شاعري

هانءُ هاريو مَتان

شاهده کوکر سماج جي مدي خارج  رسمن کي ڌوڙ وجهي پنھنجو تخليقي سفر جاري رکيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعراڻي سڃاڻپ کيس اهڙي مقام تي آڻي بيھاريو جو نہ چاهيندي بہ نئين ٽھيءَ جا شاعر توڙي جهونا جوڳي سندس ان مسلسل شاعراڻي رياضت کي داد ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. اهڙا ڪردار سماج ۾ ڪڏهن بہ نہ مرندا آهن، جيڪي نفرت، حسد ۽ ڪينو هڪ پاسي رکي پنھنجي تخليقي، فني ۽ فڪري جستجو سان سلھاڙيل رهن ٿا.. ھن مجموعي ۾ سندس غزل ۽ وايون شامل آھن.

Title Cover of book هانءُ هاريو مَتان

تعارفي مهاڳ: ”خدا جي نگر ۾ اڪيلا اڪيلا“

هڪ شاعر ٻئي شاعر جي شعرن کي پڙهي ۽ سمجهي اِهو به آسان آهي پر هڪ شاعر ٻئي شاعر جي شعرن تي نروارُ ٿي پنهنجو رايو رکي سچ ته اهو ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. اهڙو ئي امتحان اڄ منهنجي سِرَ تي آهي، منهنجي پياري سهيلي شاهده کوکر جڏهن فون ڪري چيو ته ڀيڻ شبانه! منهنجي هِن ايندڙ ڪتاب ”هانءُ هاريو مَتان“ تي توکي لِکڻو آهي پر اُهو به سڄو سارو مهاڳ، ڄڻ ان وقت آئون مُنجهي پئي هُيس پوءِ به محبت جو دڳ مٿيرو آهي، زندگيءَ جي هر واٽ ۽ وڪڙ کان، مون جيءُ جيءُ چئي ڀيڻ شاهده کي ڪيل ماڻي جو جواب ڏنو هو.
شاهده کوکر سنڌي ادب ۾ ڪو نئون نويلو نالو بنهه ڪونه آهي اسان جي ڀيڻ پراڻن پلن کان پانڌياڻي آهي هِنَ اوکيءَ جي رستن جي، جڏهن شهيد رحمان مغل (سرمد سنڌي) جي ڳائڻ جو ماحول جوڀن جي جهول ۾ ٿي ڪُڏيو تڏهن کان شاهده کوکر جو عوامي انداز ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ زور شور سان روان دوان رهندو پيو اچي. سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ سندس مشهور غزل آهي ”ڪري ڏُور مون کي تون رَڙندو ته هوندين“ ان کان علاوه پڻ سنڌ جي مختلف فنڪارن سندس شاعري ڳائي ٻڌندڙن تائين رسائڻ ۾ ڪائي ڪسر ڪونه ڇڏي آهي. شاهده کوکر ذاتي طور تي به هڪ سُٺي سوچ رکندڙ ليکڪه آهي، هوءَ ذات پات جي قصيدن کان تمام گهڻو پاسي ٿي گذاريندڙ هڪ سُٺي جندڙي آهي. سندس اِن خوبيءَ مون کي بيحد موهي وڌو آهي جو ڪڏهن نه ڪنهن جي گِلا ڪري نه گِلا غيبت ٻڌڻ پسند ڪري، صبح جو معمول مطابق مئسيج ڪري پڇندي آهي ته شبانه! راڻي طبيعت ڪيئن آهي؟ جواب ۾ چوڻو پوندو اٿم ڀيڻ دعائون تنهنجون خوش آهيان. اهو عمل يقين ڏيندو رهندو آهي ته شاهده کوکر منهنجي سڳي ڀيڻ آهي. اِهو ئي حسن سندس شعرن ۾ منور پسجي پيو. هُن جي اکين منجهه فطرتي ڏات جون ڏياٽيون ٻرنديون رهيون آهن، جيڪي وقت جي اونداهه سان جهيڙينديون رهن ٿيون. انهن اکين ۾ قسمت جون هڙئي هارون به آهن، ته همت جي هٿن ۾ اميدون علم کڻي سُرندي به محسوس ٿين پيون، شاهده ڌرتيءَ جي دردن جون دانهون به ورنائي پئي ته عورت جي بيحسيءَ تي ڏُکي به پوي ٿي. هِنَ جي قلم ۽ قلب ۾ ازلي ضبط آهي جيڪو رسمي ديوَن آڏو نڍر بڻيو بيٺو رهي ٿو. سندس غزل، بيت توڙي وايون پنهنجي اصلي شناس ۾ موجود آهن. محبوب جي مُرڪَ ۽ لوڪن جا لُڙڪ سندس شعرن ۾ چِٽا پِٽا نظر اچن پيا ۽ ان ميارَ کان پاڻ کي بچائڻ جي جتن ۾ رُڌل رهندي محسوس ڪريان پئي ته:
حيف تنين تي هوءِ، وطن جن وساريو.
محبوب جي ميارن کان مٽيءَ جون مياريون ڳوريون ڀائيندي نظر اچي پئي، ڪڏهن به اُهو شاعر / شاعره بقا جي ڏيهه ۾ نه ٿو تَڳي ۽ ترسي جنهن جي طبيعت ۽ شعرن ۾ مٽيءَ جي مهڪ ڪونه آئي هجي پر شاهده کوکر خوشبخت آهي، سندس ڏات ڏيهي ڏنجهن کان آجي ڪونه آهي.
محبت به انسان کي فطرتي سوغات آهي محبت ئي انسان کي احساسن جي مالها بخشي ٿي شاهده جي هِنَ شعر ۾ محبت جو معيار ۽ نماڻپ بيحد وڻي اٿم.
روحَ منهنجي اُٿي رات توکي سڏيو،
شعر منهنجا مگر توڏي پُهتا نه ها!
وقت ڪيڏو مَٽائي ڇڏيو ٿئي مِٺا!
شاهده لاءِ تو وٽ ڇو دڙڪا نه ها!؟
سچ ته ڪنهن جا ڪڏهن ڪڏهن دلاسا به دڙڪن جيان محسوس ٿيندا آهن ته قربت ۾ پنهنجن جا ڏنل دڙڪا به دلاسا ٿي پوندا آهن، ۽ اِهو احساس تڏهن ئي جيءَ جو جهوراڻو بڻجي پوندو آهي جڏهن ڪوئي پنهنجو پري ٿي پوندو آهي ۽ ڪوئي سهارو نه سُجهندو آهي ته انسان پاڻ ئي پاڻ ۾ ٻانهن ٻيلي ووڙيندو وتندو آهي جيئن شاهده جي هِنَ شعر کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
موت مِٺو ڀي اچڻو آهي،
ڪو دم آهين ڳاءِ حياتي!
رنج رُساما ڪنهن سان ڪهڙا!؟
رُوحَ رُٺا پرچاءِ حياتي!
شاهده جڏهن روح رٺل کي پرچائڻ جي ڳالهه ڪئي ته مون کي لطيف سرڪار جي ڪيفيت سامهون مُرڪندي محسوس ٿي ته:

سَري نه جِن ريءَ ساءِ، رتي م رسج تن کان.
شاهده کوکر زندگيءَ جي هر ڪيفيت مان گذرندي لُڇو ۽ لکيو آهي، ڪڏهن پاڻ مايوسيءَ جي اونداهي رات ۾ رهي ٿي پوي ته ڪڏهن هن ڏيهه جي سُڏڪندڙ ساهَن لاءِ ڏڍ ٿي بڻجي پوي. ذاتي طور شاهده جو مايوس رهڻ ڪو گناهه ڪونه آهي، آئون ڀلي ڀت ڄاڻان پئي ته عورت لاءِ ڪيڏو نه عذاب آهي جڏهن هوءَ محسوس ڪري ٿي ته آئون تعذير جي زندان ۾ جڪڙيل آهيان پر جڏهن اندر منجهان ڏات ڏَڍَ ڏهڪاءَ کي للڪاريندي بي ساختا اظهارڻ تي مجبور ڪري ٿي ته شاهده کان هينئن چَوِرائي پئي:
هانءُ هارڻ جون ڳالهيون نه ڪيو،
زندگي ۽ زمان آ جاني!
آ پرائي پچار ۾ ماڻهو!
وقت جو هيءُ زيان آ جاني!
يا وري:
هانءُ هاريو مَتان مشڪلاتون ڏسي،
چار باقي وِکون چينُ آ ماڳ ۾.
اهو ته سچي ۽ دانش ذهن جو ڪمال هوندو آهي جو هو پنهنجي اندر منجهه اوکيءَ جي انبار کي وساري سڄڻ ۽ ساڻيهه لاءِ هماليه جهڙو حوصلو کڻي جيئندو آهي، ڏکن ۾ ڏڍ ٿيندو آهي ۽ پنهنجي ڪلڪ سان قوم جا ڀاڳ لکندو آهي پاڻ انڌيرن ۾ ترسي به لکين ڏيئا ڏات جا ٻاري ٻَرندو آهي، سرد جذبن کي اُڇلي تخيل تپائي ماحول ۾ جُونِ جهڙا جذبا جرڪائي جيئندو ۽ جيئاريندو آهي، شاهده کوکر پنهنجي ساهَن کان قومي هيرا به ڪڏهن پري ناهِن رکيا، قومي ۽ انقلابي راڳي سرمد سنڌيءَ کي پنهنجي بيتن ۾ ڀُونءِ جيان ڀانئيو آهي:
ٻُرندا آهن جهنگ جهر سرمد! تنهنجا ٻولَ،
هر دل جا او ڍولَ، مرڻو آهين ڪينڪي!
........
مارن جي هر درد جو، تون ئي آن دارون،
اوکيءَ ۾ سارون، سرمد! تنهنجون ساهَه سان.
ڇا جيڪي اسان جي سٿ مان اجلي اوٽ ٿي وڃن ٿا تن کي وسارڻ وقت جو مياري ٿيڻ ڪونه آهي!؟ پر هِتي ته جيئرو ئي جيئري کي سهي ڪونه ٿو سگهي خير ”جو وڙ جڙي جن سين“ اهو قول ئي گواهه آهي هر ڪردار جو! شاهده جي وائيءَ منجهه به وقت جو ويڻ آهي هِن وائيءَ سان به خوب کان خوب نڀايو آهي، اميدن جا اَجها انسان جوڙيندو آهي اميدون ئي انسان کي جستجو ۽ جياپو ڏينديون آهن پر حقيقت جو سڏ به ڪوئي لنوائي ڪونه سگهيو آهي آخر انسان کي فَنا جي پيٽ ۾ دائمي ترسڻو پوي ٿو. اهڙي نِراسائيءَ جي ڪيفيت ۾ شاهده وائي لکي آهي:
ڇڏيون سڀ کي هاڻ،
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي!
سانڍي جيڏيون جيءَ ۾،
موتين جو مهراڻ.
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي!
اُڇلي آسُن جون هِتي،
پوشاڪون پهراڻ.
آنءُ هَلان ٿي هوتَ ڏي!
يا وري:
آخر ٿي ويندا،
خالي هَٿَ حيات جا!
پار پرينءَ جي شاهده،
ويچارا ويندا.
خالي هَٿَ حيات جا!
هن وائيءَ ۾ شاهده جيڪو استعارو ڏنو آهي، سو سچ ته ڪمال جو آهي ۽ وراڻي ڪوهَن جي ڪاڪ جڏهن ته ڪاڪ مومل ۽ راڻي جي رهي آهي تاريخ ۾ پر پيڙائن جا پُور شاهده کي سسئي جهڙي سِڪَ ۽ اَهنج ڪاڪ ۾ به جبل جهڙو جهوراڻو ڏئي چورائي ٿو ته:

سَڏُ سُڻي ڪوئي،
ڪوهَن جي هِنَ ڪاڪ ۾!
سُور جهليندي ڪيترا؟
لڱن جي لوئي،
ڪوهَن جي هِنَ ڪاڪ ۾!
سنڌوءَ جهڙا لُڙڪ ها،
ڇڏيا ڳَلَ ڌوئي.
ڪوهَن جي هِنَ ڪاڪ ۾!
شاهده سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي اهو سندس اندر جي اهنجن جو علم آهي جو پَچي پَچي پُڪار بڻجي پئي آهي.
هِنَ تيز تر دؤر ۾ هر ماڻهو پنهنجي پيچرن ۽ پيرن کي ئي پَسي جيئي ٿو. ٻين جي ڏکن تي ته ڇا پر سکن کي به نه ٿو سمجهي سگهي اهڙي ٻوساٽيل پلن ۾ محسوس ڪري ٿي شاهده ۽ بيوسيءَ منجهان پُڇاڻو پئي ڪري ته:
نه ٿو حال ڪوئي جو ڄاڻي مٽيءَ جو،
مٽيءَ کي رهيو خوف آ ڇو مٽيءَ جو!؟
مٽيءَ کان سِوا ڪجهه نه سوچي ۽ سمجهي،
وٺي ڀيدُ ڄاڻي اگر ڪو مٽيءَ جو!
پنهنجي ديس جي مٽيءَ جي ثنا اهم ڳڻ آهي شعرن ۾ جيڪو پڻ ڳڻ شاهده ڳائيندي نظر اچي پئي:
سنڌ جهڙي مِٽي ٻي نه ٿيندي مِٺا!
سنڌ جي آ مٽي قرب ڏيندي مِٺا!
سنڌ خاطر جيئڻ ڀي سِکي ڏس سچي،
سنڌ توکي نه تنها ڇڏيندي مِٺا!
ذات جي فڪر ۾ مگن ماڻهوءَ کان ڌرتيءَ ڌڻين جا درد وسري ويا آهن ۽ سڄي ڀونءِ اچي غيرن گهيري آهي پر لاشعور جي اُڏامَ هيٺ لهڻ ئي نه ٿي ڏي بيحسن کي تڏهن شاهده جو قومي جذبو ڀُڻڪو بڻجي پوي ٿو:
پاڻ لئه ڇو ٿا جيئو ڌرتي ڇڏي!؟
ڪَن ڏِيو ٿي دير کان ڌرتي سَڏي!
ڪونه مايوسي ڪڏهن ايندئي اڳيان،
جيءَ ۾ ڇڏجانءِ تون ڌرتي اَڏي!
..........
اُگهاڙي مَٿي لاءِ پوتي اسان،
اُماوَس اکين منجهه جوتي اسان!
ته شعرن تي وهوا زماني ڪئي،
زبان سان حقيقت جو اوتي اسان.
..........
ڀوڳ دنيا سڄي زندگيءَ جي اڳيان،
ٿي خوشي هارجي هر غميءَ جي اڳيان.
ڪم خدا کان مليو ڏاتِ ڏک، جو سدا،
ڇا الائي مِلي شاعريءَ جي اڳيان!؟
..........
ازل کان اندر ۾ اڪيلا اڪيلا،
اسان دل جي گهر ۾ اڪيلا اڪيلا.
رهون شاهده ٿا پيا ماٺ مٺڙا،
خدا جي نگر ۾ اڪيلا اڪيلا.
..........
زنده ضمير جَرڪي انسان جي عمل سان،
پئسو ۽ لوهه، لوڀي زنگجي وڃي ٿو باقي.

آئون ڪيترا شعر مثال طور پيش ڪريان هر اک جي پنهنجي روشنائي آهي. شاهده کوکر فني توڙي فڪري حوالي سان پختي شاعره آهي آئون کيس ههڙو خوبصورت ڪتاب ”هانءُ هاريو مَتان“ آڻڻ تي کوڙ ساريون واڌايون ڏيان پئي ۽ اميد پئي ڪريان ته ان ئي تسلسل سان شعرن جو پورهيو ڪندي رهي، مايوسي ۽ مڪاريءَ کي جوتيءَ سان جلائي جڳ جيئاري، جيئي.

شبانه عالماڻي - مورو
2017-03-15