شخصيتون ۽ خاڪا

نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

صوبہ سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي ڪانفرنس

تاريخ 15 ڊسمبر 1924ع تي هز ايڪسلينسي سر ليسلي ولسن صاحب بمبئي جو گورنر حيدرآباد ۾ وارد ٿيو ۽ گشت سان تعلق رکندڙ امورات سان گڏ سنڌ پراونشنل ايجوڪيشنل ڪانفرنس جي کولڻ جي رسم بہ پنھنجي سر تشريف آڻي ادا ڪئي. باوجود گهڻي ڪم ۽ ٻين مصروفيتن جي سندن هن موقعي تي حاضر ٿيڻ سنڌ جي سڀني مسلمانن کي شڪر گذار بنايو.
ڪانفرنس حيدرآباد جي مشھور عمارت هومسٽيڊ ھال ۾ منعقد ڪئي ويئي هئي. ھال تمام چڱي پيماني تي سينگاريل هو ۽ گورنر صاحب جو استقبال گهڻي ڪروفر سان ڪيو ويو. سندس اچڻ تي خيرپور رياست جي ڪئڊيٽ ڪور (شاگردن بي پلٽڻ) جي سلامي ورتي ويئي ۽ صاحب ممدوح جي ھال داخل ٿيڻ وقت حاضرين اٿي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. قرآن مجيد ۾ رڪوع جي تلاوت بعد خانبھادر نبي بخش محمد حسين استقباليہ ڪاميٽيءَ جي طرفان ۽ سنڌ جي مسلمانن پاران مرحبا ڪئي ۽ پنھنجي مرحبا تقرير ۾ چيو تہ “گورنر صاحب جو ڪيترن ڪمن هوندي بہ تڪليف وٺي اسان سان هن ڪانفرنس ۾ شامل ٿيو آهي، تنھن مان ظاهر آهي تہ سندن همدردي مسلمان قوم سان آهي. سنڌ علائقي جي آدمشماري گهڻي قدر مسلمانن جي آهي، تنھن لاءِ مسلمانن جي تعليمي بھبودي گويا ڀاڱي جي تعليمي بھبودي آهي. اڳتي وڌندي خان بھادر چيو تہ جيسين فارسي سرڪاري دفترن ۾ مروج هئي، تيسين مسلمانن کي نوڪرين جو حصو ملندو آيو، پر پوءِ جڏهن انگريزيءَ جو رواج پيو تہ مسلمان الڳ ٿي ويا. سندن قومي مغروري، سندن اڳئين رواج ۽ ضرورتن هن نئين دستور کان کين منع ڪيو. مثال ڏنائين تہ سر وليم هنٽر چيو آهي تہ نئين مغربي تعليم ھندن کي صدين جي ننڊ مان جاڳايو ۽ جلد سندن جذبات تازا ڪري هڪ زنده قوم بنايو، ليڪن اھا مغربي تعليم مسلمانن وٽ ناپسند هئي. آخر خان بھادر حسن عليءَ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسہ جاري ڪيو ۽ هز ھائينس والي خيرپور جي امداد، رياست ۾ انگريزي تعليم کي زور وٺايو. ان کان پوءِ هز ايڪسلينسي گورنر صاحب ڪانفرنس کي ٻڌائيندي چيو تہ اگرچہ مون کي گشت ۾ ڪم تمام گهڻو هو تہ بہ مون ڪانفرنس جي دعوت خوشيءَ سان قبول ڪئي. جيئن اوھان چيو آهي تہ منھنجي هتي ملاقات ڏيڻ جي معنى آهي تہ منھنجي توھان سان همدردي آهي، سا ڳالھہ بلڪل صحيح آهي آءٌ ڏسي گهڻو خوش ٿيو آهيان، جو صاحبزادو آفتاب احمد خان جو عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسيلر آهي، سو اوھان سان شريڪ ٿيو آهي. مونکي يقين آهي تہ سندس صلاح مصلحت اوھان لاءِ گهڻو مفيد ٿيندي. مون کي ڏسي گهڻي خوشي ٿي آهي تہ توهين منتظر آهيو تہ ٻين قومن سان ڪلھو هڻي اوهين پنھنجو منھن ۽ مان مٿي رکو. سرڪاري نوڪرين نسبت ذڪر ڪيل آهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو تہ انھي ۾ سرڪار جو ڪو ڏوھہ ئي ڪونھي، جو جنھن قسم جو دستور اڳيئي رواج ۾ هو، تنھن کي هو قائم رکندا آيا. اڳئين وقت ۾ اگرچہ ملڪ جا حاڪم مسلمان هئا تہ بہ حڪومت جو ڪاروبار سڄو ھندن جي هٿ ۾ هوندو هو ۽ خود اکر “عامل” ڏيکاري ٿو تہ هو ڪاراوا ماڻھو هئا. اڪثر ڪري خط و ڪتابت سڀ فارسيءَ زبان ۾ هلندڙ هئي ۽ ھندو ماڻھو اھا چڱيءَ طرح سکي چڱا چڱا عھدا حاصل ڪندا هئا. ممڪن آهي تہ مسلمان وڏن گهراڻن ۾ ڪتابن پڙهڻ ڏانھن چاھہ ڪونہ هو. نوجوانن کي انھيءَ وقت شڪاربازي ۽ گهوڙي سواري ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ کان وڌيڪ وڻندڙ هئي، ليڪن هينئر حالتون ڦري پيون آهن ۽ علم حاصل ڪرڻ هڪ اشد ضرورت ٿي پئي آهي. اهو بہ ياد رکجو تہ جو ٻار راندين ۾ تکو هوندو، سو ڪم ۾ بہ وڌيڪ ذهين نڪرندو. ابتدائي تعليم لاءِ گورنر صاحب چيو تہ اسان ملان اسڪولن لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي آهي ۽ اسين انھيءَ ڪميٽيءَ جي رپورٽ جا منتظر آهيون. اسين اوھان کي صلاح ٿا ڏيون تہ توهين پنھنجيون ڪميٽيون ٺاهيو، جي اوھان جي رٿن کي هميشہ هستيءَ جي صورت ۾ آڻين ۽ اهڙين ڪميٽين جا ويچار ڪيل ٺھراءُ سرڪار لاءِ مفيد ٿيندا ۽ انھن تي اسين ۽ اسان جو تعليمي وزير پورو پورو غور ڪنداسون. انھي باري ۾ اسان پوني ۾ گهڻو ڪجهہ چيو آهي، جنھن جي اپٽار هتي ٻيھر ڪرڻ مناسب نٿو سمجهجي ۽ اسين گهڻي خوشيءَ سان هن ڪانفرنس کي کوليون ٿا.”
ان کان پوءِ خان بھادر شاھہ نواز خان ڀٽي، گورنر صاحب جي شڪر گذاري ادا ڪندي چيو تہ گورنر صاحب هينئر فرمايو آهي تہ اگرچ حڪومت مسلمانن جي هئي تہ بہ حڪمران گهڻو ڪري ھندو هئا، پر حقيقت ائين نہ آهي. مسلمان حڪومت جو ڪم سڀ پاڻ ڪند اهئا، فقط منشين ۽ محررن جو ڪم ھندن جي هٿ ۾ ڏنل هو. وڌيڪ چيائين تہ هي گهڻي افسوس جي ڳالھہ آهي تہ جيڪي زمينون اڳي مسلمانن جي هٿ ۾ هيون، تنھن جو 80 سيڪڙو يا تہ ھندن خريد ڪري ڇڏي آهي يا تہ ھندن وٽ گروي آهي. روينيو ۽ پوليس ڊپارٽمينٽ کان سواءِ سڀني کاتن ۾ پٽيواليون ۽ اهڙيون گهٽ پگهار واريون نوڪريون مسلمانن کي ملن ٿيون.
خان بھادر، گورنر صاحب جا احسان مڃيا، جو پاڻ زميندارن جي گهرن جو گهڻي قدر همدردي جي نگاھہ سان فيصلو ڪيو آهي ۽ کين استدعا ڪئي تہ جڏهن ڪانفرنس جون رٿون وتن پيش ٿين، تڏهن بہ اهڙي همدرديءَ جي نگاھہ رکن. بعد ان جي ڪانفرنس جي طرفان گورنر صاحب لاءِ شڪريہ جي رٿ پيش ڪئي، جا گهڻي صدق سان پاس ڪئي ويئي.
گورنر صاحب جي وداعي بعد سر ابراهيم رحمت الله صاحب پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. ٻن ڏينھن جي گهڻي بحث مباحثي بعد جدا جدا رٿون پاس ٿيون. ڪانفرنس ۾ جيڪي ٺھراءَ پاس ڪيا ويا، جن مان مکيہ هيٺئين ريت آهن:
1. هي ڪانفرنس مرحوم غلام محمد خان ڀرڳڙي جي سنڌ جي خدمتن جو اعتراف ڪندي هي تجويز ٿي ڪري تہ مرحوم جي يادگار قائم ڪرڻ لاءِ سندس نالي تي گهرج وارن مسلمانن کي اسڪالرشپون ڏنيون وڃن ۽ اهو مقصد مد نظر رکي هي ڪانفرنس ملڪ کي استدعا ٿي ڪري تہ مرحوم جي نالي کي زنده رکڻ لاءِ هڪ لک روپيہ گڏ ڪجي.
2. هي ڪانفرنس افسوس ظاهر ٿي ڪري تہ مسلم ڪاميٽي جا 1913ع ۾ سرڪار ٺاهي هئي ۽ جنھن سرڪار کي مسلمانن جي تعليم واسطي ڪي سفارشون ڪيون هيون، تنھن جي سفارشن کي يا تہ قبول نہ ڪيو ويو آهي يا جيڪڏهن ڪي قبول ٿيون آهن تہ انھن کي عمل ۾ نہ آندو ويو آهي. تنھنڪري زور سان هيٺيون گهرون ٿي ڪري:
الف: سڀني لوڪل بورڊ ۽ ميونسپل اسڪول ۾ مسلمان ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ جو انتظام ڪيو وڃي.
ب: ابتدائي اسڪولن ۾ مسلمانن جي آدم شماري کي لحاظ ۾ رکي مسلمان ماسترن جو تعداد وڌايو وڃي.
ت: ابتدائي اسڪولن ۾ مسلمان ٻارن لاءِ ٽن ٽن روپين وارين اسڪالرشپن جو انداز گهڻو وڌايو وڃي ۽ ٻاھر جي شاگردن واسطي 5 کان 7 روپين تائين نيون اسڪالرشپون برپا ڪيون وڃن.
ث: حيدرآباد جي مردن واري ٽريننگ ڪاليج ۾ مسجد ٺھرائي وڃي.
3. هي ڪانفرنس ٽريننگ ڪاليج مان فارسي زبان کي ڪڍي ڇڏڻ کي سخت ناپسندي جي نظر سان ڏسي ٿي، جنھن جي ڪڍڻ سان سنڌي علم ادب جي واڌاري کي نقصان ٿو رسي ۽ گورنمينٽ کان طلب ٿي ڪري تہ وري فارسي جاري ڪرڻ جو انتظام جلد ڪيو وڃي.
4. زمينداري ھاءِ اسڪول بابت هي ٺھراءُ پاس ڪيو ويو تہ “انھي لحاظ سان تہ سنڌ ۾ تعليم وڌڻ ضروري آهي. زميندارن ۽ ٻين لاءِ ثانوي تعليم جو پورو انتظام ڪيو وڃي ۽ جيڪا تعليم اتي ڏني وڃي، سا انٽرميڊئٽ تائين هجي ۽ اهڙي ڪاليج سان هڪ بورڊنگ ھائوس بہ قائم ڪيو وڃي. انھي کي پورو ڪرڻ لاءِ زميندارن کي گهرجي تہ ڪافي امداد ڏين.”
5. جيڪي ڪتاب تعليم کاتي پرائمري اسڪولن لاءِ مقرر ڪيا آهن، اهي مسلمان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ بلڪل غير موزون آهن، تنھنڪري هي ڪانفرنس تاليف ڪميٽي کي استدعا ٿي ڪري تہ انھي لاءِ جوڳو قدم کڻي.
6. هن ڪانفرنس جي راءِ آهي تہ ملان اسڪولن جي متعلق جيڪا اسڪيم آهي، سا اطمينان بخش نہ آهي، هيٺين ريت ان ۾ سڌارن ڪرڻ جي ضرورت آهي.
7. اھا سڄي اسڪيم هڪ مسلمان ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي ماتحت رکي وڃي.
8. اسڪولن کي آئندہ مسلم اسڪولن جي نالي سان ڪوٺيو وڃي. جڏهن جبري تعليم جو قاعدو لاڳو ڪيو وڃي تہ جتي ملان اسڪول آهن، اتي انھن کي پرائمري اسڪولن جي درجي تائين پھچايو وڃي ۽ انھن ۾ مذهبي تعليم بہ رهي.
9. هي ڪانفرنس بمبئي يونيورسٽي جي چانلسر کي استدعا ٿي ڪري تہ سينيٽ ۾ وڌيڪ تعداد مسلمانن جو مقرر ڪري.
10. هي ڪانفرنس بمبئيءَ يونيورسٽي کي سفارش ٿي ڪري تہ بي. اي ۽ ايم اي امتحان لاءِ اسلامي تاريخ بطور آپشنل (مرضي تي ڇڏيل مضمون) رکي.
11. ڪانفرنس پنھنجي مرڪزي ڪميٽي تي هي ڪم رکي ٿي تہ سنڌ ۾ مختلف خاندانن ۾ قلمي ڪتاب آهن، تن کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ جيڪي ملي نہ سگهن، تن کي نقل ڪرائڻ جو انتظام ڪري.
12. موجودہ عربي ماسترن لاءِ ٺھراءُ پيش ٿيو تہ هنن کي بمبئي يونيورسٽي ڪي سھوليتون پھچائي ۽ سرڪار کي وظيفن لاءِ چيو وڃي.
13. تعليم کاتي ۾ مسلمانن کي 70 فيصد جايون ملن ۽ مسلمان شاگردن لاءِ خاص وظيفا انھي لاءِ ڏنا وڃن، جو هو تعليم کاتي ۾ نوڪري ڪري سگهن. انھن عھدن لاءِ چڱا تنخواه ڏيڻ ۾ اچن، جو هنن ۾ چاھہ پيدا ٿئي اهڙي طرح مسلمان هيڊ ماسترن ۽ نائب ماسترن جو تعداد وڌايو وڃي.
14. جيڪي عربي مدرسا آهن، جن ۾ مذهبي تعليم ڏني وڃي ٿي، تن جي زميندارن ۽ جاگيردارن کي مدد ڪرڻ گهرجي.
15. ڪراچي ميونسپالٽي جي نئين قاعدي موجب اسڪول بورڊ ۾ مسلمانن جو تعداد اڌو اڌ رکيو وڃي.
16. مير صاحب کي استدعا ڪجي تہ پاڻ جيڪا مدرسي کي امداد ڏئي ٿو، تنھن لاءِ اهو شرط نہ وجهي تہ مدرسي جو پرنسيپال يوروپي هجي.
17. ٿرپارڪر ضلعي وارو مدرسي ھاءِ اسڪول ڪيو وڃي ۽ نوشھره مدرسي بورڊنگ ھائوس کي ڪافي امداد ڏني وڃي.
18. هر هڪ ضلعي ۾ هڪ ھاءِ اسڪول کوليو وڃي ۽ هر اسڪول سان مسلمان شاگردن لاءِ هڪ بورڊنگ ھائوس مسجد سان گڏ ٺھرايو وڃي ۽ مسلمان شاگردن کي ڪافي وظيفا ڏنا وڃن.
19. ڪاليج ۽ اسڪول جي مسلمان شاگردن لاءِ 50 فيصد جايون رکيون وڃن.
20. سنڌ ۾ مفت زوري تعليم وارو قاعده يڪدم لڳايو وڃي.
21. ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جو پرسنل اسسٽنٽ هڪ مسلمان ٿيڻ گهرجي ۽ ڪمشنر سان گڏ جيڪو مسلمان اسسٽنٽ ڪمشنر آهي، تنھن کي سنڌ جي مسلمانن جي تعليم سپرد ڪئي وڃي.

(اخبار تعليم، ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد، فيبروري، 1925ع تان ورتل)