نور محمد لاکير (وڪيل): محمد امين مگسي
نور محمد لاکير صاحب ڳوٺ جمع لاکير (جنھن کي عرف عام ۾ ڪنيارا سڏيو وڃي ٿو) تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيا. سندس والد بزرگوار استاد هيو. نور محمد صاحب پنج درجا مقامي اسڪول مان پاس ڪري، ميٽرڪ ڪرڻ لاءِ ڪراچي سنڌ مدرسة السلام ۾ داخل ٿيو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ بي. اي. جي لاءِ کيس عليڳڙھہ وڃڻو پيو. اتي بي. اي ۽ ايل. ايل. بي. جون ڊگريون حاصل ڪيائين. ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنھنجي هڪ دوست ۽ ساٿي محمود بيگ سان گڏ حيدرآباد دکن آيو ۽ اتي ئي وڪالت جي پريڪٽس شروع ڪيائون. سندس پھرين شادي عليڳڙھہ جي پڙهڻ دوران ٿي هئي. جيڪا گهرواري جلد وفات ڪري ويئي. ان کانپوءِ ٻي شادي محمود بيگ صاحب جي گهراڻي مان ٿي. انھن سان دوستي ۽ قربت تہ اڳي ئي هين نيٺ اھا دوستي رشتيداري ۾ تبديلي ٿي ويئي، محترم نور محمد صاحب جلد سنڌ واپس آيو ۽ سردار محمد ابراهيم جي معرفت سندس تقرر ريزيڊنٽ ميجسٽريٽ جي حيثيت سان ٿيو. هن نوڪري سان نباھہ گهڻو عرصو نہ رکي سگهيو. تقريباً ٻن سالن جي عرصي کان پوءِ اھا نوڪري ڇڏي حيدرآباد واپس آيو ان وقت جناب غلام محمد وڪيلن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي هئي، نور محمد صاحب بہ ان ۾ شامل ٿي ويو. نور محمد صاحب ٿوري عرصي ۾ پاڻ کي هڪ محنتي هوشيار وڪيل ثابت ڪيو. ان ڪري رئيس مرحوم بہ هن کي پنھنجي سماجي، معاشرتي ۽ قومي تحريڪن ۾ خاص مددگار طور شامل ڪيو.
1933ع ۾ هو بمبئي اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ چونڊيو ۽ مسلمانن جي پستہ حالي، غربت، جھالت کي ڏسي نور محمد صاحب جي حساس طبيعت کان صبر نہ ٿيو. فيصلو ڪيائين تہ هو باقي زندگي مسلمانن جي تعليمي ترقي لاءِ استعمال ڪندو. ڇاڪاڻ تہ مسلمانن جي پٺتي پوڻ جو خاص سبب جھالت ۽ تعليم جي گهٽتائي آهي. انھيءَ مقصد خاطر سڀ کان پھرين نور محمد وڪيل حيدرآباد سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس جي نالي سان 1924ع ۾ حيدرآباد ۾ منعقد ڪرڻ جي تجويز رکي. وڏي جاکوڙ ۽ جدوجھد ڪئي ويئي. مھينن تائين ان ڪانفرنس جا انتظام ٿيندا رهيا، ڪانفرنس ۾ برصغير جي چوٽيءَ جي تعليمي ماهرن، اسڪالرن، دانشورن، پروفيسرن شرڪت ڪئي. ان ڪانفرنس جي صدارت عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شھزادہ آفتاب احمد ڪئي. ان ڪانفرنس کي سنڌ جي نمآئندہ ڪانفرس ثابت ڪرڻ لاءِ نور محمد صاحب سنڌ جي هر طبقي ۽ هر فرد سان رابطو ڪيو ان ۾ وڏا جاگيردار، جديد ۽ قديم تعليم يافتہ ماڻھو سرڪاري ملازم، اديب، اسڪالر صحافي وغيره شامل هئا ۽ انھن جي ستل جذبن کي جاڳايو.
انھيءَ ڪانفرنس ۾ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون. الوحيد اخبار ۽ ان زماني جي مسلمان اخبارن ڪانفرنس جي خبرن کي نھايت شاندار نموني لڳايو ۽ ان کي وڏي اهميت ڏني. ڪانفرنس ۾ تمام گهڻيون ضروري ڳالھيون پيش ٿيون خاص طور تي تعليم ۽ نوڪرين جا انگ اکر سنڌ کان ٻاھر جي دانشورن جي اڳيان ظاهر ٿيا تہ انھن نھايت افسوس جو اظھار ڪيو ۽ چيو تہ پوري ھندستان ۾ ڪنھن بہ مسلم اڪثريت واري صوبي ۾ اهڙي حالت ڪانھي جھڙي سنڌ ۾ آهي.
اھا ڪانفرنس حقيقت ۾ نور محمد لاکير صاحب جو سنڌي مسلمانن جي لاءِ هڪ وڏو ڪارنامو هئي ۽ اھا بہ سڌ پيئي آهي تہ نور محمد صاحب ڪھڙين پيچيدہ ۽ ڏکين حالتن ۾ مسلمانن جي تعليمي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. ڪانفرنس ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. ان ۾ خاص ڳالھہ اھا ڪئي ويئي تہ سموري سنڌ جي سنڌي مسلمان شاگردن لاءِ مسلم ھاسٽل جوڙي وڃي ۽ ھاءِ اسڪول جو بنياد وڌو وڃي. ان سلسلي ۾ نور محمد صاحب ڪن معزز مسلمانن تي مشتمل هڪ “ايجوڪيشنل سوسائٽي” قائم ڪئي. انھيءَ بورڊ جو سيڪريٽري کيس چونڊيو ويو. ان کان پوءِ وڪالت جو ڪم ڇڏي ڏنائين رات ڏينھن اسڪول ۽ ھاسٽل جي ڪمن کي هٿن ۾ کنيائون ۽ انھيءَ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ۽ نصب العين بنائي ڇڏيائين ۽ نيٺ زبردست مشڪلن ۽ تڪليفن کان پوءِ اسڪول قائم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻيائين. اسڪول جي عمارت جنھن شاندار نموني سان جوڙي هئائون. اھا اڄ بہ سندس عظمت جو اهڃاڻ آهي، ان سلسلي ۾ کين پنھنجو بنگلو پڻ گروي رکڻو پيو.
افسوس جو اڄ سنڌي ماڻھن ۾ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪافي خوشحالي آهي ۽ ڪيترائي صاحب ثروت ۽ مالدار ماڻھو هن جاءِ تي موجود آهن، پر هو نور محمد لاکير صاحب جيان ڪنھن بہ اداري کي وجود ۾ آڻڻ يا ان جي سرپرستي ڪرڻ کان قاصر آهن. اهو اسان جي قوم جو وڏو الميو ۽ بي حسي جو وڏو ثبوت آهي. نور محمد صاحب جي هن عظيم ڪارنامي کي ساراهيندي ان وقت جي اخبار “طيرا ابابيل” لکي ٿي: ”نور محمد وڪيل جون خدمتون هڪ اهڙو سونھري ڪارنامو آهي جيڪو تاريخ جي ورقن تي قيامت تائين چٽيل رھندو ۽ هن جي نالي کي روشن رکڻ جو ڪارڻ بڻبو. نور محمد وڪيل جنھن گرم جوشيءَ ۽ مڙسيءَ سان ڪم کي اڳتي وڌائي رهيو آهي. بيشڪ اهو هن جو ئي وڙ آهي. هن مسلمان شاگردن جي لاءِ جيڪو ڪجهہ ڪيو آهي. اهو ساراھہ جو محتاج نہ آهي. “
هفتيوار طيرا ابابيل 18 نومبر 1933ع سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ اسڪول سندس حوالي ٿيو تہ ان وقت الوحيد اخبار لکي ٿي: ”حيدرآباد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سوسائٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنھن جو سيڪريٽري اسان جو برگزيده مسٽر نور محمد وڪيل آهي. هن اخبار ”اسڪول جي بائيڪاٽ ڪريو“ مھم ان ڪري هلائي آهي جو هي اسڪول هڪ مسلم سوسائٽي جي ڇو حوالي ڪيو ويو آهي؟ ٻن مھينن کان ھندن جي منظم پروپيگنڊہ جاري آهي. جيڪا نھايت افسوسناڪ آهي. (روزنامہ الوحيد 27 آگسٽ 1937ع)
نور محمد وڪيل کي مسلمانن ۾ تعليم عام ڪرڻ جي جنون جي حد تائين نہ رڳو دلچسپي هئي، پر عشق هو. سندن ھاسٽل ۾ شاگردن کي رھائش ۽ تعليم ڏيارڻ جو طريقي ڪار اهو هو تہ نور محمد صاحب هر ضلعي لاءِ ھاسٽل ۾ مخصوص سيٽون رکندو هو. ان کان پوءِ پاڻ ذاتي طور تي سڄي سنڌ جو دورو ڪندو هو ۽ جڏهن اھا خبر پوندي هيس تہ فلاڻن فلاڻن ڳوٺن ۾ هن شاگردن پوزيشن حاصل ڪئي آهي تہ انھن ڳوٺن ۾ وڃي انھن شاگردن جي والدين کي راضي ڪندو هو تہ پنھنجن ٻارن کي اجازت ڏين ۽ کين اهو بہ چوندو هو تہ سندن تعليم ۽ ٻيو سمورو خرچ هو پاڻ برداشت ڪندو ۽ اهڙي طرح نور محمد صاحب انھن پوزيشن کڻندڙ شاگردن کي پنھنجي اسڪول ۾ اچي داخل ڪندو هو. ھاسٽل ۾ شاگردن جي تعليم ۽ تربيت اٿڻ ويهڻ جي پنھنجي سر پڻ نگراني ڪندو هو.
اسڪول جي لاءِ ھندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اعليٰ قابليت رکندڙ استادن جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. استادن جي پڻ نگراني پنھنجي سر پاڻ نور محمد ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو ٻين اسڪولن جي ڀيٽ ۾، انھيءَ اسڪول جو امتحاني نتيجو سٺو ۽ بھتر نڪرندو هو. ان جي شاهدي الوحيد اخبار 9 جون 1936ع مان ملي ٿي. جنھن ۾ نور محمد صاحب جي اسڪول جي امتحاني رزلٽ جي تعريف ڪئي ويئي آهي. جناب نور محمد صاحب جي ذھانت، قابليت ۽ علمي صلاحيت جو اندازو پير غلام مجدد سرھندي جي هن بيان مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن ميرٺ ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي تہ سنڌ مان مون کي ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. ان ڪانفرنس ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا ابوالڪلام آزاد مرحوم، ڊاڪٽر انصاري ۽ ٻيا بزرگ موجود هئا. انھيءَ وقت هڪ نشست ۾ عليڳڙھہ ڪاليج جي اخبار جي ايڊيٽنگ جي متعلق بحث ڇريو، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا آزاد بہ حصو ورتو. مون کي چڱي طرح ياد آهي تہ اتي گڏيل راءِ سان اھا ڳالھہ سامھون آئي تہ اخبار جي ايڊيٽنگ لاءِ مسٽر نور محمد سنڌي ئي موزون ثابت ٿيندو. پر شرط اهو آهي تہ هو پنھنجون خدمتون عليڳڙھہ جي حوالي ڪري ڇڏي. مون انھيءَ وقت پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيو تہ “حال نڪوست از بھارش پيدا ست”
غائبانہ طور تي انھن مدبرن جي مجلس ۾ نور محمد جي ساراھہ ٻڌي مون کي محسوس ٿيو تہ هي بہ ڪامل هستي آهي.” (رسالو الڪمال 12 سيپٽمبر 1937ع)
اھا هڪ مسلم حقيقت آهي تہ نور محمد وڪيل صاحب دل ۾ سنڌي مسلمانن جي لاءِ درد رکندڙ هو ۽ انھن جي تعليمي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيو. اهو قابل تعريف آهي. مٿين ڳالھين مان ثابت ٿيو تہ ان وقت ۾ سندس صلاحيت جو سڪو هر خاص ۽ عام جي دل تي ويٺل هيو ۽ سنڌ جي جديد تعليمي تاريخ جو ذڪر جڏهن بہ ڇڙندو تہ نور محمد صاحب جي تذڪري کانسواءِ اھا تاريخ نامڪمل هوندي.
(جوڳيئڙا جھان ۾ (مشاهير دادو) (محمد امين مگسي، علامہ آءِ آءِ قاضي اڪيڊمي ميھڙ 1997ع تان ورتل)