شخصيتون ۽ خاڪا

نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

مقدمو: مختيار احمد ملاح

اڻويھين صدي، سنڌ جي تاريخ جو هڪ نئون موڙ آهي، جنھن ۾ سنڌ جي تاريخ هڪ نئين دور ۾ شامل ٿي. جيتوڻيڪ اڻويھين صدي پڻ سنڌ جي غلاميءَ جو دور هو ۽ ملڪ جون واڳون ٽالپرن کان ڦري انگريزن وٽ پھتيون هيون. ان کان اڳ ٽالپرن، ڪلھوڙن کان حڪومت کسي ھئي، رياستي زبان فارسي ۽ عوامي زبان سنڌي ھئي. فارسيءَ جو اثر اڳي کان اڳرو ھو، ڇو جو سنڌ جا ايران سان تمام ويجها تعلقات ھئا. انگريزن ھندستان جي ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ سنڌ تي دير سان قبضو ڪيو، جنھن سبب سنڌ ۾ جديد تعليم لاءِ ڪوششون بہ دير سان ورتيون ويون. انگريزن جي اچڻ کان اڳ سنڌ ۾ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ ديني ۽ دنياوي تعليم ڏني ويندي هئي. انھن ڏينھن ۾ آخوند مڪتب هلائيندا هئا ۽ مڪتبن ۾ فارسي پڙھائڻ تي خاص زور هوندو هو.
انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ سنڌ جو معاشرو گهڻو تڻو ڳوٺاڻو ۽ زرعي معاشرو ھو، زراعت جو دارو مدار برسات، درياھي ٻوڏن ۽ کوھن تي ھوندو ھو. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ تي انھيءَ مقصد لاءِ قبضو ڪيو ھو جو ھتان بہ ڍل وصول ڪجي.ان مقصد لاءِ ھنن روينيو ڊپارٽمنٽ قائم ڪيو. شروع ۾ ھو ڍل اناج جي صورت ۾ وصول ڪندا ھئا، بعد ۾ ان نظام کي ختم ڪري نقديءَ جي صورت ۾ ڪيو ويو. انگريزن کي سنڌ جي زمين جي پيداوار مان تمام گهڻي ڍل وصول ٿيندي ھئي. ھنن ان کي اڃا بہ وڌائڻ لاءِ واھن ۽ کوھن جي کوٽاين جو ڪم شروع ڪرايو. آخر ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جو منصوبو بہ تيار ڪيو ويو.اھڙي طرح 1850ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني ملڪ ۾ ريلوي لائين تعمير ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو تہ جيئن سنڌ جي ڪپھہ کي بندر تائين پھچائي سگهجي.
در حقيقت انگريزن سنڌ ۾ جيڪي بہ ترقياتي ڪم ڪرايا، اھي در اصل پنھنجي مفادن ۾ ڪرايا. اھا ٻي ڳالھہ آھي تہ سندن مفادن جي باوجود سنڌ ۾انھن ترقياتي ڪمن سان ترقي ٿي. اھا بہ حقيقت آهي تہ انگريز سڄي يورپ ۾ ترقي يافتہ قوم ھئا، پر ھتي اچي ھنن سنڌ جي جاگيردارانہ نظام کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ وڌيڪ سگهارو ڪيو. اھو ھٿ ٺوڪيو رعايت پاتل طبقو، نون حاڪمن سان استحصال ۾ شامل رھيو. انگريزن جي اچڻ سان سنڌي سماج ۾ جيڪا اھم تبديلي آئي اھا ھيءَ ھئي تہ ان کان اڳ سنڌي معاشري ۾ ترقي ۽ واڌاري جي رفتار سست ھئي، پر نون علمن، اسڪولن، ڪاليجن، سياسي شعور ۽ مزاحمتي تحريڪن جي ڪري ان ۾ گهڻي تيزي آئي. ھڪ تہ مشيني دؤر جي ابتدا ٿي، ٻيو تہ سنڌي تھذيب ڳوٺن کان شھرن ڏانھن وڌڻ شروع ڪيو.
اڻويھين صديءَ ۾ پھريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي کي مقرر ڪيو ويو، سنڌي الف بي جڙي، ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا، اسڪول ۽ ڪاليج، انجنيئرنگ اسڪول، ميڊيڪل اسڪول قائم ٿيا، مگر مسلمان، جيڪي سنڌ جي اڪثريتي طاقت رکندا هئا، انھن انگريزن پاران قائم ڪيل اسڪولن ۾ڪا خاص دلچسپي نہ ورتي ۽ انگريزي ۽ سائنسي تعليم جي سخت مخالفت ڪئي. نتيجو اهو نڪتو، تہ سنڌي مسلمان، ھندو سنڌين جي ڀيٽ ۾ تعليم، علم، ادب، سياست، صحافت، سرڪاري نوڪرين، ملڪي ترقيءَ جي ٻين شعبن ۽ خود انگريز سرڪار جي خاص عنايتن کان پري رهجي ويا. اهڙي پاليسي خود انگريز سرڪار جي ڪامياب حڪمت عملي ”ورھايو ۽ حڪومت ڪيو“ جي حق ۾ نہ هئي، ڇو تہ سنڌ جا ھندو تعليم، ڪاروبار، نوڪرين، ۽ ٻين سڀني محڪمن ۾ مسلمانن کان اڳتي نڪري چڪا هئا. مسلمان سياسي طور تي بہ ڪمزور هئا، هڪ تہ تعليم جي پستي ۽ ٻيو ڪاروبار جو نہ هجڻ ڪري هو پوئتي رهجي ويا هئا.
ان کان علاوھ،1857ع جي جنگ آزاديءَ کان پوءِ انگريزن جي پاليسي مسلمانن جي خلاف ٿي پيئي. ان ڪري جو ڏينھون ڏينھن سياسي، معاشي ۽ تعليمي لحاظ کان پستيءَ طرف وڃڻ لڳا. ذلت ۽ گُمراهي جي احساس کي ماري هو وقت جي تقاضائن کان بہ منھن موڙي بيٺا. انھيءَ دور ۾ سنڌ جا مسلمان بہ تعليم ۾ بنھہ پوئتي هئا.
سنڌ ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيم جي شروعات لاءِ ھندن، مسلمانن، عيسائن ۽ پارسين پھريون دفعو سنجيدہ ڪوشش ورتي. هنن”سنڌ سڀا“ جي نالي سان هڪ غير مذهبي ۽ نيم سياسي تنظيم برپا ڪئي، جنھن جا ميمبر ھندو، مسلمان، عيسائي ۽ پارسي هئا. سنڌ سڀا، 1882ع کان 1887ع تائين تمام گهڻي سرگرم رهي. هيءَ تنظيم 2 ڊسمبر 1882ع تي وجود ۾ آئي. سنڌ سڀا جو پھريون صدر سيٺ آتمارام پريتمداس هو، مختلف وقتن ۾ هن تنظيم جا مختلف صدر ۽ عھديدار رهيا. ”سنڌ سڀا“ جا شروعاتي عھديدار هي هئا:

ڏيارام ڄيٺمل________صدر
حسن علي آفندي_______نائب صدر
دولترام ڄيٺمل________سيڪريٽري
ساڌو هيرانند________اطلاعات سيڪريٽري

سنڌ سڀا جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ڊي. جي. ڪاليج ڪراچي هو. هن تنظيم ۾ اڳتي هلي ڪجهہ اختلاف ٿي پيا ۽ حسن علي آفنديءَ 1885ع ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ قائم ڪئي، جيڪا سنڌ جي مسلمانن جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي طور تمام وڏي جماعت ثابت ٿي. هن جماعت ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسو قائم ڪيو. هيءُ اسڪول سنڌ جي مسلمانن جي تاريخ جو هڪ نئون باب هو. حيدرآباد ۾ تعليم جو پھريون اسڪول 1858ع ۾ قائم ٿيو. اهو اسڪول زميندارن ۽ آبادگارن کان ورتل لوڪل فنڊ جي آمدني مان هلايو ٿي ويو. پر ان مان مسلمان فائدو وٺي نہ ٿي سگهيا. ڇاڪاڻ تہ اهي شھر کان پري هئا ۽ مقامي وڏيرن ۽ جاگيردارن جي تسلط هيٺ هئا ۽ خاص ڳالھہ تہ کين شھر ۾ رهڻ جي سھولت ميسر ڪين هئي. ان ڪري اهي سڀ پيسا مقامي ھندن جي اسڪولن تي خرچ پئي ٿيا. ان کان سواءِ 1861ع ۾ سنڌ اسڪالرشپ فنڊ ڪٺو ڪيو ويو، جيئن سنڌي شاگرد بمبئي مان مئٽرڪ پاس ڪري اتي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهن. پر ڏٺو ويو تہ ان مان بہ صرف ھندو عاملن فائدو ورتو ۽ ڪنھن بہ مسلمان کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو وجهہ نہ مليو. اهي حالتون ڏسي سنڌ جي مسلمانن ۾ ڪجهہ سجاڳي آئي ۽ سنڌ جي ڪجهہ گهڻ گهرن سنڌي ڀائرن کي جديد تعليم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪوششون پڻ ورتيون. انھن سنڌ جي مختلف شھرن ۾ جديد تعليمي مرڪز کولي، سنڌ جي مسلمانن ۾ نئون شعور ۽ جذبو پيدا ڪيو. اهڙن بزرگن مان نور محمد ھاءِ اسڪول جو باني ”مسٽر نور محمد وڪيل“ بہ هڪ هو. هن حيدرآباد ۾ مسلمانن جي تاريخ جو وڏي ۾ وڏو اسڪول قائم ڪيو، جيڪو اڄ بہ سندس نالي پويان سندس محنت، عظمت ۽ ڪاميابيءَ جو اهڃاڻ بڻيل آهي. نور محمد لاکير، سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ عظيم انسان، سياستدان، آزادي جو سپاهي، قوم پرست، جج، ڪامياب وڪيل، سماجي ڪارڪن ۽ تعليمدان طور مشھور آهي.
افسوس جو نور محمد لاکير، جيڪو نور محمد وڪيل جي نالي سان مشھور هو، پر سندس باري ۾ تمام گهٽ لکيو ويو آهي ۽ سندس حياتيءَ جا ڪيترائي پھلو اڃا تائين واضح ٿي نہ سگهيا آهن. نئين نسل کي سندس حياتي ۽ ڪارنامن جي باري ۾ معلومات نہ ٿي ملي. گهڻو اڳ، سنڌي درسي ڪتابن ۾ سندس مختصر ذڪر ملندو هو، ھاڻي اهو بہ ڪتابن مان خارج ڪيو ويو آهي. الوحيد جي آزادي نمبر ۾ سندس ذڪر ئي نہ آهي. سائين جي.ايم سيد پنھنجي مشھور ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي تہ کيس ميان نور محمد وڪيل جي باري ۾ گهڻي ڪوششن جي باوجود معلومات ملي نہ سگهي. جڏهن مون هن ڪتاب کي ترتيب ڏيڻ لاءِ سنڌ جي مختلف مڪتبن مان رسالن، اخبارن، ڪتابن ۽ مختلف شخصيتن کان سندس باري ۾ مواد جي مدد طلب ڪئي تہ تمام گهٽ مواد ملي سگهيو، ۽ جيڪو مليو ان ۾ بہ ڪافي ورجاءُ ۽ مغالطن سان ڀريل معلومات ملي. ائين محسوس ٿيو تہ سڀني ڄڻ هڪ ٻئي تان ڏسي لکيو آهي. نور محمد لاکير جي پويئرن مان سندس ڏوهٽي جو نمبر هٿ ڪيم، پر گهڻي ڪوشش جي باوجود نہ تہ هن سان ملاقات ٿي سگهي، نہ وري ان صاحب منھنجي فون اٽينڊ ڪئي نہ وري ڪنھن ميسيج جو جواب ڏنو، ان ڪري نور محمد لاکير جي ذاتي زندگيءَ بابت ڪافي معلومات جھڙوڪ رهجي وئي آهي. وڏي افسوس جي ڳالھہ اھا آهي تہ نور محمد ھاءِ اسڪول، جيڪو هن پنھنجي رت ۽ ست ڏئي جوڙيو هو، اڄ اتي جي لائبريريءَ ۾ سندس حياتي ۽ ڪارنامن جي باري ۾ ڪو بہ خاص مواد موجود نہ آهي. اسڪول مان جيڪي وقت بہ وقت مخزن جاري ٿيا هئا، اهي بہ موجود نہ آهن. شابس آهي اسڪول جي موجودہ هيڊ ماستر محمد طاهر مغل صاحب کي، جنھن منھنجي گذارش تي پنھنجي ذاتي ڪوششن سان، ذاتي دوستن کان ڪجهہ مواد تلاش ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ دوران ڪجهہ اهم مونجهارا سامھون آيا، جنھن ۾ سڀ کان اهم نور محمد لاکير جي جنم سال جو آهي، ڇو تہ سڀني ليکڪن هڪ ٻئي تان مواد کنيو آهي. اڪثر ليکڪن سندس جنم سال 16 سيپٽمبر 1845ع لکيو آهي. جڏهن تہ عليڳڙھہ مان جاري ڪيل خط مان معلوم ٿئي ٿو تہ هن 1907ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي هئي. ھاڻي اهو تہ ممڪن نہ آهي تہ هن 64 سالن جي عمر ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هجي. ٻيو مغالطو سندس ڳوٺ جي باري ۾ آهي. ڇو تہ ڪجهہ ليکڪن سندن جنم ڳوٺ چڪرو ڄاڻايو آهي تہ ڪجهہ جمعو لاکير. اهڙيءَ طرح ڪنھن بہ ڪتاب يا مضمون ۾ سندس ڀائرن، ڀينرن ۽ گهروارين جي نالن جي معلومات آيل نہ آهي. مطلب تہ سندس ذاتي زندگيءَ جي معلومات انتھائي مختصر ۽ مبھم ملي ٿي. جڏهن تہ نور محمد اسڪول جي جيڪا بنيادي معلومات آهي، انھن ۾ بہ ڪافي تضاد آهن.
نور محمد لاکير صاحب جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتن جي اڳ ئي ٿوري گهڻي خبر هئي، پر هڪ ڏينھن نالي واري اديب منصور قادر جوڻيجي سان معمول مطابق سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان بحث ٿيو، جنھن دوران هن ٻڌايو تہ وٽس ميڊم حميدہ کھڙي جو رکيل ڳچ مواد موجود آهي، جنھن کي ترتيب ڏئي ڪتاب جوڙي سگهجن ٿا. ان سلسلي ۾ هن ٻڌايو هن وٽ نور محمد لاکير صاحب ڏي لکيل ان دور جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا ڪافي خط پيل آهن. پوءِ اسان فيصلو ڪيو تہ اهي خط هو منھنجي حوالي ڪندو ۽ انھن کي منصور قادر جوڻيجو ۽ مان گڏجي ترتيب ڏينداسين. خطن کي ڪمپوز، ايڊٽنگ ۽ پروف ريڊنگ جي ذميواري مون پاڻ تي کنئي. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ جڏهن هن اهي خط منھنجي حوالي ڪيا تہ انھن خطن ۾ اھا تعليمي رپورٽ بہ موجود هئي، جيڪا نور محمد 1927ع ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پستيءَ جي سببن تي لکي هئي. خطن ۽ تعليمي رپورٽ کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ، منھنجي ذهن ۾ آيو تہ خط الڳ شايع ڪرايا وڃن، تعليمي رپورٽ الڳ ۽ ٽيون ڪتاب سنڌي ۾ نور محمد جي زندگيءَ ۽ شخصيت جي باري ۾ هجي. ائين مواد جي تلاش شروع ڪئي ۽ گهڻي ڪوشش کان پوءِ هيءُ ٿورو مواد ملي سگهيو آهي.
هن ڪتاب جي ترتيب تي اچڻ کان پھرين، نور محمد جي حياتي ۽ ڪارنامن جو مختصر جائزو وٺجي. نور محمد لاکير، 16 سيپٽمبر 1881ع تي سنڌو درياھہ جي ڀرسان تعلقي ڏڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ چڪرو ۾ جنم ورتو، سندس والد ميان محمد سجاول لاکير ڳوٺ جو تعليم يافتہ ۽ خدمتگار شخص هو. هو ڏوڪريءَ جي پرائمري اسڪول ۾ استاد هو. ميان سجاول لاکير پنھنجي ذاتي زندگيءَ ۾ تمام سادو ۽ معمولي ماڻھو هو. استاد جي نوڪريءَ لاءِ پگهار کان سواءِ کيس چند ايڪڙ زمين بہ هئي. کيس ٻہ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. سندس خواهش هئي تہ سندس ٻئي پٽ تعليم حاصل ڪن، پر سندس ٻيو نمبر پٽ نور محمد تعليم ڏانھن گهڻو راغب هو. نور محمد پاڻ بہ نھايت سادگيءَ جو مالڪ هو، جنھن جون تمام گهڻيون خوبيون هيون، هو دل جو مھربان هو. نور محمد کي پنھنجي والد لاءِ تمام گهڻي عزت هوندي هئي. جڏهن هو ڳوٺ مان حيدرآباد نور محمد وٽ ايندو تہ کيس پنھنجي هٿن سان کارائڻ جو ڪم ڪندو هو. هو پنھنجي پيءُ سان تمام گهڻو جڙيل هو ۽ زندگيءَ ۾ ڪڏهن بہ ساڻس وڏي آواز سان نہ ڳالھايو. جڏهن سندس پيءُ پوڙهو ۽ ڪمزور ٿي ويو تہ هو هن جا هٿ ۽ بدن پاڻ ڌوئيندو هو.
نور محمد ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ۾ پنھنجي والد محترم ميان محمد سجاول جي رهنمائيءَ ۾ حاصل ڪئي، جيڪو ان وقت پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر هو. نوجوان نور محمد تمام ذهين ٻار هو ۽ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي وٺندو هو، سندس والد کيس اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو ان دور جي مسلمانن لاءِ ڪو آسان ڪم نہ هوندو هو. نور محمد شروعاتي تعليم چوٿين درجي تائين پنھنجي اباڻي ڳوٺ چڪرو مان حاصل ڪئي. جڏهن سنڌو درياھہ پنھنجو رخ ڏوڪري ڏانھن موڙيو تہ هي خاندان ڳوٺ جمعہ لاکير، تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ، ضلعي دادو ۾ اچي آباد ٿيو، جتي نوجوان نور محمد کي استاد ناٿن شاھہ جي رهنمائيءَ ۾ پڙهڻ جو شرف حاصل ٿيو. پينشن ملڻ بعد سندس والد محترم ميان محمد سجاول ڳوٺ جمعہ لاکير ۾ مستقل رھائش اختيار ڪئي ۽ پنھنجي پٽ نور محمد جي نالي تي زمين جا ڪجهہ ٽڪرا زراعت لاءِ خريد ڪيا.

ثانوي تعليم
ان زماني ۾ اعليٰ تعليم هر سنڌي مسلمان شاگرد جي وس جي ڳالھہ نہ هوندي هئي. فقط چند اسڪول هئا، جيڪي مسلمان شاگردن لاءِ وقف هئا ۽ انھن ۾ سنڌ مدرستہ الاسلام، ڪراچي سڀني کان اعليٰ اسڪول هو. نور محمد محمد، پنھنجي والد جي خواهش ۽ پنھنجي پسند تي ڪراچي مدرسي اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي کيس بھترين رزلٽ جي ڪري مفت بورڊنگ ۽ اسڪول فيس جي رعايت حاصل ٿي. هن ڏاڍي محنت ڪئي ۽ 1907ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪاميابيءَ سان ميٽرڪ پاس ڪيائين.

عليڳڙھہ مان گريجوئيشن
سنڌ مدرستہ الاسلام اسڪول کان پوءِ محمد سجاول لاکير مالي تنگدستي جي باوجود، پٽ جي تعليمي ڪيريئر کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ کيس 1907ع ۾ ئي عليڳڙھہ موڪليو، جتي انھن ڏينھن ۾ مسلمانن جي تعليم لاءِ تمام سازگار ماحول هو. کيس ھندستان جي تاريخي ”محمدن اينگلو اوريئنٽل ڪاليج“، عليڳڙھہ ۾ داخل ڪرايو ويو، حقيقت اھا آهي تہ عليڳڙھہ انھن ڏينھن ۾ هر مسلمان شاگرد جي خواهش ۽ منزل هوندي هئي. هن ڪاليج جو بنياد 24 مئي 1875ع تي سر سيد احمد خان رکيو هو، جنھن جي شروعات ۾ ”مدرسة العلوم المسلمين-ھند“ هڪ پرائمري اسڪول جي حيثيت سان ڪئي، ۽ ٻن سالن کان پوءِ اهو محمدن اينگلو اورينٽل ڪاليج ٿيو. اهو ڪيمبرج تعليمي نظام کان متاثر هو. اهي ادارا سر سيد احمد خان سان تعلق رکندڙ مسلم بيداري جي تحريڪ جو حصو هئا، جنھن کي عليڳڙھہ تحريڪ چيو وڃي ٿو. خاص ڪري اتر ھندستان ۾ هن انگريزيءَ ۽ ”مغربي علوم“ جي مھارت کي مسلمانن جي سياسي اثر کي قائم رکڻ لاءِ ضروري سمجهيو. نور محمد لاکير جو عليڳڙھہ پھچڻ جو خواب تڏهن پورو ٿيو، جڏهن هن سنڌ مدرسي مان مير علي مراد اسڪالر شپ حاصل ڪئي ۽ سردار محمد يعقوب جي ذاتي دلچسپي ۽ مدد حاصل ٿي. انھن ڏينھن ۾ عليڳڙھہ نہ رڳو هڪ تعليمي ڪيمپس هو، پر مسلمانن جي زندگي، ثقافت ۽ روايتن جي ارتقا جو هڪ وڏو مرڪز پڻ هو. عليڳڙھہ جي شاگردن ۾ اسلامي ڀائيچاري جو جذبو سمايل هوندو هو ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ مشنري طور دنيا ۾ داخل ٿيا. سندس سماجي، سياسي، تعليمي ۽ مذهبي سوچون عليڳڙھہ تحريڪ هيٺ پروان چڙهڻ لڳيون. اهو ئي سبب آهي تہ عليڳڙھہ جو اثر نور محمد جي شخصيت ۽ ڪردار تي هميشہ غالب رهيو. هن ڪاليج ۾ سٺن نمبرن سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ 1910ع ۾ الھہ آباد يونيورسٽيءَ مان B.A جو امتحان پاس ڪيو. عليڳڙھہ ۾ شاگرديءَ دوران هو ڏاڍو سرگرم ۽ تخليقي شاگرد هو. پڙھائيءَ ۾ دلچسپي وٺڻ سان گڏ غير نصابي سرگرمين ۾ بہ حصو وٺندو هو. ان سلسلي ۾ ان وقت جي لاڙڪاڻي جي ڪليڪٽر مسٽر جي. ايڇ. ٽاول، پنھنجي خط 12 آگسٽ 2010ع ۾ نور محمد لاءِ لکي ٿو تہ ”هن خط جو کڻي ايندڙ محمدن اينگلو اوورئنٽل ڪاليج جو شاگرد آهي، سندس نالو نور محمد آهي. هن عليڳڙھہ مان گريجوئيشن ڪئي آهي ۽ پنھنجي ڪيريئر ۾ ڪاليج جو هڪ تمام مفيد ۽ قابل اعتماد ميمبر رهيو آهي. هن عورتن لاءِ تعليمي ڪانفرنس، ڇوڪرين جي نمائش ۽ ٻين مختلف مسلم سرگرمين لاءِ ڪم ڪيو آهي. هو طريقي ۽ ڪردار ۾ هڪ شريف ماڻھو آهي. مون کي توھان جي نوٽيس ۾ آڻڻ ۾ خوشي ٿيندي“.
عليڳڙھہ ڪاليج مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد اپريل 1912ع ۾ عليڳڙھہ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ اتي پاڻ کي هڪ شاندار استاد ثابت ڪيائين، ڇاڪاڻ تہ سندس قابليت، ۽ تدريس جي فن کي انتظاميہ ۽ سندس ساٿين بہ ساراهيو آهي. هن 1915ع ۾ استاد جي عھدي تان استعيفيٰ ڏني ڇاڪاڻ تہ هو قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ چاهي پيو. آفيسرن، سينيئرن طرفان کيس لکت ۾ ڪيتريون ئي نيڪ تمنائون ۽ سوغاتون ڏنيون ويون. ان سلسلي ۾ مسٽر ايس. او. پاريس، پنھنجي خط 26 جولاءِ 1913ع ۾ لکي ٿو تہ ”مان جناب نور محمد صاحب کي محمدن اينگلو اوريئنٽل ڪاليج ۽ اسڪول ۾ لڳ ڀڳ ٽن سالن کان سڃاڻان ٿو. هن جي ڪيترين ئي سٺين خوبين کي سامھون آڻڻ ۾ تمام گهڻي خوشي محسوس ڪيان ٿو. هُو ڪاليج جي تمام نامور گريجوئيٽ شاگردن مان هڪ هو ۽ ڪلاس روم ۽ ڊيبيٽنگ سوسائٽيءَ ۾ پاڻ کي ممتاز رکيو، گذريل نون مھينن کان هو هن اسڪول ۾ منھنجو ساٿي آهي ۽ هن جي ڪم جي باري ۾ مون وٽ چڱائي کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونھي. هن ڪڏهن بہ ڪنھن بہ صورت ۾ پاڻ کي ضايع نہ ڪيو آهي، ۽ هر ڪنھن کي متاثر ڪيو آهي. هن شاگردن جي ڀلائي لاءِ پنھنجا مفاد قربان ڪيا آهن. هو هڪ ڪارائتو استاد آهي ۽ ان کان علاوھ هو پنھنجي شاگردن جي اسڪول کان ٻاھر ڪلاسن جيتري دلچسپي وٺندو آهي. هن اسڪول جا ڇوڪرا، هن جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري سندس تمام گهڻي ساراھہ ڪندا آهن. نور محمد صاحب نھايت سٺي اخلاق ۽ خطابت جو مالڪ آهي ۽ ڪم جي لحاظ کان تمام سٺو ماڻھو آهي. هو هڪ اعليٰ ڪردار جو ماڻھو آهي، پنھنجي ڪردار ۾ ثابت قدمي رکي ٿو. هو پنھنجي اخلاق ۽ اعتماد جي ڪا بہ ڀروسي واري ذميواري نڀائڻ جي اهليت رکي ٿو، جنھن لاءِ مان هن جي سفارش ڪري سگهان ٿو“.

قانون ۾ ڊگري
عليڳڙھہ اسڪول مان استعيفيٰ ڏيڻ بعد ايل. ايل. بي. جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ حيدرآباد دکن روانو ٿيو ۽ 1916ع ۾ ايل. ايل. بي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. ان دور ۾ هن، ھندستان جي مسلم سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ ملڻ ۽ تعلق ٺاھڻ شروع ڪيو. سندس ان ميل جول ۾ مسٽر محمود علي بيگ عليڳڙھہ کان دکن تائين سندس هم ڪلاسي ۽ مستقل ساٿي رهيو. محمود علي بيگ، حيدرآباد جي دکن خاندان جو فرد هو. هنن گڏجي دکن ۾ قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي ۽ بعد ۾ نور محمد مسٽر محمود علي جي خاندان مان شادي ڪئي. مسٽر محمود علي بيگ، اڳتي هلي ڪامياب وڪيل بڻيو.

شاديون ۽ اولاد
جناب نور محمد ٻہ شاديون ڪيون هڪ پنھنجي مائٽن مان ۽ ٻي حيدرآبد دکن جي اردو فيملي مان ڪئي. کيس ٻہ ڌيئرون هيون ۽ پٽ جو اولاد ڪو نہ هو. سندس پھرين زال سندس ويجهي مائٽن مان هئي، جنھن مان کيس هڪ ڌيءَ زبيدہ خاتون پيدا ٿي، پر سندس پھرين گهرواري جلد وفات ڪري وئي ۽ هو اڪيلو ٿي پيو. سندس وڏي ڌيءُ زبيدہ خاتون گهڻو پڙهي نہ سگهي ۽ گهريلو عورت بڻي. سندس شادي، ان وقت جي مشھور ماهر تعليم ڊاڪٽر غلام حسين جعفري (1905- 1977ع) سان ٿي. ڊاڪٽر غلام حسين جعفري جو تعلق ڀان سعيد آباد، ضلعي دادوءَ سان هو. بمبئيءَ مان بي. ٽي امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي جي مدرسہ ھاءِ اسڪول جو پرنسيپال ٿيو. هي پي ايڇ ڊي ڪرڻ لاءِ آمريڪا بہ ويو، جتان ڪامياب ٿي واپس موٽيو ۽ اچي نواب شاھہ ۾ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر طور مقرر ٿيو. اهڙيءَ طرح پنھنجي محنت سان اڳتي وڌندو ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد جو پرنسيپال ٿيو. ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ هن کي بدلي ڪري اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن طور لاهور ۾رکيو ويو. جتي هن جي محنت ڏسي کيس سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن مقرر ڪيو ويو، بورڊ آف انٽرميڊئيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن جو پھريون چيئرمئن پڻ ڊاڪٽر غلام حسين جعفري بڻيو. ڊاڪٽر غلام حسين جعفري ۽ زبيدہ خاتون کي هڪ ئي ڌيءَ هئي - محترمہ عذرا بلوچ، هوءَ هن وقت پنھنجي اولاد سان ڪئناڊا ۾ رهي ٿي.
نور محمد لاکير ٻي شادي حيدرآباد دکن جي نواب سر افسرالملڪ جي ڌيءُ ميڊم شمس النساءِ سان ڪئي. هوءَ هڪ پڙهيل لکيل عورت هئي ۽ ڪيترائي سال مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي سيڪريٽري رهي. اردو ۾ ڪجهہ مضمون بہ لکيائين. پاڻ 1962ع ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار نور محمد لاکير سان گڏ سنڌ مسلم ھاسٽل جي احاطي ۾ آهي. کين هڪ ڌيءَ مھر نور محمد ٿي، جنھن جي عمر سندس والد جي وفات مھل صرف ٻہ سال هئي. پروفيسر مھر نور محمد ايم. اي يڪنامڪس جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ ترقي ڪري 1996ع ۾ گورنمينٽ زبيدہ گرلز ڪاليج حيدرآباد جي پرنسيپال جي عھدي تان رٽائر ٿي. سندس شادي اردو اسپيڪنگ فيمليءَ ۾ هڪ پوليس آفيسر آصف قريشيءَ سان ٿي. کين چار ٻار ٿيا- 2 ڌيئرون ۽ 2 پٽ، جن مان نواز ۽ محمد فريد پٽ ٿيا. رٽائرمينٽ کان پوءِ، پروفيسر مھر نور ”نور محمد لاکير ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽي“ حيدرآباد جو بنياد وڌو. اهو بہ ذڪر ڪرڻ ضروري آهي تہ نالي واري اديب ظفر حسن جي والدہ سيدہ حسينہ بيگم بہ نور محمد لاکير جي گود ورتل ڌيءَ هئي، جيڪا سندس ٻي زال شمس النساءِ سان گڏ دکن مان سنڌ آئي هئي ۽ ساڻن گڏ رهي. ان کان پوءِ سندس شادي سيد نظر علي شاھہ سان ٿي.

جج ۽ وڪالت جو شعبو
جناب نور محمد صاحب هڪ وسيع ڪمال ۽ ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ هو. هن عليڳڙھہ يونيورسٽي مان آرٽس ۽ قانون ۾ گريجوئيشن ڪئي. دکن ۾ وڪالت شروع ڪيائين، پر بعد ۾ والد جي اسرار تي سنڌ واپس اچي ويو. سنڌ واپسيءَ تي سردار محمد ابراهيم شيخ (1874-1924ع، خيرپور اسٽيٽ جي وزير اعظم جي معرفت سندس تقرري ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي حيثيت سان ٿي. هن ٻن سالن تائين، انتھائي محنت ۽ قانوني مھارت سان جج جي نوڪري ڪئي، پر سرڪاري نوڪري سندس مزاج جي خلاف هئي، تنھن ڪري هن پنھنجي جج واري عھدي تان استعيفيٰ ڏئي، حيدرآباد سنڌ ۾ اچي رھائش اختيار ڪئي ۽ غلام محمد خان ڀرڳڙي، بار-ايٽ لا وٽ قانون جي پريڪٽس ڪرڻ لڳو. بئريسٽر غلام محمد خان ڀرڳڙي (1878-1924) هڪ سنڌي سياستدان هو، جيڪو سنڌ جي اوائلي اڳواڻن مان هڪ هو. ڀرڳڙي صاحب جو تعلق انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ سان هو. مسٽر نور محمد، ڀرڳڙي صاحب جي سرپرستيءَ ۾ سياست جون بنيادي حقيقتون سکيون. سندس تمام ويجهو رهيو ۽ هر سياسي ۽ عدالتي سرگرميءَ ۾ ساڻس گڏ رهيو. نور محمد ڪجهہ عرصو حيدرآباد بار جو سربراھہ رهيو. هو هڪ مشھور وڪيل هو ۽ معاشري ۾ هڪ مضبوط معاشي حيثيت جو مالڪ هو. هو چند مسلمان جي وڪيلن مان هڪ هو، جن پنھنجي وڪالت جي شعبي ۾ نالو ڪمايو. هو گهڻو ڪري غريب، مسڪين ماڻھن ۽ قومي مفاد جا ڪيس مفت وڙھندو هو.

خان بھادر جو لقب
سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتن جي ڪري، ھند سرڪار طرفان محترم نور محمد لاکير کي ”خان بھادر“ جي لقب سان نوازيو ويو، جيڪو انھن ڏينھن ۾ ھندستان جي مسلمانن لاءِ تمام وڏو اعزاز هو. البتہ اهو معلوم ٿي نہ سگهيو آهي تہ کيس اهو لقب ڪھڙي سال ۾ مليو.

ايڊيٽرشپ آف سنڌ مسلم
خلافت تحريڪ ۾ ڪم ڪندي انگريزي اخبار ”سنڌ مسلم“ شروع ڪيائين. هن سنڌي مسلمانن جي حالت زار تي ڪيترائي ايڊيٽوريل ۽ مضمون لکيا. هن اهو پليٽ فارم سنڌي مسلمانن جي مخالفن کي جواب ڏيڻ ۽ سنڌي مسلمانن خلاف ٿيندڙ سازشن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو. هن جي فطرت هئي تہ پڙهيل لکيل مسلمانن کي آمادہ ڪرڻ تہ هو غريبن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ۾ مدد ڪن. نور محمد جيڪي بہ آرٽيڪل ۽ ڪالم لکيا، اهي ترتيب هيٺ اچي نہ سگهيا ۽ ھاڻي اڻ لڀ آهن. نور محمد ٻين اخبارن لاءِ بہ انگريزي ۽ سنڌي ڪالم لکيا، جيڪي پڻ وقت جي دز ۾ گم ٿي ويا. جيڪڏهن ان زماني ۾ سنڌ ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جا ڪي ڪارڪن انھن کي گڏ ڪن ھا تہ شايد محفوظ ٿي وڃن ھا. نور محمد الوحيد اخبار جي علمبردارن ۾ شامل هو ۽ ان لاءِ تمام گهڻو تعاون پڻ ڪيائين. هن ڪائونسل ۾ هڪ دفعو ٺھراءُ داخل ڪيو تہ الوحيد کي سرڪاري اشتھار ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ تہ ان جي وڏي گردش آهي. هن چيو تہ ڇا حڪومت کي خبر آهي تہ ”الوحيد“ جو سرڪيوليشن 1000 کان وڌيڪ آهي ۽ جيڪڏهن ائين آهي تہ پوءِ اهو پيپر سمورن سرڪاري پبليڪيشنز سان ڇو نہ ڏنو ويو؟

تعليمي خدمتون
نور محمد قومي خدمت جو جذبو رکندو هو، ان سلسلي ۾ هن ڪيترائي خير جا ڪم ڪيا، ليڪن تعليم جي حوالي سان هن تمام گهڻو پاڻ پتوڙيو. اڄ هن جي سڃاڻپ سندس تعليمي خدمتن جي ڪري ئي زندھہ آهي. جيئن تہ انھن ڏينھن ۾ حيدرآباد اندر مسلمان ٻارن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڪو خاص جدا درسگاھہ ڪونہ هئو، نور محمد صاحب ان ڪمي کي شدت سان محسوس ڪندي 1924ع ۾ سنڌ مسلم تعليم ڪانفرنس سڏائي، جنھن ۾ سنڌي مسلمانن جي ٻارن لاءِ حيدرآباد ۾ ”مسلم ھاسٽل“ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪا 1925ع ۾ قائم ٿي. مسلمانن جي ٻارڙن جي مستقبل کي روشن بنائڻ لاءِ هن صاحب ان ھاسٽل جي هيٺين حصي ۾ اينگلو ورنيڪيولر ڪلاس ٽن درجن تائين پڙھائڻ جو انتظام بہ ڪيو، جن ۾ ٻين استادن سان گڏ پاڻ بہ پڙھائيندو هو. ڪجهہ وقت کان پوءِ هن صاحب سر غلام حسين هدايت الله جيڪو ان وقت بمبئي حڪومت ۾ وزير هو، تنھن جي تعاون سان حيدرآباد ۾ هڪ ھاءِ اسڪول جو بنياد رکيو. نور محمد لاکير اسڪول سان گڏوگڏ شاگردن جي رھائشي سھولتن لاءِ ۾ سنڌ ۾ ھاسٽل جو بنياد وڌو ۽ ساڳئي سال سيپٽمبر ۾ عمارت بلڪل تيار ٿي، جيڪا پھرين آڪٽوبر کان باقاعدہ استعمال هيٺ آئي. سندس افتتاح بمبئي جي تڏهوڪي گورنر ليسلي ولسن ڪيو هو، سندس قائم ڪيل اسڪول سندس وفات کانپوءِ نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد جي نالي سان سڏجڻ لڳو.

نور محمد جون سياسي خدمتون
محترم نور محمد لاکير سياسي طور عليڳڙھہ جي نرسريءَ مان نڪتل هو. ان کان سواءِ هن سياسي پختگي غلام محمد خان ڀرڳڙي جي هٿ هيٺ حاصل ڪئي. سندس بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل واري اليڪشن مھم ۾ سيد ڪامل شاھہ جو وڏو ڪردار هو. ان ڪري هن سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي مسلمانن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ ويڙھاڪن مان هو ۽ بمبئيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو. نور محمد لاکير حسن علي آفندي پاران قائم ڪيل، سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ميمبر هو، اھا هڪ نيم سياسي تنظيم هئي، جنھن سنڌي مسلمانن کي سندن سماجي، ثقافتي، مذهبي ۽ تعليمي مسئلن جي حل لاءِ پليٽ فارم مھيا ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. 12 ڊسمبر 1927ع تي خانبھادر ولي محمد حسن علي جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿيو، جنھن ۾ مسلم اعليٰ تعليم جي سوال لاءِ هڪ اسڪيم تي غور ڪيو ويو ۽ بمبئيءَ جي گورنر وٽ جواب جو مسودو تيار ڪرڻ لاءِ، هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جنھن ۾ نور محمد M.L.C ميمبر هو. هو سنڌ محمڊن ائسوسيئيشن جي حيدرآباد شاخ جو ڪيترن ئي سالن تائين صدر رهيو.
1918ع ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ جو بنياد رکيو ويو ۽ ان جو پھريون اجلاس محترم نور محمد لاکير جي رھائشگاھہ تي ٿيو. 1919ع ۾ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي، جنھن ۾ محترم نور محمد لاکير اهم ڪردار ادا ڪيو. سياست ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سندس وڏي دلچسپي عوام جي ڀلائي لاءِ اقتدار حاصل ڪرڻ هئي، جنھن جي هن نمائندگي ڪئي. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ڪرائڻ ۾ محترم نور محمد جو بہ وڏو حصو هو. جڏهن 15 نومبر 1932ع تي ”سنڌ آزاد ڪانفرنس“ ٿي تہ سر شاھہ نواز ڀٽو صدر، ڪي. بي. ايوب کھڙو نائب صدر ۽ نور محمد کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو. هو ڪيترائي سال سيڪريٽري خلافت ڪميٽي حيدرآباد رهيو. جڏهن تہ ڪمشنر حيدرآباد کان جلسن، پلي ڪارڊن ۽ عوامي ميٽنگن جي اجازت طلب ڪندي مسٽر ڊبليو. سمارٽ، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پنھنجي 16 مارچ 1920ع واري خط ۾ کيس لکيو تہ ”ضلعي مئجسٽريٽ حيدرآباد سيڪريٽري خلافت ڪميٽي حيدرآباد کي مبارڪون پيش ڪري ٿو ۽ گذارش ٿو ڪريان تہ ڪميٽي پاران 19 مارچ 1920ع تي ٻي وڳي کان اڳ فوري طور تي تفصيل سان گڏ ترتيب ڏنل پروگرام جي ڪاپي مھرباني ڪري کيس پيش ڪئي وڃي“.
مسٽر نور محمد ٻہ ڀيرا بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ ان فورم تي مسلمانن جي جدوجھد جي فاتح جي حيثيت سان پنھنجي قابليت جو ثبوت ڏنائين. پھريون ڀيرو 1920ع ۾ حيدرآباد مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ٽن سالن لاءِ ميمبر چونڊيو ويو، جنھن دوران هن حيدرآباد جي عوام جي حقن جي جنگ وڙهي. جڏهن تہ ٻيھر وري سال 1923ع ۾ بہ سندس ڪيل قومي خدمتن جي بدلي ۾ حيدرآباد جي کيس عوام بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. هن صاحب اٽڪل ڇھہ سال اسيمبلي ۾ سنڌي عوام جي نمائندگي ڪئي. هو صاحب سنڌ بمبئي کان ڌار صوبو ٿيڻ بعد سال 1927ع واري اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبلي جو اميدوار هيو پر کيس سيد ميران محمد شاھہ هٿان شڪست ملي. سنڌ جي مسلم ميمبرن مان سڀ کان وڌيڪ متحرڪ هوندو هو، پر سياسي چالون نہ ڄاڻيندو هو، ان ڪري هن کي ٻيا سياستدان استعمال ڪري، ووٽ حاصل ڪري ويندا هئا، پر هيءُ پاڻ ڪڏهن بہ وزير ٿي نہ سگهيو. ان دور ۾ سنڌ جي سياست ۾ ٻہ گروپ هئا، هڪ سر شاهنواز ڀٽي جو ۽ ٻيو سر غلام حسين الله جو. نور محمد جيتوڻيڪ سر غلام حسين جي گروپ جو هو، پر سر شاهنواز ڀٽو سان بہ هن جا بھترين سياسي ۽ ذاتي ناتا هئا. اسيمبليءَ ۾ سندس سياست جو مرڪز ھندستان جي مسلمانن جي ٻڌي ۽ هم آهنگي هوندو هو. بمبئي ڪائونسل جي ميمبر جي حيثيت ۾ محمدايوب کھڙو، ابراهيم رحمت الله، سر شاهنواز ڀٽي ۽ احمد دهلوي ۽ ٻين سان تمام گهرا لاڳاپا هئا. انھن شخصيتن جا لکيل خط اسان وٽ ترتيب هيٺ آهن.
هن ڪڏهن بہ همت نہ ھاري ۽ ٽئين مدي واري اليڪشن ۾ سيد ميران محمد شاھہ هٿان ھارجي ويو، جيڪو کانئس جونيئر بہ هو تہ ان وقت گهٽ مقبول بہ هو. پنھنجي ھار کي عظيم اخلاقي فتح ۾ بدلائي پنھنجي زندگي سماج جي تعليمي ترقيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پير علي محمد شاھہ راشديءَ سندس اليڪشن ھارائڻ واري واقعي کي بھترين انداز ۾ پيش ڪندي لکيو آهي تہ ”نور محمد تازو حيدرآباد جي مسلمانن کي ھاءِ اسڪول وٺي ڏنو هو ۽ عوام ۾ ظاهري طرح سندس مقبوليت چوٽ چڙهيل هئي. اسان جو ميران محمد شاھہ ڏاڍو گهٻرايل هو. مشوري ۽ مدد لاءِ مون کي بہ گهرايائين. هڪ شام ڪچھري ٿي رهي هئي، ورڪر خراب خبرون آڻي رهيا هئا. شاھہ صاحب جي پيشانيءَ تي پگهر اچڻ لڳو هو، نماڻيون اکيون کڻي مون ڏانھن نھاريائين. مون وڏي همت سان چيس ”دلگير ٿيڻ جو ڪو بہ سبب نہ آهي. نور محمد اسڪول وٺي ڏئي مسلمان عوام تي احسان ڪيو آهي. هينئر اسان جا عوام پنھنجين روايتن ۽ عادتن موجب ضرور کيس ڪيرائي سندس ٿورو لاهيندا. تون فڪر نہ ڪر. آخر ۾ ڪاميابي تنھنجي ٿيندي.“ بروقت ٿورو مرڪي ويٺو، پر تسليٰ ڪانہ ٿيس. پاڻ کي سياستدان تہ سمجهيائين ٿي، پر پنھنجي ماڻھن جي نفسيات سمجهڻ تي خيال ڪو نہ ڏنو هئائين. آخر اليڪشن جو نتيجو نڪتو. منھنجو قياس صحيح ثابت ٿيو. ميران محمد شاھہ کٽيو، حيدرآبادين نور محمد کي ڪيرائي سندس اسڪول وارو ٿورو لاهي ڇڏيو. نور محمد ويچارو دل گرفتہ، بيمار پئجي، مھيني کن اندر، مورڳو مري ويو. مسلمانن جي بار کان پاڻ کي آجو ڪري ويو.“

وفات ۽ تدفين
محترم نور محمد لاکير، ڏينھن رات حيدرآباد جي عوام جي خدمت جي باوجود، اليڪشن جي ھارجڻ کان پوءِ ڪافي دلشڪستو ٿي پيو هو ۽ بيمار رهڻ لڳو هو. کيس بلڊ پريشر ۽ شگر جا عارضا اڳ ئي هئا، پر نور محمد اسڪول ۽ ھاسٽل جي ترقي واري جاکوڙ کيس وڌيڪ جهوري وڌو هو. سندس ذاتي معالج ان دور ۾ مشھور ڊاڪٽر ڪرنل ھال گٽ هو، جنھن سان هميشہ رابطي ۾ رھندو هو. جڏهن ڊاڪٽر ھال جي بدلي ڪراچيءَ ٿي وئي تہ کيس طبعيت ڏيکارڻ ڪراچيءَ ويندو هو. هو علاج خاطر ڪراچيءَ ويل هو، جتي ڪافي ڏينھن کان سندس طبعيت خراب هئي ۽ هو ڪراچيءَ ۾ پوليس ڪمشنر مولوي ضياءُ الدين جي گهر رهيل هو، جتي 22 آگسٽ 1937ع تي سندس وفات ٿي. اھا خبر باھہ وانگر ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شھرن تائين تمام تيزيءَ سان پکڙجي وئي. ڪراچيءَ جا نالي وارا سياستدان، تعليمدان، آفيسر ۽ ٻيا شھري هڪدم اسپتال پھچي ويا. انھن مان گهڻن جو خيال هو تہ کيس ڪراچيءَ ۾ دفن ڪيو وڃي، پر سندس وصيت موجب، حيدرآباد آندو ويو، جتي سندس جسم خاڪيءَ کي گهر کان ھاسٽل آندو ويو، ۽ سندس جنازي نماز ۾ ذات پات، مذهب، عقيدن کان مٿڀرو رھندي، وڏي تعداد ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي. سندس وصيت موجب کيس حيدرآباد سنڌ جي مسلم ھاسٽل جي احاطي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس ٻي زال بہ سندس قبر سان گڏ دفن ٿيل آهي. مرڻ کان اڳ سندس خواهش هئي تہ هو حيدرآباد ۾ ”مسلم يونيورسٽي“ قائم ڪري، پر سندس اھا آخري تمنا پوري ٿي نہ سگهي. بھرحال، سندس قائم ڪيل اسڪول، هن وقت ڪاليج جي سطح تائين پھتل آهي، جتي ڊگري ڪلاس پڙھايا ويندا آهن.

هن ڪتاب جي ترتيب بابت
اڄ تائين سنڌ جي ٻن تعليمي ادارن جي ادبي ترقيءَ جي ڪردار جي حوالي سان پي.ايڇ. ڊيون ٿيون آهن. انھن ۾ هڪ عبدالجبار مغل صاحب ”ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد فار مين جو سنڌي ادب ۾ حصو“ هڪ بھترين ڪوشش آهي، جنھن ۾ هن ڪاليج جي قيام، سکيا جي طريقن، سرگرمين، انتظامي عھديدارن کان وٺي، هتي جي استادن ۽ شاگردن جي ادبي خدمتن جو جائزو ڏنو آهي. ٻي ٿيسز، ممتاز علي شاھہ صاحب ”سنڌ مدرستہ السلام جو سنڌ جي علمي ادبي ۽ سياسي تاريخ ۾ حصو“ آهي. اھا ٿيسز 2022ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿي آهي. جڏهن تہ پروفيسر يعقوب چانڊيو جي ”ڊي جي نئشنل ڪاليج حيدرآباد جي حوالي سان پي. ايڇ. ڊي لاءِ رجسٽريشن ٿيل آهي. اهڙي طرح ڪي ٻيا ڪتاب جھڙوڪ ”شڪارپور اسڪول نمبر جي سو سالہ تاريخ جي حوالي سان اسپيشل نمبر، مدرسہ ھاءِ اسڪول نوشھروفيروز تي ترتيب ڏنل ڪتاب شايع ٿيل آهن. دادا سنڌيءَ جو ”سنڌ جا درسگاھہ“ (2004) ۽ غلام علي سانگي صاحب جو 2016ع ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي باري ۾: History of Education Talpur and British Period Larkana District شايع ٿيل آهي. سنڌ جي تعليمي تاريخ تي راقم الحروف جو پڻ ڪتاب ”اڻويھين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ترقي“ (2019ع) شايع ٿيل آهي، جنھن ۾ ان دور جي سمورن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي کلڻ، سرڪاري پاليسين، تعليمي عملدارن، لائبريرين، رسالن ۽ مسئلن تي انتھائي تفصيل سان بحث ٿيل آهي. مون هڪ ڪتاب ڊي. جي ڪاليج جي تاريخ تي پڻ لکيو، جيڪو اشاعت هيٺ آهي. منھنجي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ ۾ ”اين. جي. وي اسڪول، ڪراچي“ کي وڏي اهميت حاصل آهي، ڇو تہ اهو سنڌ جي تاريخ جو پھريون سرڪاري اسڪول آهي، پر هن اسڪول تي، نہ ڪا پي.ايڇ.ڊي ٿي آهي، نہ وري ڪو ڪتاب ترتيب هيٺ آيو آهي. اهڙيءَ طرح نور محمد اسڪول، مدرسہ اسڪول نوشھرو فيروز، لارينس مدرسہ اسڪول، ٽنڊو باگو، ناز پائليٽ اسڪول خيرپور ۽ ٻيا بہ ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج آهن، جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. منھنجو هي موجودہ ڪتاب، نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ سنڌ مسلم ھاسٽل جي باري ۾ ڪجهہ قدر تاريخي معلومات فراهم ڪري ٿو، اگر ڪو شاگرد يا ڪو ٻيو تحقيق ڪرڻ چاهيندو تہ ان کي ڪافي معلومات ملي ويندي.
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي تہ نور محمد لاکير بابت تمام گهٽ لکيو ويو آهي ۽ جيڪو ڪجهہ لکيو ويو آهي ان ۾ ورجاءُ تمام گهڻو آهي. ان باوجود جيڪو مواد تلاش ڪيو ويو آهي، انھن کي ڇھن حصن ۾ ورھايو ويو. پھرين حصي ۾ ڪافي اهي مضون ڏنل آهن، جيڪي 1937ع ۾ الڪمال رسالي نور محمد لاکير جي وفات جي حوالي سان اسپيشل ايڊيشن جاري ڪرڻ وقت شايع ڪيا ويا هئا. ان کان علاوھ، ڪجهہ مضمون اسڪولي مخزنن تان ورتل نور محمد اسڪول جي استادن ۽ شاگردن جا لکيل آهن. جڏهن تہ ڪجهہ مضمون مختلف ڪتابن ۽ رسالن تان ورتل آهن. الڪمال رسالي جا سڀئي ليکڪ نالي واريون شخصيتون هئا، جن ۾ ڪمال الدين ميمڻ، جنھن ڪي. بي نور محمد تي الڪمال رسالي جو پورو ايڊيشن جاري ڪيو هو، سو سنڌ مسلم ادبي سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد جو مالڪ هو. سنڌي ادب ۾ سندس بي بھا خدمتون آهن. سر غلام حسين هدايت الله، سنڌ جي تاريخ جو ناميارو سياستدان ۽ پھريون گورنر رهيو. سندس جنم شڪارپور ۾ ٿيو. ڪي.بي نور محمد سان سندس تمام ويجها تعلقات هئا. ٻين ۾ محمد ايوب خان کھڙو پڻ سنڌ جي تاريخ جو وڏو نالو آهي. هن جا پڻ نور محمد لاکير سان ويجها تعلقات هئا. اهڙيءَ طرح شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاھہ، شيخ عبدالحق، محمد صديق مسافر، مولوي دين محمد ۽ ٻيا شامل آهن، جن پنھنجي حياتيءَ ۾ نور محمد لاکير کي ڏٺو، پرکيو ۽ اکين ڏٺا مشاهدا قلمبند ڪيا. ڪجهہ مضمون مختلف ڪتابن تان کنيل آهن، جيڪي وڌيڪ معياري ۽ ڄاڻ ڀريا آهن، اهڙن مضمونن ۾ پير علي محمد راشدي، محمد امين مگسي، محمد موسى ڀٽو، عبدالستار ڀٽي ۽ ڪي ٻيا شامل آهن. جڏهن تہ ڪجهہ مضمون انگريزيءَ تان مون پاڻ ترجمو ڪيا آهن، جن ۾ محمد ھاشم گزدر، جمشيد نسروانجي مھتا، سيد نظر علي، قاضي محمد اڪبر ۽ ڪن ٻين جا مضمون شامل آهن. هتي اهو ٻڌائڻ بہ اهم آهي تہ ڪي ٻيا مضمون بہ مليا هئا، جيڪي يا تہ غير معياري هئا، يا پورا جو پورا ٻين جي مضمونن جي ڪاپي ٿيل هئا.
ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ نور محمد لاکير صاحب جي شخصيت ۽ خدمتن تي منظوم ڀيٽا طور عڪاسي ڪيل آهي. ان سلسلي ۾ محمد خان “غني”، مولوي دين محمد اديب فيروز شاهي، مخدوم محمد صالح ڀٽي، محمد يوسف متخلص (عاصي)، محمد عمر “اختر“ ھالائي ۽ محمد صديق مسافر جا تفصيلي شعر آهن. ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول، ۽ سنڌ مسلم ھاسٽل جي قيام، ترقي، مسئلن وغيره جي حوالي سان مختلف استادن ۽ ٻين شخصيتن جا مضمون شامل آهن، جن ۾ اسڪول ۽ ھاسٽل جي قيام کان اڳ سنڌ ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جون رپورٽون، سر غلام حسين هدايت الله جي اسڪول جي نئين عمارت تي ڪيل تقرير، نور محمد صاحب جو پنھنجو مضمون، غلام رباني بلوچ، ڊاڪٽر خادم لاکير، محمد حسن بوزدار،نور الدين غلام علي، الھہ بخش نظاماڻي پرنسيپال، شاھہ محمد بلوچ وغيره جا بھترين مضمون آهن. ڪتاب جي چوٿين حصي ۾ ڪجهہ تقريرون شامل ڪيون ويون آهن، جن ۾ نور محمد لاکير جي اليڪشن مھم دوران ڪيل تقرير ۽ مولانا حسرت موھاني جي گرفتاري تي ڪيل تقرير شامل آهي.
ڪتاب جي پنجين حصي ۾ ڪجهہ خط شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي ان دور جي مختلف مشھور شخصيتن نور محمد لاکير ڏانھن لکيا آهن، جن ۾ سکر جي مشھور شخصيت قادر داد، مشھور شاعر محمد ھاشم مخلص، ٽنڊي باگي ۾ لارينس مدرسہ اسڪول جو باني مير غلام محمد ٽالپر، نور محمد جو والد محمد سجاول، عبدا لله ھارون ۽ ٻين جا آهن. ڪتاب جي ڇهين حصي ۾ اردو جا ٽي اهم مضمون آهن، جن ۾ پھريون نواب احمد خانزادہ جو آهي، جيڪو دراصل نور محمد صاحب جي گهرواريءَ جي انٽرويو جي آڌار تي لکيل آهي ۽ ٻيو مضمون ايم. ايف. افضل جو لکيل آهي، جيڪو نور محمد ھاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر رهيو هو.
مجموعي طور تي، نور محمد لاکير جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتن تي هيءُ پھريون ۽ بنيادي ڪتاب آهي، جنھن ۾ گهڻي حد تائين سندس مڙني پاسن تي ڪافي معلومات ملي ٿي. هيءُ ڪتاب، هڪڙي طرح سان سنڌ جي هن عظيم اڳواڻ جي شخصيت ۽ خدمتن تي هڪ قسم جو خراج تحسين آهي، جنھن ۾ اسان جو مقصد آهي تہ سندس خدمتن کي اجاگر ڪيون ۽ نئين نسل کي سندس زندگيءَ جي جدوجھد ۽ خدمتن کان واقف ڪرايون. ڪجهہ مضمون ڀرپور تہ ڪي مضمون سطحي آهن. بھرحال جيڪو مواد جيئن مليو، ان کي اهڙي نموني توھان تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جي ادارن کي گهرجي تہ شخصيتن، جن پنھنجو رت ۽ ست ڏئي تعليمي ادارا برپا ڪيا، جھڙوڪ حسن علي آفندي، نور محمد لاکير، ڏيارام گدومل، ڏيارام ڄيٺمل، سيد الھندو شاھہ، خانبھادر مير غلام محمد خان ٽالپر، شمس الدين “بلبل“، بئريسٽر حسن علي عبدالرحمان وغيره تي تحقيق ڪري الڳ ڪتاب شايع ڪرايا وڃن.
منھنجي هن ننڍڙي ڪوشش ۾ نالي وارو اديب منصور قادر جوڻيجو جا ڏنل خط شامل آهن، جيڪي هن ميڊم حميدہ کھڙي جي ذاتي ڪليڪشن مان ڪڍي ڏنا. خطن جي سلسلي ۾ عرض آهي تہ ڪجهہ خطن ۾ نالا ۽ ڪجهہ لفظ ڦاٽل هئڻ سبب پڙهجي نہ سگهيا. ان کان علاوھ، ادب دوست بشير هيسباڻي، محقق نياز سرڪي، اديب ۽ عالم دين ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو ۽ حافظ احمد انڍڙ، ڊاڪٽر خادم لاکير، سنڌي لينگئيج اٿارٽيءَ جو لائبريرين عامر علي ڀٽي، نور محمد ھاءِ اسڪول جو استاد غلام سرور دل جو وڏو هٿ آهي، جن نور محمد لاکير تي مواد تلاش ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. ڪتاب جي ڪمپوزنگ جي سلسلي ۾ اقبال ابڙي جون مھربانيون ۽ پروف ريڊنگ جي سلسلي ۾ محب لغاري جون مھربانيون آهن. سائين پروفيسر اعجاز احمد قريشي صاحب جي صلاح مشورن کي بہ وساري نہ ٿو سگهجي. اديب دوست رحمت پيرزادي جون بہ خصوصي مھربانيون، جنھن ڪتاب جي اشاعت ۾ مدد ڪئي. مان دلي طور نور محمد ھاءِ اسڪول جي موجودہ هيڊ ماستر محمد طاهر مغل جو ٿورائتو آهيان، جنھن سان جڏهن نور محمد لاکير صاحب جي باري ۾ ترتيب ڏنل مختلف ڪتابن جو ذڪر ڪيم تہ هن تمام فراخدلي ۽ خوشيءَ جو اظھار ڪيو تہ سنڌي مضمونن وارو ڪتاب، نور محمد ھاءِ اسڪول طرفان شايع ٿيڻ گهرجي. مون سندس راءِ ۽ خلوص جو احترام ڪندي، ڪتاب جو مسودو سندس حوالي ڪري ڇڏيو. مان دلي طور اسڪول جي سموري اسٽاف جو شڪرگذار آهيان. مون کي اميد آهي تہ هن ڪتاب جي اشاعت سان سنڌ جي تاريخي تعليمي ادارن تي تحقيق ڪرڻ جي اتساھہ ۾ اضافو ٿيندو.
جيئن مٿي ذڪر ويو آهي تہ نور محمد صاحب تي ٽن ڪتابن جي ترتيب جو ڪم جاري آهي، جنھن مان پھريون ڪتاب اوھان جي هٿن ۾ آهي، ٻيو انگريزيءَ ۾ لکيل سندس تعليمي رپورٽ آهي ۽ ٽيون ڪتاب هن جا لکيل انگريزي خط يا ڏانھنس لکيل خطن تي مبني آهن. اهي ڪتاب بہ انشا الله ترتيبوار شايع ڪرايا ويندا. ان کان علاوھ، سندس ڪي مضمون سنڌ مسلم اخبار ۾ شايع ٿيل هئا، ڪي الوحيد ۽ ٻين اخبارن ۾ هئا. سندس ڪي تقريرون پڻ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيل هيون. ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سندس ڪيل تقريرون پڻ اهم آهن. هينئر اهو مواد اڻ لڀ ٿي پيو آهي. بھتر ٿئي ھا تہ پنھنجي دور ۾ سنڌ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي مان ڪو سندس باري ڪو ڪتاب ۽ سندس لکيل مواد کي سھيڙي ھا، پر اهو ٿي نہ سگهيو. هن ڪتاب ۾ آيل ڪمين ڪوتاهين کي معاف ڪري، هڪ قسم جو ”ٽوڪن آف لوِ“ سمجهي قبول ڪندا.

مختيار احمد ملاح
ڪراچي