نور محمد لاکير جون سياسي ۽ سماجي خدمتون: عبدالستار ڀٽي
ھندستان ۾ ئي حيدرآباد دکن شھر ۾ پنھنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏجي وڪالت شروع ڪيائين. ميان نور محمد لاکير کي دکني آب هوا ڀانءِ نہ پئي جنھن ڪري ڪجهہ وقت بعد وطن واپس موٽيو. هتي خيرپور رياست ۾ جج جي اعليٰ منصب تي ملازمت مليس، پر سندس مزاج ۾ سرڪاري نوڪري جا عنصر ئي موجود ڪونہ هيا. اهڙي طرح ملازمت ۾ طبيعت نہ لڳڻ ڪري استعيفا ڏئي حيدرآباد ۾ مستقل طور اچي رهيو ۽ وڪالت کي پنھنجو پيشو بڻايائين. پنھنجي ذھانت محنت ۽ اورچرائيءَ سان خوب نالو ڪڍيائين. سندس شمار ان وقت جي قابل ۽ مشھور قانوندانن ۾ ٿيندو هو. سندس نالو ئي نور محمد وڪيل مشھور ٿي ويو. ميان نور محمد هڪ طرف ان وقت سنڌ جو ماهر قانوندان هو تہ وري انتھائي خوشحال حيثيت جو مالڪ به، طبيعت انتھائي سادو ۽ سخي مرد انسان هو. هر وقت سندس آفيس غريب سنڌي ماڻھن لاءِ ڄڻ تہ خدمت جو مرڪز هوندي هئي. هن جي دل غريبن جي هر طرح واهر ڪرڻ ۽ مسلمان ٻارن جي تعليم لاءِ آتي هوندي هئي. ويتر وري ان دور جي مشھور سياسي سماجي شخصيت بئريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي سان ساٿ ۽ دوستي ٿيڻ ڪري بہ گهڻو اثر پيو. رئيس ڀرڳڙي جو درجو سنڌ ۾ اعليٰ اصولن جي بنياد تي سياست هلائڻ جي بانيڪار اڳواڻن ۾ ٿيندو هو ۽ رئيس ڀرڳڙي سنڌ جو اهو مسلمان ليڊر هو جنھن جي سياست ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي جي اصول تي ٻڌل هئي. سندس ئي ڪوششن سان سنڌ ۾ 1918ع ڌاري مسلم ليگ جو بنياد پيو هو. بئريسٽر ڀرڳڙي جي صحبت ۾ نور محمد لاکير جو سياست ڏانھن لاڙو ٿيو.
سنڌ ۾ سال 1919ع ۾ خلافت تحريڪ بنياد پيو. هي برصغير جي مسلمانن جي انگريز سرڪار خلاف هڪ عالمي تحريڪ هئي جنھن ۾ مولانا محمد علي جوهر، شوڪت علي جوهر، جواهر لعل نھرو، بئريسٽر جان محمد جوڻيجو، پير تراب علي شاھہ راشدي جھان اڳواڻن حصو ورتو. نور محمد وڪيل پڻ خلافت تحريڪ ۾ وڏو ڪردار اد اڪيو. سنڌ ۾ خلافت تحريڪ لاءِ خلافت ڪميٽي جو اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو. جيڪو تاريخ 22 مئي 1920ع کان 23 مئي تائين جاري رهيو. هتي ئي خلافت تحريڪ کي سنڌ ۾ وڌيڪ فعال بنائڻ، سنڌ ۾ خلافت ڪميٽين جون شاخون قائم ڪرڻ، ديسي هنرن کي زور وٺائڻ، انگريزي شين کي نہ واپرائڻ، انگريز سرڪار خلاف پروپيگنڊہ مھم کي تيز ڪرڻ جا فيصلا ٿيا ۽ پاڻ سڄي سنڌ خلافت ڪميٽي جي اڳواڻن جي حيدرآباد ۾ ميزباني ڪيائين. بحيثيت قانوندان تحريڪ کي هڙون وڙون مدد ڪيائين، پر جيئن تہ افضان حاڪم انگريز سرڪار سان پنھنجي مفادن خاطر صلح ڪري ۽ مسلمانن سان غداري ڪئي تہ هيءَ تحريڪ ناڪام ٿي ۽ انگريز حاڪم جو مسلمان مٿان قبضو مضبوط ٿيو.
خلافت تحريڪ جي ناڪاميءَ سبب خاص طرح سنڌ جي سياستدانن ۾ گهڻي مايوسي پيدا ٿي، پر سنڌي مسلمان سياستدانن هن تحريڪ کي سامھون رکندي آئندہ صرف سنڌ جي مسلمانن جي سياست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ سنڌ ۾ ٻہ سياسي قوتون اڀريون جن پر امن نموني قانوني آئيني جمھوري طريقي سان انگريز سرڪار کان سنڌي مسلمانن جي حقن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪئي ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ وڃي اسيمبليءَ پليٽ فارم تان آواز اٿاريو. هڪ گروپ سر شاهنواز خان ڀٽو صاحب ۽ ٻيو سر غلام حسين هدايت الله جو هوندو هو. مسٽر نور محمد سر غلام حسين هدايت الله سان بحيثيت اهم رڪن سياست ۾ ڪم ڪندو رهيو، پر مختلف موقعن تي سر شاهنواز ڀٽو صاحب سان بہ گڏجي ڪم ڪيائين. کيس پھريون دفعو سال 1920ع ۾ حيدرآباد مان بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ٽن سالن لاءِ ميمبر چونڊيو ويو جڏهن تہ ٻيھر وري سال 1923ع ۾ بہ سندس ڪيل قومي خدمتن جي بدلي ۾ حيدرآباد جي عوام بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. هن صاحب اٽڪل ڇھہ سال اسيمبلي ۾ سنڌي عوام جي نمائندگي ڪئي. هو صاحب سنڌ بمبئي کان ڌار صوبو ٿيڻ بعد سال 1927ع واري اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبلي جو اميدوار هيو، پر کيس سيد ميران محمد شاھہ هٿان شڪست ملي.
نور محمد وڪيل صاحب کي بنيادي طرح سان بحيثيت قانوندان حيدرآباد ۾ رهي قوم جي خدمت ڪرڻ ۾ گهڻو سڪون ملندو هو تنھنڪري هن سياست کان وڌيڪ توجھہہ قومي خدمت تي ڏني. هن محسوس ڪيو تہ جيسين سنڌي مسلمان انگريزي تعليم نہ حاصل ڪندا تيسين هو ترقي ڪري نہ سگهندا. ملازمت ۾ حق نہ وٺي سگهندا. پوءِ تہ هن صاحب حيدرآباد ۾ هڪ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ کي پنھنجو نصب العين بڻائي ڇڏيو ۽ ڏينھن رات هڪ ڪري حيدرآباد ۾ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪيائين. هتي حيدرآباد شھر ۾ سال 1888 ۾ گورنمينٽ اي وي اسڪول قائم ٿيل هيو، جنھن کي نور محمد وڪيل جي ذاتي ڪوششن سان سال 1924ع ۾ ھاءِ اسڪول جو درجو ڏئي مٿس نور محمد ھاءِ اسڪول نالو رکيو ويو. در اصل تاريخ 5 آڪٽوبر 1924ع تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي حيدرآباد واري بنگلي تي سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنھن جو مقصد بمبئي جي گورنر سر ليسلي ولسن کي حيدرآباد ۾ دعوت ڏيڻ هو. سنڌ جي خاص وڏيرن، قانوني ماهرن ۽ سياستدانن کان علاوھ اسيمبلي ڪائونسل جي چونڊيل سنڌي ميمبرن جھڙوڪ سر شاهنواز خان ڀٽو صدر بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل مسلم ميمبرس، خانبھادر محمد ايوب کھڙو ميمبر بمبئي ڪائونسل، سيد ميران محمد شاھہ،بئريسٽر عبدالرحمان شرڪت ڪئي. نور محمد وڪيل هن ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي. آخر سنڌ تعليمي ڪانفرنس تاريخ 16 ۽ 17 ڊسمبر 1924ع تي حيدرآباد جي هوم اسٽيڊ ھال ۾ منعقد ٿي. جنھن جي صدارت سر ابراهيم رحمت الله صدر اسماعيلي خواجہ بمبئي ڪائونسل ڪئي. هن ڪانفرنس جو افتتاح سر ليسلي ولسن گورنر بمبئي پريزيڊنسي ڪيو. هن ٻہ روزہ ڪانفرنس ۾ سڄي سنڌ مان چونڊ اهم شخصيتن کي ڪوٺ ڏني وئي ۽ ھندستان مان بہ ڪيترا مسلمان تعليمي ماهر شريڪ ٿيا، هن اجلاس ۾ پڻ اي. وي اسڪول کي ھاءِ اسڪول جو درجو ڏيڻ لاءِ تمام مندوبين نور محمد وڪيل MLA جي مطالبي جي تائيد ڪئي. خاص طرح سان عليڳڙھہ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر صاحبزادي آفتاب احمد صاحب جي حمايت ۽ ڪوشش سان نور محمد ھاءِ اسڪول قائم ٿيو. هن ٻہ روزہ سنڌ تعليمي ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽي جو چيئرمين سر شاهنواز خان ڀٽو هو، جڏهن تہ مسٽر نور محمد لاکير وڪيل سيڪريٽري هيو ۽ سيد ميران محمد شاھہ کان علاوھ نانا نور الدين غلام علي جوائنٽ سيڪريٽري هئا. مسٽر نور محمد لاکير ايم. ايل. اي. جي ڪوششن کي ساڀيان ملي. خواب جو هڪ مرحلو مڪمل ٿيو تہ هن صاحب پنھنجي اسيمبلي سياست ۽ ٻين ذاتي ڪمن ڪارين کي هڪ پاسي ڪري هن خير جي ڪم ۾ راتيان ڏيھان رڌل رهيو ۽ نور محمد ھاءِ اسڪول کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌي ميدان تي نڪتو. ڪيترن ئي سنڌي مسلمان شاگردن کي سرنديءَ وارن کان اسڪالرشپ ڏياريائين. هن ڏس ۾ لاکير صاحب لاءِ مشھور آهي تہ ضرورت پوڻ وقت پاڻ شھرين کان ٽوپي لاهي پنھنجي ٽوپي ۾ چندو گڏ ڪندو هو. تنھن کان علاوھ حيدرآباد شھر کان ٻاھرين شاگردن لاءِ رھائش جي خاطر هن صاحب مئي 1925ع ۾ عمارت تيار ڪرائي ۽ جيڪا پھرين آڪٽوبر 1925ع کان استعمال ۾ آئي جنھن جو افتتاح پڻ تڏهوڪي گورنر سر ليسلي ولسن ڪيو هو.
مسٽر نور محمد لاکير سنڌ جي بمبئي کان علحدہ صوبي واري جدوجھد ۾ پڻ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تاريخ 15 نومبر 1932ع تي حيدرآباد ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنس منعقد ٿي تہ ان موقعي تي سر شاهنواز خان ڀٽو صاحب کي صدر، خانبھادر محمد ايوب کھڙو صاحب نائب صدر، سيد ميران محمد شاھہ کي سيڪريٽري ۽ مسٽر نور محمد لاکير وڪيل کي ان جو هڪ سال لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري جڏهن تہ سيد محمد ڪامل ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي پبلسٽي سيڪريٽري، سر عبدالله ھارون خزانچي چونڊيو ويو. سنڌ آزاد ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽي جو چيئرمين سر شاهنواز ڀٽو هيو. هن موقعي تي خانبھادر محمد ايوب کھڙي سنڌ جي بمبئي کان ڌار صوبي جي قرار داد پيش ڪئي تہ ان جي تائيد ڪندڙ سيد ميران محمد شاھہ، مسٽر نور محمد وڪيل، خانبھادر ولي محمد حسن علي ۽ مسٽر مير محمد بلوچ ايم. ايل. اي هئا.
تاريخ 2 آگسٽ 1932ع تي سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو اجلاس تنظيم جي سيڪريٽري خانبھادر ولي محمد حسن علي جي گهر منعقد ٿيو. جنھن جي صدارت تنظيم جي چيئرمين سر شاهنواز ڀٽو صاحب ڪئي ۽ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ تاريخ 16 سيپٽمبر 1932ع تي سڄي سنڌ ۾ “سنڌ آزاد” ڏھاڙو ملھائيو ويندو. هن مقصد لاءِ باقائدي پروپيگنڊہ مھم هلائڻ خاطر سيد ميران محمد شاھہ کي محرڪ تہ مسٽر نور محمد لاکير کي مُويد مقرر ڪيو ويو.
سنڌي قوم جي هن خادم پنھنجي عمل سان پاڻ کي سنڌ جو سچو سپوت ثابت ڪيو ۽ اڄ بہ سنڌ صوبي خاص طرح حيدرآباد ضلعي ۾ نور محمد ھاءِ اسڪول جي حوالي سان کيس ياد ڪيو وڃي ٿو. هن سٻاجهي نيڪ انسان جي اھا آخري تمنا هئي تہ حيدرآباد سنڌ ۾ مسلم يونيورسٽي قائم ٿئي مگر افسوس جو حياتي ساڻس بقا نہ ڪئي. هن پنھنجي زندگي ۾ ٻہ شاديون ڪيون پر کيس پٽ جي اولاد ڪونہ ٿي. سندس ڌيءُ آپا مھر النساء نور محمد جيڪا زبيدہ گرلس ڪاليج حيدرآباد ۽ گورنمينٽ گرلس ڪاليج لاڙڪاڻو جي اڳوڻي پرنسيپال رهي آهي.
هن عظيم ۽ امر انسان تاريخ 22 آگسٽ 1937ع تي وفات ڪئي کيس سندس وصيت مطابق مسلم ھاسٽل حيدرآباد جي احاطي ۾ دفنايو ويو.
(لاڙڪاڻو امر شخصيتون، لاڙڪاڻو ريسرچ اڪيڊمي، 2000ع تان ورتل)