شخصيتون ۽ خاڪا

نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ سندس باني: محمد حسن بوزدار

سنڌ ۾، انگريزن جي فتح کانپوءِ ڪيترائي سال شھري نظام بگڙيل هو ۽ تعليم لاءِ ڪو بہ بندوبست نہ هو. آخرڪار سنڌ جي تعليم کاتي جي انسپيڪٽر مسٽر گولڊ سمڊ جي ڪوشش سان سال 1858ع ۾ حيدرآباد ۾ هڪ گورنمينٽ اي. وي اسڪول (موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول جي پراڻي عمارت ۾) قائم ٿيو. اهو اسڪول، زميندارن ۽ آبادگارن کان ورتل، لوڪل فنڊ جي آمدني مان هلايو ٿي ويو. 1864ع ۾ اسڪول کي ھاءِ اسڪول جي درجي تائين وڌايو ويو. ٻھراڙيءَ جا مسلمان جي لوڪل فنڊ ڀريندڙ هئا، سي انھيءَ اسڪول مان فائدو نہ وٺي سگهيا، ڇاڪاڻ جو هو شھر کان گهڻو پري رھندا هئا ۽ شھر ۾ سندن رھائش جو ڪو انتظام ڪونہ هو.
اهڙيءَ طرح 1923ع تائين لوڪل فنڊ جا پئسا مقامي ھندن جي پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليجئيٽ تعليم تي خرچ پئي، ٿيا، تنھن کانسواءِ 1861ع ۾ “سنڌ اسڪالر شپ فنڊ” ڪٺو ڪيو ويو، جيئن سنڌي بمبئي مان مئٽرڪ پاس ڪري اتي جي ايلفنٽس ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهن. انھيءَ فنڊ مان بہ رڳو ھندو عالمن فائدو ورتو ۽ ڪنھن بہ مسلمان کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو موقعو نہ مليو.
مسٽر جينڪسن جو انھيءَ وقت سابق سنڌ جو ڪمشنر هو. ان جي هي رپورٽ آهي: “افسوس آهي تہ سنڌ جا مسلمان تعليم ۾ تمام پٺتي پيل آهن. هن وقت ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ڪراچي ۾ (جو انھيءَ سال کليو هو) فقط ٽي مسلمان شاگرد پڙهي رهيا آهن ۽ گورنمينٽ جا ھاءِ اسڪول مسلمانن کي تعليم مھيا ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهيا آهن.” انھيءَ رپورٽ کانپوءِ البتہ مسلمانن ۾ ڪجهہ سجاڳي آئي. سال 1886ع ۾ خانبھادر حسن علي آفندي ڪراچي ۾ هڪ مڊل اسڪول کوليو، جو هينئر سنڌ مدرستہ السلام جي نالي سان مشھو رآهي.
سال 1908ع ۾ مسٽر دهلوي بار ائٽ لا حيدرآباد، بمبئي سرڪار کي سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پستي کان واقف ڪيو ۽ انھيءَ جي تلافي لاءِ سرڪار جو ڌيان ڇڪايو. سال 1915ع سنڌ جي ڪمشنر مسٽر ايڇ لارينس ۽ تنھن کانپوءِ 1924ع ۾ بمبئي سرڪار جي وزير تعليم مسٽر بي. وي. جاڌا جي ڪوششن سان مسلمانن لاءِ داخلا لاءِ جايون مخصوص رکيو ويون ۽ اسڪالرشپن جو تعداد پڻ وڌايو ويو، جنھنڪري گهڻن مسلمانن کي مقامي ھاءِ اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ جو موقعو مليو.
ان وقت سائين نور محمد جون مسلم تعليم جي ڦھلائڻ لاءِ ڪوششون بہ گل ڪڍڻ لڳيون جي سندس حيدرآباد جي سال 1924ع واري ”سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس“ جي شڪل ۾ ظاهر ٿيون. اھا ڪانفرنس عليڳڙھہ يونيورسٽي جي سابق وائيس چانسلر صاحبزادي آفتاب احمد صاحب جي زير صدارت ٿي هئي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم جي ترقي لاءِ ٻين ٺھرائن، سان گڏ اهو بہ هڪ ٺھراءُ پاس ڪيو ويو هو تہ حيدرآباد ۾، ٻھراڙي جي مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ، هڪ بورڊنگ ھائوس ۽ هڪ جدا ھاءِ اسڪول قائم ڪيو وڃي. ان کانپوءِ نور محمد ڪانفرنس جي ٺھراءَ کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. آخرڪار نور محمد ۽ ٻيا قومي درد رکندڙ مسلمان مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي بار ايٽ لا، (جو ان وقت بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو ۽ حيدرآباد نيشنل ڪاليج جي مئنيجنگ بورڊ جو پريزيڊنٽ پڻ هو) سان مليا تہ هو سرڪار سان لھہ وچڙ ۾ اچي ٽريننگ ڪاليج جي عمارت جو حصو (موجودہ مسلم ھاسٽل نور محمد ھاءِ اسڪول) جو ان وقت خالي پيل هو، مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ حاصل ڪري.
ان وقت جي نيشنل ڪاليج جي پرنسيپال مسٽر حشمتراءِ ڇٻلاڻي ايم.اي سرڪار کي پيش ڪرڻ لاءِ درخواست جو مسودو تيار ڪيو. سال 1924ع جي شروعات ۾ مرحوم ڀرڳڙي صاحب سخت بيمار ٿي پيو، تنھن ڪري اهو ڪم سندس دوستن پاڻ تي کنيو. نيٺ اھا درخواست 1924ع مارچ مھيني ۾ مرحوم ڀرڳڙي صاحب جي وفات کانپوءِ ٻئي ڏينھن تي سرڪار کي پيش ڪئي ويئي. سرڪار ضروري لکپڙھہ ۽ پڇا ڳاڇا کان پوءِ اھا عمارت ماهياني معمولي مسواڙ تي مسلمان شاگردن جي رھائش لاءِ انھيءَ شرط تي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي تہ مسلمان ھاسٽل کي هلائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي ٺاهيندا. مئي 1925ع ۾ سرڪار مسلمانن جي ٺاهيل ڪاميٽي (مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي جي نالي سان)، جنھن جو پھريون آنريري سيڪريٽري مسٽر نور محمد هو، تسليم ڪئي. سيپٽمبر 1925ع ۾ بلڊنگ جو قبضو مسلمانن کي مليو پھرئين آڪٽوبر 1925ع کان عمارت باقاعدي ڪم ۾ اچڻ لڳي. ٻھراڙي کان گهڻيئي شاگرد داخلا لاءِ اچي ويا، جنھنڪري مسلمانن جي تعليم کي ڪافي هٿي اچي ويئي. هن ھاسٽل ۾ هن وقت 200 شاگرد جي رھائش جي گنجائش آهي.
1925ع ۾ پھريون ڀيرو بمبئي جي گورنر ليسلي ولسن ھاسٽل جو معائنو ڪيو، سندس ريمارڪ آهي تہ؛ “انھيءَ ۾ ڪو شڪ نہ آهي تہ بورڊنگ ھائوس جنھن کانسواءِ مسلمانن جو تعليم مان فائدو وٺڻ مشڪل آهي. مسلمان ٻارن جي هڪ وڏي ضرورت پوري ڪري رهيو آهي. آءٌ سوسائٽيءَ کي سندس سٺي ڪم تي مبارڪ باد ڏيان ٿو.” سندس ٻئي دفعي 1927ع جو ريمارڪ آهي: ”مونکي ٻيھر هن اداري کي ڏسڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. آئون ھاسٽل جي ٿوري وقت ۾ بيحد ترقي ڏسي دنگ رهجي ويو آهيان. ھاسٽل تمام وڏي ضرورت پوري ڪري رهي آهي. ڇوڪرا تمام خوش نظر اچي رهيا آهن. سندن نظرداري تمام سھڻي ۽ خاطر خواھہ نموني ڪئي وڃي ٿي. مونکي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي تہ ھاسٽل جا سڀ شاگرد اسڪائوٽ آهن. آءٌ اسڪائوٽ بئنڊ جي ڪاميابي تي سڀني واسطيدار ماڻھن ۽ بئنڊ ماسٽرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو”.
انھيءَ وقت حيدرآباد ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول) کانسواءِ ٻہ ٻيا ھاءِ اسڪول، اين ايڇ اڪيڊمي (ھاڻي گورنمينٽ ھاءِ اسڪول) نو ودياليہ ھاءِ اسڪول (جتي ھاڻي سنڌ يونيورسٽي آهي). اهي ٻئي اسڪول ھندن جي سرپرستي هيٺ هلي رهيا هئا.
ھاسٽل ۾ رھندڙ ڇوڪرا مذڪوره ٽنھي اسڪولن ۾ داخل ڪرايا ويندا هئا. گورنمينٽ ھاءِ اسڪول کانسواءِ ٻيا ٻئي اسڪول، ھاسٽل کان تمام گهڻو پري هئا جنھن ڪري شاگردن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. تنھن کانسواءِ ھندو اسڪولن ۾ مسلمانن کي نڪي ڪي سھولتون ڏنيون وينديون هيون ۽ نہ وري ڪو ورتاءُ سٺو ڪيو ويندو هو. انھيءَ ڪري مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي اهو محسوس ڪيو تہ حيدرآباد ۾ مسلمانن لاءِ هڪ جدا ھاءِ اسڪول جو هئڻ نھايت ضروري آهي. نور محمد جي ڪوششن سان هڪ دفعو وري بہ مسلمانن جو وفد بمبئي سرڪار سان مليو. آخر ڪار سرڪار گورنمينٽ ھاءِ اسڪول (موجودہ نور محمد ھاءِ اسڪول) جو انتظام مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي حوالي ڪرڻ تي رضامند ٿي. حيدرآباد جي ھندن خاص ڪري حيدرآباد جي عاملن انھيءَ تجويز جي ننھن چوٽيءَ سان مخالفت ڪئي، پر سائين جي اڻ ٿڪ ڪوششن سان سرڪار کان 1934ع ۾ اسڪول جو قبضو مسلمانن کي ڏياريو. انھيءَ ساڳئي سال اسڪول جي نئين عمارت جو بنياد شيخ غلام حسين هدايت الله رکيو ۽ اسڪول ھاڻي حيدرآباد ھاءِ اسڪول سڏجڻ لڳو. 1937ع ۾ مرحوم نور محمد جي وفات کانپوءِ سندس خدمتن جي يادگيري ۾ اسڪول جو نالو “نور محمد ھاءِ اسڪول” رکيو ويو. مرحوم نور محمد جي وفات کانپوءِ مرحوم خانصاحب محمد اسلم اسڪول جو آنريري سيڪريٽري ٿيو.
ھاڻي اسڪول ۾ شاگرد بہ وڌڻ لڳا. سال 1946ع ۾ 600 شاگرد هئا. اسڪول جي بھترين انتظام، تجربيڪار ۽ تربيت يافتہ عملي ۽ امتحان ۾ سٺن نتيجن ڪري شاگردن جو تعداد هر سال وڌندڙ آهي. هن وقت اسڪول ۾ 1800 شاگرد پڙهي رهيا آهن. ڪلاسن جي گهٽتائي ڪري اسڪول ٻن شفٽن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، پر تنھن هوندي بہ جڳھہ جي تنگي جو مسئلو حل نہ ٿي سگهيو آهي. انھيءَ سلسلي ۾ سرڪار سان لکپڙھہ هلي رهي آهي. اميد ڪئي پئي وڃي تہ اسڪول جي نئين عمارت لاءِ سرڪار دل کولي گرانٽ ڏيندي.
نور محمد ھاءِ اسڪول خير خوبي سان 25 سال پورا ڪيا آهن، ڊسمبر 1959ع ۾ سندس شايان شان سلور جبلي ملھائي ويئي هئي. اسڪول جي موجودہ ترقي ۽ شھريت، خانصاحب محمد اسلم آنرري سيڪريٽري (وفات سيپٽمبر 1958ع) رئيس غلام رسول خان ڀرڳڙي، موجودہ آنرري سيڪريٽري ۽ مسٽر غلام حسين سومرو (جنھن مئي 1960ع ۾ هيڊ ماسٽر جي عھدي تان رٽائر ڪيو) جي ڪوششن ۽ دلچسپي جو نتيجو آهي.
مسلم ايجوڪيشن سوسائٽي، نور محمد ھاءِ اسڪول کان سواءِ هڪ پرائمري اسڪول، هڪ مڊل ۽ هڪ ڊگري ڪاليج مسلم آرٽس ڪاليج جي نالي سان هلائي رهي آهي. مئي 1960ع ۾ مسٽر غلام حسين سومرو جي هيڊ ماسٽريءَ جي عھدي تان سبڪدوش ٿيڻ کان پوءِ مسٽر اي ايم نظاماڻي، (رٽائر ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن حيدرآباد ريجن) نور محمد ھاءِ اسڪول جي هيڊ ماسٽر (ھاڻي پرنسيپال) جو عھدو سنڀاليو آهي.
اسڪول جي باني مرحوم نور محمد سنڌ جي مسلمانن لاءِ اهو ڪم ڪيو جيڪي حسن علي آفندي، الھندو شاھہ، قادر داد خان، مير غلام محمد خان ٽالپر ۽ سردار محمد يعقوب ڪيو. نور محمد مسلمانن جي تعليمي خدمت ڪرڻ هميشہ پنھنجو فرض سمجهندو هو ۽ انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ هن پنھنجو تن، من ڌن وقف ڪري ڇڏيو هو. مسلمانن جي تعليمي حالت سڌارڻ ۽ انھن ۾ تعليم عام ڪرڻ لاءِ رات ڏينھن پيو پاڻ پتوڙيندو هو. کيس اهو خيال جنون جي حد تائين هو، تہ ڪيئن بہ ڪري ٻھراڙي جي ماڻھن کي تعليم جي زيور سان آراستہ ڪري جيئن هو شھرين سان گڏوگڏ ترقي ڪري سگهن.
سائين نور محمد، ذات جو لاکير، ڳوٺ چڪرو تعلقي ڏوڪري جو ويٺل هو. سندس والد ميان محمد سجاول سنڌي اسڪول ماسٽر هو. جڏهن سندس بدلي ڪڪڙ ٿي، تڏهن اصلي ڳوٺ ڇڏي، وڃي جمعي لاکير جي ڳوٺ ويٺو، جتي اڳيئي سندس مائٽ مقيم هئا. پينشن وٺڻ کانپوءِ هن پنھنجي سڄي حياتي اتي گذاري، ڳچ جيتري زمين هٿ ڪيائين جنھن جو کاتو، کانئس پوءِ سائين نور محمد جي نالي ٿيو. مرحوم ابتدائي تعليم جا ٽي چار درجا پنھنجي پيءُ وٽ پڙهيو ۽ انگريزي ميٽرڪ تائين سنڌ مدرستہ الاسلام ڪراچي ۾ پڙهيائين. تنھن کانپوءِ مرحوم سردار محمد يعقوب جي ڪوششن سان، مير علي مراد اسڪالرشپ وٺي عليڳڙھہ مان بي. اي، ايل. ايل. بي ڪري پنھنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏ حيدرآباد دکن ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو.
مرحوم ٻہ شاديون ڪيون هيون. پھرئين شادي پنھنجي مائٽن مان ڪيائين، جنھن مان هڪ نياڻي ڄايس ۽ پوئين شادي محمود علي بيگ وري پنھنجن مائٽن مان ڪرايس، جنھن مان پڻ هڪ نياڻي ڄايس. واديءَ سنڌ جو مشھور ماهر تعليم ڊاڪٽر غلام حسين خان جعفري رٽائرڊ ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن مرحوم نور محمد جو ناٺي آهي ۽ ڊاڪٽر موصوف جي فقط هڪ نياڻي ئي مرحوم جو آخري يادگار آهي.
مرحوم کي حيدرآباد دکن جي آب هوا موافق نہ پيئي. تنھنڪري جلدي وطن وري آيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ خيرپور ميرس ۾ جج مقرر ٿيو. ٻہ سال اتي رهڻ کانپوءِ، اھا نوڪري ڇڏي، حيدرآباد ۾ آيو، جتي وڪالت ۾ چڱو نالو ڪڍيائين. وڪالت ڪندي قوم جي تعليمي خدمت لاءِ سوچيندو رهيو. انھيءَ ڏس ۾ مرحوم غلام محمد ڀرڳڙي، جو قوم جو سچو هڏ ڏوکي هو، تنھن سان ٻانھن ٻيلي ٿي بيٺو. نيٺ پنھنجن ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيو. جنھن جو لازوال يادگار نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ سندس ھاسٽل حيدرآباد ۾ موجود آهن.
مرحوم پڇاڙي ۾ پنھنجا ڌنڌا ڌاڙي ڇڏي، رات ڏينھن اسڪول ۽ ھاسٽل جي ترقي ۽ مسلمان شاگردن کي وڌيڪ اسڪالرشپون وٺي ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. مرحوم 1923ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو، جتي مدلل تقريرون ڪري پنھنجو نالو ڪڍيائين ۽ نڪاحن جي تڪرارن کان متاثر ٿي شادين جي داخلا لاءِ بل پيش ڪيائين.
مرحوم جي رٿ هئي تہ: “حيدرآباد ۾ مسلم يونيورسٽي قائم ڪريان” مگر افسوس جو ملڪ الموت زياده مھلت نہ ڏنس ۽ 22 آگسٽ 1937ع ۾ ڪراچي ۾ رحلت ڪيائين سندس وصيت موجب سندس لاش حيدرآباد ۾ مسلم ھاسٽل حيدرآباد جي حد اندر دفن ڪيو ويو. مرحوم جا آخري الفاظ آهن: “منھنجو هي خاڪي پتلو مسلم ھاسٽل جي مٽيءَ جي سپرد ڪجو، جيئن منھنجو قلب طالبعلمن جون ٻاتيون ٻوليون ۽ معصوم دلين جون دعائون ٻڌي من قرار پائي! منھنجي اسڪول ۽ ھاسٽل جي پارت اٿو، خدا حافظ!”

(ماهوار نئين زندگي آڪٽوبر 1960ع تان ورتل)