، سڳنڌ لاءِ گهير ناھ
    ٻڌائي ڪو قسم کڻي، تہ اڄ اداس ڪير ناھ
    ڪجي تہ ڪينءَ ڪجي ڀلا، چمن تي ناز ساٿيو،
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

    گهلي ٿي ھير جي تہ مکڙين جا ڇھ ڇڄن ٿا اڄ
    اچي ٿي بوءِ جي تہ بُربلين جا ڳچ ڳڙن ٿا اڄ
    پوي ٿي ماڪ جي تہ تائلن جان گل سڙن ٿا اڄ
    اچي نہ راس ٿو ڪوئي ڀي سوز و ساز ساٿيو
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

    ھميش ھڪڙي مُرڪ ليءَ ٿا لڙڪ ڪيئن لاڙجن
    ھميش ھڪڙي پور ليءَ ٿا سور ڪيئي تاڙجن
    ھميش ھڪڙي عيش ليءَ ٿا ھانو ڪيئي ساڙجن
    جهُٻا اچن ٿا جيءَ کي، ٽٽن ٿا ساز ساٿيو
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

    مسرتن جا ھانوَ ٿا ڇڄن بھار آسري
    مصيبتب جا بار ٿا پون پيار آسري
    اکين جا نُور ختم ٿا ٿين قرار آسري
    رَمي ٿو روح ۾ سدا، رُڃن جو راز ساٿيو،
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

    جي نوجوان حسرتون کُنڀين جئان کڙن پيون
    جي نوبھار الفتون گلن جئان ٽڙن پيون
    جي يادگار ساعتون پکين جئان مِڙن پيون
    انھن کان روح ڪن ڀلا ڇو احتراز ساٿيو،
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!
    ڇو سرخ سرخ رنگتون، ٿيون زرد زرد ٿي وڃن
    ڇو تابناڪ صورتون، ٿيون گرد گرد ٿي وڃن
    ڇو خوشگوار حالتون، ٿيون درد درد ٿي وڃن
    ڇو جان فزا ٿئي ٿي، جان گداز ساٿيو،
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

    مرون ٿا بڇڙي حال سان، جيئون ٿا ڏاڍي رنج ۾
    ائين ئي ڄڻ يتيم ڪوئي، ڌارين جي ھنج ۾
    ڪمي اچي ٿي ڪانہ ڪا، مصيبتن جي گنج ۾
    ڦٽي کٽي ويا دلين جا رنگ راز ساٿيو،
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

    اچو تہ ان سماج کي، جلايون دل جي باھ سان
    جلي سگهيو نہ آھ جو، ستم رسين جي آھ سان
    ٿڪي پياسين ھو الا، سھيڙي سور ساھ سان
    ھلو تہ ڪا ھلا ڪريون، ٿي بي نياز ساٿيو،
    او دلنواز دوستو _ او جانباز ساٿيو!
    اچو تہ ڪو بلو ڪريون
    بلند حوصلو ڪريون
    جيئون جيئن جھان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!


    بابل منھنجي ملڪ ۾!

    بابل منھنجي ملڪ ۾!

    بابل منھنجي ملڪ ۾ منھنجا، ماروئڙا ڪيڪاند الا
    آءٌ ڪينءَ سارا سور وساري، ڪريان ڪٻڊي راند الا

    ڪالھ ويس جو ماسيءَ جي گهر، ماسيءَ ويٺي سور پٽيا
    ان مھانگو پرين سھانگا، مريادا ٿي ماند الا

    ماميءَ ڏي ويس تہ مامي، ڀاڪر پائي ڇڄي پئي،
    ميري منھن تي کڻي وڌائين، ڦاٽل رئي جو پاند الا

    چاچيءَ وٽ جو ويس تہ چاچي، حالن کان بيحال ھئي
    چئي پٽ گهر جا ڏيئا وساڻا، چاچھن ٿي ويو باند الا

    ڏاڏيءَ ڏي جو لڙيس تہ ڏاڏي، ڇنل ڇپر کي ٿي جاچيو
    پنھنجيءَ ۾ ھئي پوري، ھيس نہ کيڪر جي ڀي واند الا
    نانيءَ سان جو مليس تہ ناني، عينڪ ٺاھي چوڻ لڳي
    ٻچڙا ڪھڙيون خبرون چارون، چور ڪڍي ويا ڏاند الا

    ماسڙ ويو ھو ھر تي نانو کوھ تي مامو کاٽيءَ تي،
    ڏاڏو ڀُنگ تي ڏاند ورائڻ ھيو نہ ڪو ھيڪاند الا

    اُتان ڦري جو ڳوٺ ۾ آيس، ڳوٺاڻا ھئا جهوريءَ ۾
    سڀ جي مُنھن تي سانجهيءَ پاڇا، سڀ کي سور پلاند الا

    منھنجو ملڪ ملير الا پر، مارئي وئي تہ ملير ويو
    آھو ساھو ڪرڻ لڳا، اڄ کَپرن وانگ کھاند الا

    آءٌ اڳيئي ڇورو ڇنو، ٻيو گوندر جي گيھاند الا
    آءٌ ڪيئن سارا سور وساري، ڪريان ڪٻڊي راند الا


    واھڻ وارا ڇوڪرا

    واھڻ وارا ڇوڪرا

    واھڻ وارا ڇوڪرا _ توکي وندر جو ويراڳ ڇو
    شھر ۾ ويندين ڪَڪ ٿي پوندين، چوندين ڪيم کٽراڳ ڇو

    تون تہ سڀاءُ جو راڻو آھين، رانجهن آھين رمزن جو
    توکي ڪھڙو پتو او بابل، شھر جي اُبتن غمزن جو

    واھڻ تنھنجي وھيءَ جان پيارو، توسان وندر واھڻ جي
    تون جي مھل ڪرين او مانجهي، مند ورائين سانوڻ جي

    واھڻ ۾ سچ سون جئان نج، سونھن پئي سامان ڪري
    شھر ۾ ڪچ ۽ ڪوڙ ڪمائي، ھرڪو گذران ڪري

    واھڻ پيار جي پرک الا جت، سِر جو سودو عام ٿئي
    شھر ۾ ريت پريت سدا پئي، ناڻي تي نيلام ٿئي
    ھتي تہ تنھنجي مُرڪ ۾ ماڻڪ، پر نہ اُنھيءَ جو مان اُتي
    توکي شھر ۾ ڪير سڃاڻي، ڪنھنجو ڪندين ارمان اُتي

    تنھنجي ذھن ۾ زنگ تہ ڪو تون، اجرو انڊلٺ انگ جئان
    ماڻھو تنھنجي مريادا تي، وارين پاڻ پتنگ جئان

    تنھنجو نيھن نھال ميان ڄڻ، سرھي ڇانوَ چنبيليءَ جي
    سرما پائي توکي تاڙي، اک اک ھرار بيليءَ جي

    تنھنجون اکڙيون آرس ھاڻيون، جن ۾ کيپ جوانيءَ جا
    جيڏيون تو ليءَ جان گنوائي، منجن ڇلا مھمانيءَ جا

    ڇمر جئان ٿو ڇپر کڻين جئن، پنھنجين اکڙين ڳورين جا
    پيرن ۾ پازيب ٿا ڇمڪن، پاڻءُ واڻي ڇورين جا

    مينديءَ رتڙا ھٿڙا تو ليءَ، نيل ڪنول جان اُڀا ھتي
    گهر گهر تنھنجي گهوٽ ٿيڻ جا، سانباھا او ميا ھتي

    ھيڏا ھي جنسار ڇڏي تون، ڪندين وڃي ڇا شھرن ۾
    وڃين تہ وڃ پر ٿجان اداس نہ رات جي پوين پھرن۾.


    ھو جي ويا، سو ويچارا

    ھو جي ويا، سو ويچارا
    (ھڪ تاثر)

    ڀيڄ ڀنيءَ جو سُور سَنواري، سُکن جي ڪارڻ ھاءِ الا،
    ڇَپر ڇَڏي ڪي ڇورا نڪتا، ٻُوٽو ٻارڻ لاءِ الا!

    اوسيئڙي ۾ ويٺا ڪيئي، سوڪھڙا ڏيئي ساھن کي،
    وَر وَر جهاتيون پائي تڪيندا، رھيا وِيَن جي راھن کي

    ھو جي ويا سو ويچارا، وڃي آئيءَ منجھ اَڙيا،
    ڄڻ تہ پکيئڙا ولر کان وڇڙي ڦاھيءَ منجھ اَڙيا

    پاسيريا ٿيا پاڇا، ليڪن وَريا نہ واھي رڻ پَٽ جا
    پوين جون ٿيون وايون وِلڙيون، سانباھا ٿيا پَٽ سَٽ جا.

    پٿر ڪُٽيندي، دل من ھڻندي، ويچارا ائين ڦِسي پيا،
    پانڌيئڙن جا پيرا ڄڻ ڪا چاڙھي چڙھندي کِسي ويا.

    در در سين ھنيائون ليڪن، گهر گهر ۾ ھو پنھنجو غم،
    اھڙي حال ۾ ڪنھن کي پئي ھئي ڪير ڪري ھا ڪنھنجو غم.

    ڪنھن نہ ڪِئي جو ڪھل انھن تي، ويڳاڻا ٿي منجهي پيا،
    پيٽ کي پاھڻ ٻڌي مٿي کي ٻانھون ڏيئي سمھي پيا.

    سومھڻيءَ جو وڻجارا جو وريا تہ خالي ھٿين ھئا،
    ٿڌڙا ساھ ڀريائون ڄڻڪي ڀاڳ انھن جا اِئين ھئا.

    پورھيو نہ ٿيو ڄڻ بيگر ٿي جا لنگهڻ ڪڍي ۽ وھي چڪا،
    پئسي ڪارڻ پنھنجو رت ست ڳاڙي ڳاھ ڳھي چڪا.

    رات وھامي رت روئندي ۽ اوندھ سان ڳچ ڳاڙيندي،
    باک ڦٽي جيئن ڏائڻ وانگي پنھنجي ڄاڙي ڦاڙيندي.
    ويچارن جا ڪنڌ ڪِري پيا ڦاٽن ھانوَ ھليا ويا،
    پويان ڀي ٿيا پُورا ڄڻ ڪي، ڪک پن ڇَرَ ۾ ھليا ويا.

    ھاءِ ھچارن سُڌ نہ لڌي ڪا، ھاءِ حياتي ڪَھي ويون
    سج تہ گهڻا ئي اُڀريا ليڪن، اونداھيون ائين رھي ويون!


    ھاريءَ جي نالي

    ھاريءَ جي نالي

    او ھاري! سوچ سدورا، ويل نہ آھ وڃائڻ جي
    دنيا ڏس تہ سجاڳ ٿي ويئي، تون بہ تہ ڪر ڪا جاڳڻ جي.

    وقت ڪري ٿو واڪا توکي، لاڳاپا سڀ لاھي آءُ
    وقت جي واڳ ورائڻ ڪارڻ، پنھنجا بازو ساھي آءُ.

    پوئين پھر اُڀاري ٿي پئي، سانت ۾ ڪڻڇي لات وري
    تون ڀي صبح جي سين ھڻي، اٿ رات کي ڪر پرڀات وري.

    تنھنجا ڏينھن بدلجن بيشڪ، پر جي پاڻ سنڀالين تون
    وھم ڀريا ويچار مڙئي جي دل کان دور ھڪالين تون.

    ڪانئر، جڳ جون ڪاڻيون ڪڍندي پاڻ کي ماري جيئن ٿا
    مرد سدائين پنھنجي اڀل تي، پاڻ جيئاري جيئن ٿا.
    موج ڀرئي مھراڻ جئان اُٿ، لھرين سان للڪار ڪري
    سانوڻ جان اچ سرھو ٿي، وڃ ويرانا گلزار ڪري.

    قطري مان درياھ ٿئي جئن، تون بہ ڪندو رھ ڪار ائين
    جو پوکيندين سوئي لڻندين، کڻندين ٻيئي ٻار ائين.

    پورھئي مان ٿي پارس پيارا، ھينءَ نہ ماڳھن پاھڻ ٿيءُ
    پاڻ سان گڏ تون پنھنجي ملڪ جي خوشحالي جو ڪارڻ ٿيءُ.

    تانگهي ۾ پؤ تاڻي، جي ٿو چاھين ٻيڙو پار ٿئي!
    تاري وڃ تون پاڻ انھيءَ کان اڳ جو پاڻي تار ٿئي!

    مشڪل ۾ مايوس ٿي منجهندي پاڻ نہ تو گمراھ ڪجانءِ
    اوکي ويل او منھنجا ھاڙھي، ھمت کي ھمراھ ڪجانءِ

    تنھنجي طاقت ساڻ ھلي ٿو، جڳ جو چرخو صبح ۽ شام
    تڏھن بہ توکي آھي پنھنجي پيٽ جو اُلڪو صبح ۽ شام.

    تنھنجي حياتي ڏکن ۾ گذري، پورھئي توکي سُک نہ ڏنو
    تو تہ ڏنا لک لوڪن کي پر توکي دنيا ڪَک نہ ڏنو.

    پنھنجي ڪروڌ ۾ پاڻ کي ڳارين، مارين پنھنجي ڀائن کي
    پنھنجيءَ ۾ ئي پورو آھين، ٽارين ڪيئن بلائن کي.

    پاڻ کان ٻاھر آءُ تہ توکي دنيا جي ڪا خبر پوي
    پاڻ کي سمجهڻ سؤلو جي ٿي دنيا تي ڪا نظر پوي

    تون تہ سدائين سادو سودو، پرمتڙيو ٿي گهارين ٿو
    سچ تي توکي باور ناھي، ڪوڙ تي جان بہ وارين ٿو.

    تنھنجي خطائن توکي ٻوڙيو، ھاڻ تہ ڪا ھشياري ڪر!
    ڪيسيتائين ننڊ ۾ ھوندين، ڪڏھن تہ جاڳڻ واري ڪر!
    جيڪو راھ سئين نہ قبولي، دنيا اُن ليءَ رھزن آھ
    ھيءَ سڀ شامت عملن جي، تقدير نہ ڪنھن جي دشمن آھ.


    نئين نسل جي نالي

    نئين نسل جي نالي

    توکي لولي ڏيان _ الا لولي ڏيان

    منھنجي آسن اميدن جو اھڃاڻ تون
    منھنجي سپني ۽ ساڀيا جو مانڊاڻ تون
    منھنجو ساڻيھ تون، منھنجو مھراڻ تون
    توکي لولي ڏيان _ الا لولي ڏيان
    توکي لولي ڏيان _!

    شل اتاھون رھين اڀ جي نيراڻ جان
    شل ستارا ڪرين سانت چانڊاڻ جان
    شل ڏئين ساءُ، موتئي جي سرھاڻ جان
    توکي لولي ڏيان _ الا لولي ڏيان،
    توکي لولي ڏيان _!

    تو ۾ ايمان جي سونھن سالم ھجي
    توکي ڌرتيءَ سان عشق دائم ھجي
    تنھنجي سچ تي سدا ساک قائم ھجي
    توکي لولي ڏيان _ الا لولي ڏيان،
    توکي لولي ڏيان _!

    وقت حائل نہ ٿي تنھنجي ويچار تي
    سون جان نِج رھين سچ جي وھنوار تي
    ڪٽ چڙھي ڪين ڪا تنھنجي ڪردار تي
    توکي لولي ڏيان _ الا لولي ڏيان،
    توکي لولي ڏيان _!

    تنھنجي اندر جو انسان زندھ رھي
    سوجهرو صدق تنھنجي جو ساندھ رھي
    تنھنجي تدبير سان دور اوندھ رھي،
    توکي لولي ڏيان _ الا لولي ڏيان
    توکي لولي ڏيان _!


    اي درد ھلي آءُ

    اي درد ھلي آءُ

    مُدت کان ڇڏيم ھيج جي بارات ھلي آءُ
    خشڪ آھ سندم عمر جي اوقات ھلي آءُ
    لڙڪن جي کڻي پاڻ سان برسات ھلي آءُ
    اي درد ھلي آءُ، تہ يادين جي جزيرن ۾ ھلون!

    يادين جا جزيرا جي خرابات ۾ آھن
    ڪنھن شھر محبت جي مضافات ۾ آھن
    بي ڪيف خيالن جي طلسمات ۾ آھن
    اي درد ھلي آءُ، تہ يادين جي جزيرن ۾ ھلون!

    جت عشق جا طوفان ٿا خاموش گذارين
    جت حسن جا رومان ٿا روپوش گذارين
    جت پيار جا ارمان ٿا مدھوش گذارين
    اي درد ھلي آءُ، تہ يادين جي جزيرن ۾ ھلون!
    جت چيٽ جي تنھائي جو احساس نہ آھي
    چانڊاڻ ۾ بيجائي جو احساس نہ آھي
    جيئڻ ۾ نراسائي جو احساس نہ آھي
    اي درد ھلي آءُ، تہ يادين جي جزيرن ۾ ھلون!

    ھت رات ئي رات آھ، الا ڪابہ سحر ناھ
    ڪا پلڪ نہ آھي جا مصيبت ۾ بسر ناھ
    ھت حال کان بيحال ٿو رھجي خبر ناھ
    اي درد ھلي آءُ، تہ يادين جي جزيرن ۾ ھلون!

    اميد ھت ياس ۾ بيوھ ٿي گذاري
    جذبات جي لذت کان بي بھرہ ٿي گذاري
    ۽ موت جي ويچار ۾ زندھ ٿي گذاري
    اي درد ھلي آءُ، تہ يادين جي جزيرن ۾ ھلون!

    ھت دل جي مسرت غم فردا جو شڪار آھ
    فطرت سان بغاوت ۽ زماني کان فرار آھ
    ھت زندگي آھ زھر، ڪو ترياق بڪار آھ
    اي درد ھلي آءُ، تہ يادين جي جزيرن ۾ ھلون!

    ڪي عھد ڪي پيمان پڪارين ٿا ھلي آءُ
    ماضيءَ جا گلستان پڪارين ٿا ھلي آءُ
    ۽ آئندي جا ايمان پڪارين ٿا ھلي آءُ
    اي درد ھلي آءُ تہ يادن جي جزيري ۾ ھلون!


    دل جي ڳالھ

    دل جي ڳالھ

    ڪافر ناھيان مشرڪ ناھيان، تڏھن بہ ٿو خاموش گذاريان
    ھوش ۾ آھيان بي سُڌ ناھيان، پوءِ بہ ٿو مدھوش گذاريان
    ھر ھنڌ ٿو موجود رھان تہ بہ، ڄڻ تہ پيو روپوش گذاريان
    ڪافر ناھيان، مشرڪ ناھيان!

    راتيون مونتي گذريون گهڻيئي، اڻٽيھون بہ تہ چانڊوڪيون ڀي
    اھنج ۽ ھيج ۾ اکڙيون ٿيڙم، ڪڪڙيون ڀي ھو آڊوڪيون ڀي
    ڳالھيون ڳڻتيون ڀيٽيان ويٺو، ھاڻوڪيون ڀي ڪالھوڪيون ڀي
    راتيون مونتي گذريون گهڻيئي!

    ٽڪرن سان ٿي سر ٽڪرايم، اڀ سان پئي تڪرار ڪيا مون
    آءٌ اتاھون آءٌ ئي ارڏو _ اھڙا ٿي اظھار ڪيا مون
    آخر غرض مان پٿر پوڄي، وئڙت سڀ ويچار ڪيا مون
    ٽڪرن سان ٿي سِر ٽڪرايم
    ڪوڙ جي ڪاڪ ۾ مومل ماڻي، ٺاھيم ڪيئي ٺاھ ٺڳيءَ جا
    راڻو ڪاڻو لوڪ سڏيم تہ بہ، سانگ رچايم ڏاھ ڏنگيءَ جا
    سچ جي ساک پراڻيون ڳالھيون، ڄڻ تہ ڦٽل ڪي رنگ رنگيءَ جا
    ڪوڙ جي ڪاڪ ۾ مومل ماڻي!

    ھاڻ تہ ڪاغذ جو گل آھيان، بي حس تہ بہ سڀ سرت رھي ٿي
    ھير نہ مونکي ڀانءِ پوي ٿي، ماڪ نہ مونکي راس اچي ٿي
    رنگن ھوندي بيرنگي اُف، پاڻ کي پاڻ کان ڪرڀ لڳي ٿي
    ھاڻ تہ ڪاغذ جو گل آھيان!

    جاڳ او منھنجي اندر وارا، ٻارن وانگي ٻاڏايان ٿو
    آءٌ اڀاڳو تون ئي سڀاڳو، توکان وڇڙي پڇتايان ٿو
    ليڪن اڳتي وڌندي دل ۾، سوچيندي شرمايان ٿو
    جاڳ او منھنجي اندر وارا!
    جاڳو او منھنجي اندر وارا!


    تنھنجون وايون ورھ لطيف

    تنھنجون وايون ورھ لطيف

    آرس ھاڻيون اکيون کڻي، او رات جا راڻا، ڀيڄ ڀني،
    رمز ۾ وئين سڀ راز سَلي، ايئن ساھ سيباڻا ڀيڄ ڀني،
    ڄڻ تہ گلن تي ماڪ پئي، ڄڻ ڀونر اُڏاڻا ڀيڄ ڀني.

    آس جي لال ڪنوار کي، سائين! عشق جو ڳاڙھو گهوٽ ڏئي،
    سچ ۽ سونھن جي ساک رکي تو، ھنيون نہ ھاريئي موٽ ڏئي،
    آخر آئين سوڀيارو ٿي، چوٽاريون کي چوٽ ڏئي.

    تنھنجي ٻولي ٻاجهاري، تون پاڻ نسورو نينھن ميان،
    تنھنجي صدا تان صدقي ٿيندڙ، ھر سھڻيءَ جي سونھن ميان،
    اکر اکر مان آتو ٿي ٿو، اُٿلي مھر جو مينھن ميان.

    تنھنجا سُر سڀ سور ڀريا، ۽ تنھنجون وايون ورھ، لطيف،
    سوز ۽ ساز انھن ۾ ائين، ڄڻ پور نکاريا پرھ لطيف،
    تنھنجا شعر ٿو پيش ڪريان مان، لائي پنھنجي گرھ لطيف.

    پتنگ چوائين پاڻ کي جي تون، آءُ ۽ آڳ اجهاءِ اچي،
    پچڻ تہ ڪيئي پچائي ڇڏيا، تون پاڻ پچڻ کي پچاءِ اچي،
    عام کي ڇا لئہ آڳ ڏجي، تون واقف ٿي تہ وساءِ اچي.

    سيڻ مٽائي سون تي ٻيلي، ايءَ نہ مارن ريت ڪڏھن،
    آءٌ عمر جي ڪوٽ ۾ ويھي ڪنديس ڪانہ ڪريت ڪڏھن،
    ماڙين سين نہ مٽائي رھنديس، پنھنجي پکن جي پريت ڪڏھن.

    رچي جي ھيڪر ريٽو ٿي ويا، ڪين اُٻاٽيا اُوءِ وري،
    کنڀ نہ کاري ڪنھن پر تنھن کي، ھالاري جي ھوءِ وري،
    لھڻي ناھي لالي ان جي، توڙي ڌوٻي ڌوءِ وري.

    محبت جي ميدان ۾ ايندي ڪجان نہ سِر جو سانگ ڀلا،
    سوريءَ سپرينءَ جي جو چڙھندو، ٿيندو سو ئي چانگ ڀلا،
    خبرون پونديون کاڌن کي، ڪئن عشق برابر نانگ ڀلا.

    جوڳي آھي جوڳ ۾، ليڪن ڳالھ ٿي گهرجي ڳچ ھتي،
    وڍيو، چيريو ۽ چچريو، تون پر ۾ بيھي پچ ھتي،
    ٻاھر ٻاڦ نہ نڪري ھرگز، اھڙو ٻارج مچ ھتي.

    رات سھائي، ڀونءِ سئين، پڻ پٽين وڏو پنڌ، الا،
    ھلندي حضور حبيبن جي تون، ڪرھا موڙ نہ ڪنڌ، الا
    پھچائي جو پار پرين جي، ٻنڌڻ سوئي ٻنڌ، الا.

    ماٺ ٿي ويھ مَ منڌ ڀنڀور ۾، ڪر ڪو واڪو وس اُٿي،
    ٻانھين آھين ٻاروچل جي، گولي ڇڏج ۾ گس اُٿي،
    پوندو ھوت پنھونءَ جو توکي، ڏورڻ مان ئي ڏس اُٿي.

    ڌرتيءَ تي جو گل پوکيئي، تن اُڀ جا تارا مات ڪيا،
    لاکيڻا جي لال ورھايئي، سامين جي سوغات ڪيا،
    آيت جھڙا بيت چيئي جي، سڀڪنھن وائيءَ وات ڪيا.


    سچل سائينءَ جي حضور ۾!

    سچل سائينءَ جي حضور ۾!

    آديسي اڄ تنھنجا طالب، سارين تنھنجي سامَ الا،
    ھوش وڃايا حال عطا ڪر، مستيءَ جي ڪا مام الا.

    ملڪ ويو ايمان مان نڪري، اھڙا ڪم انسان ڪيا،
    ماڻھن پنھنجو مان وڃايو، گمراھيءَ گهمسان ڪيا.

    ڪافر مؤمن ڪين ھيو جو، ماڻھو تنھنجي مسلڪ ۾،
    ھاڻ اھو ابليس جئان ٿو، وَيل وَھائي ڇيڏڪ ۾.

    مطلب جا معبود نِپايا، ماڻھن پنھنجي اندر ۾،
    ھرڪو ويٺو پاڻ کي پوڄي، مسجد توڙي مندر ۾.

    تنھنجو عشق انا الحق وارو، حسن الاھي ھو جنھن جو،
    عشق اڄوڪو سودي بازي، حسن بزاري پڻ تنھن جو.
    تو نہ لڪائي ذات وَئين سڀ وھم وجودئون ڌار ڪري
    اڄڪلھ ھرڪو پاڻ لڪائي، پَردن مان پيو وار ڪري.

    سڀڪو پنھنجي انڌ ۾ پورو، سمجھ جو ناھ سماءُ ھتي
    صدق ٿو سڏجي ريب کريب تہ ظالم جو نانءُ نياءُ ھتي.

    حق جو نعرو باطل ٿي ويو، سچ تي پيا ارمان ڪجن،
    سچل سائين جئين سدائين، ڪھڙا سور بيان ڪجن.

    اوڙي پاڙي ڪوڙا سامي، ڪوڙا سامين پنڌ ميان!
    آءُ تہ سُڪايون تنھنجي دعا سان تن سَڌڙين جا سَنڌ ميان!


    اي خبردار زمانا

    اي خبردار زمانا

    تنھنجي تيرن جي ڪھاڻي، پنھنجي سينن جا فسانا او زمانا
    اسين دھرائي ٿا دک ڪريون _ تازا توانا او زمانا
    زندگي لاءِ ٿا تيار ٿين، ڪيئي بھانا او زمانا
    موت سر تي تہ بہ ڳايون ٿا، حياتيءَ جا ترانا او زمانا
    اسين مرڻا ناھيون، مرڻا ناھيون، مرڻا ناھيون زنھار زمانا
    اي خبردار زمانا _!

    تو ڪيا مات جي معصوم، اويڙن ۾ ڪنارن جي بھاني
    تو ڪيا روح جي مجروح، انڌيرن ۾ سھارن جي بھاني
    تن جو آواز اسان عڪس اسان، جذبو ۽ اظھار اسان ئي
    پوئواري ٿا ڪريون تن جي، پڪارن ۽ پچارن جي بھاني
    ختم ٿيندو نہ خدائي ۾، اسان جو اھو ڪردار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    حق جي راھ کان ھر حال ۾، بيراھ ٿيڻ جرم ٿا ڀانيون
    صلح باطل سان ڪري زعم رکي، زندھ رھڻ شرم ٿا ڀانيون
    پنھنجي مسلڪ تي جيئڻ، مُھت انھيءَ ساڻ مرڻ مرم ٿا ڀانيون
    دوستي دارو رسن ساڻ رکي، دنگ ڪرڻ ڌرم ٿا ڀانيون
    اڄ بہ منصور جي مذڪور جو، ورجايون ٿا ويچار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    تون جي چاھين تہ ٺھيل ٺام، بگاڙڻ وڏي ڳالھ نہ آھي
    زندگي موت جي آنڌيءَ سان اجاڙڻ، ڪا وڏي ڳالھ نہ آھي
    تون جي چاھين تہ ممڻ ڪوبہ مچائڻ ڪا وڏي ڳالھ نہ آھي
    ڪوبہ ظالم ڪوبہ مظلوم بڻائڻ ڪا وڏي ڳالھ نہ آھي
    پر سندءِ وس نہ ضميرن کي ڪرڻ ڪينءَ بہ نگو سار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    تنھنجي تاريخ رکيو آھ روا، ظلم تشدد ۽ ريا کي
    تنھنجي تھذيب مڃيو ناھ ڪڏھن، پيار محبت ۽ وفا کي
    تنھنجو ايمان سچائي تي نہ نيڪيءَ تي نہ ڪنھن حسن ادا تي
    ڀروسو توکي رھيو آھ سدا، بغض برائي جي بنا تي
    تون ئي ظالم تون ئي جابر، تون ئي غاصب تون ئي غدار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    ھر صدي تنھنجي گناھن جي گواھي ٿي ڏئي گام ورائي
    ڇيڪ باطل کي ڇڏييءِ، حق تي ھڻي حرف وڌءِ دام ورائي
    انڌ، انياءُ اڳاھون ڪري، انصاف جو وئين نام ورائي
    جنھن جو ملزم تون ۽ مجرم تون، ھنييءِ ٻين تي سو الزام ورائي
    پوءِ ڀي پاڻ کي تحسين جو سمجهين ٿو سزا وار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    تنھنجي ماحول ۽ فطرت کي اسان اصل کان ڄاڻون ۽ سڃاڻون
    تنھنجا آداب ۽ ارڪان، سندءِ اھل کان ڄاڻون ۽ سڃاڻون
    جنھن نشي ۾ تون سدا مست، اھو مھل کان ڄاڻون ۽ سڃاڻون
    ڦل اُپايو تو جتان ڀي سو اسان فصل کان ڄاڻون ۽ سڃاڻون
    توکي پڌرو ٿو ڪري پل جي اندر پنھنجو ئي پرڪار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    تون ئي منصور جو جلاد ۽ سقراط جو قاتل او زمانا،
    تون ئي چنگيز جو حامي ۽ ھلاڪوءَ کي تو ھاتار بڻايو
    تو ئي مھديءَ جي ڪردار کي مشڪوڪ ۽ ماثار بڻايو
    تو ئي دجال جي درجي کي ڪيو ھيج مان حاصل او زمانا،
    مصلحت تنھنجي مندائين جي رھي آھ مددگار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    توکي انسان ۾ انسان جي تھذيب ۽ ڪردار نہ گهرجي
    ذھن بيدار نہ ٿي، سوچ جو انداز ۽ اظھار نہ گهرجي
    تنھنجي فطرت کي غلامن کان سوا فرد ڪو خود دار نہ گهرجي
    ڪوبہ آزاد رھي ڪين ۽ ڪنھن لاءِ ڪو اختيار نہ گهرجي
    تنھنجي منشا تہ ڀلي جڳ ڀي، جياپو ڀي رھي خوار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !
    تنھنجو ھيڻن جي مٿان حڪم تہ ڏاڍن جي اڳيان سجدو رھيو آھ
    تون سچارن تي ھچارو، توکي ڪوڙن سان سڳو رشتو رھيو آھ
    تو ۾ ھمت نہ حميت نہ چڱائي جو ڪوئي چلتو رھيو آھ
    تنھنجو غارت تي گذارو توکي سو کم ٿي اھو سودو رھيو آھ
    دين کان دور تڏھن ڀي ٿو سڏين پاڻ کي ديندار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    پنھنجي افتاد جو ڀلجي بہ ڏنوسين نہ ڪڏھن ڏوھ خدا کي
    نہ وري ظلم جو سمجهيوسين سبب ان جي اجهل قدر قضا کي
    پنھنجي اعمال جي شامت جي سڏيون، تنھنجي سڄي جور و جفا کي
    تہ اھا ڳالھ بہ اھڙي نہ جو ان جو ڪجي اقرار زمانا،
    پاڻ تي آئي جا تنھن لاءِ رڳو تون ئي ذميوار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    توسان تڪرار رھيو آھ اسان جو توسان تڪرار ڪنداسي
    ڇا بہ ٿي صلح جو ڪنھن طرح ڪڏھن ڀي نڪو اظھار ڪنداسين
    توکي ريٽي نئين انسان کي نئين دور جو معمار ڪنداسي
    تو بڻايو جو جھنم اتي آباد اسان گلزار ڪنداسي
    ڀيٽ ڇا تنھنجي اسان ساڻ اسين مور تہ تون مار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    توکي طاقت تي يقين آھ، تہ يلغار تي ايمان اسان جو
    تو ڏٺو ناھ اڃا تائين، جگر ڦاڙ ڪو جولان اسان جو
    آسمان ڏيندو گواھي، تہ گهٽڻ وارو نہ گهمسان اسان جو
    تنھنجي ٻيڙيءَ کي ڪندو غرق، سڌو سير ۾ طوفان اسان جو
    عزم آھي پنھنجو اھو ان کان، ڪبو ڪين ڪڏھن عار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !

    تون ڀلي جوڙ ھي دستور ھي منشور نئين ڏينھن نرالا
    تون ڀلي ٺاھ نوان ٺاھ، ستم جنگ غلامي جي ھچا لاءِ
    وقت ايندو جو نہ رھندا اھي ڌوڙيا اھي ڌنڌا سڀ تنھنجا
    آدميت ٿي ڪري دل سان جتن امن رھائي ۽ بقا لاءِ
    پنھنجي ھستي سان ازل کان ٿا ڪريون پرھ جئان پيار زمانا،
    اي خبردار زمانا _ !
    اي خبردار زمانا _ !


    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ

    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ

    اسان جو آواز وقت جو ورد، اسان ھي وھنوار ٿا ڪريون اڄ
    ڦٽي وئي آھ پرھ نئي جا، انھيءَ جو سينگار ٿا ڪريون اڄ
    چمن جي رونق، بھار جي خوبين کي نروار ٿا ڪريون اڄ
    صبا جي رقص ۽ گلن جي رعنائين جو اظھار ٿا ڪريون اڄ
    خزان جي خطري ۽ شام جي غم کي، مات مسمار ٿا ڪريون اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    ڪنواري آھي جا آس دل جي، سھاڳ ان جو بڻايون ٿا
    نڀاڳ آھ جنھن نراڙ ۾ اڄ، سڀاڳ تنھن جو بڻايون ٿا
    بگاڙيل آھ جا بہ صورت، مھاڳ ان جو بڻايون ٿا
    مُنجهايل آھ راھ جيڪا، وڇاڳ تنھنجو بڻايون ٿا
    خوشي ۽ اميد جي سھاري، عجيب وستار ٿا ڪريون اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    زمانو جنھن ۾ پيار جون ۽ وفا جو ڳالھيون پرايون آھن
    قرار مَن جو، خوشي نظر جي ۽ دل جو گهاتيون پرايون آھن
    بھار جا ڏينھڙا ۽ چانڊوڪين جون راتيون پرايون آھن
    مٺاس ماکيءَ جي گل جي خوشبو، پکين جون لاتيون پرايون آھن
    انھيءَ سان احتجاج پنھنجو، انھيءَ تي ڦٽڪار ٿا ڪريون اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    حسين چھرا نقاب پائي، ڇو بي قراريءَ ۾ ٿا گذارين
    متين مشتاق نيڻ چائي، ڇو انتظاريءَ ۾ ٿا گذارين
    دلين جا رابيل منھن لڪائي، ڇو اشڪباري ۾ ٿا گذارين
    فرق وارا وصال آئي، ڇو آھ و زاري ۾ ٿا گذارين
    اسان جو احساس آھ بيدار، ان تي ويچار ٿا ڪريون اڄ،
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    خوشي جي پردي ۾ غم ٿو جهلڪي، کلڻ ۾ آھي روئڻ جو ڀاڱو
    حياتي آھ موت جي وڪڙ ۾، جيئڻ ۾ آھي مرڻ جو ڀاڱو
    اڳيان آھ باھ ۽ پٺيان آھ پاڻي، چُرڻ ۾ آھي چلڻ جو ڀاڱو
    مٺي بہ ماٺ ۽ مُٺي بہ ماٺ اڄ، ڪڇڻ ۾ آھي ڪُسڻ جو ڀاڱو
    ھي داوري اھرمن جي ڇو آھ، ان کي مسمار ٿا ڪريو اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    سوال چپ تي اچي تہ ڪوئي خيال ھڪدم ستائي ڇو ٿو
    خوشي جو پاسو وٺي تہ گهرو ملال ھڪدم ستائي ڇو ٿو
    ڪماليت تي رسڻ کان اڳ ۾ زوال ھڪدم ستائي ڇو ٿو
    سماج ھردم مسائي ڇو ٿو، وبال ھڪدم ستائي ڇو ٿو
    روئارين ٿا جي رَت اسان کي، انھن تي يلغار ٿا ڪريون اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    اسان کي اوندھ نہ آھ ڪم ۾ اسان کي چانڊاڻ گهربيل آھي
    ڦڪا ٿيا آھيون ڦڪيءَ مان، لذيذ لالاڻ گهربل آھي
    اسان کي ميٺاڄ گهربيل آھي، اسان کي چَرھاڻ گهربيل آھي
    اجاڙي ويرانين جون وستيون، تيار گلزار ٿا ڪريون اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    ھو بادل آيا، ھِرکيا، ھو بوند برسي قرار اُٿليا
    ھو يادون آيون ڪي نغما اُسريا، ھو مستي آئي نکار اُٿليا
    ھو مکڙيون مرڪيون، پکين کي ڏاڍا خمار آيا بھار اُٿليا
    دلين دلين ۾ محبت اڀري، اکين اکين ۾ پيار اُٿليا
    بڻايون جهنگل ۾ ٿا ڪو منگل، مزي جي جهونگار ٿا ڪريون اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    امنگ شعر ۽ خيال اُڀاريا، گهٽائون گهن گهور آيون آھن
    اميد جوش ۽ جلال اُڀاريا، فضائون چِت چور آيون آھن
    خوشين جواب ۽ سوال اُڀاريا، ادائون من مور آيون آھن
    سجاڳ ٿي من، لھڻ اسان جون مرادون پرگهور آيون آھن
    لطيف پر ڪيف لمحا آيا، بسنت گونجار ٿا ڪريون اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !

    اداس حسن ۽ نراس عشق اڄ ملڻ سان ٿيندا نوان ۽ تازا
    ادب جا رومان رنگ سڀ زندگيءَ سان ھوندا نوان ۽ تازا
    نياز ۽ ناز جا ترانا، زمانا ٻڌندا نوان ۽ تازا
    اسان جو فن ۽ اسان جا قصا، ھميش رھندا نوان ۽ تازا
    فسانا سڀ دوستيءَ جا آھن، وفا جا اذڪار ٿا ڪريون اڄ
    اسان ھي للڪار ٿا ڪريون اڄ !


    پاڇا ۽ پڙلاءُ

    پاڇا ۽ پڙلاءُ

    کير جھڙي آھ دنيا، کنڊ جھڙي خلق آھ
    تو ائين سمجهيو تہ چوندس، تنھنجي مَت ۾ فرق آھ
    ماتمين جان ھرڪو ھتڙي، پنھنجي غم ۾ غرق آھي
    ڪنھن کي چوريندين تہ سُجهندءِ ڄڻ تہ ڪرندڙ برق آھي
    ڏس تون خاموشيءَ کي اُٿلائي تہ ڪينءَ ٿا رڻ رڙن،
    ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي سائي ۾ سڙن !

    ڪنھن جي پلڪن کي تہ آڌر ساڻ اٿلائي چتاءِ
    ڪينءَ ٿا لڙڪن جا پيمانا پون ڇُلڪي اُتي
    ڪنھن جي اندر ۾ تہ ساڃھ سان ليو پائي چتاءِ
    ڪينءَ ٿا آھن جا پروانا وڃن ڍرڪي اتي
    ڪنھن سان ٿوري دير گهرو ٿي تہ ڇا ٿا گل ٽڙن،
    ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي سائي ۾ سڙن !

    ڪوئي ٽھڪن ۾ ٿو سڏڪن کي لڪائيندو رھي
    ڪوئي ارھائيءَ کي سرھائي جي لولي ٿو ڏئي
    ڪوئي آسن کي نراسائي جي چولي ٿو ڏئي
    ڪوئي پورن ۾ ٿو سورن کي ڇُپائيندو رھي
    آليون ٿيندءِ اکيون، ھيڪر تہ ڏس تانگهي تڙن،
    ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي سائي ۾ سڙن !

    ڪيئي مانجهي دل جي ڌڙڪن کي دٻائي ٿا ڇڏين
    ڪيئي جاني پنھنجي متين کي منجهائي ٿا ڇڏين
    مدتن کان پوءِ تن جو حال ابتر ٿو ٿئي
    شمع جان جلندي وچارا، جيءُ جلائي ٿا ڇڏين
    ڪينءَ اچي آرام، اکڙين مان اگر ڳوڙھا ڳڙن،
    ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي سائي ۾ سڙن !

    چوڏھين جو چنڊ ڄڻ، چوچيون ڏئي ٿو چاھ کي
    گل ھڻن ٿا ڏنگ جن کان ڏڍ ملي ٿي آھ کي
    سانوڻيءَ جو مينھن سوڪھڙا ڏئي ٿو ساھ کي
    اھڙي اوکي راھ کي، ڪوئي نٿو ٺاھي سڄڻ
    حوصلا آھن خطا جو ڳنڍ آھ سوگهي ھڙن،
    ڪيئي ٽانڊاڻا ٿا چانڊوڪيءَ جي سائي ۾ سڙن!

    پر پنھل اک ڇنڀ ۾ سڀ گهمسان ڪک پن ٿي وڃن
    آھ آدم سر الاھي، سوڀ پائي ٿو سگهي
    شل نہ ڪنھن جي ڪڍ پوي، ڪارو مٿو ڪاوڙ ڪري
    باھ ڇاھي واءُ جو ڀي دم منجهائي ٿو سگهي
    جي پتنگا پھ پچائي، مچ مٿان ھيڪر مِڙن،
    ڪين ٽانڊاڻا پوءِ چانڊوڪيءَ جي سائي ۾ سڙن !


    زندگي اھڙي بہ ڇا؟

    زندگي اھڙي بہ ڇا؟

    ابتدا ۽ انتھا جي ڳالھ جنھن تي دنگ آھ
    پاڻ سان سو آھي ناحق، پنھنجي حالت تنگ آھ

    اي دکي دل تنھنجي غم کان گهائجي ويو آھيان
    شام جي گل وانگيان ڪومائجي ويو آھيان
    بس ڪر اي دل ھاڻ مان گهٻرائجي ويو آھيان

    زندگي منھنجي تو ھيجن کان ڇني ڇوري ڪئي
    وھيءَ ۾ ويچارڙيءَ جي ڳالھڙي ڳوري ڪئي
    جا خطا ٿي تو ھٿان ٿي مان خطا ٿوري ڪئي
    پوءِ ڀي مونکي ٿي رولين ڪھڙي مان چوري ڪئي

    صبح جي تڙڪي تي ڪوھيري جو انڌوڪار آھ
    شام جي پاڇي ۾ اونداھي جو ڪارونڀار آھ
    ظاھر ۽ باطن تي پکڙيل بيڪسيءَ جو ڄار آھ

    ذھن مندر جي اُجڙ کنڊر جان ويران ٿو رھي
    جسم تابوتن جي اھڃاڻن جان بيدار ٿو رھي
    روح ڄڻ ڪافور جي بو جان پريشان ٿو رھي

    سانوڻ آيو سور ويا تہ بہ پنھنجي ھھڙي حالت آھ
    ھيکلائي ھيانوَ ٿي کائي وَلر کان وحشت آھ

    ڪين ٿو گهرجي اسانکي ھينءَ ندورن جو جيئڻ!
    ڄڻ تہ قيدي جي حياتي ڄڻ تہ چورن جو جيئڻ!
    پاڻ کي گهرجي ٿو موجن ساڻ مورن جو جيئڻ!

    ھي ندا آئي ڪٿان روڪي ڪوئي آواز کي
    جنھن اچي ٿيڙيو ائين چئي سوچ جي انداز کي
    ھينءَ پروڙڻ آھ مشڪل زندگيءَ جي راز کي

    زندگي اھڙي بہ ڇا جنھن ۾ نڪا ھلچل ھجي
    موت جو سايو ڀلا جنھن جي مٿان پليل ھجي
    ياس کان ٿين نيڻ آلا غم کان دل بيڪل ھجي
    آس بڻجي لاش، اڌمن جي مٿس گهل گهل ھجي

    اچ تہ ڪاھيون ڪاڪ تي اي مينڌرا منزل ڌڻي
    ڏيل ڏاريون مومليون ماڻيون ٿيون محمل ڌڻي
    ٽوڙ بند ۽ لاھ ڦٽندا، ھل تہ ٿيون دنگل ڌڻي

    ھل تہ ٿيون دنگل ڌڻي، دنيا سان پنھنجي جنگ آھ
    جا وسيع آھ، ٿورڙن ليءِ ۽ گهڻن تي تنگ آھ.

    (1952ع ۾ لکيل)


    مگر زندگي، زندگي !

    مگر زندگي، زندگي !

    الا زندگي تنھنجي صدمن تان صدقي
    تون شيرين اسان تنھنجا فرھاد آھيون
    تمنا جي تيشي سان اڳتي وڌون ٿا
    محبت جي مقصد جي رُوداد آھيون
    زمانو ٿو برباد سمجهي تہ ڇا ٿيو
    اسان تنھنجي غم ساڻ آباد آھيون

    اسان تنھنجي قدرن تي ايمان آڻي
    انھن کي سدا زندھ رکندا رھيا سي
    امانت جا سونپي تو سچ جي اسان کي
    انھيءَ جا نگھبان ٿيندا رھيا سي
    جڏھن وقت آيو تہ سڀ ڪجھ تياڳي
    وفائن جي راھن تي رمندا رھياسي

    تون انجيل بڻجي جڏھن دل ۾ آئينءِ
    تہ عيسي۱ جئان روح بيدار ٿي پيو
    صليب آيو سر تي تہ ڀي ساک تنھنجي
    مليو موت تہ بہ ڪونہ ويچار ٿي پيو
    ڪيو عشق تو ساڻ جنھن ڀي ديواني
    اھو آدميت جو معيار ٿي پيو

    تون سھڻي جئان سير جو سانگ آھين
    تو مومل جئان ڪاڪ سينگاري آھي
    تون گل جي سڳنڌ ۽ تون دل جو اُمنگ
    تو چانڊاڻ کي چال سيکاري آھي
    ڪيو آھي تو موت کي مات جت ڪٿ
    تو ھر ھنڌ ھر سوڀ ڏيکاري آھي

    تون سقراط جو ذھن منصور جو دم
    تون گوتم جو گيان ۽ تون قرآن جي دل
    تون تخليق جو نور عبادت جي لائق
    تون ڪعبو تون ڪاشي تون يزدان جي دل
    تون شھباز ۽ شاھ تون بي نياز
    تون سچل تون سامي تون انسان جي دل

    مگر زندگي، زندگي _ زندگي
    تون غم جي غبارن ۾ لَٽجي وئينءَ
    تون معصوم، مظلوم مجروح آھين
    تون انسان زادن کان ڦٽجي وئينءَ
    اجهو صبح آيو اجها ٿي سڻائي،
    متان ھيانءُ لائين تہ مٽجي وئينءَ.


    زندگي تنھنجي ڪري!

    زندگي تنھنجي ڪري!

    زندگي تو لاءِ ٿو، ھر رنگ ۾ رچڻو پوي _!
    زندگي تنھنجي ڪري، ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي _!

    ھڪڙي انسان جا ھزارين روپ ٿا ٿيندا رھن
    جنھنجا ڪيئي ڍونگ ٿا پردي پٺيان رچندا رھن
    جنھنجا ڪيئي پول ٿا پردي اڳيان کلندا رھن
    ھڪڙي انسان جا لکين وھنوار ٿا ھلندا رھن
    ڏس تہ ڪيڏين ذلتن سان، ھنکي ٿو پڏڻو پوي،
    زندگي تنھنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

    بادشاھ بڻجي ڪڏھن چٻرن جان چيڻا ٿا ڇڙيون
    يا گدا ٿي ڪري، گدڙن جان تاڙيون ٿا دڙيون
    مذھبي اڳواڻ ٿي، ڊاڪن جان ڌاڙا ٿا ھڻون
    فيلسوفي ڍنگ سان، ماڻھن جا کنڌا ٿا کڻون
    زندگي تو لاءِ ٿو سانڊي جئان جيئڻو پوي،
    زندگي تنھنجي ڪري، ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

    چوريون ڪرڻيون پون ٿيون، خون ڪرڻا ٿا پون
    عزتون لٽڻيون پون ٿيون، ڪوڙ ھڻڻا ٿا پون
    ناحقيءَ سان حق ٻين جا پاڻ کڻڻا ٿا پون
    انت جي بيھودگي سان، ٺٺ رکڻا ٿا پون،
    جو گذر آھ بد، انھيءَ کي نيڪ ٿو چوڻو پوي،
    زندگي تنھنجي ڪري، ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

    مفلسي فاقہ ڪشي، بيروزگاري سر تي آھ
    بيوسي، بيماري ۽ اندوھڪاري سر تي آھ
    ظلم، ذلت، جبر نفرت، خوف خواري سر تي آھ
    درد غم، فڪرات ۽ حسرت شعاري تي آھ
    رت جا ڍڪ ٿا ڀريون تہ بہ ماٺ ٿو رھڻو پوي
    زندگي تنھنجي ڪري، ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

    جھل جي ھوندي چئو نٿا، علم وارا آھيون
    فاسق ۽ فاجر تہ ڀي ڄڻ زھد وارا آھيون
    آدميت کان پري، اللھ وارا آھيون
    مان پئسي جو بہ ناھي شان وارا آھيون
    گهر ۾ داڻو ڪين، گهوڙو زين ٿو رکڻو پوي،
    زندگي تنھنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

    غيرت ۽ عزت ۽ عصمت ۽ حياداري مڙئي
    جسم ذھن ۽ عقل ۽ ايمان، خود داري مڙئي
    قول ۽ آداب ۽ خلق ۽ رواداري مڙئي
    دين دنيا ۽ شرافت ۽ وفاداري مڙئي
    سڀ کي ڀڳڙن مُٺ مٿي نيلام ٿو ڪرڻو پوي
    زندگي تنھنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

    ھانوَ تي مُڱ ٿو ڏري ڪوئي تہ ڀي چپ ٿا رھون
    ساھ مُٺ ۾ ٿو ڪري ڪوئي تہ ڀي چپ ٿا رھون
    ننھن نڙيءَ تي ٿو ڌري ڪوئي تہ ڀي چپ ٿا رھون
    نانگ وانگي ٿو وري ڪوئي تہ ڀي چپ ٿا رھون
    موت سان ھر حال ٿو ھر وقت منھن ڏيڻو پوي،
    زندگي تنھنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻ پوي!

    روح جي مکڙين کي وائن کان سڪايو ٿو وڃي
    ھيج جي ڪڪرن کي اڱرن تي وسايو ٿو وڃي
    وھيءَ جي پورن کي سورن ۾ جلايو ٿو وڃي
    سونھن کي ۽ نيھن کي رُڃ ۾ رلايو ٿو وڃي
    زندگي تولاءِ بس، آھن ۾ ٿو جلڻو پوي
    زندگي تنھنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!

    زندگي تنھنجي فقط معني` رھي ڦرمار آھ
    تنھنجو ھر ھڪ دادلو مڪار ۽ عيار آھ
    پاڻ سان ۽ پاڻ جھڙن سان رھيو غدار آھ
    تنھنجو سودائي سدا بدڪار ۽ مردار آھ
    زندگي ڪينءَ خوش ٿجي، ھتڙي تہ ٿو روئڻو پوي
    زندگي تنھنجي ڪري ڇا ڇا نٿو سھڻو پوي!

    زندگي تون دل نہ لاھج، وقت سو ڀي اچڻو آھ
    جنھن ۾ ڪنھن کي ھينءَ نٿي مردار بي مئي مرڻو آھ
    ڏيل جو ڏيکاءُ جو آھي سندس ڪنڌ ڀڃڻو آھ
    ڪيستائين ذھن جو قيدي ٿي ڪنھن کي رھڻو آھ
    زندگي تنھنجو سبق ٿو موت کان وٺڻو پوي!
    زندگي تنھنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!


    وڇڙي ويل يار جي ياد ۾

    وڇڙي ويل يار جي ياد ۾

    سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان،
    مونکي ٿي ماري، اُنين سندي ڳالھڙي.
    (شاھ)

    زندگي تيز ھلندي ڇو ويچارڙن وانگ،
    اڄ واٽ تي وڻ ٿي پھچي وَئينءَ!
    پنھنجي ماحول کان بي خبر بي خطر،
    پور ڪھڙي ۾ پروس ٿي پھچي وَئينءَ!
    موت آيو تہ ٻارن جئان انگل ڪري،
    سِير وانگي سُري اُن سان ٻکجي وَئين!

    مُوھ تنھنجو ھو تن مامرن ساڻ جن ۾
    گهڙي ڀي تو گهاري نہ وجهندي ڇڏي
    تو سوا سانگ سارا سُڃا ٿي ويا،
    تو الا ڪينءَ ھيءُ مند مچندي ڇڏي
    موت جي مام توکي ڇو موھي وئي،
    روح جي راند ڇا ليءِ تو رمندي ڇڏي

    زندگي تنھنجون راھون تہ موتئي جي
    مانڊاڻ وانگي سوايون ۽ سرھيون ھيون
    مرڪ تنھنجيءَ تي باک ھئي بانوري،
    چپ تي چاندوڪيون چور چرھيون ھيون
    ڪا لکائي نٿي پئي تہ ڪنھن اھنج ھوندي بہ
    تنھنجون اِڇائون ڪي اَرھيون ھيون

    ڪجھ بہ رھڻو نہ آھ تون بہ رھڻو نہ ھئين
    تہ بہ ھي احساس گهائي ٿو گھرائين ۾
    ھينءَ سجهايون ٿيڻ ڪين کپنديون ھيون
    سانت، پھرين پھر تنھنجي سرھائين ۾
    ھاڻ ڪير آھ جو ساٿ ڏيندو اچي،
    سور وارن جو راتين جي تنھائين ۾!

    ڪجھ بہ رھڻو نہ آھ تون بہ رھڻو نہ ھئين
    تہ بہ اھا آس دردن جو درمان ھئي
    يار پاسي ۾ آھ، يار پرتي بہ ھو:
    تہ بہ جدائي نہ پورن جو پيڪان ھئي
    ياد اڳ ڀي تہ آئي ٿي پر ھاڻ جان،
    ڪين سان ياد اندوھ ارمان ھئي

    ڪجھ بہ رھڻو نہ آھ تون بہ رھڻو نہ ھئين
    پوءِ ڀي ھيانءُ لاھي ھنجون ھارجن پيون
    تنھنجون ڳالھيون ڳراٽيون تہ وسرڻ جون ناھن،
    مَنھ توڙي مَن ۾ اڃا سارجن پيون
    تون جي دونھيون دکائي دمائي وئين
    تن مان آھن سان باھيون وري ٻارجن پيون

    تون نہ ھوندين ھتي ڪينءَ چوان،
    تون تہ ھوندين ھتي پر نرالي نموني نئين ڍنگ سان
    روح تنھنجي جون ريکائون، جي تون
    رھائي وئين ڪالھ اسان وٽ اَمٽ رنگ سان
    جوت تن جي کي جرڪائڻو آھ جڳ مڳ،
    انھي اُون اھڃاڻ انھيءَ انگ سان

    پاڻ گڏجي جلائي ھئيسون جا مشعل،
    سا مشعل اَبد تائين جلندي ئي رھندي
    ھي وسامڻ جي ناھي جيتوڻي ھوا،
    تيز ۽ تند ھر وقت ھلندي ئي رھندي
    تنھنجي مٽيءَ جو سنھن تہ ڌرتي اسانجي
    اسانجي ئي جذبن سان جيئندي ئي رھندي

    زندگي فاني آھي تہ ڇاھي،
    اسانکي تہ ان جو نہ ڪوئي بہ ارمان آھي
    آدميت امر آھ، ان جي ئي قدرن
    ۽ سچ جي بقائن تي ايمان آھي
    سونھن جي ساک نيڪيءَ جو ننگ،
    ھي پنھنجو ادرش ايقان ارڪان آھي


    طويل نظم

    ھاءِ جيجل مارئي!

    انگ اُٿليا رنگ بدليا، پر اياڻي مارئي!
    تون نٿين بڻجي سگهين دل جي ڌياڻي مارئي
    مان اڃا سمجهان ٿو توکي سا پراڻي مارئي،
    جا عمر جي ڪوٽ ۾ ھئي قيد اباڻي مارئي!
    وقت ٿو توکي رکي ھردم ڏکاڻي مارئي!
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    توکي ھر ھڪ دور ۾ بيوس ڪري مَنڊيو ويو
    ماڳ تي پھچڻ کان اڳ ئي راھ ۾ رنڊيو ويو
    ڪٿ تہ چوراڻي مَڏيءَ جان تنھنجو وڙ ونڊيو ويو
    ڪٿ وري توکي ائين ڦاڪون ڪري ڦنڊيو ويو
    ڄڻ تہ ڀاڱن ۾ ڪِني مڇي وڪاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تون اُھا آھين نہ جا سسئي ٿي وڻراھن ۾ مُئي
    تون اُھا آھين نہ جا سھڻي ٿي درياھن ۾ مُئي
    تون اھا آھين نہ جا مومل ٿي آڙاھن ۾ مُئي
    تون اُھا آھين نہ جا ٻاگهي ٿي راتاھن ۾ مئي
    ياد آھ مونکي سندءِ ساري ڪھاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!
    جئن وسائي خانقاھن جي ڏيئي کي واءُ اچي
    جئن وڃائن ڪاٽڪو ڀاڳين جو سَنجهي ساءُ اچي
    جئن ڏين ننڊايلن ٻارن کي کڙڪا ڊاءُ اچي
    جئن کڻن دُلبو ڪري ڪنھنجو جواري داءُ اچي
    توسان اھڙا ڪم ٿيا ڪوڙين اياڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    نيھن جا ناريل توتي ڇانوَ گهوريندا وَيا
    سونھن جا رابيل توکي بوءِ بخشيندا وَيا
    ڪي سڪايل ٿي سِري تولاءِ سوپيندا وَيا
    ڪي پراھان ٿي ۽ پنھنجو جيءُ جهوريندا وَيا
    ڪَن ڪري سؤدو ڪئي تنھنجي پڄاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    اڄ نہ سي سانگي ھيا جي ساھ سيباڻا الا
    لوڪ لوٺئي ۾ رھيا باقي انڌا ۽ ڪاڻا الا
    ڪوڏ جو مُلھ ٿا وڪامن لال لاکيڻا الا
    رت جا ڍُڪ ٿا ڀرين وينجهار ماٺيڻا الا
    ڪو بہ ناھي جو ٿئي ھن ويل ساڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄڻ جي راڻي مارئي!

    مست ٿي موھن دڙي سان جاڙ جئن مھراڻ ڪئي
    اھڙي حالت ڪنھن اچي اڄ تنھنجي ھستيءَ ساڻ ڪئي
    تنھنجي لوئيءَ تي اندر ڪارن ائين ڇڪتاڻ ڪئي
    ڄڻ اچانڪ جُلھ گهوڙيسوار تي کٽياڻ ڪئي
    تنھنجي لولي تنھنجي ٻولي ڪين اگهاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    آئي ٽانڊي ڪاڻ ھئي جا بورچياڻي پنڌ ھڻي
    وئي اھا ئي ڏيھ جي ڏائڻ اسانجي ٻنڌ ھڻي
    دانھيون ٿا جي تہ تون ڇو وئينءَ اسانجي سنڌ ھڻي
    آئُٽي نِپٽي وراڻيندي ٿي آکي ڪنڌ ھڻي
    آءٌ ئي آھيان اوھانجي گهر ڌياڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    سُئي سڳو پنھنجو، پرائو ٿي ويو کن پل اندر
    ڄڻ تہ وئي لُٽجي الا رن زال ڪا ڪرڳل اندر
    ائين نڌڻڪا ٿياسي ڄڻ ڪو اجنبي جهنگل اندر
    جان وئي جٺ ڦٺ ۾ آيو جيئڙو جنجل اندر
    ڄڻ پگهرجي پل ۾ ٿي وئي برف پاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    ڪِرڙ جو مکڙيون ڪوماڻيون ۽ ڀتر جا گل ويا
    چيٽ جا چانڊول اڏامي ويا اڪن جا ڦل ويا
    روح راتاھن ۾ آيا رونقن جا ھل ويا
    ڇيھ پيا ڇاتين اندر دلڙين کان وسري بل ويا
    سور سيڪاٽيو سڪو اکڙين جو پاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تو مُھابي ھئا مزي ۾ مامرا مھراڻ جا
    ناچ ٿي سڳنڌن ڪيا ۽ گيت ھئا چانڊاڻ جا
    راتڙين ٿي رنگ لاتا ڏينھن ھئا مانڊاڻ جا
    چو پچو ۽ چھچٽا ھئا قرب جي ڇڪتاڻ جا
    کل خوشي ھئي ڄڻ تہ ڪا ميراث اباڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تون پکي ۾ پَدمڻي ۽ لوءِ ۾ لالي ھئينءَ
    تنھنجا ڳڻ ڳايا ٿي ڳوٺن بود ۾ بالي ھئينءَ
    روپ ھو تنھنجو رتانڻ جان سکن پالي ھئينءَ
    لئي جي شڪر جان مٺي ڪوڙاڻ کان خالي ھئينءَ
    ٿي رھينءَ سڀ جي نظر ۾ سالڪاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    سَرس تنھنجي سونھن ھئي جيڏين اندر جرڦل جئان
    ٽھڪندي ٽلندي وتينءَ ٿي بودلي بربل جئان
    ھيج تنھنجي ڀانءِ تي سڀکي پئي درمل جئان
    ھاڻ تنھنجا حال ھيڻا ٿيا سڙيل حرمل جئان
    ڪئي سُکن توکان سويري موڪلاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تنھنجيون ساھيڙيون ڀٽن تي ھيون انھيءَ اوصاف ۾
    ڄڻ تہ گوپيون مندرن ۾ ڄڻ پريون ڪوھ قاف ۾
    تنھنجا جهانگي ائين ٿي ڀاسيا ڏيھ جي اطراف ۾
    ڄڻ تہ اِندر جي سڀا معصوم ڄڻ اعراف ۾
    مَٽ نہ ماڙيون ھيون مَنھ جي تو چواڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تون پواڙيءَ گل جئان ٿي پئي لڳينءَ وڻراھ ۾
    ڇمڪڻي گل جي ڇڳن جان ٿي ٺھينءَ ھر ٺاھ ۾
    جئن وسن جھڙا رھن السيءَ جا گل ڦل گاھ ۾
    تئن مھانڊا تنھنجا سانڍيل ھئا سڀن جي ساھ ۾
    تو ۾ تلسيءَ جون سڳنڌون ھيون سنھاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تنھنجي دل درياھ ھئي ۽ تنھنجو من ماڳن ڌڻي
    سادگيءَ ۾ ڀي سونھاري ٿي رھينءَ ڀاڳن ڀري
    تنھنجا ھٿ اوٺيئڙن جان ٿي رھيا واڳن ڌڻي
    تنھنجي در پانڌي ھيا سڀ تون ھئينءَ آڳن ڌڻي
    ھاڻ تنھنجو سج لھي ويو ٿي سمھاڻي مارئي!
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تنھنجي جندڙيءَ سان جياپو ھو سڀن جو جوءِ ۾
    ھئا مڙئي ڏکڙن ۾ ۽ سکڙن ۾ سرھا روءِ ۾
    ھيڪڙائيءَ کان نہ ٻاھر ھو ڪو ھا ۽ ھوءِ ۾
    سيبتائي ھئي سلامت شڪل ۾ ڇا خوءِ ۾
    ھئي نہ آڌرڀاءَ بن ڪنھنجي تڳاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تو بنا اي سيبتي آھي سُڃن جو واءَ سواءُ
    پيو ڏڪر ٿي ويو بکن جو ۽ اُڃن جو واءءُ سواءُ
    وسنو وئي ويران ٿي: ويڙو پُڃن جو واءُ سواءُ
    ھيانوَ کي کائڻ اچي ٿو ھي رُڃن جو واءُ سواءُ
    ھَي ھچارن کان ٿي ويئي ڪاڪ ڪاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تنھنجا اوٺيئڙا اداس آھن ۽ بر پٽڙا اداس
    راتڙين رم جهم وساري ٿي ويا ڏينھڙا اداس
    ويا ڇڏي وندر کي ويلا رھجي ويا روحڙا اداس
    ماءُ کان وڇڙي ٿين ٿا بَر ۾ جيئن ٻچڙا اداس
    ھاءِ ڀي وئي ھوءَ ڀي وئي، ھُل ھُلاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    جن پَٽن ۾ پڃ ڪييءِ تن جو وَليون ويران ٿيون
    جن جهڳين ۾ جواني آندءِ سي ڊھي ميدان ٿيون
    جَن ڦڙين ۾ ڇيڄ کيڏييءِ سي ڦِري طوفان ٿيون
    سينڌ سرمن جون وَسيون سڃ جو وڃي سامان ٿيون
    جوڻ ڦيريو جَر ڦريو اکرن تي پاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    ٽاڪ مانجهاندي جو جن ٿي چنگ چوريا ڇانوَ ۾
    اڄ نٿا آڻي سگهن چارڻ اھي سر ڏانوَ ۾
    لَڙ ۾ ويا لانجها ٿي لاڏا لوڏ ناھي لانوَ ۾
    وِڀ جا ورڙاٽ آھن وڍ پون ٿا ھيانوَ ۾
    باغ ويا ڀڙڀانگ ٿي تو بن نماڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    ڪوئلن سان جن ڪڍي ليڪا ٿي نوٽڻ راند ڪئي
    سينڍ ۾ ڪوھياري ڳائيندي ٿي اڻ تڻ ماند ڪئي
    بئنسري تي بيٿ آلاپي ٿي جن دل باند ڪئي
    تن حليمن جي حياتي ڏوجهرن ڪيڪاند ڪئي
    اجنبي ٿيا ساز کان سر، سالڪاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    جيءَ ٿا جلندا رھن لوبان جان تو واسطي
    سور ٿا وڌندا اچن سرطان جان تو واسطي
    ڪيس ٿا اوڏا ٿين ارمان جان تو واسطي
    بند ٿا ٺھندا وڃن زندان جان تو واسطي
    سوچ آھي سانت ۾ سڀ جي سياڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    سونھن تنھنجي سانوري ميرو سندءِ سينگار ھوءِ
    ماڳ مانڊاڻا ڇڏيا وڇڙي ويا سينگار ھوءِ
    دل تي ديپڪ دَوَ ڪيا ڳائي ڪو ڪينءَ ملھار ھوءِ
    شل نہ ڪنھن کي ڏينھن ڏيکاري اھڙا ڏاتار ھوءِ
    تنھنجي سورن جي نٿي ڏسجي پڄاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    جن جو جوڀن آھ اڄڪلھ اوج تي اجرڪ جئان
    جن جا چھرا ٿا ڏين ڏيکاوَ نئين ڪمرڪ جئان
    جن جي ھر ڳالھ آھ رنگيلي اُچي اجرڪ جئان
    تن کي توکان ئي ملي سوڀيا اڇي ابرق جئان
    تون ائين ٿئينءَ، شھر ۾ ڄڻ ڪا جوڳياڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    نيڻ مارن جا الا روئي ٿڪا تو کانسواءِ
    کاڄ پيا کھ وِھ ٿيا پيرون پڪا تو کانسواءِ
    ھار ۽ سينگار جي سڌ آ نہ ڪا تو کانسواءِ
    منھن ٿيا تيلن ڦليلن بن جهڪا تو کانسواءِ
    سيڪ آيل وڻ جي ڄڻ مکڙي ڪوماڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تنھنجي ساھيڙين ڇڏي ميندي وساري ڏينھن ٿيا
    سينڌ تان سندر سڀاڳين کي اتاري ڏينھن ٿيا
    راز رمزون ۽ اشارا ويا گذاري ڏينھن ٿيا
    چئنچلن جي چلولائي کي سِڌاري ڏينھن ٿيا
    کل خوشي وارين ڪچھرين ڪئي پڄاڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    جن ھندورن ۾ ٿي جهوٽيا لال لاکيڻا ڪڏھن
    جن اڳنڌن ۾ ھيا موجن جا مانڊاڻا ڪڏھن
    جن اوطاقن ۾ ھيا کنڊ کير ڏاڏاڻا ڪڏھن
    جن گلابن ۾ ٽليا ٿي ھاءِ ٽانڊاڻا ڪڏھن
    تن جا ريٽيا رند، ويراني نماڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    تنھنجي چانگن جون چڙيون ائين ٿيون پيون آواز ڏين
    جئن وسوڙيل کي خلائن مان ڪي ياديون ساز ڏين
    تنھنجيون ماٺيڻيون ادائون ائين پيون انداز ڏين
    ڄڻ قلندر جي ملنگن ٿي ٿا سپُنا راز ڏين
    توکي سڏڪن ساڻ ٿا ساريون اباڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!

    ڪين ٿي مايوس او منھنجي مٽياڻي مارئي
    سون ورني ۽ ڌنارن جي ڌياڻي مارئي
    آءٌ ڪندس واھر سندءِ سر ڏئي نماڻي مارئي
    بند مان توکي ڇڏائيندس اباڻي مارئي
    تون وري ٿيندينءَ ماڳن جي مالڪياڻي مارئي،
    ھاءِ جيجل مارئي راڄن جي راڻي مارئي!


    مڪلي منھنجي جيجل مڪلي!

    مڪلي منھنجي جيجل مڪلي!

    مڪلي منھنجي جيجل مڪلي، تو ۾ مون ھنگلاج ڏٺو،
    محل ڏٺو مون تخت بنا ۽ تاج بنا سرتاج ڏٺو،
    آيل تنھنجي قسمت ۾ مون تانوَڻ ۽ تاراج ڏٺو.

    ووڙيندي تو ۾ وندر کي، وڃي پھتس دور خلائن ۾،
    وقت ورائي ڄڻڪي پاسا، ڦوڪيو روح فنائن ۾،
    جُوڻ ڦِري نروار ٿي ائين ڄڻ سھڙيا ڪنگ تلائن ۾.

    جهُور جَڏي تاريخ اچي وئي، ويس مٽائي ھستيءَ ۾،
    مھريءَ وانگي منظر جاڳيا، مُند اچي وئي مستيءَ ۾،
    فطرت ٿي شاداب ائين ڄڻ عيد جي سنبت وستيءَ ۾.

    منھنجي اڳيان سو ڄام نظام ھو، جنھنجي سنڌ ۾ ڌاڪ ھئي،
    سر کنڊ جي سرھاڻ جان پکڙيل، ھِن جي ھر ھنڌ ھاڪ ھئي،
    خوشحالي ھئي جام ھتي، ڪا دل نہ ڪٿي غمناڪ ھئي.

    ٻي پاسي دريا خان جو سنڌڙيءَ جو سالار ھيو،
    اَڙيءَ اُڌيءَ اڙٻنگ سدا، ھر حالت ۾ ھالار ھيو،
    مُھِمَن جو منھندار، دلير ۽ اڀرن جي آڌار ھيو.

    سنڌڙي جي ھئي صورت ائين ڄڻ مارئي پنھنجي مارن ۾.
    ماڻھن ۾ ھو مَرم ائين ڄڻ سُر، سُرندي جي تارن ۾،
    ڀاڳ ڪيا ٿي ڀاڳ ائين ڄڻ، مينھن جي موج بھارن ۾.

    سنڌڙي ساري سون ھئي ۽ ماڻھو موتين داڻا ھئا،
    امن سان ھرڪو آسودو ھو، سَولا سڀ جا ٽاڻا ھئا،
    جيڪي ھئا ۽ جئن بہ ھئا، سڀ پنھنجي رمز ۾ راڻا ھئا.

    ملڪ ھو ائين آزاد الا، جئين گل جي بوءِ بھارن ۾،
    مينھوڳيءَ جان مست ٿيو ٿي روح عجيب نظارن ۾،
    رُودن رڳڙو ڪونہ ھيو، سڀ ڪُڙم رھيا ٿي قرارن ۾.

    اوڏيءَ مھل ڪو لوڏو آيو، لڙھي ويا ويچار وري،
    اکين اڳيان اَونٽار ۾ آيا، نئين سر جڳ جنسار وري،
    ڄام نظام جي جاءِ تي آئي ڄام فيروز جي وار وري.

    اک ڇنڀ ۾ مان پھتس سنڌ جي ڄام فيروز جي محفل ۾،
    محفل ڇا ھئي ڄڻ تہ ھيو ڪو منگل لاتل جهنگل ۾،
    رنگ رتل ھئا، موج مَتل ھئي، ننڍو وڏو ھو ھلچل ۾.

    محل جي اڱڻ ۾ نر ۽ ناريون ائين ٽِليا ٿي نخرن سان،
    مور ٽلن جئن ڊيلن سان ۽ چنڊ رمي جئن ڪڪرن سان،
    رنگ برنگي ويس ائين ڄڻ پوپٽ پکڙيا چڪرن سان.

    چنڊاڻن ۽ مانڊاڻن سان سينگاريل ويرانڊا ھئا،
    ڳاڌيءَ ڳاڌيءَ ڳڀرو ويٺل، مڻيادار مھانڊا ھئا،
    اڱڻ ھئا آباد ائين ڄڻ سانگ سنواريل ھانڊا ھئا.
    ڳڀرو جن جو روپ ائين ڄڻ، پگهريل سون ڪوٺاريءَ ۾،
    ڳڀرو جن جو جِسم ائين ڄڻ لسڙا پٿر اوساريءَ ۾،
    ڳڀرو جن جي وَھي ائين ڄڻ قرني جا گل ٻاريءَ ۾.

    ڳڀرو جن جي ڳالھ ائين ڄڻ، گيان مان جاڳيا ٻاوا ھو،
    ڳڀرو جن جي جوت ائين ڄڻ گَج ۾ ٽاڪيل ڪاوا ھو،
    ڳڀرو جن جا کيج ائين ڄڻ جهانجھ مٿي ڪي جاوا ھو.

    ٻانھيون ٻانھان اوسي پاسي ھيا ائين ان محفل ۾،
    نيلوفر جا ننگا گل ھئا ڄڻ تہ نوازيل جل ٿل ۾،
    روحن سان ھئي راند انھن جي، ائين ڇمڪ ڄڻ پايل ۾.

    ٻانھيون جن جا جوڀن جبرا جيءَ وڌئون ٿي جوکن ۾،
    نانگ کنڀيون جهر جهنگ ۾ جئن پست جون ڏوڏيون پوکن۾،
    ڏسي انھن کي اچرج مان ٿي اکيون اچي ويون دوکن ۾.

    ٻانھان جن جي ھٿن ۾ پيالا ائين ٿي لڳا جنساريءَ تي،
    نيل ھئا ڄڻ گنبذ تي ڄڻ سورج مکي ٽاريءَ تي،
    پيالا ھئا متوالا ائين ڄڻ ننگا نيڻ بھاريءَ تي.

    دور ھليو ۽ دُنگ کليا ائين دارونءَ جي سرھاڻ کَلي،
    شرم وچان ڄڻ لال ڪنوار جي چھري تي لالاڻ کلي،
    رخن تي آئي رونق ائين ڄڻ ڪڪرن مان چانڊاڻ کلي.

    ھوريان ڏاڍيان ساز چُريا ۽ سري پيا سر موجن ۾،
    سِڌا ڪيا ڄڻ ٻيڙين سِڙھ، ڄڻ انڊلٺ آئي اوجن ۾،
    اڌمن کاڌي اُٿل ائين ڄڻ ٽاڪوڙا پيا فوجن ۾.

    اُڀريا اُرھ آرس مان ڄڻ ٽڪريون جهڙ جي غبار وچان،
    اٿليا بازو جوش مان ائين ڄڻ مڇين ڏنا ٽپ ڄار وچان،
    وچڙيا جوڀن پاڻ ۾ ائين ڄڻ اٽڪي پيا ملھ خار وچان.

    رنگ ولايت منجھ رسي، ڪئي روحن رم جهم کنوڻين ساڻ،
    سونھن سان سھڙيو نينھن ائين ڄڻ، باھ ڪپھ جي پوڻين ساڻ،
    آخر ٿي سا ڪار ڪري ڇا جا پاڻي لوڻ جي ڳوڻين ساڻ.

    ھيڏانھن ھئا ھي رنگ تہ ھوڏانھن محل سرا خاموش ھئي،
    راتين ۾ ھو رنگ نہ ڪوئي رونق ئي روپوش ھئي،
    ھر ڪنھن کي ھئي چپ تي سوٽي، ٻاھر نوشا نوش ھئي.

    عام جي حالت اھڙي ھئي ڄڻ ڌڻيءَ بنا ڌڻ رڻ پٽ ۾،
    ھر ڪنھن کي ھئي نفسانفسي، ويل وھيا ٿي جهٽ جهٽ ۾،
    جنھن بہ ٿي دانھيو جنھن بہ ٿي باھيو آيو ٿي سو مر گهٽ ۾.

    وستي وستي ورونھن کان خالي، شھر مڙئي شمشان ھئا،
    فصلن ۾ ٿي فاقا اسريا، وڻج سڀئي ويران ھئا،
    موت ڪئي ٿي موج، حياتيءَ جا نہ ڪٿي سامان ھئا.

    ڄام فيروز جي جَلوت خِلوت ڀريل ھئي بدڪارن سان،
    ھن جو ھر ھڪ راز رھيو ٿي، بيگانن غدارن سان،
    دريا گهڻو ئي ھنکي سمجهايو ڪن پارن سان.

    ڄام فيروز او منھنجا سائين جئن سدائين ڌيان تہ ڪر،
    ملڪ جو آھي تنھنجي امانت ان جو ڪوئي مان تہ ڪر،
    تنھنجي ساري پَت ٿي وڃي پئي، تنھن جو ڪو ارمان تہ ڪر.

    ڄام فيروز جو انڌو اونڌو ارڪانن کان نڪتل ھو،
    پرمتڙيو ۽ پو ڍايو ٿي پنھنجي انت کي پھتل ھو،
    دريا خان کي ڌار ڪيائين، پنھنجي تي جو بيٺل ھو.

    دريا خان جي نڪري وڃڻ تي جشن ملھايو ڄام فيروز،
    جيڪي ڪجھ ھو خزانن ۾ سو خوب لٽايو ڄام فيروز،
    اھڙي وقت ۾ ارغونن جو ڌيان ڇڪايو ڄام فيروز.

    جنکي ڄام نظام جي وقت ۾ جاڳيو جو جولان اچي،
    سنڌ جي سرحد اورانگهي ۽ کڙوڪيائون طوفان اچي،
    اٿيو جو دريا خان، انھن جو مات ڪيائين ميدان اچي.

    ارغونن کي آئي شڪست ھو اھڙا خوار خراب ٿيا،
    جو ٻيھر ھن ملڪ تي ڪاھڻ ليءِ نہ تيار شتاب ٿيا،
    ليڪن جيرا جوش ۾ جلندي جلندي ھنن جا ڪباب ٿيا.

    ھڪ ڏينھن جئن دستور مطابق ڄام فيروز ھو موجن ۾،
    دشمن پنھنجو سينو ساھيو، انڌ اچي وئي اوجن ۾،
    سمنڊ جي ڇولين وانگ ھيڪاندي ھلچل اُڀري فوجن ۾.
    سنڌ جي قسمت ڪين ٿي پيئي آيا ڏينھن ڏھاڳ سندا،
    ڀاڳ ڪري ويو بَر مُنھن، اٿليا ڍارا ڍؤنگ نڀاڳ سندا،
    آس نراس ۾ مٽجي ويئي، آيا ڏينھن ڏھاڳ سندا.

    اوچتي گهوڙيسوار اچي ويا پگهرن ھاڻا جسم کڻي،
    ارغون آيا ارغون آيا ڳالھ ڪيائون اسم کڻي،
    واويلا او ڄام سگهارا ڌاريا آيا ستم کڻي.

    محفل ۾ ٿي ماٺ، اڏاڻا ڄام جا نشا آڙين جان،
    درٻارين جا ڪنڌ جهڪي پيا ڪِرندڙ جهُرندڙ ماڙين جان،
    ھڪل ڪيائين درٻارين کي مڇريل شينھن جي راڙين جان.

    ڀير تي ڏونڪو ھڻو جو جُنبي جنگ ڪنداسين ڌارين سان،
    سائينءَ جو سنھن تعدي اھڙي ٿيندي ھيل ڏڪارين سان،
    عام چواڻي تعدي جھڙي ٻرڙي ڪئي ھئي ٻارن سان.

    ھڪل ٻڌي ھشيار ٿيا سڀ درٻاري للڪار ڪري،
    عھد ڪيائون، لڙنداسين اڄ، ڌارين تي يلغار ڪري،
    انت انھن سان ائين ڪبو ڪڪرم ڪارونڀار ڪري.

    درٻاري جي رينھن جوان ۽ شيرن وانگ بھادر ھئا،
    درٻاري جي ناريلن جي ھاٺيءَ وانگ قداور ھئا،
    درٻاري جي جنگ جا جوڌا، بجليءَ وانگ زورآور ھئا.

    درٻارين مان ھئا سڀئي پر ھيو نہ حاضر دريا خان،
    ڄام ڪيو ھو جنھنکي ڏمرجي شھر مسافر دريا خان،
    پنھنجي اڪيلي سر ئي جيڪو پاڻ ھو لشڪر دريا خان.

    ڀير تي ڏونڪو لڳو تہ سڀڪنھن ھٿ ۾ کڻي ھٿيار ڪيا،
    جوڌا جوان ٿيا نروار ۽ ڪرڳل ڪارونڀار ڪيا.
    صفون صفن ڏي ڌوڪي آيون، ڌوڙين انڌوڪار ڪيا.

    تلوارون ٿي اُڀيون ھوا ۾ پھتيون خون خرابن ۾،
    رت سان ڌرتي رڱجي ويئي تڙپيا جسم عذابن ۾،
    ڪُڪڙن ۾ ڄڻ پيون تڪبيرون، ڀٽڪيا روح سرابن ۾.

    سرڻين جان ٿي لامارا ڏئي ھر ڪنھن پنھنجا وار ڪيا،
    ڪن ٿي بازو ڳچيءَ کان لاٿا ڪن ٿي ڌڙون سر ڌار ڪيا،
    موت جي ڪونتل ڪڏي ڪڏي ٿي ڇاتين تي ھڻڪار ڪري.

    دانھون دھشتناڪ ائين ڄڻ زخمي شينھن شڪاريءَ سان،
    ھڪلون ھيبتناڪ ائين ڄڻ مرون ڏنو منھن ماريءَ سان،
    ھڻ ھڻ واري ھوڏ ائين ڄڻ وٺ وٺ ٿي رن ڪاريءَ سان.

    جنگ ائين رڻ ٻاريو ڄڻڪي باھ لڳي وئي جهنگل ۾،
    وڙھندي جهڙندي مَري کپي ويا ڪونڌر ڪيئي ڪرڳل ۾،
    ھڪڙن جا ٿيا لايا سجايا ۽ ٻيا آيا مشڪل ۾.

    ارغونن جو زور وڌي ويو ڄام جو بازو ٽٽي پيو،
    ڌارين ڌاڪ ڄمائي ھن جو ھر ھڪ حيلو کٽي پيو،
    ڄام ڪلرجان ڪانہ ڪئي ھئي نيٺ سو ڀانڊو ڦٽي پيو.

    کڙڪ پئي جو ڄام فيروز کي اٿلي چيائين گهوڙا ڙي،
    گوڏن تي ھٿ ھڻندي ھڻندي روڄ وڌائين گهوڙا ڙي،
    ملڪ تہ ويندو جان بہ ويندي رس او سائين گهوڙا ڙي.

    جڏھن ڏٺائين واھ نہ ڪائي دانھيائين او دريا خان،
    ڏمر ڪري جو ڌار ڪيو ھو پاڻ کان مون سو دريا خان،
    سنڌ جو سورھيہ سنڌ جو وارث سنڌ جو بابو دريا خان.

    ڪوٺيو ان کي چئوس تہ مادرِ سنڌ ھٿن مان وڃڻ تي آھ،
    وارو ڪر ڪو دريا خان جو لڄ اسانجي لٽڻ تي آھ،
    ھھڙي جيئڻ کان مرڻ ڀلو ٻيلي ڳالھ اسانجي ڳڻڻ تي آھ.

    دريا خان اچي ويو ليڪن دريا خان وياڪل ھو،
    ھن اينديئي ادب سان آکيو، مونکي اڳيئي ککيل ھو!
    ڄام چيو ڇا دريا خان! ھي بہ ڪرم ۾ لکيل ھو؟

    دريا خان وراڻيو سائين ڪرم ٻرم جي ڳالھ نہ آھ،
    ملڪ کساييءِ پنھنجن ئي پرڪارن کان ٻي ڳالھ نہ آھ،
    ڄام چيو او سورھيہ، کسجڻ جي تہ اڃا ٿي ڳالھ نہ آھ.

    اسانکي تنھنجي ھمت گهرجي، اسانکي پويون داءُ کپي،
    موت اسان جي ماڳ تي ڪڙڪيو، مئلن کي ڪو ساءُ کپي،
    يعني او سورھيہ دريا خان! تنھنجو تڪڙو تاءُ کپي.
    ڄام فيروز ڇپر ڌڻي مون توکي اڳيئي چتايو ھو،
    تنھنجي انڌ اڙانگوڙين کان ملڪ جڏھن تنگ آيو ھو:
    تنھنجي زوال ٿي سبب بڻايا سڀ جو اھوئي رايو ھو.

    ڳھڻا پائي بغاوت جا ائين سازش پاڻ سنواريو پئي،
    ڄڻ تہ طوائف ٺھي ٺڪي ۽ دريءَ مان ڪنھن ڏي نھاريو پئي:
    انت اھائي ويل اچي وئي ڳڻتي جنھنجي ڳاريو پئي.

    تنھنجي ٻيڙي انھن ئي ٻوڙي جنکي تو پڳدار ڪيو،
    ھئي نہ جن۾ ٿوم بہ ڪائي تن کي تو منھندار ڪيو،
    تڏھن تہ ڌارين ڌوڙيا لائي ملڪ جو ٻوٽو گار ڪيو!

    ڄام چيو ھا دريا خان، تو اڳيئي رخ ھو ڏيکاري ڇڏيو،
    مون نہ مڃي پر ڳالھ ڪا تنھنجي تنھنجو سبق وساري ڇڏيو،
    ھاڻ ڀلا ڇا ٿي ٿو سگهي ڪجھ فيصل ڪر غم ڳاري ڇڏيو.

    ڄام فيروز مان تنھنجو غلام ۽ وطن جو خدمتگار آھيان،
    وقت تي جيڪي ڪيم سو سڀڪنھن ڏٺو ھينئر لاچار آھيان،
    موت تي ميار اجائي ٿيندي سمجھ تہ مان بيڪار آھيان.

    ڄام اٿي ڪري دريا خان کي آندو پنھنجي ڀاڪر ۾،
    کاڏي تي ھٿ رکندي ان کي آکيائين ھينءَ آدر ۾،
    ميٽ مندايون دَريل! ائين جئن ميٽجي ٿي مَرُ ساگر ۾.

    دريا خان کي آئي ڇٻي ۽ جوان جهٻن ۾ ڳري ويو،
    آھ ڪڍيائين اندر مان چئي ڄام سو دريل مري ويو،
    جنھن جي ھڪل سان حريف تہ ڇا پر پھاڙ ڀي ٿي ڏري ويو.

    ھاءِ ھي منھنجي سنڌ ھي منھنجي جند تو مونکان جدا ڪئي،
    سارو پِڙ ويو پالھو ٿي تو پيدا اھڙي ھچا ڪئي،
    ھاڻ تہ انجو بِلو نہ ٿيندو تو يا مون جا خطا ڪئي.

    دريا خان ھي ڇا ٿو چوين ڪجھ سوچ اسان جو مرم تہ رک،
    ملڪ اھو جو ماءُ برابر ان جو ڪوئي ڀَرم تہ رک،
    ٻيو جي ڪين تہ ڀي تون پنھنجي سورھيائي جو شرم تہ رک.

    دريا خان کي جوش آيو ۽ دريا خان تياري ڪئي،
    ڀالو کنيو ھن ھڪڙي ھٿ ۾ ۽ ٻي ھٿ ۾ ڪٽاري ڪئي،
    سندرو ٻڌي ۽ سينو ساھي گهوڙي تي ھسواري ڪئي.

    ڌوڪي ويو ميدان ۾ ائين ڄڻ شينھن لنگهي ويو ٻيلي ۾،
    ڌارين ۾ ڦوٽ پئي ڄڻ، مينھن وسي پيو ميلي ۾،
    ڀاڱن ۾ پيا بدن انھن جا پئجي وئي رت ريلن ۾.

    ھن جي ھٿيارن ھڪلن سان ائين ڇيھ وڌا ٿي ھاٺين ۾،
    ڇريون پيون ڄڻ ڇيلن ۾ ڄڻ ڪرٽ ڪھاڙا ڪاٺين ۾،
    رڙين منجهان ريھاٽ شروع ٿيا ڪونہ رھيو ڪو ماٺين ۾.

    دريا خان ڪي مَـمَڻ مچايا غورابي گهمسان جئان،
    درياھن جان پائيندو ويو وڌندو ويو طوفان جئان،
    ھن ڌر جا اوسان خطا ٿيا اوڳن جي ارڪانن جئان.

    ڏٺو جو ڌارين حال اھو سو مَن ۾ مندائي رٿڻ لڳا،
    مڙئي منافق ڳولي ڦولي ساٿ انھن جو وٺڻ لڳا،
    ”گهر ڪا ڀيدي لنڪا ڍائي“ کيڏ انھيءَ سان وڙھڻ لڳا.

    دريا خان جو انت اچي ويو ڀاڳ ڀڄي بيزار ٿيو،
    موت منافق جهڙ جي ڌپ جان نڪري ۽ نروار ٿيو،
    ھي تہ وطن جو دوست ھيو پر وقت نہ ھن جو يار ٿيو.

    دريا خان دلبر ھليو ويو ائين ھاريءَ مان،
    ٽٽي پيو ڄڻ اڀ مان تارو ڇڻي پيو گل ٽاريءَ مان،
    رَمي وئي ڄڻ راند مان رونق، مزو ويو جو ياريءَ مان.

    دريا خان پڄاڻي ڪئي ۽ ڄام ويو ائين گوئن ٿي،
    پکي ويو ڄڻ آکيري مان آکيرو ويو ڪک پن ٿي:
    ڀتر لڳا ڄڻ ٻيرن ۾ وئي ٽاري ٽاري پن پن ٿي.

    الا او سنڌڙي تنھنجا سورھيہ ويڳاڻا ٿي منجهي پيا،
    سڌڙين تنھنجو ساٿ لٽايو، ھاڙھين جا ھڏ ٽٽي پيا،
    چنڊ جئان گهاوَ پرايا، تارن جا ڇھ ڇڄي پيا.

    اُتر توکي اھنج ڏنا ۽ ڏکڻ توکي ڏکويو ھوءِ،
    اولھ تنھنجا انگ لتاڙيا اوڀر توکي لويو ھوءِ،
    لھندي چڙھندي سج ڏجها ڏئي رڻ ۾ توکي روليو ھوءِ.
    گهڙيءَ سندي گهڙيال ٿي جا ٿي گلزاريون ڪيون لک الا،
    ھيج ڪري ھُل وڌا ٿي سڀکي ٻارن وانگي ٻک الا،
    کن پل ۾ ات ڏسڻ ۾ آيا ڪاريءَ وارا ڪک الا.
    مڪلي! منھنجي جيجل مڪلي!!


    سنڌ جا ميلا

    سنڌ جا ميلا

    ھي سنڌڙي جيئي شال آباد ملڪ آھ
    ھتي سال ۾ ڪيئي ميلا لڳن ٿا،
    جتي سينڌ سرما ڪري خوب ٿي ٽاٽ
    اوري پري کان سريلا اچن ٿا
    ڪي پاچن ۾ پورا، ڪي کيسن ۾ گم
    ڪي کٽڻ خان ۽ ڪي مھانڊا ٿين ٿا

    جڏھن ڪوبہ ميلو لڳي ٿو تہ ائين ٿو سجهي
    ڄڻ تہ شھرن ۾ شبرات آئي
    ھي بر ۾ بازاريون، ھي جهنگل ۾ منگل
    گهمي ڄڻ تہ جنت مان اوقات آئي
    نظر ڪر تہ ماڻھو ائين ڄڻ تہ
    دھلن دمامن سان راجا جي بارات آئي

    فراوان رستا ۽ رستن مٿي روشنائي
    جي رم جهم جو مانڊاڻ آھي
    سمھيل ڄڻ تہ ساحل جي سيني تي
    خوشدل جوانيءَ جان چوڏس جي چانڊاڻ آھي
    طرحدار چشما، مزيدار گلشن
    حياتي ھتي پنھنجو مٽ پاڻ آھي

    دڪانن کي ائين ٿو سَجايو وڃي
    جئن سگهڙ زال ٻيڙيءَ ۾ گهر کي سجائي
    مَچن مانڊڻيون ٿيون ائين ڪنوار جيئن
    رات پھرين ڪکائين ڇپر کي سجائي
    لڳي ھوٽلن تي ٿي ڌم
    ڪاغذي قدرتي گل ڇڏن ٿا نظر کي سجائي

    سدا مور اسٽال، جن تي رکيل
    ھر نموني جو سامان سر تار سانگي
    ڪٿي پٽ پٽيھر تي نازڪ ھٿن سان
    ڀريل ڀرت سِھرن جي جهونگار سانگي
    ڪٿي سُٽ تي باريڪ اوٽي ڏنل آھ
    نگاھن جي ڀرپور جنسار سانگي

    ڪٿي ڪاٺ تي آھ جنڊيءَ جي
    جادوگري اھڙي جنھن تي ستارا بہ عاشق
    ڪٿي آھ مٽيءَ تي چٽسالي ايڏي
    جو ان تي بسنتي نظارا بہ عاشق
    ڪٿي چم مٿان آھ اھو ڪم ٿيل
    جنھن ڏسڻ سان بڻايا ڀٽارا بہ عاشق

    اجها ڇُر جي ڪاريگري جنھن
    چُنين چادرين کي ڇڏيو من جو رانجهن بڻائي
    وھيءَ ۾ اچڻ ساڻ جئن ڪنھن
    ڪنواريءَ کي سينگار تي مست جوڀن بڻائي
    اکين ٺار اجرڪ ڪرن جيءُ خوش
    ڄڻ جهڙيالي ٿي پوٺي کي گلشن بڻائي

    پري کان ٿو ديدار جون دعوتون ڏي
    ھو ڪوڏن ۽ ڪاوَن جو لئباز چھرو
    اڳي ھل تہ اونيءَ مٿان ڪم اُھي
    ڄڻ تہ ڪنھن دوست دلبر جو دمساز چھرو
    ڍڪي مارئي جنھن جي لوئي لڱن تي
    رکيو پنھنجي مارن جو ممتاز چھرو

    ھو لونگيون پٽا پٽ ھنن جو
    وڏو شان ۽ مان آھي ھتي جي گهڻن ۾
    ڍڪي جنھن بہ لونگي لڳي سو ائين
    ڄڻ تہ گلمور جو وڻ ڄمن جي وڻن ۾
    پٺيان رمز واريون رلھيون ڄڻ تہ
    اِلسيءَ، سرنھن جا کڙيل سيبتا گل چڻن ۾

    اناجن جون جنسون ائين ڄڻ تہ
    موتين مڻين جون لڙھيون لاڙڪاڻي ۾ آيون
    مزيدار ميون جي جهالر ائين ڄڻ تہ
    ڪي سوکڙيون دوستاڻي ۾ آيون
    اڪيچار ڀاڄيون ائين ڄڻ تہ وَڙ وَڙ جون
    ڇوريون گهمڻ وڏ گهراڻي ۾ آيون

    نظرباز قالين جن تي رنگارنگ
    ڪاريگريءَ جا ڪرشما کنڊيريل
    اڏامڪ پکي ۽ اُڃايل ھرڻ جهنگ جهر
    ۽ جبل جن ۾ چشما کنڊيريل
    وسيع آسمان جنھن جي دامن ۾
    امن ۽ محبت جا دلبند نغما کنڊيريل

    ھي ھٿيار پنوھار، جن جي جبينن تي
    جانباز جوڌن جي قسمت جي ريکا
    اجاري ڇڏي جن زماني جي سيني تي
    ھمت ڪري فتح نصرت جي ريکا
    مري جن مٽائي بني نوع انسان جي
    ھٿ تان غلاميءَ جي ذلت جي ريکا

    جڏھن ظلم جو ديو معصوميت کي
    سزاوار ٺھرائي درھم ڪندو ھو
    ھَوس ملڪ گيريءَ جو آزاد بندن جي
    بي غم حياتيءَ کي برھم ڪندو ھو
    تڏھن ڪو دلاور بغاوت ڪري
    بربريت جي ھلچل کي بيدم ڪندو ھو

    ڪتابن جو سينو سبق سان ڀريل
    جلوہ گر جن ۾ ھر دم ھدايت رھي ٿي
    قلم جي ڪيا ڪارناما انھن ۾
    محبت جي مخفي صداقت رھي ٿي
    خلوص آھي منجهن گل جي خوشبوءِوانگي
    وفا جي ھنن ۾ حڪايت رھي ٿي
    ڪتابن جي دل ۾ اھو نور آھي
    جتان علم جو صحن روشن ٿئي ٿو
    ملي حسن يوسف ٿو انسانيت کي
    حياتيءَ جو ايوان گلشن ٿئي ٿو
    خيالن کي خوراڪ ملندي رھي ٿي
    ۽ تعمير جو شوق پر فن ٿئي ٿو

    ھي ماضيءَ جا استاد، آئندي جا رھبر
    ھي آھن مقدس امانت وطن جي
    محافظ ھي تاريخ تھذيب جا
    جي وڌائي رھن ٿا وجاھت وطن جي
    ادب علم حڪمت جا روشن صحيفا
    ھنن کان ئي آھي شھامت وطن جي

    ھي آھن مشينون جي ماڻھن جي
    ھر ڪم ۾ ماڻھن جيان ئي مددگار آھن
    جتي سست رفتار وھٽن جا ھَڏ گم
    اتي ھي سدا برق رفتار آھن
    مھينن جو ڪم ڪار ڏينھن ۾ لاھن
    ڏين سک ائين ڄڻ تہ ڏاتار آھن

    مشين آئي چر پر ۾ ۽ نوڪ برمي جي
    ڌو ساڻ جَر کان وڃي پار نڪتي
    ٻنڀا ڏئي ائين ان مان اکڇنڀ ۾
    پاري جي بل وانگ پاڻيءَ جي ڌار نڪتي
    ڦٽي ڄڻ تہ جيجل جي ڇاتيءَ مان
    ٻار جي واسطي ٿڃ جي ڌار نڪتي

    ھليو ھر تہ بيڊول ڌرتي دڙن مان
    بدلجي سنوت ساڻ ھمراھ ٿي وئي
    ويا لاھ لاھن جا نڪري ۽ کوٻن
    کڏن جي يڪي سر مَڏي گار ٿي وئي
    ٻني ٿي ائين جوڙ ڄڻ سنڍ عورت ٿي
    سائي ۽ ٻارن جي ڀرمار ٿي وئي

    ڦِريو ھٿ بٽڻ تي تہ نلڪي مان زُوڪو ڪري
    ڀنور وانگي ڦوھارو شروع ٿيو
    ننڍن ۽ وڏن، اُن ۽ انسان، ھر جنس
    جي خصم جي جيتن تي مارو شروع ٿيو
    پکين پر کنيا، پل ۾ اُوھين ۽ واھين کي
    ڪک پن ٿيڻ جو اشارو شروع ٿيو

    ھي ٽيليويزن آھ ريڊيو جو نئون روپ
    صوتي ۽ عڪسي اشارن جو مرڪز
    ٿئي ھر ولايت جو ٿو سير ھن ۾
    ھي آھي ھزارن نظارن جو مرڪز
    ھتي حسن، عشق ۽ محبت جا منظر
    ھي باغن بھشتن بھارن جو مرڪز

    اڪيلائي آھي ۽ ٽيليويزن آھ
    تہ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نہ آھي
    سڃو سکڻو توڙي ڇڙو ڇانڊ ھوندو
    تہ ڀي خوش ٿي چوندو تہ دقت نہ آھي
    نہ دولت جي گهرج ۽ نہ شاديءَ جي حاجت
    جي ٽيليويزن آھ تہ حرڪت نہ آھي

    ھي آھي ميزائيل جنھن جي ڏسڻ سان
    ڏڪي ٿي وڃي آدميت جي ڇاتي
    خدائيءَ جو دشمن تباھيءَ جو پيڪر
    مماتيءَ جي شڪل ۽ مصيبت جي ڇاتي
    بڻائي ٿو اکڇنڀ ۾ دنيا کي دوزخ
    بگاڙي ٿو کن پل ۾ فطرت جي ڇاتي

    چون فخر سان ھن جا خالق ٿا ھن کي
    ھي سائنس جي اعجاز ايجاد آھي
    حسين ڪائنات آھ تخريب لائق
    اھوئي منجهس مقصد آباد آھي
    اميدن جو خانو خراب آھ ھن کان
    حياتيءَ جو گلزار برباد آھي

    ھو ميدان درياھ وانگي ڇلي پيو
    ائين ٿو لڳي ڄڻ تہ طوفان آيو
    ڪٿي گوءِ جي ڌم، ڪٿي راند جي رش
    متا گوڙ ھر دل کي جولان آيو
    پريان پدمڻين جا پکا جن تي
    سندرا ٻڌي ھرڪو بڻجي کٽڻ خان آيو

    ھي ناريون نماڻيون پکن ۾ ويھي
    ٿيون حيا شرم ٻوڙن رڳو پيٽ خاطر
    ھي سيتا جون سَکيون ھي مارئيءَ جون ڀينر
    پيون رت ولوڙن رڳو پيٽ خاطر
    تمدن جي دامن تي ٿيون داغ بڻجن
    مرم کي نھوڙين رڳو پيٽ خاطر

    مگر ھي تہ ميلي جو جنسار آھن
    ھنن سان تہ ميلي جو سينگار آھي
    جتي ھي نہ آھن اُتي ملڪ ڀينگ آھ
    ۽ قوم جو ماند وھنوار آھي
    شرافت جو ڀل جان اڇو منھن ٿئي
    ھرڪو عبادت کان مجبور لاچار آھي

    ھي بِشني ھي ڀوتن جا ڀائر ھي کيسن جا رھزن
    ھي ھشيار ڪانگ ۽ گدڙ جان
    ڏسن جنھن جي چھري تي چمڪو چون آھ سڻڀو
    لڳِي ڪڍ، ھڻن جهٽ بگهڙ جان
    ھي جاون ۾ مالڪ کڳين ۾ ويچارو
    وري ٻانگ ڏئي گهر ڪُمھلي ڪڪڙ جان

    ھي آھن سنياسي دوائن جي انبار ھيٺان
    ائين ڄڻ ڪتو لک جي ھيٺان
    پٽي وات واڳونءَ جئان ڪن ٿا واڄٽ
    اچو ھت پيل آھ ڪک لک جي ھيٺان
    جوانيءَ ۽ طاقت جو انمول ڀنڊار
    سانڍي رکيو آھ اسان رک جي ھيٺان

    ھي گوريون جي خوگوش جي ڦينگڻين جان
    اوھان ڀائرن کي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون
    پھاڙن جي درويش جو تحفو آھن
    جي کائڻ سان يڪدم اھي ڪم ڪرن ٿيون
    جو ٻئيِ ھٿ ڳچيءَ ۾ ٿا پئجي وڃن
    ۽ اکيون ڳوھ وانگي ڏرا ڏئي وڃن ٿيون

    ھي گوريون ھي حب سليمان
    جيڪي مجرب اڪيچار مرضن تي آھن
    ٿئي دم جو بيمار بيدم ھنن کان
    ۽ ماڻين سي جنت جي ھڏڪن تي آھن
    ھنن کي مڙئي آھ ڪم ڪرڻو
    باقي مرڻ ۽ جيئڻ سڀ نصيبن تي آھن

    جوارين جي مولا ٻڌي سي بہ آيا ائين
    ڄڻ پڪيءَ پوک تي جهار آئي
    ڪٿي تاس تي ھٿ پيا صاف ٿين
    ۽ ڪٿي آھ ڇَڪي تي ھونگار آئي
    ھزارن جو ھت ٿيو حديرو گل آھي
    سون تي ھتي آھ ڦرمار آئي
    ھي جوڳي ھي ٺوڳي ولر ڪيو وتن
    سادڙن کي ڦُريندا ڪئامار وانگي
    ڪٿي آھ قسمت جي چڪر جو چارو
    تہ ڪٿ بخت جو ڏيج وانگار وانگي
    خيالي پلائن جي ڪانھي ڪمي ھت
    وتائي جي پاڙيسري يار وانگي

    اُٺن جون قطارون ابابيل بڻجي
    اُرھ کي ڦُنڊائي ھليون ھير وانگي
    ھي گوڏن تي گهنگهرو ھي ڳانيون ڳچيءَ ۾
    قدم ڇم ڇماڇم لڏڻ مير وانگي
    مھابي ڀريل مرڪ جن جي جتن جي
    جهلي واڳ جي ٿا چڙھن سير وانگي

    ھو گهوڙا ھو ميدان جا مينڌرا
    منزلون جن کي مومل جان مرڪي ملن ٿيون
    ھلن ٿا ائين ڄڻ ڏکڻ جون ھوائون
    ڊڪن ٿا ائين ڄڻ تہ کنوڻيون کلن ٿيون
    ”ويا ھو ويا“ ھوڪرا پئجي ويا
    سوڀ ۽ ھار لئہ سڀ جون ڇاتيون ڇلن ٿيون

    ھو جوڙا ملھن جا جتي جوان جوانن کي
    ڀاڪر وجهي ڀي ڊپا ٿي وڙھن ٿا
    گهڙيءَ ٿا ڪمانن جان ٻيڻا ٿين
    ۽ گهڙيءَ تير وانگي سڌا ٿي وڙھن ٿا
    دسڻ ۽ ڪِرڻ مرڪ مردن جو
    ڊپ کان ٿي آجا ھي مھمير راجا وڙھن ٿا

    فقيرن جا ٽولا ڪي انڌا ڪي منڊا
    ڪي ھٿ جا ٺھيل ۽ ڪي سائينءَ سنواريا
    وٽو لٺ ھٿن ۾ سدائين اگهاڙا
    سدائين بکيا تہ بہ سدائين سنواريا
    ھي مظلوم، ڪنگال، مجرم، مڙيئي
    زماني جي دکندڙ نھائين سنواريا

    اديـبن جو جلسو شروع آھ آڻي
    وجهو ور تہ جلدي ھلي جاءِ تاڙيون
    رکي پير پنڊال ۾ جونءَ وانگي
    سُري سھنج ڪو داد جي لاءِ تاڙيون
    ڏسون ڪير ٿو اڄ کڻي گوءِ ڪنھن جو
    مچي ٿو مڪو عام جي راءِ تاڙيون

    وڏي شامياني اندر ناچ گاني جي
    تنتار جهنڪار اِندر سڀا جان
    اٿيون پوپريون بُربلين جان ۽ نچنديون
    رھيون مست المست بڻجي صبا جان
    اکيون پيون عجب ۾ دليون ويون غضب ۾
    ويا ويل سڀڪنھن تي وھندا قضا جان

    سريا ساز سان پرھ جي پُور جان راڳ
    ڄڻ رُت بھارن جي اوقات آندي
    سڌير آئي روحن ۾ ڄڻ خوش خبر ساڻ
    ڪنگال وٽ بخت بارات آندي
    متي موج ايئن ڄڻ تہ ميخاني اندر
    تمام اوج تي جشن اڌ رات آندي

    اچي ويا وري مسخرا جن اچڻ ساڻ
    ڇوڙيا ڦٽاڪا ۽ تاڙيون لڳي ويون
    کليا وات کل کان بنا در درين ڄڻ تہ
    پردي تي فلمن جون ماڙيون لڳي ويون
    ھنيائون جهمر ايئن ڪڍڻ ڄڻ تہ ڄاين جي
    ڄُنڊن مان لِيکون ڪراڙيون لڳي ويون

    چيائون اسين خاندان آھيون ليڪن
    اسان کي وڌو پيٽ جي کوٽ ماري
    ھڻون ٿا ائين لام، شطرنج ۾ ڄڻ
    انڌو ٿو سڄي جي لِڪي ڳوٽ ماري
    ڪريون سڀ جي غم تي ٿا غلبو ائين
    ڄڻ کنڊي ڪنوار ٿي ننڊ ۾ گهوٽ ماري

    ٿيو ختم ميلو تہ سڀڪنھن چيو
    ڪنھن بھاني ٿي جيئرن کي قدرت ملائي
    اکيون چار ٿيندي دليون ٿا ملايون
    ڇڏي ٿي رُٺن کي محبت ملائي
    چڱو ھاڻ ٿا موڪلايون ملياسين
    کلياسين وري شال قدرت ملائي

    ھتي جي بہ پنھنجا پراوا اچن ٿا
    سي ھڪٻئي جا ساٿي ۽ ھمراز آھن
    گهري آشنائيءَ جا موقعا ٿو ھرڪو
    وفادار ياريءَ جا انداز آھن
    وچولو، سرو، لاڙ، اتر، ھميشہ
    سڳن ڀائرن جان ھم آواز آھن

    ھي ميلا حياتيءَ جا ميلا محبت جا ميلا
    سدائين سلامت ھجن شل
    ھنن آھ سنڌڙيءَ جي تھذيب تاريخ
    زندھ رھائي سلامت ھجن شل
    ”نياز“ آھ ميلن جو شائق گهري ٿو
    سڀن کي ڀلائي سلامت ھجن شل


    پرھ ڦٽيءَ کان پوءِ

    لوڪ ڪھاڻي


    (ھي طويل نظم ون يونٽ واري دور سان تعلق رکي ٿو. ليڪن ھن جو مقصد صرف انھيءَ دور جي حالتن تائين محدود نہ ھيو، ان ڪري نظم جي مستقل افاديت جي پيش نظر ھن جي ٻيھر شايع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.)


    (۱)

    آکاڻي ٻُڌ! مور ۽ ھرڻ جي سولي سَنھنجي آکاڻي
    منھنجي ملڪ جا ننڍڙا وڏڙا ماڻھون پنھنجي آکاڻي
    راتين جو رولاڪ رھي ٿو ڳايان تنھنجي آکاڻي

    ھڪڙي جهنگ ۾ مور ۽ ھرڻ رھيا ٿي پاڻ ۾ يارن جان
    گڏجي سڏجي راند ڪندا ھئا ڀيچي بنجي ٻارن جان
    سچ جا سانگي قرب جا ڪانگي ھُيا سي ماکيءَ لارن جان

    مور جو صُوفين وانگ رھيو ٿي ڌيان نہ دنياداريءَ سان
    ھرڻ مڙئي ھو ھيڪاندو ھر حالت ۾ چوياريءَ سان
    اھڙيءَ ريت گذاريو ٿي پئي ھرھڪ خود اِختياريءَ سان

    مور سدائين سچ چوندو ھو ڪوڙ جي ھن وٽ ڪار نہ ھئي
    ظالم جي سگھ سگهري توڻي تڏھن بہ ھن کان تار نہ ھئي
    پر ارمان جو ھن ناکـئي جي ٻيڙي ھتڙي پار نہ ھئي

    ھن جو سچ ٿي مَچ لڳو ٿي ھُوڙ ھيالن جي ھستيءَ کي
    نيٺ ٿي ھي بيزار ھليو ويو ڇڏي سندن خرمستيءَ کي
    پنھنجي ليکي الڳ وسائي ويٺو ڪنھن ٻيءَ وستيءَ کي

    ھرڻ ھيو جنھن جهنگ ۾ تنھن ۾ گدڙ بگهڙ ڀي جام ھيا
    ڦاڙھن ۽ ڦِيڪارين سان گڏ ٻيا ڀي ڪي گگدام ھيا
    شينھن جي شاھي ھئي انھيءَ جا ظلم ستم ڀي عام ھيا

    ھرڻ ھو تَايل شينھن کان سو ٿي ننڊ ۾ ڇرڪ ڀريندو رھيو
    ھن جو وات ٿي پاڻي ٿيو ۽ ھِن جو ھانءُ ٿي ھڄندو رھيو
    ھرڻ شڪار تہ شينھن شڪاري اھو تماشو ھلندو رھيو

    قصو ڪوتھ! ھرڻ کي جو ھڪ ڏينھن ستايو تاس اچي
    ڊوڙي ڊوڙي پھتو پياسي جهنگ جي ڍوري پاس اچي
    شينھن ھيو جو تاڙ ۾ تنھن جو سارو ڪم ٿيو راس اچي

    ٻيلاٽي مان ٻوٿ ڪڍي ھن ھرڻ کي ھاھاڪار ڪئي
    تو ڇو ايندي اُجري ڍوري ميري او مردار ڪئي
    بيھ اِتي نہ تہ سير ويندءِ جي چرپر تو ھيڪار ڪئي

    ھرڻ چيو ھيءَ وَھندڙ ڍوري آھي ميري ٿيڻي ناھ
    شينھن وراڻيو بس ڪر گيدي ڳالھ ڪا تنھنجي ٻڌڻي ناھ
    گستاخي جا ڪييءِ انھيءَ جي سزا تہ توتان ٽَرڻي ناھ

    اُنکان اڳي جو ھرڻ چوي ڪجھ شينھن ڏنو ٽِپ جهَٽ پٽ ۾
    ھرڻ بہ ھو ھوشيار سو ان ڀي وار وڃايو ھڪ سَٽ ۾
    کامي پَڄري شينھن چيو پٽ! نيٺ تہ ايندين ٻي جهٽ ۾

    ھرڻ تہ ھيڪر بچي ويو پر ٻيھر ان ڏي نہ خير ھيو
    دل ۾ چيائين ڪجھ بہ نہ ھو بس! شينھن جي مَن ۾ مير ھيو
    اھڙا بھانا ڳوليائين ٿي ڄڻ تہ سندس ڪو وير ھيو

    ھرڻ چيو ھن شينھن کان ڪھڙيءَ ريت بہ جند ڇٽڻ گهرجي
    ارچڻ آھي اوکي ليڪن ڪو تہ اُپاءُ ڪرڻ گهرجي
    ھر ڪنھن سان ھي ھاڃا آھن ھلچل ڪابہ ھلڻ گهرجي


    (۲)

    اُڀ تي اُڀريون ڪاريون ڪڪريون وِندر آئي وَستيءَ ۾
    پورن جي پاتال مان نڪري مور اچي ويو مَستيءَ ۾
    ڪوھياري ڪوڪار تي ھرکي ھيج وڌا ھل ھستيءَ ۾

    ڪڪريون جن جي ڪَرھ ائين ڄڻ پِرھ وَھيءَ جا انگ کڻي
    ڪنور جيان پئي ڀنور ڀِرايا رم جهم رم جهم رنگ کڻي
    مور ائين جئن ڳائي ھَمرَچو ھاري ھٿ ۾ سَنگ کڻي

    ڪڪرين جرڪي جهمر ھنئين ٿي اُرھ اُڀاريل گورين جان
    مور پکيڙي پريت پرن ۾ ڇيڄ وڌي ٿي ڇورين جان
    واءُ ڏنا ٿي وِرھ وَراڪا بود ۾ آيل ڀورين جان

    ائين ڪندي اُت ھرڻ اچي ويو ڇوُھي جھڙو ڇَند ڪري
    مور کي ڏسندي ماٺيڻو ٿي بيٺو رَند تي رَند ڪري
    ھي ڀي ٿي ويو سانت سگهو ئي ڦٽا سمورا ڦَند ڪري

    مور ۽ ھرڻ جي ياري ھئي سو مور جو ان کي ڏک ۾ ڏٺو
    دل ۾ چيائين ھي جو ھِنکي اٿم ھميشه سُک ۾ ڏٺو
    تنھنکي اڄ ھي ڇا ٿي ويو ڇو کيس مون اھڙي مُک ۾ ڏٺو

    آخر اُنکان پڇا ڪيائين ھرڻ ھٺيلا خير تہ آھ
    آھين ڪھڙيءَ اُڻ تڻ ۾ اڄ رَنگ رنگيلا خير تہ آھ
    ھھڙو حال ڇو تنھنجو ٿي ويو او اربيلا خير تہ آھ

    مُنھن تہ مٿي ڪر سچ تہ ٻڌاءِ ڇو روئڻو روپ بڻايو ٿي
    توسان ڪائي ويڌن آھي يا ڪو ڍَؤنگ رچايو ٿي
    عشق ۾ ڦاٿو آھين يا ڪنھن ماريءَ ڏِيل ڏَڪايو ٿي

    ھرڻ چيو سڀ خير آھي ھڪ خبر ٿو توکي ڏيڻ گهران
    تنھنجي صلاح سان سوَلي ٿيندي سور ٿو توسان سلڻ گهران
    اُڻ تڻ آہ اھائي ڀائو! بار ٿو ھلڪو ڪرڻ گهران

    توکي سڀ سڌ آہ تہ اڄڪلھ پنھنجو گذر ڪيئن تنگ آھي
    موت جو آھي سر تي سايو جنھن کان جياپو دنگ آھي
    ڪڪ ٿي ھن ڪيڪاند کان جوٽي پاڻ جهول سان جنگ آھي

    مور چيو مون سمجھو ڪونہ تون ڪھڙو ٿو جنجال ڪرين
    ان کان اڳي جو متيون منجهائي تڪڙ ۾ ٻائيِتال ڪرين
    بھتر آھي تہ دل کولي تون مونسان سارو حال ڪرين

    ھرڻ وراڻيو، ڳالھ ھيءَ آھي تہ جهنگ جو پنھنجو ننگ آھي
    مور چيو ھا، ھرڻ چيو اُت شينھن جي ڳؤري ٽنگ آھي
    پاڻ کي گهرجي آزادي سو پنھنجي شينھن سان جنگ آھي

    مور چيو سڀ ٺيڪ مگر ھي مھم تہ ائين سر ٿيڻي ناہ
    جيسين ساٿ نہ ڏيندا سڀ: تيسين مصيبت ٽرڻي ناہ
    آزاديءَ جي ساک او سھڻا، ھِڪ ٿيڻ بِن رَھڻي ناہ
    ھرڻ ٻڌايو ائين ئي آھي تہ مان اڪيلو ناھيان ڀاءُ
    سڀني جي ساٿ سان ھي ڪم ٿيندو سمجهو آھيان ڀاءُ
    مور چيو بس سمجهي ويس مان ڀي تہ اھو ٿو چاھيان ڀاءُ


    (۳)

    ھوڏانھن ھرڻ جو بار ٿيو ھلڪو ھيڏانھن مور کي موج چڙھي
    ڪڪر نھاري ڪُوڪ ڪيائين پل ۾ اُمنگ ويا اوج چڙھي
    ڄڻ تہ درياہ جي دل ڌڙڪي ڄڻ فتنو ٽارڻ فوج چڙھي

    ھرڻ چيو ھي آزاديءَ جا گيت ٻڌي ائين ڀايان ٿو
    ڄڻ تہ جواني واپس آئي ڄڻ تہ وري لَنو لايان ٿو
    مور وراڻيو تڏھن تہ مان ڀي بُودَ ۾ ڀرجي ڳايان ٿو

    ائين چئي ۽ مور اُڏاڻو روح کي جئن رولاڪ ڪري
    لحظي ۾ سڀ غم لاھي جن ڇڏيو ٿي کيس ھلاڪ ڪري
    ھرڻ اُتي ئي بيٺو رھيو ڄڻ، بيٺو ھو ڪو ٿاڪ ڪري

    ھن ويچارو منھنجو دوست ھي مور ٿو جئن آزاد رھي
    مان ٿو چاھيان منھنجو مَن ڀي آجو ۽ آباد رھي
    روح رھي رنگينين جان صَبا جئان دل شاد رھي

    اُرہ ڪڍي جئن ڪڪر اچي تئن ڇاتي تاڻي ڇال ڏيان
    انڊلٺ وانگي اوج تي پھچي چنڊ کي دل جا حال ڏيان
    ساري ھستي موج ۽ مستي جهُڙ ۾ جهُمريون جال ڏيان

    آزادي سا نعمت آھي جنھن کان مان محروم آھيان
    بيوس بي اختيار غلاميءَ آہ ڪيو مظلوم آھيان
    ھن کان زيادہ ذلت ڪھڙي ڀاڳ ڦٽل محڪوم آھيان

    آزادي ٿي گهرجي مون کي پنھنجن پيارن ٻچڙن لاءِ
    عمر سڄي جي سِڪندا رھن ٿا گونچن ڪچڙن لاءِ
    اکڙيون جن جون اُداس سدائين آھن سپن سچڙن لاءِ

    آزادي ٿو چاھيان مان تنھن ماندي ماندي ماديءَ جي
    ڀلجي ڀي نہ نھاري آہ جنھن واٽ ڪڏھن آباديءَ جي
    حسن ھراس ۾ اُن جو ويو پئي باہ ڏسي برباديءَ جي

    آزادي سا آزادي جا قسمت کي بدلائي ڇڏي
    ڏور ڪري سڀ ڏکڙا پنھنجا حالت کي بدلائي ڇڏي
    سُک جو بھانو بڻجي ۽ ھن زحمت کي بدلائي ڇڏي

    ائين ئي پنھنجي پؤرن ۾ ھو وِک وڌائي ھلڻ لڳو
    مور جي ڪوُڪ تي ڪن کڻي ۽ اڃا ھو تڪڙو ٿيڻ لڳو
    تنھن دم ٿورو سُرڪو ٿيو ھو ڪنڌ ورائي ڏسڻ لڳو

    ڏٺائين تہ مور جي ڊپ کان ھڪڙو نانگ ائين ئي ڀڄندو ويو
    ڄڻڪو تڪڙو تير ھيو جو ڪمان منجهان ٿي ڇٽندو ويو
    حيرت مان ھي ان کي ھرھر جوُءِ اڙائي ڏسندو رھيو

    (۴)

    جيئن ھو آيو مور اڳيان تيئن انکي چيائين حسرت سان
    تنھنجي حياتي ڪيئن ٿي گذري آزاديءَ ۾ حشمت سان
    آءٌ ئي آھيان جو ٿو گهاريان يار غلاميءَ ۾ وحشت سان

    مور چيو ھان ڪيئن ٿو ڀائين پنھنجي ڳالھ نرالي آہ
    منھنجي رعب کان ساري وَستي ظلم ستم کان خالي آہ
    ھرڻ چيو ھا مون ڀي جاچيو تنھنجي جوت جلالي آہ

    تو جا ڪوڪ ڪئي تہ انھيءَ کان ڪنڊ ۾ ڪنبندڙ سپ ڏٺم
    ڪانگ ڪٻر جيئن ڇڙڪ کان ڇرڪي اھڙو ان تي ڊپ ڏٺم
    ڳالھ نہ پڇ ڪيئنءَ ناھر جھڙي نانگ تي طاري تپ ڏٺم

    ھي فيض آھي آزاديءَ جو جنھن کان دلاور آھين تون
    توکان ھرڪو ھيسيل آھي ايڏو بھادر آھين تون
    مان بہ ائين ئي ٿيڻ ٿو چاھيان جئن بختاور آھين تون

    مور چيو ائين ٿي سگهي ٿو پر ھڪڙي ڳالھ ٻڌي ڇڏجانءِ
    سڀڪجھ آہ ھشياريءَ سان ھي حرف تون ڳنڍ ٻڌي ڇڏجانءِ
    آزادي بہ انھيءَ سان ٺھندي باقي ڀيد ڪڍي ڇڏجانءِ

    تون جو آزادي ٿو طلبين ظالم شينھن جي شاھيءَ کان
    سوچي سمجهي کڻجانءِ پير ۽ بچجان ھرھڪ کاھيءَ کان
    توکي ھشيار رھڻو آھي بگهڙ بَدون جي تباھيءَ کان

    ائين نہ ٿئي جو جڏھن تون ساري ھلچل سان آزاد ٿئين
    بگهڙ اچي بيداد ڪري پوءِ ناحق ۾ برباد ٿئين
    اڄ ئي توکي سوچڻ گهرجي سڀان متان ناشاد ٿئين

    ھرڻ وراڻيو ناممڪن! جيئن تون ٿو چوين تيئڻ ٿيڻو ناہ
    آزاديءَ کان پوءِ اسان وٽ ڪو ڀي ٽمجهڻ مچڻو ناہ
    بگهڙ بہ پنھنجو ڀاءُ آھي اُنکان ڇيھو رسڻو ناہ

    مور چيو ائين آہ تہ پوءِ ھو گوءِ ۽ ھو ميدان ادا
    جلد وڃي لڳ پنھنجي ڪم کي پڪو ڪري ايمان ادا
    ھمت تنھنجي حامي ٿيندي بڻجي وڃ طوفان ادا

    ھرڻ ويو سو جُھدُ ڪيائين جهنگ جي يارن ساڻ ملي
    عھد ڪيائين ٻوٽو ڪوئي ٻاري رھبو ھاڻ ملي
    آزاديءَ جو عزم سلامت: آزادي بس ڄاڻ ملي

    ھوڏانھن شينھن ھلايا حيلا ھيڏانھن ھلچل عام ھلي
    ھيڏانھن ڦاسيون جيل تہ ھوڏانھن جنگ جي جرئت جام ھلي
    شينھن تہ ڏاڍا وَس ڪيا پر ھڪ بہ نہ ھن جي ھام ھلي
    آخر شينھن خيال ڪيو ھي ھلچل ختم نہ ٿيڻي آہ
    آزادي ٿا طلبين جيڪي تن جي ھوُڏ نہ ھٽڻي آہ
    بھتر آھ تہ ھلجي ھاڻي پنھنجي دال نہ ڳرڻي آہ

    شينھن ھليو ويو آزادي ڏئي جهنگ جي ننڍڙن وڏڙن کي
    ڏک ڏولائو ڪونہ رھيو سک پھتو ڏاڍن جڏڙن کي
    شينھن ڪيو ڪنھن حرفت سان ائين پورو سڀني جهڳڙن کي

    (۵)

    آزاديءَ جي لاءِ ڏياريءَ جھڙو جشن ملھايو ويو
    وڏڙن ڪيون ڪچھريون جهنگ کي خوب سجايو ويو
    ننڍڙن پاران ماڻھن وانگي ھڪڙو سانگ رچايو ويو

    جنھن ۾ ٿي ڦيڪاري منڊم سِيھڙ صاحبلوڪ ٿيو
    ھيرو بڻجي باندر آيو وِلين جبل جو ٻوڪ ٿيو
    ڀُوليءَ پاتي ٽيڊي ڊريس تہ واہ جو سھڻو جَوڪ ٿيو

    نقل ڪيائون پاڪستاني فلم جو پنھنجي ناٽڪ ۾
    ھيرو ٻيڙي ھڪليندي پيو ڦاسي روڊ جي ڦاٽڪ ۾
    ولين کڻي ويو ھيروئن کي ڊڊيءَ تي چاڙھي پارڪ ۾

    سازن تي ٿيو شروع دو گانو ائلي ڙي گهل گهوڙا ڙي
    ھِجر ۾ منھنجي ڪانچ ٿي ڦاٽي انگي کي جهل گهوڙا ڙي
    جهاڪن ۾ ويو جهڳو مسيت ٿي ٿاڻي تي ھل گهوڙا ڙي

    ٿاڻي تي جو ھيرو پھتو ھيروئن ٿي ٻيل اچي
    جهٽ پٽ شاديءَ شغل ٿيا ۽ راس ٿيو ھئن ميل اچي
    گهوڙو صوبيدار جي گهر ۾ ٽانگي کي ويو جيل اچي
    آزاديءَ جي موقعي تي پڻ تقريرن جا تال ٿيا
    بگهڙ گدڙ ٿي آيا مقرر ”چئي اڄ ڏاڍا ڀال ٿيا“
    ڏولاون جا ڏچا لھي ويا سکيا ستابا سال ٿيا

    ليڪن ھاڻي ڳالھ ٻڌو! ڪي بي گهر ڀائر ڏسجن ٿا
    جن جو ناھي نام ڪٿي ڪو بيوس بڻجي ڀٽڪن ٿا
    پنھنجا آھن پنھنجا ٿيندا مڙس مُھانڊا پَسجن ٿا

    ھرڻ چيو ڪا ڳالھ نہ آھي بيشڪ تن کي اچڻ ڏيو
    ملڪ خدا جو گهڻوئي آھي بي گهر کي گهر ڪرڻ ڏيو
    جيءَ ۾ جايون آھن تن جون ميلو مَچڻ ڏيو

    بگهڙ گهرايا ڀائر پنھنجا جيڪي پھتا لَڏ کڻي
    ڪتا ٻلا سڀ گهلي آيا ليڪن سکڻا ھَڏ کڻي
    وِھندا ويا سڀ وارث بڻجي خير گھُرن لئہ کڏ کڻي

    ٿوري وقت کان پوءِ گدڙ کي بگهڙ گهرايو مان ڏئي
    خانبھادر ڳالھ ڪيانءِ ٿو ھڪڙي ٻڌجان ڌيان ڏئي
    گدڙ وراڻيو نوڪر آھيان رھندس تان تي تان ڏئي

    سس پس ۾ ھن ھنکي چيو ڪجھ گدڙ بگهڙ سان گڏجي ويو
    لالچ تي بئيمان ٿي آخر خانبھادر ٺڳجي ويو
    صبح ٿيڻ تي سڀ کان اول دُھل تي ھوڪو ھلجي ويو

    ”اِجها ٻڌو ھيءَ ڳالھ! ٿي آھي فيصل جا اڄ رات ميان
    جهنگ سڄي کي گڏي ڪجي ٿو وحدت ۾ يڪذات ميان
    پاڻکي ڪثرت ڪين کپي بس! بَرتر پنھنجي بات ميان“

    (٦)

    ھيڏانھن ھي اعلان ٿيو ۽ ھوڏانھن جهنگ ۾ رنگ ٿيا
    وحدت ٿي واسينگ تہ ويري قلم قضا جا انگ ٿيا
    بگهڙن جا ڀِڀ ڀرجي ويا ۽ بڇڙاين جا دَنگ ٿيا

    ڏاڍاين سان ڏھڪائي تن گهوٽ مڙئي گمنام ڪيا
    پوکون پاڻي جايون جهڳيون ھرڻن لاءِ حرام ڪيا
    شينھن بہ اھڙا ڪين ڪيا ھا جھڙا ھنن ڪھرام ڪيا

    ڪرسيون ويون سو کڏ ۾: تڏيءَ جي وسعت ڪانہ رھي
    گذر سفر ويا گڏہ جا سنڱ ٿي پيٽ جي پورت ڪانہ رھي
    ھر ھارو منھن ڪارو گدڙ جو ٽڪي جي عزت ڪانہ رھي

    ٽانڊي لاءِ جي آيا ھا سي رڌڻي جا ويا مالڪ ٿي
    مالڪ ھڪڙي ڪنڊ ۾ ويٺا ماڳھين ڇورا ٻالڪ ٿي
    جن کي ڪلمو ڀي نہ اچي تن مسجد موکي سالڪ ٿي

    انڌا اونڌا ويڄ اچي ويا دُنگيون ڌاري بچڪين ۾
    جنھن کي ڀي ٿي ستي ڏنائون اچي ويو ٿي ھڏڪين ۾
    فضل ربي جا ڦند پکيڙي ڦري لٽي ويا ڦڙڪين ۾

    اُڙد جي دال کي چَھري ٻوڙ جو روپ ڏياري ڌوڌن سان
    سڀ جي وات ۾ وجهندا ويا چئي کائو مڪئي جي ڍوڍن سان
    وائي بادي لاءِ اٿو اڪسير ھي پست جي ڏوڏن سان

    ھرڻ جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي، ھن ويچاري سان قھر ٿيو
    سيھڙ ۽ ٻيا ساٿي اُن جا ڪنھن جو نہ پنھنجو پھر ٿيو
    اٿندي وھندي عذاب ۾ آيا سڀ جو جياپو زھر ٿيو

    مور ڪئي ھئي ڳالھ جا ان سان تنھن جا نتيجا پسڻا پيا
    بگهڙن پنھنجا ڀال ڀلايا ھرڻ کي ڪنڊا ڪڍڻا پيا
    گدڙ ڪئي جا گيند انھيءَ کي بہ ڏينھن جا تارا ڏسڻا پيا

    بگهڙ ڪيا ھا وعدا جيڪي تن جو نہ ڪوئي پار ٿيو
    جهڙي ڇالي تھڙي پني گدڙ جو ٻوٽو گار ٿيو
    ڪوڙي واءُ تہ ڪوڙي وڏائي خانبھادر خوار ٿيو

    ھرڻ ۽ ان جا ساٿياري جن آزاديءَ لئہ جَتن ڪيا
    تن جو ڀاڳ نڀاڳ ٿيو سک سانت غلاميءَ ڪَٺن ڪيا
    نابوديءَ ڪيا ناس مڙيئي ٽڪا پنجا جي ھنن ڪيا

    (۷)

    ھاڻ ٻڌو ھي قصو جو آہ ڪاٺ ڪھاڙي جو يارو!
    ان جو بيان ڪري ٿا آکاڻي کي ھلايون پو يارو!
    وندر ۾ ڀل واڌ ٿئي؛ ھا ڳالھ ڪيم ٿي سو يارو!

    معصوم شاھ جي مناري جيڏو ھڪڙو وڻ ھو واھ مٿي
    کڻي ڪھاڙو چڙھي ويو ڪو واڍو ان جي لاءِ مٿي
    وڻ جو ڏار وڍي ۽ ان کي اڇلايائين راھ مٿي

    ڦونڊ ۾ ڀرجي ڪھاڙي چيو او وڻڙا ڇا ٿو سمجهين تون
    ڏاڍو ڏيل ٿي ڏيکارييءِ؟ ڪيئن ھڪ ئي ڌڪ سان ڍرڪين تون
    وڻ وراڻيو تنھنجي ڪھڙي مجال! اجايو ٿو مُرڪين

    منھنجو ڳَن جي تنھنجي پُٺ ۾ گڏہ جي پڇ جان ڪين ھجي
    ڏار تہ ڇڏ پر ٽار جي ڪاڻ بہ تو وٽ ٽان ٽان ڪين ھجي
    منھنجا پنھنجا ڪونہ ٿيا نہ تہ تو وٽ مان مان ڪين ھجي

    ھرڻ سان جيڪا پنھنجن ڪئي سا ھرڻ جو حال نھوڙي وئي
    ھرڻ بہ تن کي اھڙي ھنئي جو ٻيڙي انھن جي ٻوڙي وئي
    آہ ڇا نڪتي ڄڻ تہ ھئي ڪا اُوٿ جا ٽوڙھا ٽوڙي وئي

    (۸)

    ھرڻ سڏايو ميڙ تہ يارو! اچو تہ ڪو ويچار ڪجي
    وري مصيبت آئي آھي ٻارڻ ڪو ٻيھار ڪجي
    يا تہ ٿجي بَکُ باھين جو يا سوريءَ جو سينگار ڪجي

    ميڙ ۾ ڏاڍا بحث ٿيا پر ڳالھ نہ ڪائي فيصل ٿي
    مايوسي ۽ مند فڪري کان ڪانہ سڻائي مشڪل ٿي
    آخر ھرڪو ماٺ ٿي ويٺو مجلس ويئي مھمل ٿي

    ھي جو ھنن جا حال ادا ڙي! بگهڙن ڪيا بيحال ھيا
    جن جي شوداين ۾ شامل شينھن جا تيرھن تال ھيا
    شينھن بگهڙ ۾ فرق نہ ڪوئي ساڳيا ڪڪرم ڪال ڪيا

    بگهڙ ڌُريان ئي ڌاريا ھا تن ايندي اھڙا وار ڪيا
    جهنگ جا اصلي جهانگي وڇوڙي ھڪ ٻئي کان جن ڌار ڪيا
    ھڪڙن ماڳ وسايو ۽ ٻين پنھنجا پراوا پار ڪيا

    طاقت جا ھيڪاندي ھئي سا حصا پتيون ٿي ويئي
    چادر ھئي جا ڍَڪُ سڀن جو چَتيون چَتيون ٿي ويئي
    سيرن جھڙي سرت سموري ماسا رتيون ٿي ويئي

    انھيءَ ڪري ھي ماٺ ٿي ويٺا متان وري ڪو ممڻ مچي
    ھرڻ کي ڪا پرواھ نہ ھئي چئي ڀلي بُرن تي ڀنڊڻ مچي
    ماٺ مان ورڻو ناھي ڪي ڀي شور ڪيو جئن اڱڻ مچي

    ھرڻ نہ ھو مايوس جو ان کي نئين ٽھيءَ ۾ آس ھئي
    نئين ٽھيءَ جا نَون اُمنگن ساڻ اچي ٿي راس ھئي
    بيداري ھئي بَلي انھن جي جنھن ۾ نہ ڪائي لاس ھئي

    اوڏيءَ ويل ھي واقعو ٿيو، جنھن ڦيرو آندو فطرت ۾
    ساري مجلس ان کي ڏسندي پئجي ويئي حيرت ۾
    پاسي کان ھڪ ڪوريئڙو مشغول ھو پنھنجي محنت ۾

    ڪوريئڙو جو غار جي ڪنڌي پار ڪندي ٿي ڪري پيو
    ھر ھر پنھنجو زور لڳائي ڪوشش ۾ ٿي وري پيو
    نيٺ ٿيو سوڀارو ان جي آس جو ٻيڙو تري پيو

    مجلس ۾ ٿي سرھائي ھر منھن تي اھڙي مرڪ آئي
    ڄڻ تہ خيال خمار ۾ ڪنھن جي چپ تي چميءَ جي سرڪ آئي
    ھاٺيون ويون فولاد ٿي جن تي ٿورو اڳ ھئي ڍرڪ آئي

    مايوسين جا لاھ ويا اميد وري انگور ڪيا
    ھڪ ئي واقعي ساڻ سڀن گم خاموشي جا پور ڪيا
    اوندھ جا ٿيا پلوَ پري نروار نظارا نور ڪيا

    سڀن چيو اڄ کان پوءِ اسان کي ڀي ائين ڪرڻو آھ
    جَتن ڪيا جن جَس کٽيو تن محنت جو ڦل ملڻو آھ
    آزادي ايمان اسان جو آزاديءَ لئہ لڙڻو آھ

    (۹)

    ڪالھ ڏٺو سي ھرڻ وڌو ھل ھمت ڌاري جهنگل ۾
    بگهڙن لئہ ھن لاھي پاھي ڌوڙيا لاتا دنگل ۾
    مَچ مٿي جيئن پتنگ مڙن تيئن ٽپي پيا سڀ ڪرڳل ۾

    ھمت کي ڪا ھار نہ آھي وري جو گڏجي غيرت سان
    ھڪدم ٻيڙا پار ٿين ٿا حاجتمند جا حُجت سان
    ھرڪا طاقت ڪمزور آھي پُڄندي ڪانہ حميت سان

    ھرڻ رعايت ڪانہ ڪئي ڪا بگهڙن جي برباديءَ لئہ
    سارو زور لڳايو ٿي ھُن سچي پچي آزاديءَ لئہ
    آزادي جا ھئي ضروري خوشحالي آباديءَ لئہ

    بگهڙن ڪيئي بھانا ڪيا پر ھڪ نہ ھلي مردارن جي
    ھرن چيو بس ڇڏڻي ناھي بوءِ ڪٿي بدڪارن جي
    اڄ کان پوءِ نہ ڏسڻي آھي اَوکائي آزارن جي

    بگهڙ ھيا ڄڻ ڪين جا ڪُنا پڌرا ٿيا پرڪارن مان
    ائين ٿي ڪٽبا ڪرندا ويا جيئن ڇڻي پوي ڇَھ ٽارن مان
    ڳوڙھن بدران جنسي رَت ٿي ڳڙي انھن جي تارن مان

    ظالم ھونءَ تہ ڏاڍا آھن پر جي انھن جي اُتري ٿي
    ھڪ ئي ڌڪ سان ڀوسي تن جي سارين وانگي نڪري ٿي
    مظلومن جي آھ اڻانگي اوٿر ٿي جيئن اڀري ٿي

    ھرڻ کي ڏاڍا وس ڪيا ويا پر نہ لٿو ھو پنھنجيءَ تان
    ھڪل اھائي دفع ٿين سڀ ڌاريا ڌرتيءَ منھنجي تان
    ڀلي وڃن ٿي دوزخ داخل ھنيا اسان جي اھنجي تان

    چٻرو آيو ميڙ کڻي چئي ھرڻ ھٺيلا بابو ٿيءُ
    منھنجي ڀنڀيءَ ڏاڙھيءَ ڏي ڏس ضد نہ ڪر ڪجھ ڏاھو ٿيءُ
    بخش بديون تون بگهڙن جون ڪر صلح صفائي لانجهو ٿيءُ

    ھرڻ کلي چيو ھي ڙي چٻرا صدقو تنھنجي ڏاڙھيءَ تان
    آءٌ ڪو ماڻھو ناھيان جو ٿيان ڳھلو تنھنجي ڳياڙيءَ تان
    بگهڙن سان مان صلح ڪريان؟ وڃ ڪانگ اڏاري ڪياڙيءَ تان

    تون اڄ پير فقير ٿي آيو آھين پنھنجي حرفت سان
    توکي سوچڻ کپندو ھو اڳ منھنجي حال تي حجت سان
    ظلم جي ظلمت ڪڍيا ٿي جنھن دم تختا منھنجا ذلت سان

    چٻري آکيو ڇا بہ ھجي پر توسان ٿو اقرار ڪريان
    پاڻھن ڏس تون منصف ٿيندين ڪيئن ٿو دور غبار ڪريان
    بگهڙ کي ڪھڙي طاقت آھي ڀيڻسان جو بڻ گار ڪريان

    ھرڻ چيو سڀ ڳالھيون ڪوڙيون مون کي مھلت ڏيڻي ناھ
    موٽي وڃ او مرشد سائين رکڻي تنھنجي رکڻي ناھ
    رحم ڪيو جن مون تي نہ ڪوتن ساڻ مروت ڪرڻي ناھ

    چٻرو پنھنجي چھنب کڻي ۽ چلتو ٿيو چِرڙاٽ ڪري
    ھرڻ اڳي کان اڳرو ٿي ۽ وڙھندو رھيو ڌوڌاٽ ڪري
    بگهڙن جو ٿيو ڍينگو ڍيري ھليا ويا گهو گهاٽ ڪري


    (۱۰)

    بگهڙن ويندي اوناڪيو او ھرڻ تو ڪھڙو ڪال ڪيو
    اھڙو ڪونہ ڪندو ڪو ڪنھن سان جھڙو تو اڄ وبال ڪيو
    شاھ ھياسي پر تو گداگر وانگ اسان جو حال ڪيو

    ھرڻ جي ورنديءَ ڪيو پڙاڏو وقت اسان جو وقت آھي
    سخت رھيو جو پاڻ تہ اُن جي لاءِ رويو سخت آھي
    اسان کي گهرجي ڪين غلامي آزاديءَ جو خفت آھي

    آزاديءَ جي ساک اسان کي ھاڻ سدائين رکڻي آھي
    ڀلجي ڀي نہ غلاميءَ جي ڪا ذلت ٻيھر ڏسڻي آھي
    ظالم ڀي ڇا ياد ڪندو ھر حال تہ ڪرڻي ڀرڻي آھ

    شينھن ڪيون جي ارڏايون سي آڏيون آيون ان کي نيٺ
    بگهڙن ڀي جي ويل وھايا تن ئي رلايو تن کي نيٺ
    انڌ جو پنڌ ئي ٿورو آھي وڌڻ نہ ڏيندو ڪن کي نيٺ

    ھاڻ او منھنجا ھمراھو ھي منھنجي نصيحت ياد ڪجو
    ظالم ٿي جي اوھان بہ پيدا ڪئي ڪا ھيبت ياد ڪجو
    حشر اوھان جو بہ اھڙو ٿيندو ھنن جي درگت ياد ڪجو

    ظلم جي قائم آھ تہ ظالم ڪڏھن بہ قائم رھڻو ناھ
    مظلومن جي تقديرن تي دٻدٻو دائم رھڻو ناھ
    دل جي زندھ آھ تہ ڪوئي جوکم سالم رھڻو ناھ

    منھنجا پيارا ھموطنو! ھي ملڪ اوھان جو پنھنجو ٿيو
    وري نہ ڌاريو دِھ ۾ آڻيو ڌاريو دوست نہ ڪنھنجو ٿيو
    ٻي صورت ۾ اوھان ڏٺو ڪيئن پنھنجو جياپو اھنجو ٿيو

    ھاڻ نہ ڪنھن کي ڏيئو ٻاري گهر ڏيکاريو غافل ٿي
    سڌڙيا اھڙي سَڌ رکي ٿا اچن اسان وٽ عاقل ٿي
    جو بس ڪھڙي ڳالھ ڪجي ڄڻ اُڀ تان آيا آندل ٿي

    پوءِ جڏھن ٿا پير کُپائن اعرابيءَ جي چانگي جان
    تنبو تاڙي چون ٿا ھڪدم نڪرو ٻاھر نانگي جان
    پاڻ ٿي پيش امام رھن ٿا اسان ٿا ڀٽڪون ٻانگي جان

    انسانن جا حال ڏسو ڪيئن آيا غير جي گهائيءَ ۾
    پنھنجو پاڻ وڃائي ويٺا ھردم آھن ھائيءَ ۾
    دولھ دريا خان جا پويان اچي ويا جيئن آئيءَ ۾

    جنھن ڀي قوم نہ بدلائي آھ پنھنجي قسمت حڪمت سان
    قدرت ڀي نہ انھيءَ ۾ آندو آھي ڦيرو قدرت سان
    ناھ حياتي ڪجھ ڀي ليڪن آھي سعي ۽ ھمت سان

    ھلو تہ ھاڻي مور جي ناچ تي جشن ملھايون جانب ٿي
    ھيج ڪئي آھ ھلم ھلا مستي وئي آھ غالب ٿي
    اچو تہ جنبي جشن ملھايون غاصب ويا سڀ غائب ٿي

    ھرڻ ھلائي ھلچل ھينءَ ۽ ھينءَ انھيءَ جو مھت ٿيو
    ھمت سان آزاد ٿي آخر خوشحال ۽ خوش بخت ٿيو
    يار ”نياز“ اٿي تہ ھلون بس آکاڻيءَ جو انت ٿيو


    غزل

    ھن دور ۾ اسان جو، اظھار ياد رکجان

    ھن دور ۾ اسان جو، اظھار ياد رکجان
    اقرار ياد رکجان، انڪار ياد رکجان

    ڪاغذ جي گل کي ھرگز، اصلي نہ چئي چڪاسي
    ان ڳالھ تي اسان جو تڪرار ياد رکجان

    سچ آ زھر تہ بہ ٿا، ان جا پيون پيالا
    اي زندگي اسان جو ڪردار ياد رکجان

    ڪا عشق جي علامت، ڪا حسن جي شھادت
    ھيءَ مدعا اسان جي ھربار ياد رکجان

    اُڀ تي وڏو تہ بيشڪ! ڌرتي مٿان جڏو: پر
    انسان جا اھي ڀي، پرڪار ياد رکجان

    ڪينءَ دوستيءَ سانگي ٿو دشمني لکائين
    سمجهونٿا کيڏ تنھنجي، سرڪار ياد رکجان

    ھي قيد ھي اجل تہ بہ، آھي ضمير زندہ
    جاري اسان جي رھندي پيڪار ياد رکجان

    ايندو ”نياز“ جڳ ۾ ڪو انقلاب آخر
    اھڙا نظر اچن ٿا، آثار ياد رکجان


    ٻڌاءِ صياد! ھن زماني ۾ ڪير آھي،

    ٻڌاءِ صياد! ھن زماني ۾ ڪير آھي،
    جو صيد ھوندي بہ تو ھٿان ڪين زير آھي.

    اُھو يگانو جو قيد مان دار کي صدا ڏي،
    خدا انھيءَ سان، انھيءَ جو شر بہ خير آھي.

    ڪو خوش پرور چوي ٿو، پنھنجو جي آہ دشمن
    انھيءَ کي دوست چئو، نہ سمجهو تہ غير آھي.

    غرض جو بڻجي غلام، نئين سج جي ڪر سلامي،
    چڱن ڀلن جي پڳن جو اڄڪلھ ھي ڀير آھي.

    ڦِريا گهريا چند فرق سان، تہ بہ وئي نہ اوندہ
    اجل جي راتين ۾ چئو تہ ڪوئي بہ ڦير آھي.

    دعا گهرو دل جي سوجهري جي تہ ٿي سڻائي،
    اکين سڄي جو ھتي تہ ڪاريءَ تي پير آھي.

    ڪندي جا محبوب جي جبين جان جميل جڳ کي،
    انھيءَ پرڀات جي ڦٽڻ ۾ دير نہ آھي.

    ”نياز“ حق لاءِ، صلح اسان جو ۽ جنگ اسان جي،
    متان ڪو سمجهي تہ پنھنجو ڪنھن سان بہ وير آھي.


    جانبازي جي تقاضا، دل فگاري کان علاوہ

    جانبازي جي تقاضا، دل فگاري کان علاوہ
    عاشقيءَ جي ڪا علامت، آہ، زاريءَ کان علاوہ

    حق جي تائيد ۾، يا خير جي تحصيل خاطر،
    دشمني ڪرڻي پوي ٿي، دوست داري کان علاوہ.

    ڇڏ غم جانان تہ پيدا ٿي غم دوران جي صورت!
    روزگار آھن گهڻا، اختر شماري کان علاوہ.

    آدمي تنھنجو شرف، توکان پڇي ٿي ھر قدم تي،
    زندگيءَ جي ڪا تمنا؟ مالداري کان علاوہ.

    اي زماني جا تونگر، تنھنجي ڪا اوقات آھي،
    ابتري ۽ مصلحت جي تخم ڪاري کان علاوہ.

    ھر گهڙي خطرا نوان، ڳڻتي نئين صدما نوان پڻ،
    عشق ۾ طوفان ڪيئي، اشڪباري کان علاوہ.

    حسن وارا تنھنجي جلون کان ٿيا آھن نصيب اڄ،
    حسرتن جا داغ دل کي زخم ڪاري کان علاوہ.

    بي نيازي تي ”نياز“ آھي اُنھن کي ناز جڳ ۾،
    ناہ جن کي ڪا ضرورت، جان نثاري کان علاوہ.


    اي دل ڪڏھن موت جي ايندي صدا اوچتي

    اي دل ڪڏھن موت جي ايندي صدا اوچتي
    ٽرندي نہ ڪئن ڀي جڏھن آئي قضا اوچتي

    ٻيڙيءَ سان گڏ ويو پنھنجو بہ ٿي سر مگر
    تاري وئي تار مان ڪنھن جي دعا اوچتي

    آرس ڀڳو انڊلٺ جئن ابر جي کيپ مان
    آئي مونکي ياد تئن تنھنجي ادا اوچتي

    اڌ رات جو چند ڏس، پيلاڻ جي ڌنڌ ۾
    ھن سان بہ ڄڻ ٿي چڪي ڪائي جفا اوچتي

    انسان جي عشق ۾ ڀي غم ڪرڻ سک ميان
    حاصل نہ ٿيندي ڪٿان اھڙي غنا اوچتي

    ائين آرسيءَ جي اڳيان مرڪي نہ ڏس پاڻ کي
    پنھنجي مٿان پاڻ ٿي پوندين فدا اوچتي

    انسان جي حال تي ماتم ڪجي يا خوشي
    ھي ناخدا مان جڏھن بڻجي خدا اوچتي

    پورن وچان ڪا پڪار اھڙي طرح پار ٿي
    ڪنھن سُڃ مان ڄڻ ”نياز“ آئي اوچتي


    دل نہ جي غم سان رھي سازگار اي دوستو!

    دل نہ جي غم سان رھي سازگار اي دوستو!
    ڪينءَ بڻجي زندگي خوشگوار اي دوستو!

    پنھنجي خنڪيءَ کي ڇڏي ٻي جي نشي تي ٽڏڻ،
    آہ مستن واسطي ھي ميار اي دوستو!

    زندگيءَ جا زخم لک! تہ بہ گهرو نٿا گهاوَ اڃا،
    مانَ ٿي ڇيھون ستم جي ڪٽار اي دوستو!

    ھر قدم تي اَڻ پڇيو موت ٿو مارا ڪري،
    تہ بہ رھي ٿو زندگيءَ سان پيار اي دوستو!

    ھن جي صورت ھن جو سَنھن ڄڻ ڪنول چانڊاڻ ۾،
    پنھنجي حالت ڄڻ ملي نئين ڄمار اي دوستو!

    ڪو تہ ڳاڙھو گهوٽ ٿي سڃ جھڙي وسنو ۾،
    ائين نہ ملڻي آہ ڪا لال ڪنوار اي دوستو!

    رات جي اوڙاہ ۾ صبح جي ڪنھن سار ڪئي؟
    ھيءَ پڇا ٿيندي اڳيان ھوشيار اي دوستو!

    حال کان بيحال تہ بہ ھي ”نياز“ اڄ آہ خوش،
    ھن خزان گهاريل جو غم پڻ بھار اي دوستو!


    سڀئي ٿا چون خوش ٿي! چمن ۾ بھار آھي

    سڀئي ٿا چون خوش ٿي! چمن ۾ بھار آھي
    مگر ذھن ھوندي بہ شڪ جو شڪار آھي

    گهڻا خوش گذارين پيا ھتي سبز باغن ۾
    تہ ڪن جو فريبن کان اڃا ڀي فرار آھي

    زمانو نوان مجنون جان ڪري پيدا
    اسان کي اڳين منصور جي ئي پچار آھي

    پڙھيوسين ڪتابن مان ٻڌوسين بزرگن کان
    ھوس ڪينءَ ماڻھپي جو وقار وڃايو آھي

    چپن ۾ پيا مرڪن نماڻا ڄڻ خوش آھن
    اکين مان پيو پڙھجي تہ دل بيقرار آھي

    سڃاڻون ٿا ظالم غرض جي غلاميءَ ۾
    چوين ٿو عداوت کي تہ ھي پڻ پيار آھي

    اسان ڪينءَ ڇڏيون سائين! اميدن الاھن کي
    اسان جي جياپي جو انھي تي مدار آھي

    ارادو لڱاين جو بھانو چڱاين جو
    گهڻن جو ”نياز“ اڄڪلھ اھوئي شعار آھي


    پنھنجي وطن ۾ ڪين رھيا جو وندر جا وسڪارا ھو

    پنھنجي وطن ۾ ڪين رھيا جو وندر جا وسڪارا ھو
    اسان ويراڳي بڻجي پياسي ويڳاڻا وڻجارا ھو

    انبن جئان ٿا پال وجهون دل درد جي ڪينگر منجھ جڏھن
    تڏھن پچڻ کان پوءِ ٿيون ٿا ڪنھن جي اڳيان موچارا ھو

    اکڙيون اوھان جون جن جو آٿت تن جا آھن پئون ٻارنھن
    جن تي ديد نہ ڪوئي ڌري سي ڪينءَ ڪندا ويچارا ھو

    جيئون تہ ڀلا ڪينءَ جيئون اسان ھن رنگ رنگيلي دنيا ۾
    گهڙيءَ گهڙيءَ اوساٽ اندر جا گهڙيءَ گهڙيءَ مونجهارا ھو

    تو بن پنھنجي پيار جي وستي سڃي سڃي ڀڙڀانگ پرين
    آڌيءَ مانجهيءَ چَپن تي آھن، آھُن جا ڪيڏارا ھو

    آبادين ۾ اڻ تڻ پنھنجي ويرانين ۾ وندر ڪانہ
    تن من ٿا بي چين بڻائين يادين جا يڪتارا ھو

    عشق ڇا ڪيو سي ڄڻ تہ ڪئيسي چوري چاڪيءَ جي گهر مان
    گهر گهر منجھ پچار اسان جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ را را ھو

    يار ”نياز“ اسان جي ياري سڀ کان نياري دنيا ۾
    پاڻ تہ ڪنھن کي پيارا ناھيون، پر سڀ پنھنجا پيارا ھو


    اسان جي عشق جو جنھن آرزو تي انحصار آھي

    اسان جي عشق جو جنھن آرزو تي انحصار آھي
    اھا پوري بہ ٿيندي يا نہ ڪھڙو اعتبار آھي

    محبت ۾ مليا جي زخم سڀ ناسور بڻجي ويا
    خبر ناھي اڃا ڇو چارہ گر غفلت شعار آھي

    اوھان جي آسرن جنھن کي خوشيءَ جي لاءِ ھرکايو
    انھيءَ ئي دل جو ھاڻي درد تي دارو مدار آھي

    تفاوت باغبان صياد ۾ رکجي تہ ڪينءَ رکجي
    گلستان ۾ جڏھن وارد خزان جھڙو بھار آھي

    اُتي ڪيئن ٿو ڪري سگهجي حقيقت آشنا ڪنھن کي
    جتي ھر عقل وارو خود فريبي جو شڪار آھي

    پراين جي چوڻ تي ٿو ڦٽائين يار پنھنجن سان
    اھو دستور جي رھندو تہ ھرڪو بي ميار آھي

    متان سمجهين تہ اڄڪلھ عشق وارن ۾ ڪو دم ناھي
    اسان جي دل اھا ئي دل تمنا جاندار آھي

    اجها ھي رات ٿي راھي اجهو صبح اي نياز آيو
    انھيءَ احساس کان غم ڀي اسان ليءِ خوشگوار آھي


    اوھان جو ڀاڳ ستارا سٺو ٻڌائن ٿا

    اوھان جو ڀاڳ ستارا سٺو ٻڌائن ٿا
    اوھان جا حال مگر ڪجھ ٻيو ٻڌائن ٿا

    وڻن کي وات نہ آھي تڏھن بہ ڪن ڏئي ٻڌ
    زمين سان جو ستم ٿي چڪو ٻڌائن ٿا

    ھي چڻنگون لاھ ۾ ڄڻ چؤ تہ لاش تي ڪوليون
    ھي پار، ڏاڍ سان جيڪي ٿيو ٻڌائن ٿا

    تنـُور وانگ ڀريل پيٽ جن جو ٽانڊن سان
    اھي بھشت وڃڻ جو پتو ٻڌائن ٿا

    ڦٽي ٿي باک تہ ڪر ٿا کڻن سڀئي سپ جان
    لھي ٿو سج تہ اونڌو ٽِڀو ٻڌائن ٿا

    اَسر تہ آھ مگر ناھ ڪنھن ڪڪڙ جو دس
    گمان رات ورڻ جو ڌپو ٻڌائن ٿا

    ھي گرم لڙڪ ٿڌا ساھ پنھنجي موڙي ٻئي
    سڙي ٿي دل تہ ٺرڻ جو سِھو ٻڌائن ٿا

    غزل ۽ نظم لکيم گيت پڻ نياز مڙئي
    جو پيش آيو پروڙي اھو ٻڌائن ٿا


    ديارِ دل ۾ محبت ٿي بي قرار رھي

    ديارِ دل ۾ محبت ٿي بي قرار رھي
    خدا ڪري تہ زماني سان سازگار رھي

    اوھانجو حسن تہ ھاڻي ظھور ۾ آيو
    اسانجو عشق ازل کان ٿو آشڪار رھي

    گلن تي ماڪ ڏسي ڀرجي آئي دل پنھنجي
    ڪٿان جو درد اچي ڪٿ ٿو اشڪبار رھي

    سدائي زلف پريشان رھي پريشان شل
    ھي ڪائنات انھيءَ کان ٿي مُشڪبار رھي

    تڏھن کان پنھنجي وفائن ۾ پُختگي آئي
    جڏھن کان تنھنجي جفا تي ٿو اعتبار رھي

    نياز ڪنھنجي خوشيءَ ساڻ آھ پاڻکي ڪم
    انھيءَ لاءِ ٿو غم پنھنجو پائدار رھي






    ويچارن جي واٽ وٺي مان، ويراني ۾ ڀٽڪيو آھيان

    ويچارن جي واٽ وٺي مان، ويراني ۾ ڀٽڪيو آھيان
    ديواني جان پنھنجي ليکي ٽھڪ ڏئي پڻ سڏڪيو آھيان

    دنيا ايڏا ڏنڀ ڏنا جو سورن ۾ سڀ سرت ھلي وئي،
    يارن کي ڀي يار چوڻ کان ڪيئي ڀيرا ھٻڪيو آھيان

    گردش ۾ گم رھندي رھندي ڪيئي تماشا آڏو آيا،
    جام جئان ڪٿ ٽڪريو آھيان، ٺڪرن جان ڪٿ ٺھڪيو آھيان

    سون تہ ناھيان ليڪن منھنجي ساک برابر سوني سائين
    وقت جي آيو موت ٿي سر تي توکي ساري ٻھڪيو آھيان

    چاندوڪيءَ مان ڀٽڪيل کي مون اونداھيءَ ۾ واٽ وٺائي
    رات جي پوئين پھر پري کان ڏيئو بڻجي ٽمڪيو آھيان

    تو تہ خوشيءَ جي ڳالھ نہ ڪئي تہ بہ تنھنجي آس تي خوش پيو گهاريان
    تنھنجو قسم مان تنھنجي غم ۾ روئندي روئندي مُرڪيو آھيان

    يار ”نياز“ ستارن جان جنھن سينگاريا سڀ سپنا منھنجا
    شاعر بڻجي ان جي مُھابي جوھر وانگي جَرڪيو آھيان


    ڪڏھن غمگين گهاريون ٿا، ڪڏھن خوش ٿي گذاريون ٿا

    ڪڏھن غمگين گهاريون ٿا، ڪڏھن خوش ٿي گذاريون ٿا
    الا ڪينءَ ڀي گذاريون ٿا، اوھان جا ئي ٿي گهاريون ٿا

    محبت لاءِ ٿا فرھاد ٿي جنجال ۾ جاليون
    مري سقراط جان آخر، وفائن کي جيئاريون ٿا

    اوھان وٽ بيحسي ۽ بيوفائي جي ڪمي ڪانھي
    اسان تہ بہ عشق جي راھن ۾ اوسيئڙا اُڀاريون ٿا

    اسان جي زندگيءَ ۾ غم ئي غم آھن خدا ڄاڻي
    وساريون ٿا جي غم پنھنجا، اوھان جا غم سنڀاريون ٿا

    اوھان جي ياد سان آباد، تنھايون تمنائون
    اوھان جي درد سان دل کي اجاڙيون ۽ سنواريون ٿا

    زمانا عاشقن جي رمز جي توکي خبر ڪھڙي
    اسان ڪنھن راز خاطر پاڻ کي بي موت ماريون ٿا

    وري حق جي حمايت ۾، اناالحق جي ضرورت آھ
    وري آواز منصور ۽ بلاول جو اٿاريون ٿا

    ”نياز“ آھي انھيءَ سان جو سدائين بي نيازآھي
    انھيءَ جا ڪم اھو ڄاڻي، اسان پنھنجي پچاريون ٿا


    جڏھن تنھنجي غم ۾ گرفتار ٿياسين

    جڏھن تنھنجي غم ۾ گرفتار ٿياسين
    تڏھن دين دنيا کان بيزار ٿياسين

    محبت نہ ڪئيسين اوھان ساڻ ڄڻڪي
    خطا ڪئيسين ان جا سزاوار ٿياسين

    ملائي سندءِ غم، زماني جي غم ۾
    حياتيءَ سان واسطيدار ٿياسين

    گناھن جو ھر باب تو ئي بڻايو
    اسان سادہ دل خوامخواہ خوار ٿياسين

    اسان زندگي کي اجالن ۾ کوھيو
    انڌيرا جو آيا تہ ھوشيار ٿياسين

    محبت اسان کي فنا ڪيو ”نياز“
    تہ ڀي دوستي ۾ وفادار ٿياسين






    دوستو! ڪا مقتل ۽ خنجر جي ڳالھ

    دوستو! ڪا مقتل ۽ خنجر جي ڳالھ
    زندگي کي ٿي کپي محشر جي ڳالھ

    سانت جي سيني ۾ گهرو زخم آھ
    ڪنھن بھاني سان ڪريو نشتر جي ڳالھ

    ائين نہ ٿيندو ڪنھن بہ آئيءَ جو اُپاءُ
    دل جهلي ٻاھر ڪڍو اندر جي ڳالھ

    روح جي تسڪين ليءِ ڪو نئون شغل
    چَس نٿي ڏئي مسجد ۽ مندر جي ڳالھ

    ظلم جو زنجير زنگ آلودہ آھ
    بس فقط يڪمشت ڪنھن چُرپر جي ڳالھ

    ھيانـؤ ٿو ڪنھنجو سڙي جي ڪٿ ”نياز“
    دوست ڪن ٿا عود ۽ عنبر جي ڳالھ






    عشق جو قلم کڻي، حسن جو بيان ڪجي

    عشق جو قلم کڻي، حسن جو بيان ڪجي
    ذھن جي زبور مان، ڪو غزل عيان ڪجي

    حاضري ڀرين پيا، اھل دل خلوص مان،
    دل جي بارگاھ ۾، راز ڪينءَ نھان ڪجي

    آدميءَ جي ڏيل کي، آفرين ڏي تڏھن
    ڏيک ويک تي جڏھن، ڏات جو گمان ڪجي

    ھجر جي فصيل سان، درد جا قدم کڻي
    وصل جي اميد ۾، روح کي جوان ڪجي

    سانت آھ دوستو، شور ليءِ سڪي ٿي دل
    رت ڄمي وئي تہ ڇاھ روح کي روان ڪجي

    قيد بند کان وٺي دار تائين دڳ سوين،
    عشق جو ھلي ڪٿي، نصب ڪو نشان ڪجي

    روز ٿو صليب تي رقص ٿي مسيح جو
    روز مات ڪوڙ ٿو، سچ جي ھٿان ڪجي

    اي ”نياز“ ڳالھ ڪر، يار دل نواز جي
    ظلمتن کي ختم ڪنھن، صبح جي مٿان ڪجي.


    روئجي ٿو تہ تازو ٿو ارمان ٿي

    روئجي ٿو تہ تازو ٿو ارمان ٿي
    مرڪجي ٿو تہ برپا ٿو طوفان ٿي

    ياد تنھنجي اچي ٿي جڏھن چنڊ جان
    دل ستارن جئان ٿي پريشان ٿي

    تنھنجي اميد آئندي جو ايمان ٿي
    ھر گهڙي تي حياتيءَ جو سامان ٿي

    روز ٿيون تنھنجون ڳالھيون ھلن ڳوٺ ۾
    روز ٿو درد دک در تي مھمان ٿي

    تون جڏھن زندگي ۾ ٿي پائين ليو
    نينھن ٿو رينھن ٿي آس ٿي جوان ٿي

    مان جي برباد ٿيس غم نہ آھي ”نياز“
    شل نہ منھنجي ڪري ڪو پريشان ٿي


    زندگي پنھنجون گهڙيون، دک درد ۾ گهاري وئي

    زندگي پنھنجون گهڙيون، دک درد ۾ گهاري وئي
    جا خوشي آئي ٻين جي واسطي واري وئي

    تنھنجي ڳالھين زندگيءَ ۾ تازگي آڻي ڇڏي
    تنھنجي ڳڻتي سنگ جي مصري جئان ڳاري وئي

    مون ستارن ڏي ڏٺو، ڌرتي جا گل مون کان ويا
    آئون ديوانو مون کي فرزانگي ماري وئي

    ھاءِ دل جون حسرتون، شعلن جئان وڌنديون وڃن
    ڪنھن کي مٺڙي مُرڪ، تکڙي چڻنگ ڪا ٻاري وئي

    تو تہ طوفانن جئان ٻيڙي کي ٻوڙڻ جي ڪئي
    پر اسان جي ساک اسان کي سِير مان تاري وئي

    ھرڪو عاشق آھ دنيا ۾ مگر ڪنھن فرق سان
    ڪنھن کي سچ سرھو ڪيو، ڪنھن کي خودي کاري وئي

    ڪالھ جن ٿي ڪَر کنيا اڄ ڪنڌ تن جا پيا ڀڄي
    پنھنجي ڪئي تن جي ئي منھن تي ھيڊ ڄڻ ھاري وئي

    مون ”نياز“ آھي ڏٺي ھر ڪا خوشي ھر ڪا غمي
    ڪنھن پرينءَ جي پريت مون تان ھر بلا ٽاري وئي


    اوھان جي درد ۾ اي دوست دلفگار آھيون

    اوھان جي درد ۾ اي دوست دلفگار آھيون
    اسان جو جرم اھو جنھن کان داغدار آھيون

    اُھي، جي پيار جي صدقي اجل قبولي ويا
    اسان انھن ئي شھيدن مان يادگار آھيون

    زمانو نينھن جي ناتي ۾ غم غلط ٿو ڪري
    اسان خوشي کي گنوائڻ ۾ بي قرار آھيون

    خزان اچي ٿي تہ ويتر وڌي ٿي بيرنگي
    تڏھن بہ اھل چمن سان وفا شعار آھيون

    اچي تہ ڪينءَ اچي راس زندگيءَ جي فضا
    وطن ۾ شھر مسافر ۽ بي ديار آھيون

    اونداھي رات، اڪيليون گهڙيون اداس خيال
    او صبح آءُ جو تنھنجا ئي خواستگار آھيون

    اوھان جي زھر بہ ترياق اوھان جي محفل ۾
    اسان جي پاڻ پليو سي تہ عيبدار آھيون

    اسان تہ ڪنھن جا بہ ناھيون، نيازمند ”نياز“
    مگر جو دل جو ڌڻي تنھن جا دوستار آھيون


    دل جي توسان لڳي تہ اڏجي وئي

    دل جي توسان لڳي تہ اڏجي وئي
    دل جي تقدير ڄڻ بدلجي وئي

    پنھنجا چوڏھن طبق ٿيا روشن
    تو مٿان جئن نگاھ پئجي وئي

    ياد ھئي ڪنھن جي، موت ڪين ھو
    ھاءِ دل ڌڙڪندي ڇو بھجي وئي

    جا محبت ڪئي ھيم ڪنھن سان
    درد بڻجي سا دل ۾ رھجي وئي

    تون جو مرڪين تہ مند ڪئي مستي
    دل جي وستي خوشين سان وسجي وئي

    توسان ملندي ائين ٿيو محسوس
    زندگي خوش نصيب بڻجي وئي

    تون رُٺين ڄڻ رسي وئي قسمت
    زندگي پنھنجي راہ ڀلجي وئي

    شاعر آھي ”نياز“ ۽ تون غزل
    ڳالھ ٻڌ، ڳالھ ڪينءَ تہ ڳنڍجي وئي


    اسان جي عزم کي اي آسمان متان نہ مڃين

    اسان جي عزم کي اي آسمان متان نہ مڃين
    ڪرڻ گهرون ٿا بپا نئون جھان متان نہ مڃين

    تو ذھن پست ڪيو جنھن عظيم انسان جو
    بلند ان جو ڪيوسين نشان متان نہ مڃين

    جتان ھو قتل جو خطرو ۽ خوف ڦاھيءَ جو
    چئي وياسين اناالحق اتان، متان نہ مڃين.

    زبان بند، تڏھن ڀي ضمير زندہ رھيو
    ٿياسين زير نہ ڪنھن جي ھٿان، متان نہ مڃين

    رھياسين عشق جي محضر ۾ سرفروش اسان
    شھيد اسان ئي ۽ غازي اسان متان نہ مڃين

    اسان جو صدق زماني ۾ بي مثال رھيو
    سڳنڌ وانگ ستارن جئان متان نہ مڃين

    اسان جو ڪفر بہ ايمان جي علامت آھ
    يقين آھ سچائيءَ مٿان متان نہ مڃين

    اسان جو ذھن رھيو بي نياز يار ”نياز“
    جهڪياسين ڪنھن بہ نہ جابر اڳيان متان نہ مڃين


    آدميءَ جي اذان، انقلاب زندہ باد

    آدميءَ جي اذان، انقلاب زندہ باد
    جاڳ اي ستل جھان، انقلاب زندہ ڀاد

    ھن زمين جي جبين تي ٿيڻ لڳا طلوع
    پنھنجي ڀاڳ جا نشان، انقلاب زندہ باد

    ھر سوال جي جواب لاءِ ٿي وئي نصيب
    بي زبان کي زبان، انقلاب زندہ باد

    زرد رنگ شام آھ، سرخ رنگ پُر اميد
    صبح مرڪندو نِدان انقلاب زندہ باد

    گردش آھ گار، جهُڙ جي اس ڇانو وانگ
    بي يقين جو گمان، انقلاب زندہ باد

    ظلم جي عناد کان تہ روح جي عذاب کان
    ڪنھن لڌي ھتي امان، انقلاب زندہ باد

    عبرت اي ستمگرو جو عاقبت جي واردات
    ٿي ڪري جزا بيان، انقلاب زندہ باد

    ڪائنات ۾ ”نياز“ حشر آھ رات ڏينھن
    پاڻ کي نڪو ڌيان، انقلاب زندہ باد


    وطن جي دوستيءَ ۾ وفا جا حوصلا کپن

    وطن جي دوستيءَ ۾ وفا جا حوصلا کپن
    جي سِر ڏيڻ سگھ ڏين، اھيئي ولولا کپن

    ھي رہ نوردي اجنبي، ھي منزلون پڻ اجنبي
    اسان کي پنھنجي واٽ ساڻ، پنھنجا حوصلا کپن

    ھي مختصر ھي عارضي، ڪارزار ڪجھ نہ آھ
    عظيم جدوجھد ۾ طويل سلسلا کپن

    ڪٿي ڪٿي ملن پيا، شڪست فتح جا نشان
    اڃا بہ ھن مھم ۾ گهڻا معاملا کپن

    جو خويش، غير اسان جي راہ ۾ رڪاوٽون وجهي
    انھيءَ جي جواب واسطي بہ جرجلا کپن

    ثمر کٽڻ کان پوءِ ڀي روان رھن جي راھ ۾
    اسان کي ھن سفر جي لاءِ اھيئي قافلا کپن

    عمل ۽ قول جو تضاد، مقصدن جو موت آھ
    صراط مستقيم لاءِ صاف مسئلا کپن

    ”نياز“ ياد رک تہ ھي سبيل آھ اصول جي
    انھيءَ ۾ نہ مصلحت جا ڪي بہ فيصلا کپن


    دوھا

    (۱)

    عشق اسان جو صدا ازل جي، اسان بھار جي باک جئان
    مرڻ جيئڻ ۾ جوت اسان جي، سرمستن جي ساک جئان

    جڏھن بہ سچ ۽ سونھن پڪاريو، اسان جلال ۾ آياسي،
    جنم جنم ۾ جوڳي بڻجي، جهنگ سيال ۾ آياسي.

    اسان اھي منصور ميان! جي سوريءَ لاءِ سھاڳ بڻيا
    ڪوڙ گهڻا ڪھرام ڪيا تہ بہ سچ جو نيٺ سڀاڳ بڻيا

    دنيا ساڳي پٿر دل جنھن ڀريا نگر برباد ڪيا
    اسان اھيئي ديوانا جن ويرانا آباد ڪيا

    فرزانن مان فيض نہ ڪنھن کي ھرڪو پنھنجي مستيءَ ۾
    ديوانا ڪينءَ دل وندرائن، بيگانن جي بستيءَ ۾

    دوست اسان جي ديس ۾ آيو، ٻيجل جو ٻھروپ وٺي
    اسان انھيءَ ليءِ ڪنڌ ڪپايو، بيگانن جي بستيءَ ۾

    پيار اسان جي پتڻ تي آيو، سئن ھنيائين گداگر ٿي
    اسان انھيءَ کي ڏئي ڇڏيوسي دل جو دان تونگر ٿي

    حسن اسان جي حضور ۾ آيو، سھڻيءَ وانگر سير چڙھي
    اسان اتاھان ٿياسي ائين ڄڻ چاندوڪيءَ تي وير چڙھي

    درد اسان جي در تي آيو، ڪاريھر جئن ڪاھ ڪري
    اسان انھيءَ کي ساھ ۾ سانڍيو، چوڏس وارا چاھ ڪري

    عشق اسان جي اڱڻ ۾ آيو، سوريءَ وارا سانگ ڪري
    اسان انھيءَ ليءِ پنھنجا پور ۽ سور ڇڏيا سڀ ڇانگ ڪري

    وقت اسان جي واٽ ۾ آيو، ڏونگر جھڙا ڏانوَ ڪري
    اسان انھيءَ تان اڪري وياسي، ڪڪرن وانگي ڇانو ڪري

    ماڻھو اسان جي مڙھيءَ ۾ آيا، ريت ڪريت جي ڪٿا کڻي
    اسان قلندر وانگ ڇڏيا سي، ڌرم ڪرم جا کٿا کڻي

    گوندر گوندر گيت اسان جا، روڄ ۽ راڙا راڳ الا
    نگري نگري ڀٽڪياسي پر ڏنو نہ سک ڪنھن ماڳ الا

    عشق ۾ ڪيئي چڪر آھن، صرف تہ سر جو صرفو ناھ
    يار ”نياز“ تو ڇا ٿي سمجهيو، عشق ڪرڻ ڪو چرچو ناھ


    (۲)

    (۲)
    توسان پنھنجو پيار ائين ڄڻ چشمي تي چانڊاڻ پرين
    ھڪ جهلڪي ۽ ٻيو جرڪي، ٿي رم جهم روح رھاڻ پرين

    سال ٿيا جو سک نہ ڏٺوسين، ساھ نہ سنبريو ساءُ وري
    پاھڻ ٿي پئي آھي دل، تون پارس بڻجي آءُ وري

    پنھنجا پور ۽ سور اھيئي، لالڻ تنھنجي لوريءَ ۾
    آليون اکڙيون جهمنديون رھنديون، جيسين جندڙي جهوريءَ ري

    ويٺا تنھنجي واٽ نھاريون، گذريل ڳالھيون ياد ڪري
    مَھريءَ وارا موڙ مھاران، وسريل ڳالھيون ياد ڪري

    جڏھن بہ تنھنجي ياد اچي ٿي، ڏاڍي اوکي نبري ٿي
    ماڪ جئان ٿا ڳوڙھا ڳاڙيون، ميڻ جئان دل پگهري ٿي

    اوسيئڙي جي آڙاھن ۾، اسان کي تنھنجي تاس رھي
    پنھنجو ميل محال تڏھن ڀي وري ملڻ جي آس رھي

    تنھنجي سٻاجهي صورت سان جي ھيڪر اکڙيون چار ٿين
    پرھ اسان جي بوند ٿي برسي، برپٽ تي گلزار ٿين

    ھر ھنڌ سونھ سوائي سائين، ھر ھنڌ نينھن نيارو آہ
    ڇا بہ ھجي پر پنھنجي ڪارڻ، تنھنجو پيار پنارو آہ

    سڀ ڪنھن پنھنجا وسريا ساريا، تو نہ لڌي ڪل وسرين جي
    ڪالھ ۽ اڄ جي وچ ۾ سھڻا، وٿين وجهي وئين ورھين جي

    اسين سدا آزاد، ٿياسي باند نہ ڪنھن جي بھاني ۾
    يا ”نياز“ اسان کي ناھي ڪنھن جي ڪاڻ زماني ۾


    (۳)

    (۳)

    دنيا بيشڪ اچڻي وڃڻي، ڳالھ اھا نئين ناھ پرين
    پاڻ برابر پرديسي پر عشق تہ ديسي آھ پرين

    ڏينھن ٿيا جو رسي ھليو وئين، ھاڻ تہ ڪر پرچاءُ ڀلا
    ڏيھي ٿي نہ اچين جي اسان وٽ پر ڏيھي ٿي آءُ ڀلا

    اڱڻ اسان جو اونداھو ڄڻ، چنڊ ويو ڪا جوڙ ڪري
    تون تہ پيارل چنڊ جو چاري، تون تہ نہ وڃ منھن موڙ ڪري

    اونداھين ۾ اون او راڻا! تنھنجي زورآور ذات جي لاءِ
    روح رڙي ٿو راتين ۾ ڪنھن پرھ ڦٽي پرڀات جي لاءِ

    تنھنجا پور اسان ليءِ ائين ڄڻ، سرھيون سانتيون سانجهين جون
    پنھنجا سور الا ڙي ائين ڄڻ، جهوريون آڌين مانجين جون

    ڪڏھن تہ غم کان ھئاسين آجا، وندر ھئي ويچارن ۾
    ھاڻ تہ ھردم قيدي آھيون، دردن جي ديوارن ۾

    آس نراس جي اوڙاھن ۾، آھُن جا انبار کڻي
    ڏاڍو پاڻ پتوڙيوسي پر تانگهي ۾ وئي تار کڻي

    پنھنجي پريت ڪنول جان اُجري، جنھن کي نہ ڪوئي مير لڳي
    جن جا ناتا جهُڙ جا پاڇا، تن جي لاري ڪير لڳي

    اوھان اھي ئي سھڻا جيڪي لڪي سگهيا نہ حجابن ۾
    اسان اھي ئي عاشق جيئڙا، جن جو عشق عتابن ۾

    سيج مٿي يا سوريءَ تي، ۽ وسنديءَ يا ويراني ۾
    سچ ۽ سونھن ورونھن اسان جي دنيا جي بت خاني ۾

    ھرڪو ويندو جڳ مان جاني، رھندا سڀ ارمان ھتي
    يار ”نياز“ اسين مسافر، گهڙي پلڪ مھمان ٿي.


    (۴)

    (۴)

    آڏا ڏونگر ڏاڍ الا ڙي، سور ڀلا سھسائي ڪير
    دنيا پنھنجي ڌُن ۾ پوري، روئندن کي پرچائي ڪير

    ھيج تي ھرکي اھنج اڙياسين، اُڻ تڻ آئي انگل ۾
    ھيڏا ھاڃا ھيڻي جندڙي، جهوريءَ جهوريو جنجل ۾

    ڪڏھن تہ پنھنجو روپ ھو رم جهم، گلن جئان گجميل ھئا
    ھاڻ تہ ائين ڄڻ ڪين ھيو ڪجھ، خوابن جا سڀ کيل ھئا

    ھيکل ڪيچ ڪشالا پنھنجا، پکي بہ پانڌي ٿيندءِ ڪونہ!
    ڪنھن جي ڪارڻ مرين ٿو مڱڻا، ڪير بہ ڪانڌي ٿيندءِڪون!

    ساري رات سجاڳ رھي، جن نينھن نکاريو نور ڏئي
    ساري رات انھن کي سپرين، سعيو ڪري ويا سور ڏئي

    موتئي وانگر پري کان مھڪي، پاڻ لکائي ڄاڻن ٿا
    پر وس پيارا پيار تہ ڄاڻن، پر نہ نباھي ڄاڻن ٿا

    ليکي نہ ليکي لال جي ليکي، اسان تہ مست ملنگن جان
    ريت پريت نہ ڄاڻي ڪو، تہ بہ پنھنجو پيار پتنگن جان

    جن جو پيار اکين مان پڌرو، جن جي مرڪ ملھار ڀلا
    تن سان ڪھڙا ويڇا رکجن، تن کان ڪھڙو عار ڀلا

    درد مليا تہ بہ دل جون دعائون، پنھنجن ڌارين سڀني کي
    مجبوريون معلوم اسان کي معاف ڪيوسي مڙني کي

    پنھنجي خوشي خيرات انھن ليءِ ڪڏھن نہ سي غمناڪ ھجن
    شاد رھن شل سدا گلاب جان، ھيرن جان حسناڪ ھجن

    چنڊ اڱڻ تي اڀري نہ اڀري، پئبو ڪونہ پچارن ۾
    پنھنجي رات بسر ٿي ويندي، يادين جي جنسارن ۾

    نيٺ تہ ورندا ڏينھن، اسان ڀي نيھن نڀائي وينداسي
    يار ”نياز“ حياتي آھ تہ پاڻ ملھائي وينداسي


    (۵)

    (۵)

    اوندہ مان ٿو اڀرڻ چاھيان، گوندڙ مون کي گس تہ ڏي!
    آئون ٿو روئان راتين ۾، ٻيلي ڏينھن جو ڪوئي ڏسن تہ ڏي!

    پاڻ کي پاڻ ۾ قيد ڪري ٿو، آزاديءَ جا وَھم ڪرين!
    منھنجا سادا سودا ماڻھو! ڇو نہ ٿو پاڻ تي رحم ڪري!

    مُکڙيون پنھنجي ڀاڳ ۾ ناھن، مُرڪ بہ پنھنجي وس ۾ ناہ!
    آءٌ جيئان ڪيئن جڳ ۾ جيڏيون، ڪجھ بہ ھتي ڪنھن چس ۾ ناھ!

    پاڻ ئي باغ بھار اسان جو پر سِڪون پيا سرھاڻ جي لاءِ!
    پنھنجو چھرو چنڊ کان چھرو، چاہ تہ ڀي چانڊاڻ جي لاءِ!

    سُونھن ائين ڄڻ ڪاغذ جو گل، ٺاھ ٺڳيءَ جا جلون ۾!
    خصلت جي ڇا خوبي ڳڻجي، انگ نہ آھي عشون ۾!

    صُورت، سيرت حسن مڙيوئي، حُسن جو نانءُ ھزاري آھ!
    عشق نہ پڇي ذات او سھڻا، عشق جي ڳالھ نياري آھ!

    جُوڀن ويڙو جاڙ ڪري، ڪينءَ جاما جلويدار ڪجن!
    ڪونھي ڪو ڇمڪاٽ ڇلي جو، ڪنھن سان اکڙيون چار ڪجن!

    وَسڪارن سان ملڪ وسي ٿو، ڇاھ جي کنوڻين کيج نہ آھ!
    پنھون تہ تون ئي پاڻ پرين، پر ڪيچ جو تو ۾ ڏيج نہ آھ!

    دھشت دم درياہ الا، جت وير وسي واسينگ جئان!
    آءٌ ڪيئن ميھر ساڻ مِلان، مون کي مونجھ ڪيو مرڻيگ جئان!

    سِينڌ ڏنيءِ جا ساھڙ کي، تنھن سينڌ جا ڪينءَ سينگار ٿين!
    سھڻيءَ وانگي سير تي سوار ٿي آءُ تہ ٻيڙا پار ٿين!

    جنھن جي ڪارڻ چنڊ ڳڻيندي، لڇان پڇان ۽ لوچيان پئي
    سو جي سامنھن آيو تہ ان کي ڇا چوندس، ائين سوچيان پئي

    نينھن تہ خود ئي آہ نياپو، ڏک سک ٿو نروار ڪري
    ماٺ جي مھر چپن تي آھ تہ اک ٿي سڀ اظھار ڪري

    موت بلاشڪ، مھڻو ناھي پر ھي حياتي ڪير ڇڏي
    مرڻ کان اڳ جي مري چڪا، سي اجرا ٿيا سڀ مير ڇڏي

    سڀ ڪجھ آھي دنيا ۾ جي، تو ۾ ڪجھ ڀي آہ نياز
    ڪجھ ڀي ناھي دنيا ۾ جي، تو ۾ ڪجھ ڀي ناہ نياز


    (٦)

    (٦)

    دنيا جا ويچار وساري، آءُ اسان جي محفل ۾
    جئن مرڻ جي ريت سکي وڃ. متان پوين ڪنھن جنجل ۾

    آءُ تہ ٽوڙيون ڌوڌ ڌڪار ۾ رنڱيل راڄ رواج پرين
    باغي بڻجي جوڙيون سچ ۽ پيار جو پاڻ سماج پرين

    آءُ تہ سچ جي ڪرڻن وانگي اونداھين مان پار ٿيون
    چنڊ جان چلڪي ويرانن جي تنھائين جا يار ٿيون

    پيار جو پربت، جو ساگر دائم قائم ھستيءَ تي
    جن ڀي جهاڳيو تن ئي جاليو، سدا حيات ٿي ڌرتيءَ تي

    آءُ تہ اھو رابيل ٿيون جو خوشبو جي خيرات ڪري
    سڀڪنھن کي مسرور بڻائي، پنھنجي ھستي مات ڪري

    سچ جي ٻيڙي سير تي آہ تہ ڇاھ، تون ھمت ھار نہ ڀاءُ
    ڪوڙ جي سوڀ نہ ٿيڻي آھي، مر ڀل پر سچ کار نہ ڀاءُ

    ملڪ اسان جو مورن جھڙو، ماڻھو سنگ جي مصريءَ وانگ
    ماڻھو جن جي مُٺ ۾، تن وٺ ٺاھ ٺڳيءَ جا ٽڪريءَ وانگ

    ماڻھونئڙا او ماڻھونئڙا، تو ٻوڙيو پاڻ کي پاڻ ميان
    ٻي جي سمجھ تي ھلندو رھين، پر رکييءِ نہ پنھنجي ڄاڻ ميان

    چوسر جي سڀ چال چلين ٿا، چوواٽي تي چنگ کڻي
    بُڻ ۾ خرابي آھي ڀائو!ونگي ڇڏيو جنھن ونگ کڻي

    دنيا ليءِ جي مَرم وڃائن، دنيا بس اھڙن جي آہ
    ڪينءَ ٿو ڀائين يار ”نياز“! ھي دنيا ڀي ڪھڙن جي آہ


    (۷)

    (۷)

    ويرانن ۾ واٽ اسان جي، گلزارن ۾ گذر نہ ڪوءِ
    عشق پڄاڻان پنھنجي ڀاڳ ۾ آيو سک جو ثمر نہ ڪوءِ

    سانوڻ مينگھ ملھار الا، پنھنجي اکڙين ۾ آرانڀيون ھوءِ
    اڌمن جا آڙاھ ڀلا، ڪينءَ سيني اندر سانڀيون ھوءِ

    عشق ۾ آھيون اسين تونگر، توڙي جهولي خالي آہ
    پاڻ نہ پوڄيون ڪنھن نئين سج کي، پنھنجي ڳالھ نرالي آہ

    عشق ۾ ناھي ڪابہ مکياري، عشق ٿو سودو چوٽ ڪري
    عشق تہ سون جئان نِج پر ڪي ھرجائي ويا کوٽ ڪري

    عشق ۾ ٺوڪر کائڻ بعد بہ عشق ڪرڻ جا خيال وري
    ھاءِ ”نياز ھمايوني“ جا ڏسو اھي جنجال وري


    (۸)

    ديوانا او ديوانا ٻيلي ھل تہ ھلون ويرانن ۾
    آبادين ۾ اونداھيون ڄڻ شام آئي شمشانن ۾

    ڪنور ڀنور سڀ لوڀي ٺوڳي، روڳي ريت پريت ھتي
    ڪنھن ڪنھن ۾ سچ سو ڀي ڄڻ ڪچ، ڪاڪ سڄيءَ ۾ ڪريت ھئي

    اکڙيون رم جهم، دلڙيون گم سم، گونگا سڀ گجميل ھتي
    ڪوبہ نہ ڄاڻي ڪنھن جي مَنشا، بي سڌ سارا کيل ھتي

    چھرن تي چانداڻ دلين ۾ اڻٽيھين اونداھي آہ
    دنيا وارا ڌيان تہ ڪر تو ڪھڙي دنيا ٺاھي آہ

    ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪجي پيس ڪينءَ آس جو انتر ڳوليان مان
    ھاءِ حياتي تنھنجي لاش کي ڪاٿي ڪاٿي روليان مان

    اسين اتي ئي آھيون سائين، جتي توھان ترسائي ويا
    رندن واري رمز اھائي جئن اوھان سمجهائي ويا

    آءٌ نماڻو ھاري زادو ذات جو ڪوري نانءُ نياز
    سڀڪو ڄاڻي ڪين ٿو ڄاڻي، ڏنگن وارو ڏانءُ نياز

    پنھنجو نيھن نباھ نشامبر، مستن ۾ ميخاني ۾
    يار ”نياز“ اسان جون ڳالھيون، رھنديون ياد زماني ۾


    وايون

    عشق ۾ ناھي ڳالھ کٽڻ جي،

    عشق ۾ ناھي ڳالھ کٽڻ جي،
    عشق ٿو اوکي راند ڪري
    عشق ٿو اوکي راند ڪري

    جئڻ بھاني جاڙ مرڻ جي،
    حيلا ٿو ھيڪاند ڪري
    عشق ٿو اوکي راند ڪري

    ريت نہ جن وٽ پريت ڪرڻ جي
    تن کي پور پلاند ڪري
    عشق ٿو اوکي راند ڪري

    ھن سان ڀيڻي ناھ پڄڻ جي
    ڪيئي ويا ويڙھاند ڪري
    عشق ٿو اوکي راند ڪري

    حسن کي حاجت ھن جي ھجڻ جي
    واھ پيو وھنوار ڪري
    عشق ٿو اوکي راند ڪري

    يار ”نياز“ ٿي ويل وڃڻ جي
    ويھ نہ تون ويساند ڪري
    عشق ٿو اوکي راند ڪري


    مون ۾ سڀ موجود، تو ۾ تون ئي آھين،

    مون ۾ سڀ موجود، تو ۾ تون ئي آھين،
    مون ۾ سڀ موجود

    جيڏا سور سبيل مونکي، تيڏو ورھ وجود،
    مون ۾ سڀ موجود

    مون ۾ عالم، مون ۾ آدم، مون ۾ غيب شھود
    مون ۾ سڀ موجود

    مون ۾ مظھر، منظر ميلا، تون تنھائي ۾ محدود
    مون ۾ سڀ موجود

    تنھنجي منزل عرش اُتاھين، منھنجو دل دل منجھ ورود
    مون ۾ سڀ موجود

    مان ئي ناز، نياز بہ مان ئي، مان ئي مقصد ۽ مقصود
    مون ۾ سڀ موجود


    ٽانداڻي جان ٽيڙو ٽمڪيا، کڙيا کٽڻھار الا

    ٽانداڻي جان ٽيڙو ٽمڪيا، کڙيا کٽڻھار الا
    ھاڻ تہ ڪر ڪا مِھر مُٺيءَ تي
    پرڏيھي پنوھار الا

    جهُڪي جهمي ويا برساتين ۾، پاڙي جا پيھار الا
    ھاڻ تہ ڪر ڪا مِھر مُٺيءَ تي
    پرڏيھي پنوھار الا

    جوڀن تي آھ مست جهڙيالي، کنوڻين ڪئي کيڪار الا
    ھاڻ تہ ڪر ڪا مِھر مُٺيءَ تي
    پرڏيھي پنوھار الا

    سرتين سينڌ سنواري ھو، مان ڪينءَ ڪيان سينگار الا
    ھاڻ تہ ڪر ڪا مِھر مُٺيءَ تي
    پرڏيھي پنوھار الا

    اکڙين جهاتيون، پکين ڏي پاتيون ولر وڌا ويچار الا
    ھاڻ تہ ڪر ڪا مِھر مُٺيءَ تي
    پرڏيھي پنوھار الا


    انسان پنھنجي دنيا، ڏس ڪينءَ تہ پاڻ ٺاھي

    انسان پنھنجي دنيا، ڏس ڪينءَ تہ پاڻ ٺاھي
    انسان سر الاھي

    ھر شڪل ۾ ھي پورو، ھن جا بہ آھ چا ھي
    انسان سر الاھي

    سچ تي قبولي آھي، ھن جانباز ڦاھي
    انسان سر الاھي

    باطل جو ٿي رھيو آھ، شيطان وانگ واھي
    انسان سر الاھي

    ڪاٿي ٿئي پنارو، ڪاٿي ٿئي پنا ھي
    انسان سر الاھي

    بڻجي ڪڏھن ٿو رھبر، کوٽي ڪڏھن ٿو کاھي
    انسان سر الاھي

    ھلچل ۾ ھن جي فطرت، ھرگز پٽي نہ ساھي
    انسان سر الاھي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 982
    ڪتابن جو مشاهدو: 3272073
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 861556
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ