ڪيئن وساريان ڪين وسرن: عزيز الله ڳنڀير
منھنجي وقت ۾ تقريباً 4 کان 5 سئو شاگرد ھاسٽل ۾ رھندا هئا. سڀني کان پراڻو شاگرد خميسو خان ناهيون ۽ سڀني کان پراڻو ملازم سونھارو بورچي هئا. هن دور ۾ ھاسٽل ۾ انتھائي نظم و ضبط هو، ڪنھن کي مجال نہ هوندي هئي جو ڪو ڏڦيڙ وغيره ڪري، شاگردن ۾ شرافت استادن جو احترام ۽ ھاسٽل جي قانونن جو خيال هوندو هو. ھاسٽل حيدرآباد جي دل هيرآباد ۾ هئڻ ڪري انتھائي وڻندڙ ماحول ۾ هئي.
انھن پنجن کان ستن سالن واري دور ۾ ھاسٽل انتظاميا جا سربراھہ سائين احمد شاھہ، سائين محمد عمر ميمڻ ۽ سائين شمس الدين سومرو هئا. ھاسٽل جو پراڪثر يعني ھاسٽل ڪلارڪ خميسو خان ناهيون ۽ ھاسٽل جي مسجد ۾ خطيب مولوي صاحب) جا فرائض پھرئين مولوي دين محمد اديب فيرو شاهي سرانجام ڏيندا هئا. مولوي صاحب جن جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ سائين حافظ عبدالرحيم جمالي صاحب جن (موجودہ خزانچي ائسوسيئيشن) بطور خطيب ۽ مولوي صاحب مقرر ٿيا. نمازن جي پائبندي هوندي هئي. انڪري ڪي خوشئان تہ ڪي زوران وڃي مسجد ۾ حاضري ڀريندا هئا، ڪاليج ۽ اسڪول بلاڪ گڏيل هوندا هئا. جنھن ڪري ڪاليج جي شاگرد لاءِ بہ نماز پڙهڻ لازمي هوندي هئي. فجر جي نماز تي اٿارڻ مولوي صاحب لاءِ ۽ اٿڻ شاگردن لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻيل هوندو هو. اٿو، اٿو نماز تي، ڇورا اٿو، اٿو نماز لاءِ، جي هونگار مولوي صاحب طرفان هوندي هئي تہ سائين اٿو نہ ٿا، ڇو ٿا ننڊ ڦٽايو، بس اجهو اٿياسين جو ٺھيل ٺڪيل جواب شاگردن طرفان هوندو هو. پوءِ ڪي شاگرد پاڻ کي رليءَ ۾ لڪايو ستا پيا هوندا هئا تہ ڪي وري چادرين جي چار ديواري قائم ڪيو پيا هوندا هئا.
نماز کانپوءِ وهنجڻ جو وسڪارو لڳل هوندو هو. اٽيج باٿ نہ هئا، بلاڪن جي ٻاھران ٺھيل باٿ رومن غسل خانن ڏانھن ٽوال، صابڻ ۽ پيسٽ هٿ ۾ کڻندي شاگردن جي ڊوڙ ڊوڙان هوندي هئي پوءِ جيڪو ڏاڍو سو گابو. ڏاڍا ڀوڳ لڳا پيا وندا هئا. هڪڙو پيو وهجندو هو تہ ٻيو پيو ٻاھران ٻاڪاريندو هو تہ يار جلدي ڪر! ناشتي جو ٽائيم ۽ اسڪول هلڻ لاءِ قطار جو وقت ٿي ويو آهي، ناشتي ۾ عجائب جو پچايل هڪ پراٽو ۽ چانھہ جو هڪ ڪپ ملندو هو. جن جو ذائقو اڃان نٿو وسري، ناشتي بعد ڪتاب هٿن ۾ کڻي اسڪول هلڻ لاءِ قطار ٺاهي هلڻو پوندو هو، جنھن کي فائيل چئبو هو، اڳيان پويان ۽ پاسي کان مانيٽر هوندا هئا تہ سڀ کان آخر ۾ ھائوس ماستر ۽ مولوي صاحب نگراني ڪندا نظر پيا ايندا هئا.
منجهند جو اسڪول کان موٽڻ بعد ڪپڙا بدلائي ڊائيننگ ھال ۾ مانيءَ تي مارو ٿيندو هو. سونھاري بورچيءَ جي پچايل گوشت ۽ دال ۾ اهو مزو هوندو هو جو اڄڪلھہ فائيو اسٽار هوٽلن جي مانيءَ ۾ بہ شايد اهو مزو نہ هجي. ٻوٽين تي البتہ ويڙھہ جام هوندي هئي، ڪاليج بلاڪ ۾ تہ گويا پاڻيپٽ جي جنگ لڳل هوندي هئي، خصوصي طور تي حاجي غلام حيدر ناهيون ۽ مير محمد ڀرڳڙي ان ڳالھہ کان ڀت پوتن تان نڪري ويندا هئا، مون کي ياد آهي هڪ دفعو عبدالستار بچاڻي، موجودہ ايم. پي اي ۽ حاجي نور علي مري ڊي. ايس پي دال واريون پليٽون اڇلائيندي چيو هو تہ هي دال آهي يا واٽر جو لڙاٽيل پاڻي، پر شاباس آهي، سڄي سنگت کي جو ڊائيننگ ھال مان نڪرڻ کانپوءِ وري بہ ساڳيا يار ۽ دوست بنجي پيا پان کائيندا هئا يا ڪئنٽين جي چانھہ ۾ چاھہ ڀريون چسڪيون وٺندا هئا. محبت جو ماحول هو، جھڙيڙا جهڳڙا ۽ ليڊريءَ تان لٺ ضرور لڳندي هئي، پر ڪڏهين بہ ذاتي جھڙيڙو جهڳڙو ڪونہ ڪيائون. ان ئي دور ۾ سائين محمد عمر ميمڻ صاحب مسلم ڪاليج جو پرنسيپال ٿي آيو ۽ ھاسٽل جو سپرنٽنڊنٽ بڻيو ۽ سندس رعب ۽ تاب دٻدٻو ڏسڻ وٽان هو، شخصيت بہ انتھائي پياري هوندي هيس، ڪاليج جي شاگردن تي سندس رعب هو، پر ساڳئي وقت محبت ۽ شفقت ڀريو هٿ بہ هر ڪنھن تي هوندو هوس. في نہ ڏيڻ تي ھاسٽلن ۾ اڪثر ماني بند ڪئي ويندي آهي، پر مسلم ھاسٽل ۾ ڪنھن بہ غريب شاگرد يا فضول خرچ وڏيري شاگرد يا نمائشي ليڊر شاگرد جي ماني ڪڏهين بہ بند نہ ڪئي ويئي هئي، سيڪنڊ ڪلاس ماني البتہ سڻڀي ۽ سٺي هئي، پر ٿرد ڪلاس جي ماني بہ پنھنجو مٽ پاڻ هئي، سونھاري جو هڪڙو هٿ ڏوئي ۾ تہ ٻيو هٿ حقي جي نڙ ۾ پاڻ ڳالھائي پاڻ سمجهي پر يار ٻوڙ اهڙو چاڙهي جو ويھي آڱريون چٽجن.
ڇا تہ جوڀن ڏيھاڙا هئا، بي فڪري، بي پروائي ۽ الهڙ جواني هوندي هئي اسڪول توڙي ڪاليج جي شاگردن ۾ انھن ئي ڏيھاڙن ۾ ڪاليج يونين جا اليڪشن بہ ٿيا، مونکي هڪ ٻہ اليڪشنون ياد آهن، هڪ ۾ حاجي غلام مصطفيٰ جمالي بطور جنرل سيڪريٽري، اختر چانديو صدر، عزيز الله ڳنڀير جوائنٽ سيڪريٽري اليڪشن يونين جي نہ هئي ائين پيئي ڏسڻ ۾ آيو تہ گويا موجودہ قومي يا صوبائي اليڪشن هجي، مامي خميسي جي تہ گويا ٻيگهي متل هئي، همراھہ کي وڻ گهوڙو جهلڻ نہ ڏي. نيٺ پئنل کي کٽرايائين. حاجي غلام مصطفيٰ جمالي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو. مامو نصرالله جکريجو، مير محمد ڀرڳڙي، ستار بچاڻي، کيبر برادران، سليم ۽ ثناءُ الله شيخ، نصرت مرزا نواب خانزادو، حيبيب غوري، منصب جکراڻي، عارف قزلباش، ربڏنو ساريجو، نور حسين نوتڪاڻي، احمد رند، عبدالرزاق ميمڻ، قيوم ميمڻ، نظر محمد کوسو، انور الدين جمالي ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد دوست چڱا مڙس ۽ داداگير سمجهيا ويند اهئا. قاضي عبدالستار صديقي صاحب تہ ان وقت پنھنجي موج مستيءَ ۾ هوندو هو ٻہ شاگرد سڏي انھن جا مٿا ٽڪرائي چوندو هون تہ ھاڻي هلو، هيڏانھن وري نہ ڏسجو! يادگيريون تہ تمام گهڻيون آهن. نالا بہ تمام گهڻا آهن. ڪجهہ ياد اٿم، ڪجهہ وسري ويو جي مصداق مطابق پنھنجي قلم کي بند ڪندي هن خوشيءَ جو اظھار ٿو ڪريان تہ اڄ اهي مٺڙا چھرا وري مليا آهن.
هڪ ٻئي سان حال حقيقتون ڪري رهيا آهن محبتون وري موٽي مليون آهن، اهيئي محبتون آهن جيڪي زندگيءَ جو سرمايو آهن نہ تہ هي جھان فاني آهي، ڪيترا دوست هليا ويا، جيڪي جيئرا آهن سي هڪ ٻئي سان ڀاڪر پائي ملي رهيا آهن سڄو کيل حياتيءَ جو آهي، يار زنده صحبت باقي ان نور محمد مرحوم جي نالي ۽ ھاسٽل ڪاليج ۽ اسڪول جي نالي کي سلام هجي جو انھن اهي محبتي ميڙيا.
(النور ميگزين، 1994ع تان ورتل)