شخصيتون ۽ خاڪا

نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

مسٽر نور محمد وڪيل: پير علي محمد راشدي

جيرامداس جو جواب اسان وٽ محض ميان نور محمد وڪيل هو، قد ۾ ٿورو ڪم، پر مزاج خواھہ منھنجي گهنڊ ۽ پيشانيءَ جي گهنجن ۾ ٻہ رَتيون سرس. عليڳڙھہ مان ايل. ايل. بي. پاس ڪري اچي حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي هئائين. اصل ڄم دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھہ جو هوس، پر سندس سياست خواھہ خيالات مان دادو سان سندس پريت جو ڪو پتو ڪونہ پيو. جيڪو ڀال ڀلايائين سو حيدرآباد سان.
خانبھادر سيد محمد ڪامل شاھہ جي سرپرستيءَ هيٺ مسٽر نور محمد سياست ۾ گهڙيو. حيدرآباد مان ٽي ٽرم بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. چوٿين ٽرم ۾ سائين ميران محمد شاھہ ڪيرائي وڌس، ان وچ ۾ سائين ڪامل شاھہ بہ رحلت ڪري ويل هو.
مزاجاً خواھہ ملبوساً ساري عمر عليڳڙھہ جي رنگ ۾ رنڱيو رهيو. مٿي تي گُل سان ڳاڙهي ترڪي ٽوپي، هيٺ تي پتلون يا سوڙهو اڇو پاجامو، بدن تي ڪاري شيرواني، مسلمانن جي ڪاز سان اٿاھہ الفت، نہ انگريز جي مجال، نہ ھندوءَ کي همٿ، تہ کيس ان راھہ تان هٽائي سگهي. انھن ڏينھن ۾ ٻن ٽن پڙهيلن ماڻھن کان سواءِ سنڌ طرفان بمبئي ڪائونسل ۾، باقي گهڻو ڪري ڍور ڍڳا ويندا هئا. سندن شڪليون ڏسي ٻاھرين کي بہ هن علاقي تي رحم پيو ايندو هو. ايتري مھرباني ضرور ڪندا هئا جو ڪائونسل ۾ ماٺ ڪيو ويٺا هوندا هئا، نہ پاڻ وات کولڻ جي زحمت ڪندا هئا نہ ٻاھرين کي پنھنجن ٻولن ٻڌڻ جي تڪليف ڏيندا هئا. نظر سرڪاري ميمبرن تي کُتل هوندي هون. هو اٿن تہ هي بہ کڙا ٿي بيھن، هو ويھن تہ هي بہ ڪرسيءَ ۾ ڪِريو پون. خود انگريزي پڙهيل پتلون پوشن کي بہ ڪانہ ڪا ذاتي لنجهڻ لڳل هوندي هئي. وزير ٿيڻ جي، لقبن وٺڻ جي، مھربانين پنڻ جي، ڪاميٽين جي ميمبرين ماڻڻ جي، ۽ انگريز تي هن اثر پيدا ڪرڻ جي تہ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جي ووٽن جي چاٻي ”مون وٽ آهي، نہ فلاڻي وٽ“ بمبئي ايندي ويندي اڪثر حضرت اجميري رحمة الله جي زيارت ڪندا ويندا هئا، ان نيت سان تہ سندس غريب نوازي کين انگريز وٽان ڪنھن خطاب يا وزارت وٺي ڏيڻ جو باعث بنجي، شال نہ ڪو هيورڊ صاحب يا ھاٽسن صاحب لابيءَ مان لنگهي، ڄڻ جهرڪين باز ڏٺو! اهي نظارا مون پنھنجين اکين سان ڏٺا.
البت ميان نور محمد مرحوم انھن ڳالھين کان بي نياز رهيو. غريب هو، پر اصولن تي بيٺل غربت جو شان ۽ مڪان ڄاڻندو هو.
حيدرآباد ۾ پھريون پير رکيائين تہ ڪھڙو نظارو ڏٺائين؟ ھندو سجاڳ، مسلمان اگهور ننڊ ۾، ھندو ليڊر تعليم، تنظيم ۽ تعمير ۾ مشغول، ڪيترا مالدار مسلمان اهڙن مشغلن ۾ محو جن جو تفصيل ڏيندي اڄ بہ ڏک پيو ٿئي.
ھندن جو ڪم ترتيب سان پئي هليو.
هڪڙا: سوڄڻ ۽ ويچارڻ تي،
ٻيا: تعليم ۽ ھندو تھذيب ڦھلائڻ تي،
ٽيان: سماجي اصلاح تي،
چوٿان: نوڪرين ذريعي انگريز جي گهر ۾ گهڙڻ تي
پنجان: سياست سان منھن ڏيڻ تي،
ڇھان: لٽريچر لکڻ، اخبارن هلائڻ ۽ فڪري انقلاب آڻڻ تي،
ستان : مسلمان مٿان اک رکڻ تي،
اٺان: پيسن پھچائڻ تي.
هر ڪم لاءِ ماڻھو مخصوص، پروگرام تيار، ادارا قائم دولت موجود، مجموعي مقصد هيءُ تہ پيڙه کان وٺي چوٽيءَ تائين ھندو معاشري کي نئين سر وقت جي خاص تقاضائن موجب گهڙي ٺاهي تيار ڪجي.
ساڳئي پَٽ ۾ پيرن، اميرن، رئيسن ۽ مالدار مسلمانن جي بہ کوٽ ڪانہ هئي ۽ منجهان انفرادي ليول تي، گهڻن جي دل ۾ تہ قومي درد بہ موجزن رهيو( ) پر بحيثيت ڪلاس جي مجموعي طرح سندن توجھہ زياده تر پنھنجي مخصوص اميراڻي ڪلچر جي پذيرائي ۽ شخصي توانائي ۽ تونگري ۾ تشهير تي رهيو. اُٺ، گهوڙا، ڪُتا، ڪڃريون، ڪبوتريون، ميلا، ملاکڙا، سرود سماع، ڳائڻ وڄائڻ، شيل شڪار، بندوقون، سينڌيون، سُريتون، شيدي، ٽاپرو، مسخرا، ميلا موالي، مولائي. غرض هڪ ڀوتار سو جوابداريون، هڪ خاندان سوين مصروفيتون، ڪٿا ٿا قومي ڪمن لاءِ وقت يا ڏوڪڙ بچين؟
ان وچ ۾ خاص طرح سان موسيقيءَ جي فن جو چرچو چالو ٿيو هو. گهڻا ئي “خان صاحب” ۽ “استاد“ موقعي تي پھچي ويا هئا. قدرت جو قانون آهي تہ قومن جي انحطاط واري دؤر ۾ (بقول مولانا شبلي مرحوم) موسيقي ۽ عروض جو خاص اوج ايندو آهي، هتي بہ ساڳيو حال ٿيو. “خانصاحب” ورھائجي سنڌ کي وڪوڙي ويا، هر خاندان کي خيال ٿيو تہ ڇو نہ پاڻ تانسين بنجي. پر تانسين بڻجڻ آسان ڪونہ هو. اجايو وقت ۽ دولت وڃائيندا رهيا.
مسٽر نور محمد اهي تقابلي تماشا پنھنجن پراون جا ڏسندو رهيو. محسوس ڪيائين تہ اهڙي طوفان ۾ گهڻو ڪجهہ تہ ٿي ڪونہ سگهندو، پر جيترو ڪجهہ ٿي سگهي سو ضرور ڪري گذرجي. اتفاقاً مرحوم سائين محمد ڪامل شاھہ جھڙا مرد ڪامل ملي ويس. جنھن جي رفاقت ۾، ورهين جي مٿاڪٽ بعد، حڪومت بمبئي جي مھربانيءَ سان حيدرآباد جي مسلمانن لاءِ هڪڙو، (صرف هڪڙو) ھاءِ اسڪول کولرائي سگهيو، جنھن جي صحن ۾ پاڻ بہ ابدي ننڊ سمھي رهيو. دادوءَ مان آيل هڪ پرديسي وڌيڪ ڇا ڪري سگهيو ٿي؟
ڪاش سندس قائم ڪيل اسڪول مان ڪڏهن ڪو هڪ نئون نور محمد نڪري نروار ٿئي. معمول تہ هيءُ رهيو آهي تہ ويلن جي جاءِ ڪو ڪونہ ٿو ڀري.

(پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اهي ڏينھن اهي شينھن“ جي جلد ٽئين تان ورتل)