سنڌ جي محبوب ليڊر نور محمد جي وفات: مولوي دين محمد فيروزشاهي
مرحوم کي گڙدي جو عارضو هو، جنھن کان ڪيتري قدر بھتر ٿي ويو هو، مگر جڏهن تہ سندس سر شت ۾ قومي تعليم جي الفت يوم ازل کان پيوست ٿي وئي هئي باوجود ڊاڪٽر جي ممانعت جي اسڪول جي بھتري لاءِ ڪراچي هليو ويو جتي سندس طبيعت برخلاف اميد جي زياده ناساز ٿي پئي ۽ اتي ڊاڪٽرن جو علاج ڪرائيندو رهيو مگر تقدير جي مشيت نہ هئي جنھن ڪري طبيعت درست ٿي نہ سگهي ۽ جناب مولانا مولوي ضياءُ الدين احمد صاحب جي آغوش عيادت ۾ داعي اجل کي لبيڪ چوندي جان بحق تسليم ڪيو ۽ ساڻس ڪراچي جا معزز تمام همدردي ڪري رهيا هئا.
ڪراچي جي عمائرن جي مرضي هئي تہ سندس محبوب قالب يا جسم سان ڪراچي جي قبرستان کي مشرف ڪجي، مگر جڏهن تہ سندس دلي رابطہ ۽ ازلي جذبو پنھنجي محبوب مسلم ھاسٽل سان هو ۽ سندس خمير بہ ھاسٽل جي خاڪ پاڪ مان ورتل هو انھي ڪري مرڻ کان پوءِ بہ ھاسٽل کان جدا رهڻ گوارا نہ ڪيائين ۽ اتصالي ڪشش ڪري گهڻيءَ ڪشا ڪشيءَ بعد حيدرآباد ۾ اچي ويو يعني کيس ڪراچي ۾ غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو ۽ صندوق ۾لاش محفوظ ڪري رات واري مڪسڊ ٽرين ۾ سوار ڪري ساڍي 6 بجي فجر جو حيدرآباد ۾ ڪراچي مان معزز مسلمان کڻي آيا.
مولوي ضياءُ الدين جو فرزند ۽ سندس اهليہ بہ جنازي سان شامل هئا. اسٽيشن کان دولت خاني تي آڻڻ تائين جنازي ۾ اٽڪل هزار کن ماڻھو شامل هئا ۽ جنازي کي ڪنڌ ڏيڻ ۾ عام توڙي خاص ماڻھو شامل هئا ۽ تمام شوق سان هڪ ٻئي کان سبقت يا اڳرائي ڪري رهيا هئا، جنازو ڪجهہ وقت ترسائي پوءِ 9 بجي ڌاري جنازو دفن لاءِ کنيو ويو ۽ صدر جي بوري بازار مان گذاريو ويو، پوءِ الھندي ڪچي کان ڦيرائيندي قلعي کان شاهي بازار ۾ آندو ويو. شاهي بازار ختم ٿيڻ کان پوءِ مارڪيٽ ۽ سلاوٽ محلي مان گهمائيندي مسلم ھاسٽل ۾ 11 بجي ڌاري آندو ويو. رستي تي گل افشاني، اشڪباري ۽ آھہ و زاري جو محير العقول نظارو ڏسڻ وٽان هو.
جنازي کي ڪنڌ ڏيڻ ۾ تمام اعليٰ بزرگن بار بار وارو پئي ورتو ۽ انھن جي سڪ پوري ئي ڪونہ ٿي ٿئي، جنھن ڪري جنازو اڪثر جنبش ۾ هو. ڪشادن رستن هوندي بہ ماڻھن جي قطار اٽڪل ٻن فرلانگن ۾ هئي گهڻن هنڌن تي ڪيميرا وارن جلوس جي تصوير ڪشي ڪئي. جلوس ۾ ماڻھو اٽڪل 4 هزار کن هئا. جنازي نماز ھاسٽل جي وسيع ايوان ۾ پڙهي وئي ۽ نماز صوفي صافي حضرت سيد علي اڪبر شاھہ صاحب ميھڙ واري پڙھائي جو خوش قسمتيءَ سان اتي آيل هو. مرحوم جو مقبرہ ڪليڪٽر صاحب جي اجازت سان مسلم ھاسٽل ۾ وڻن جي هيٺان ڪيو ويو، جنھن لاءِ مسلمان خاص طرح مشڪور آهن ۽ جتي روز مره تمام ذوق شوق سان شاگرد قرآن شريف جي تلاوت ڪري مرحُوم جي روح کي ثواب بخشين ٿا. مرحوم جي جنازي سان عام ماڻھن کان سواءِ سڀني طبقن جا معزز ماڻھو بہ شامل هئا. سندس غم ۾ ڪيترائي عاقل ۽ متين ۽ سنجيدا شخص روئندي نظر آيا ۽ ڪلمي جي صدا سان روحاني لذت ۽ رقت سڀني جي دلين تي طاري هئي. غم جي اظھار لاءِ سڀ اسڪول ۽ سولِ ڪورٽون بند ڪيون ويون. گوشت مارڪيٽ شھر ۽ صدر ۾ مسلمانن جا سڀ دڪان بند ٿي ويا.
هن جي ساري حياتي قومي خدمت ۾ صرف ٿي وئي. بمبئي ڪائونسل ۾ ميمبر ٿيڻ کان پوءِ قومي ڪمن جي ڪثرت ڪري وڪالت جو ڌنڌو بہ ڇڏي ڏنائين ۽ 1925ع ۾موجودہ مسلم ھاسٽل گورنمينٽ کان ورتائين ۽ جتي 5-6 سالن کان پوءِ اي. وي اسڪول قائم ڪيائين ۽ ٻن ٽن سالن کان پوءِ گورنمينٽ حيدرآباد ھاءِ اسڪول وٺي اتي گران مايہ رقم سان وڏي درسگاھہ تعمير ڪرايائين جنھن جي قرض ۾ اڃا تائين سندس ذاتي بنگلو گروي آهي.
اسڪول جي سرمايہ جي ترقي سان گڏ سندس طرز تعليم جي واڌاري تي غور ۽ فڪر ڪندو رھندو هو ۽ تعليم جي بھتريءَ لاءِ مختلف صوبن مان بھترين ۽ چيدا چيدا استاد آڻيندو رهيو نہ رڳو ايترو، پر بذات خود اهم ڪلاسن مثلن ميٽرڪ ۽ اسڪالرشپ امتحان وارن کي بعض اوقات پاڻ بہ پڙھائيندو هو.
الغرض تہ هن مرد خدا مسلمانن جي تعليم جي ترقي لاءِ تن من ڌن سڀ قربان ڪري ڇڏيو. ڏينھن رات اسڪول جي ترقي جي سبب مھيا ڪرڻ ۾ محو ۽ مشعول رھندو هو. ان کان سواءِ ٻين سرڪاري ڪمن جي مشڪلاتن ۾ بہ غريب توڙي شاهوڪار ماڻھن جي پنھنجي اثر رسوخ سان مدد ڪندو هو ۽ مدد ڪندي خوشي ٿيندي هيس.
سندس منتھاءِ نظر هي هئي تہ هن ھاءِ اسڪول کي ڦيرائي ڪاليج ڪريان. عين انھيءَ بمياريءَ ۾ يعني ڏيڍ هفتي کان بمبئيءَ مان هڪ ميم گهرايائين تہ ننڍن ڪلاسن کي تعليم ڏئي تہ هنن جا اچار درست ٿين ۽ 1938 جي شروعات ۾ وري ميم صاحب کي ڇوڪرين جي ماسترياڻي ڪري ھا ۽ کيس زناني اسڪول جو ايندڙ سال کان عزم بالجزم يا پڪو خيال هو. مگر انھن سڀني ارادن ۽ تمنائن کي اجل پورو ڪرڻ نہ ڏنو.
مطلب تہ قوم جي فرزندن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ ڏينھن رات سوداءَ ۾ رھندو هو. جنھن جي ڪري زمينداري جو ڪم (جنھن تي سندس گذر اوقات هو) بہ ڪونہ ڪري سگهندو هو، مرندي دم بہ پنھنجي رفيقن ۽ بزرگن کي اسڪول جي حفاظت جي وصيت ۽ پارت ڪندو رهيو. جھڙوڪ جناب مولوي ضياءُ الدين صاحب، جناب شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ اعليٰ جناب سر غلام حسين صاحب وغيره.
ارمان! اسان جي قوم ۾ اڳيئي اهڙن سچن خادمن جو قحط آهي ويتر هن مرد مولا جي موت کان ناقابل تلافي صدمو پھتو.
آهي ڪو مرد مولا، مجاهد اهو جو مرحوم نور محمد وانگر پنھنجي گهران ماني کائي هن مسلم قوم جي ٻيڙي جو ناخدا ٿئي ۽ حڪمت عملي بلاغت قلمي شجاعت قلبي ۽ سخاوت درمي سان قوم جي دستگيري ڪري. مگر افسوس:
تيري صورت سي نہ ملتي هي کسي ڪي صورت،
هم جھان مين تيري تصوير لئي پھرتي هين.
اسڪول ۽ ھاسٽل جو حقيقي حافظ خدا تعاليٰ آهي. انھيءَ کي التجا آهي تہ غيب مان ڪو مرد مخلص خلوص مجسم پيدا ڪري جو لاطمع ٿي الاه في الاه هي قومي ڪم پنھنجي سر تي کڻي آمين. اين دعا از من وازجمل جھان آمين.
نور محمد صاحب حيدرآباد دکن مان هڪ اعليٰ طبقہ جي معزز ترين مغليہ خاندان مان شادي ڪئي هئي. سندس عزيز هي آهن: هڪ اهليہ ٻہ نياڻيون، هڪ همشيرہ ۽ ٻہ سوٽ، پويان ٽي عزيز سندس اصل ڳوٺ خيرپور ناٿن شاھہ ۾ رهن ٿا. افسوس جو ويچاري مرحوم کي نرينہ اولاد ڪونھي. الله العالمين جي بارگاھہ ۾ دعا آهي تہ شل مرحوم کي ڪامل نجات عطا ڪري ۽ طفيلي خاتم النبيا سرور ڪائنات صلي الله علي وسلم جي فردوس برين ۾ داخل ڪريس.
(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)