شخصيتون ۽ خاڪا

نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

سنڌ جي تعليم جي سڌاريندڙ ميان نور محمد وڪيل جي وفات: محمد صديق ميمڻ

مسٽر نور محمد اهڙو انسان هو، جنھن کي قوم جي مرض جي پوري شناس هوندي هئي. هن صاحب انھيءَ مرض جو اهو علاج ڳولي ڪڍيو جو اڪسير کان گهٽ نہ آهي. تعليم جي پکيڙڻ ۾ هو رات ڏينھن ڪوشان هوندو هو ۽ اهو ئي خيال هوندو هوس تہ ٻھراڙي وارن کي ڪيئن تعليم جي روشنائيءَ سان روشن ڪريان جو هو شھر وارن سان گڏجي، هم رفيق ٿي ساڳئي خيال ۽ مقصد سان ترقيءَ جي شاهراه تي رھہ روان ٿين. مرحوم سنڌ جي لاءِ اهو ڪم ڪيو آهي، جو ميان حسن علي آفندي، ديوان نولراءِ، ديوان هيرانند، سيد الھندو شاھہ، ديوان ڏيارام، سردار قادر داد خان، ۽ سرڳواسي ديوان ڪوڙو مل ڪيو. مرحوم پنھنجا ڌنڌا ڌاڙي سڀ ڦٽا ڪري مجنون وانگر تعليم جي محبت ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو. پنھنجي جائداد ۽ مال ملڪيت قوم جي اڀارڻ ۾ اڏائي ڇڏيائين. سندس مختصر سوانح ڏجي ٿي، جنھن مان پتو پوندو تہ ڪيئن هن پاڻ ترقي ڪئي ۽ ٻين ڀائرن جي خدمت ۾ پنھنجي حياتي صرف ڪئي.
ميان نور محمد اصل ڳوٺ چڪرو تعلقو لب درياھہ جو ويٺل هو. سندس پيءُ ماستر محمد سجاول هڪڙو نھايت ڪفائتي ۽ سانگ صرفي سان هلندڙ سفيد پوش اسڪول ماستر هو. جڏهن سندس بدلي ڪڪڙ ۾ ٿي، تڏهن اتي جي ڳوٺ جمع لاکير ۾ گهر ٻار ڪري ويٺو. ڇاڪاڻ جو اتي سندس هم قوم لاکيرن جو وڏو راڄ رھندڙ هو ۽ ويجهي عزازت بہ هيس. ميان محمد سجاول پينشن وٺڻ کان پوءِ بہ پنھنجي باقي حياتي انھيءَ ڳوٺ جمع لاکير ۾ گذاري ۽ اتي رھندو هو ۽ مٽي مائٽي بہ اتي هين. پينشن وٺڻ کان پوءِ بہ پنھنجي حياتي اتي گذاري ۽ اتي ڳچ جيتري زرعي زمين بہ هٿ ڪيائين، جنھن جو کاتو کانئس پوءِ سندس فرزند مسٽر نور محمد جي نالي قائم ٿيو.
ميان نور محمد ابتدائي تعليم جا چار ئي درجا پنھنجي پيءُ وٽ پڙهيو هو، اهو سارو وقت پنھنجي پيءُ جي علمي ۽ اخلاقي اثر هيٺ ئي گذاريو هئائين. انگريزي پھرين درجي کان ستين درجي تائين سنڌ مدرسہ الاسلام ۾ تعليم وٺي علمي ذوق شوق ۽ همدريءَ سان شرشار ٿي سردار محمد يعقوب جھڙي سچي، همدرد ۽ نيڪ بزرگ جي ڪوشش سان مير علي مراد اسڪالرشپ وٺي عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺڻ لاءِ ويو، جتان بي.اي.، ايل.ايل. بي پاس ڪري پنھنجي دوست محمود علي بيگ سان گڏجي حيدرآباد دکن وڪالت ڪرڻ ويو.
ميان نور محمد پھرين شادي پنھنجي عزارت مان ڪئي هئي، جنھن مان هڪ نياڻي ڄايس. ٻي شادي دکن ۾ مسٽر محمود علي بيگ پنھنجي عزارت مان ڪرايس، جنھن مان بہ کيس هڪ نياڻي ڄائي. ميان نور محمد کي حيدرآباد دکن جي هوا ڀاءِ نہ پئي تنھن ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ آيو ۽ جلد ئي خيرپور رياست ۾ ريزيڊنٽ ۽ جج مقرر ٿيو. ٻہ سال کن رهڻ کان پوءِ اھا نوڪري ڇڏي حيدرآباد آيو ۽ رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جو مسلم قوم جو خيرخواھہ ۽ سچو همدرد ۽ سچو هڏ ڏوکي هو، تنھن ميان نور محمد کي پاڻ سان پنھنجي فرم ۾ همراه ڪيو، جتي هن وڪالت ۾ چڱو نالو ڪڍيو ۽ پاڻ ڀرڳڙي صاحب جو سچو پچو ٻانھن ٻيلي ثابت ڪيو.
وڪالت ڪندي بہ قوم جي تعليمي خدمت بجاءِ آڻڻ جا پھہ پچائيندو آيو ۽ ڏهن ٻارهن سالن جي غور، فڪر ۽ صلاح مشورن جو نتيجو حيدرآباد سنڌ جي سال 1924ع واري سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرسن جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو. اھا ڪانفرنس عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر شھزاه آفتاب احمد صاحب جي زير صدارت ٿي هئي، جنھن ۾ سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ترقي ۽ سڌاري لاءِ ٺھراءَ پاس ٿيا هئا، تن مان مکيہ ٺھراءُ هو حيدرآباد ۾ مسلم ھاسٽل ۽ ھاءِ اسڪول قائم ڪرڻ.
ان کان پوءِ ميان نور محمد تعليمي ڪانفرنس جي ٺھراءَ کي عملي جامي پھرائڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو ۽ ان جي سرانجامي جو سھرو بہ سندس سر تي سونھين ٿو جو گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مان ڦري ”حيدرآباد ھاءِ اسڪول“ ڪيو ويو. حيدرآباد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ معزز مسلمانن جو بورڊ مقرر ٿيو جنھن جو جنرل سيڪريٽري نور محمد ٿيو. تنھن کان پوءِ تہ وڪالت جو ڌنڌو ترڪ ڪري رات ڏينھن مسلم ھاسٽل ۽ اسڪول جي ترقي لاءِ مسلمان شاگردن کي وڌيڪ اسڪالرشپون وٺي ڏيڻ ۾، ۽ اسڪول کي گرانٽ وٺي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو.
1923ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر هو اتي بہ سٺيون تقريرون ڪري پنھنجو نالو ڪڍيائين ۽ نڪاحن جي تڪرارن کان متاثر ٿي شادين جي داخلا جو بل پيش ڪيائين.
خيرپور ۾ ولنگڊن اسپتال کلڻ جي موقعي تي ساراھہ جوڳي تقرير ڪيائين.
ھارٽاگ ڪميٽي کي پيش ڪيل مسلمانن جي تعليمي تاريخ تي سندس رپورٽ مان سندس علميت فاضلانہ فضليت ظاهر ٿي.
مطلب تہ ميان نور محمد قوم جي ترقيءَ ۾ تڙپندو رهيو ۽ انھيءَ تڙپ جي ڪري سندس خون ۾ جوش جي بيماري ٿي پئي ۽ تاريخ 22 آگسٽ 1937ع ۾ رحلت ڪيائين ۽ سندس دفن سندس وصيت موجب مسلم ھاسٽل حيدرآباد ۾ ڪيو ويو. خدا تعاليٰ کيس پنھنجي رحمت جي آغوش ۾ رکي.

(اخبار تعليم، ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد، 6 سيپٽمبر 1937ع تان ورتل)