شاعري

هانءُ هاريو مَتان

شاهده کوکر سماج جي مدي خارج  رسمن کي ڌوڙ وجهي پنھنجو تخليقي سفر جاري رکيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس شاعراڻي سڃاڻپ کيس اهڙي مقام تي آڻي بيھاريو جو نہ چاهيندي بہ نئين ٽھيءَ جا شاعر توڙي جهونا جوڳي سندس ان مسلسل شاعراڻي رياضت کي داد ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. اهڙا ڪردار سماج ۾ ڪڏهن بہ نہ مرندا آهن، جيڪي نفرت، حسد ۽ ڪينو هڪ پاسي رکي پنھنجي تخليقي، فني ۽ فڪري جستجو سان سلھاڙيل رهن ٿا.. ھن مجموعي ۾ سندس غزل ۽ وايون شامل آھن.

Title Cover of book هانءُ هاريو مَتان

پنهنجي پاران: هانءُ هاريو مَتان!

اڻ کٽ زندگيءَ جا رستا ۽ اڻ ٿڪ اميدن جون اکيون جڏهن هن سنسار ۾ وقت سان ڊوڙنديون آهن ته ماڳ جهڙو محبوب ملي ئي پوندو آهي، زندگيءَ جي هٿن تي جيتريون لڪيرون لکيل هونديون آهن ايتريون ئي ڪيفيتون ۽ ڪم انسان اڳيان انوار ٿي پوندا آهن.
مايوسيءَ جي مهڻن اڳيان حوصلن جي هل هلان ئي زندگيءَ جي سڦلتا آهي، ڪالهه ڇا وڃايو؟ اڄ ڇا مليو؟ انهن پلن کي ساري سواءِ سڏڪن جي ڪجهه به نه ٿو ملي، بس ڪجهه ملي ڪجهه ڪجي واري واٽ ورتيون وڌڻ سان ئي ڪجهه ملي ٿو پوي. منهنجو پهريون ڪتاب “ريشمي خواب ۽ تنهائي” به منهنجي جذبن جو پورهيو آهي ان منجهان ڇا وريو؟ ڇا ورڻو هو؟ ڇا ورندو؟ اهو ڪونه سوچو آهي بس لوچو ۽ لکيو آهي وقت جي بارگاهه منجهه محفوظ رهندو.
هي منهنجو ٻيو شاعريءَ جو ڳٽڪو آهي “هانءُ هاريو مَتان” مون جڏهن شيخ اياز جو بيت پڙهيو هو ته ڪجهه به سمجهي نه سگهي هيس ته ڇا واقعي به ايتري لاچاري لُڏي ۽ لمي پئي هر جيءَ جي لڇڻ ويل واٽ تي!؟
جيجل! هاريان آنءُ، هنجون ڪنهن جي هنجَ ۾!؟
دُکي سارو ديس آ هر ڪنهن هيڻو هانءُ،
جنهن کي ڏڍ نه ڏانءُ، سا ڪيئن ڪاٽي ڏينهڙا!؟
(شيخ اياز)
پر اڄ جڏهن اهو حال اکين ڏٺو ته اياز جو تڙپڻ سجايو لڳو اٿم لاشڪ انسان حالتن جي هٿن منجهه سوگهو آهي.
منهنجو پهريون ڪتاب به منهنجي مشاهدن تي قائم آهي. منهنجو ٻيو ڪتاب به ساڳي سڻڪ جو سفر ڀاسي ٿو، شاعر اهو ڪجهه ئي لکي ٿو جيڪو هُن کي وقت جو ڏاتار ڏيندو رهي ٿو. شاعري ڏسجي، پڙهجي ۽ ٻڌجي ته سوکيءَ جي ساراهه آهي پر ايذائن ۽ انيائن سان جهيڙيندي جڏهن هڪ سِٽَ به سِٽجي ٿي ته تمام اوکيءَ جو عالم جهاڳڻو پوي ٿو. دنيا جي آرسيءَ ۾ جڏهن پنهنجي زندگيءَ جي صورت ڏسجي ٿي ته انسان سواءِ ارمانن جي ڪجهه به ڪمائي ڪونه سگهيو آهي پر جڏهن اميدن ڀريا خماريل نيڻ پوري خوابن سان دم پرواز ڪري ٿو ته سکن کان سواءِ ڪجهه به عمر جي پاند ۾ ناهي رهيو.
بهرحال منهنجو هيءُ ڪتاب “هانءُ هاريو مَتان” اوهان پڙهندڙن جي اکين سان سرِ گفتگو آهي ۽ اوهان ئي عادل آهيو هن جيءَ جي جذبن جا مون ڇا ڪيو؟ ڇو ڪيو؟ ڇالاءِ ڪيو!؟ اوهان کان بهتر ڪونه ٿو ڄاڻي بسگهي.
آئون بيحد ٿورائتي آهيان انهن سڀني جي جن منهنجي ڪتاب منجهه لکيو. انتهائي ٿورائتي سرتي شبانه عالماڻيءَ جي جنهن منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکيو، محترم آسي زميني، نندلال، زبير سومري، فرزانا شاهين، ڊاڪٽر خادم منگي ۽ جواد جعفري جي پڻ شڪرگذار آهيان جن تاثر لکيا. ان کان علاوه خاص ٿورا رضوان گل جا جنهن ڪتاب جو سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو ۽ تاثر پڻ لکيو. آئون مُرڪَ پبليڪيشن جي سرواڻ مرتضيٰ لغاري جي ٿورائتي آهيان جنهن منهنجو هي ڪتاب سهڻي نموني ڇپائي پڙهندڙن تائين رسايو.

سِڪَ سلامت، سات سلامت
سونهن سلامت، سنڌ سلامت!

شاهده کوکر
17-03-2017