شخصيتون ۽ خاڪا

نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

نور محمد وڪيل: محمد موسى ڀٽو

سنڌي مسلمانن ۾ جديد تعليم جي وڌاءَ ۽ فروغ ۽ تعليم جي ذريعي زندگي جي جاکوڙ ۽ خوشحالي جي ڊور ۾ ھندن سان مسلمانن کي وک وک ۾ وجهي هلائڻ جي خواهش جي پورائي ڪارڻ، جن شخصيتن اڻ مٽ ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، انھن ۾ نور محمد وڪيل جو نانءُ اُڀ وانگر اونچو نظر اچي ٿو. اڄ اسان جا سنڌي نوجوان مسٽر نور محمد جي نالي ۽ ڪارنامن مان بنھہ اڻواقف آهن. نصاب جي ڪتابن يا شخصيتن جي سوانح عمرين ۾ پڻ نور محمد جو نالو ڳولهيو نہ ٿو لڀي، پر سچ اهو آهي تہ تعليم جي حوالي سان سنڌين جي نسلن تي نور محمد وڪيل جا انيڪ احسان ۽ مڻين مھربانيون آهن. سنڌ جي تعليمي تاريخ هن جي نانءَ بنان نامڪمل ۽ اڻپوري آهي.
اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، جڏهن سنڌي مسلمانن ۾ جديد تعليم نالي ماتر هئي ۽ ٿورڙائي واري قوم ھندو، تعليم ۾ برتريءَ ڪري زندگيءَ جي هر شيءِ ۾ ڇانئنجندي پئي ويئي انھيءَ ويل نور محمد وڪيل ڪيئن پنھنجي صلاحيتن ۽ توانائين سان ان ميدان ۾ مڙس ٿي منھن ڏيڻ لاءِ ڪاهي پيو؟ هن مضمون ۾ ان بابت ڪي حقيقتون ۽ ويچار بيان ڪبا، پر سڀ کان پھرين نور محمد وڪيل جي زندگيءَ جي حالتن تي هڪ مٿاڇري نظر وجهندا هلون.
مسٽر نور محمد جي پيدائش جي ورهيہ جي پروڙ ڪانہ ٿي پوي. گهڻو ڪري تہ هو 1880ع ۾ ڄائو سندس والد صاحب ميان محمد سجاول، پرائمري اسڪول ۾ استاد هو. سندس ڳوٺ چڪرو لب درياھہ هو. پرائمري اسڪول جي نوڪريءَ دوران ئي ميان محمد سجاول جي بدلي ڳوٺ جمعو لاکير تعلقو ڪڪڙ ۾ ٿي. جنھن ڪارڻ هو سدائين رهڻ لاءِ انھيءَ ڳوٺ ۾ آباد ٿي ويو. مسٽر نور محمد ابتدائي چئن درجن تائين جي تعليم ڳوٺ ۾ ئي پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪئي. سندس والد صاحب، هن جي تربيت اسلامي طرز تي ڪرڻ ۾ ڳوڙهي دلچسپي ورتي.
پرائمري جي چوٿين درجي پڄائڻ کان پوءِ مسٽر نور محمد انگريزي تعليم جي لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ داخلا ورتي. مئٽرڪ تائين هن سنڌ مدرسي ۾ تعليم پرائي. انھيءَ کانپوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ هو عليڳڙھہ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو. اتان هن بي. اي ۽ ايل. ايل. بي. جون ڊگريون حاصل ڪيون. انھيءَ کان پوءِ هو پنھنجي دوست ۽ ساٿي مسٽر محمود علي بيگ سان گڏ حيدرآباد دکن آيو ۽ اتي ئي وڪالت جي پرئڪٽس شروع ڪري ڏنائين.
عليڳڙھہ ۾ تعليم جي دوران ئي نور محمد جي پنھنجي مائٽن منجهان ئي شادي ٿي ويئي هئي، پر سندس اھا گهر واري جلد ئي گذاري ويئي. انھيءَ کان پوءِ حيدرآباد دکن ۾ رھائش جي دوران محمود علي بيگ جي گهراڻي مان سندس ٻي شادي ٿي، شاديءَ کان پوءِ هو سنڌ واپس هليو آيو ۽ سردار محمد ابراهيم جي رسائي سان هن جو خيرپور رياست ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي حيثيت سان تقرر ٿيو، پر انھيءَ عھدي تي هو گهڻي مدي تائين ڪم نہ ڪري سگهيو. ٻن سالن کان پوءِ هو اھا نوڪري ڇڏي حيدرآباد اچي ويو. انھيءَ وقت حيدرآباد ۾ مسٽر غلام محمد ڀرڳڙيءَ، وڪيلن جي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي هئي. نور محمد صاحب بہ انھيءَ ڪميٽي ۾ شامل ٿي ويو. نور محمد ڪجهہ مھينن ۾ ئي پاڻ کي لائق ۽ محنتي وڪيل ثابت ڪيو ۽ رئيس جي سماجي، معاشرتي ۽ قومي تحريڪن جي ڪم ۾ هن جو ساڄو هٿ بڻجي ويو. 1923ع ۾ هو بمبئي اسيمبلي جو ميمبر بہ نامزد ٿيو. رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ جي صحبت، پنھنجي حساس طبيعت، ھندن جي بالادستي ۽ مسلمانن جي تباھہ حالي کي ڏسي، نور محمد وڪيل اهو فيصلو ڪيو تہ هو پنھنجي باقي زندگي مسلمانن ۾ تعليم جي وڌاءَ لاءِ کپائيندو. ڇاڪاڻ تہ جھالت ۽ تعليم جي گهٽتائي ئي، مسلمانن جي زبون حالت، پٺتي رهجي وڃڻ ۽ ھندن جي تسلط جو اصلي ڪارڻ آهي. انھيءَ مقصد جي لاءِ سڀ کان پھرين نور محمد وڪيل حيدرآباد ۾ سنڌ مسلم تعليمي ڪانفرنس جي نالي سان 1924ع ۾ هڪ ٽي روزا ڪانفرنس تجويز ڪئي. ڪيترن ئي مھينن تائين انھيءَ ڪانفرنس جا انتظام پورا ٿيندا رهيا. ڪانفرنس ۾ ھندستان جي انھيءَ زماني جي چوٽيءَ جي تعليمي ماهرن، پروفيسرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي، جنھن جي صدارت عليڳڙھہ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر شھزادہ آفتاب احمد ڪئي.
انھيءَ ڪانفرنس کي سنڌ جي نمآئندہ ڪانفرنس ثابت ڪرڻ لاءِ نور محمد وڪيل سنڌ جي هر هڪ شعبي ۽ طبقي جي ماڻھن سان رابطو رکيو. وڏيرن، جاگيردارن، جديد ۽ قديم تعليم يافتہ ماڻھن، سرڪاري ملازمن، اسڪالرن، صحافين وغيره مطلب تہ سڀني جي ستل جذبن کي جاڳايو. انھيءَ ڪانفرنس ۾ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون. الوحيد ۽ ٻين مسلم اخبارن انھيءَ ڪانفرنس جي خبرن کي چڱي اهميت ڏني. ڪانفرنس ۾ تمام گهڻيون ڪم جون ڳالھيون پيش ٿيون. تعليم ۽ نوڪرين جا جيڪي انگ اکر آڏو آيا انھيءَ تي سنڌ کان ٻاھر جي دانشورن ۽ تعليمي اسڪالرن ڳوڙهي ڏک ۽ جوڳي عجب جو اظھار ڪيو ۽ چيو تہ سموري ھندستان ۾، ڪنھن بہ مسلم اڪثريت واري صوبي ۾ اهڙي ڪريل حالت بنھہ ڪونھي. ڪانفرنس جي مرحبائي تقرير ۾ جيڪي انگ اکر پيش ڪيا ويا. انھن وچورن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ 25 سيڪڙو ھندو آبادي ڪيئن نہ تيز رفتاريءَ سان 75 سيڪڙو مسلمانن تي ڇانئجي ٿي ويئي. حالانڪہ 1843ع تائين حڪومت جي تمام عھدن تي مسلمان فائز هئا. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ پنجاھہ سٺ سالن ۾ ايڏي تبديلي اچي ويئي هئي. ڪانفرنس جي موقعي تي پيش ڪيل انگن اکرن مان اھا انھيءَ لاءِ پيش ڪيا ويا آهن. جيئن اھا پروڙ چڱي پر پئجي سگهي ٿي تہ نور محمد وڪيل ڪھڙين حالتن ۾ مسلمانن جي تعيلمي سڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪيڏو وڏو احسان ڪيو هو.
ڪانفرنس سنڌي مسلمانن جي تعليمي ترقي ۽ سڌاري ڪارڻ ڪيئي فيصلا ڪيا. انھن مان هڪ اهم فيصلو اهو هو تہ حيدرآباد ۾ سموري سنڌ جي سوين مسلمان ٻارن جي رهڻ لاءِ مسلم ھاسٽل جوڙي وڃي، اهڙي طرح ھاءِ اسڪول جو ڪم پڻ هٿ ۾ کنيو وڃي. نيٺ نور محمد وڪيل ڪجهہ معزز مسلمانن تي مشتمل هڪ ايجوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪئي. انھيءَ جي بورڊ جو سيڪريٽري کيس چونڊيو ويو. جنھن کانپوءِ هن وڪالت کي ڇڏڻ سان گڏ سماجي ۽ معاشرتي قسم جي ٻين ڪمن کي بہ ڇڏي ڏنو ۽ اسڪول ۽ ھاسٽل جي ڪم کي هٿ ۾ کنيو ۽ انھيءَ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ڪري ڇڏيو.
اهو ھاءِ اسڪول اصل ۾ سرڪاري اسڪول هو، جنھن ۾ ھندو ۽ مسلمان شاگر د پڙھندا هئا. نور محمد وڪيل انھيءَ کي مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏانھن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
ھندن اسڪول جي عمارت ۽ ھاسٽل کي ايجوڪيشنل سوسائٽي ڏانھن منتقل ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪئي. انھيءَ مخالفت ۾ ھندو پريس، تعليم کاتي جي ھندو آفيسرن کان وٺي دانشورن تائين سڀ شامل هئا. ڊاڪٽر گربخشاڻي کان وٺي ڊاڪٽر ڏيارام جھڙا ماڻھو پڻ مخالفت ۾ اڳيان اڳيان هئا.
نور محمد وڪيل سڀ کان پھرين سرڪار کان ھاسٽل جي عمارت وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. سخت جاکوڙ کان پوءِ 1925ع ۾ سرڪار کان ان ھاسٽل وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيو. انھيءَ ھاسٽل جي عمارت ۾ هن اَي. وِي اسڪول قائم ڪيو. بعد ۾ هن سرڪار کان گورنمينٽ ھاءِ اسڪول وٺي، اتي هڪ شاندار عمارت جوڙائي. هن کي انھيءَ ڪم خاطر پنھنجي بنگلي کي گروي رکڻو پيو. انھيءَ زماني جي هفتيوار اخبار ”طيرا ابابيل” هن کي ساراهيندي لکي ٿي: “نور محمد وڪيل جون تعليمي خدمتون هڪ اهڙو سونھري ڪارنامو آهي جيڪو تاريخ جي ورقن تي قيامت تائين چٽيل رھندو ۽ هن جي نانءُ کي روشن رکڻ جو ڪارڻ بڻبو. نور محمد وڪيل جنھن گرم جوشيءَ ۽ مڙسيءَ سان ڪم کي اڳتي وڌائي رهيو آهي بي شڪ اهو هن جو ئي وڙ آهي. هن مسلمان شاگردن لاءِ جيڪي ڪجهہ ڪيو آهي اهو ساراھہ جو محتاج نہ آهي“. (هفتيوار طيراً ابابيل 18 نومبر 1933ع حيدرآباد )
گورنمينٽ اسڪول ۾ انھيءَ وقت ھندو ۽ مسلمان شاگرد پڙھندا هئا. هيڊ ماستر ۽ ڪيئي استاد ھندو هئا. نور محمد جو مؤقف اهو هو تہ جيئن تہ ھندن وٽ پنھنجا ڪيئي اسڪول موجود آهن، انھن وٽ تعليم جو مسئلو ڏکيو يا اڙانگو ڪونھي، انھيءَ ڪري گورنمينٽ اسڪول مسلمانن جي حوالي ڪيو وڃي، اهو مسئلو جيتوڻيڪ حڪومت سان ڳانڍاپو رکندڙ هو، پر روايتي دشمنيءَ جو ثبوت ڏيندي ھندو پريس ۽ مجموعي طور سموري ھندو قوم ان جي مخالفت ڪئي ۽ انھيءَ مسئلي کي پنھنجي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيائون. انھيءَ ڏس ۾ “طيراً ابابيل” حيدرآباد ھندو پروپيگنڊا جو جواب ڏيندي لکي ٿي: “اسان جا ھندو دوست هميشہ الزام لڳائيندا آهن تہ مسلمان ساڙ سڙيا آهن، بي وفا ۽ دوکيباز آهن، اهي دل جي صفائي ۽ سچائي کان وانجهيل آهن، مطلب تہ سڄي دنيا جھان جون بڇڙايون مسلمانن ۾ موجود آهن. انھيءَ جي ابتڙ دنيا ۾ جيڪي بہ خوبيون آهن اهي ھندن ۾ آهن. اهڙي دعويداري ۽ بھتان بازي ڪرڻ سولي ڳالھہ آهي، پر اصل حقيقت ڪنھن کان لڪل نہ ٿي رهي. جڏهن کان مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي حيدرآباد مسلمانن جي تعليم جو ڪم پنھنجن هٿن ۾ کنيو آهي تڏهن کان ھندن جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. مسلم ھاسٽل جي باري ۾ هنن جيڪو سلوڪ اختيار ڪيو اھا ڪلھہ جي ئي ڳالھہ آهي. ھاڻي جڏهن گورنمينٽ ھاءِ اسڪول مسلمانن جي هٿن ۾ اچڻ وارو آهي تہ ھندن جا حواس خطا ٿي ويا آهن ٻين کي ڇڏيو، پروفيسر اين. ڊي. گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر ڏيارام جھڙا کدر پوش، ھندو مسلم اتحاد جا ديوتا ۽ مھاتما گانڌيءَ جا خاص پيروڪار بہ پاڻ تي ضبط ڪري نہ سگهيا ۽ کلي طرح مخالفت ۾ سامھون اچي ويا ۽ پنھنجي قوم کي اپيل ڪرڻ لڳا تہ ھندن کي گهرجي تہ اسڪول جي حوصلي شڪني ڪن. (طيراً ابابيل 17 جولائي 1933ع)
بھرحال نور محمد وڪيل جون ڪوششون نيٺ ساڀ پيون ۽ اهو اسڪول مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽي جي حوالي ٿيو. ان سلسلي ۾ الوحيد لکي ٿي: “حيدرآباد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول، سوسائٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي، جنھن جو سيڪريٽري اسان جو بزرگ دوست مسٽر نور محمد وڪيل آهي. ھندو اخبارن “اسڪول جو بائيڪاٽ ڪريو” جي مھم صرف انھيءَ ڪري هلائي آهي جو هي اسڪول هڪ مسلم سوسائٽي جي حوالي ڇو ڪيو ويو آهي؟ ٻن مھينن کان ھندن جي منظم پروپئگنڊا جاري آهي جيڪا نھايت ئي افسوسناڪ آهي.” (روزنامہ الوحيد 27 آگسٽ 1937ع)
اسڪول جي ڪاميابي تي حيدرآباد مان انھيءَ زماني ۾ نڪرندڙ هفتيوار اخبار “الڪمال” نور محمد وڪيل جي خدمتن کي ساراهيندي لکيو: “تعليم کاتي جي پڪڙ، ھندن جھڙي منظم ۽ حڪومت جي اڇي ۽ ڪاري تي قابض قوم جي روڪ ٽوڪ ۽ ھندو پريس جي پروپئگنڊا جي باوجود حيدرآباد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول، مسلم ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جي حوالي ڪري نور محمد ڄڻ تہ شينھن جي وات مان شڪار ڇڏائي ورتو آهي.” (هفتيوار الڪمال حيدرآباد 12 سيپٽمبر 1937ع)
نور محمد وڪيل کي مسلمانن جي تعليمي ترقيءَ سان جنون جي حد تائين نہ رڳو دلچسپي هئي، پر بنھہ عشق هو. شروعات ۾ وسيلن جي گهٽتائي ڪارڻ مسلم ھاسٽل ۾ هر ضلعي لاءِ مخصوص جايون رکيون ويون هيون ۽ ذهين شاگردن جي وٺي اچڻ خاطر نور محمد سموري سنڌ جو دورو ڪندو هو. هن کي جڏهن بہ اھا خبر پوندي هئي تہ فلاڻن فلاڻن شاگردن فلاڻن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ امتيازي پوزيشن حاصل ڪئي آهي تہ انھن شاگردن جي پنھنجي اسڪول ۾ داخلا ۽ ھاسٽل ۾ رھائش لاءِ، پاڻ ڪهي انھن جي ڳوٺ ويندو هو ۽ سندن پيءُ ماءُ کي انھيءَ ڳالھہ تي راضي ڪندو هو تہ، هو پنھنجن ٻارن کي اهڙي اجازت ڏين ۽ کين اهو بہ چوندو هو تہ سندن ڪل ئي خرچ ۽ بار هو پنھنجي سر سھندو. 1930ع تائين بورڊنگ ھائوس ۾ رھندڙ شاگردن جو انگ ٻن سون تائين پھتل هو. هو بورڊنگ ھائوس ۾ شاگردن جي تربيت ۽ اٿڻ ويهڻ جي پنھنجي سر پاڻ نگراني ۽ رکوالي ڪندو هو. ھاءِ اسڪول ۾ هن اردو ۽ فارسيءَ سان گڏ عربي ٻولي جي تعليم کي پڻ لازمي مضمون جي حيثيت ڏني هئي. هن اسڪول جي لاءِ ھندستان جي مختلف خطن مان اعليٰ قابليت رکندڙ استادن جون خدمتون حاصل ڪيون هيون. استادن جي تعليم جي پڻ هو پنھنجي سر پاڻ نگراني ڪندو هو. انھيءَ جو ئي نتيجو هو جو، سنڌ جي ٻين ھاءِ اسڪولن جي مقابلي ۾، انھيءَ اسڪول جو امتحاني نتيجو سڀني کان سٺو ۽ بھتر هوندو هو. انھيءَ جو اندازو الوحيد جي هيٺينءَ رپورٽ منجهان لڳائي سگهجي ٿو: “هن سال ميٽرڪ جو نتيجو ڏاڍو مايوس ڪندڙ نڪتو آهي جنھن تي هر طرف کان واويلا ڪئي وئي. پر حيدرآباد (نور محمد) ھاءِ اسڪول جي ميٽرڪ جي رزلٽ اهڙي شاندار آهي جنھن جي ساراھہ ڪرڻ کان سواءِ رهي نہ ٿو سگهجي. سنڌ جي چئن هزار شاگردن مان رڳو 15 سئو شاگرد ڪامياب ٿيا آهن. ڪامياب شاگردن جو 49 سيڪڙو حيدرآباد ھاءِ اسڪول سان لاڳو آهي. هن اسڪول جي ٻن شاگردن کي لارڊ سنڊرسٽ ۽ جيبرا جپاٽي اسڪالرشپون مليون آهن، جيڪو اسڪول جو وڏو ڪارنامو آهي. ڏٺو وڃي تہ پوري يونيورسٽي (بمبئي يونيورسٽي) ۾ نتيجن جي لحاظ کان حيدرآباد جو اسڪول پھرين نمبر تي آهي. اصل ۾ اھا ڪاميابي نور محمد جي ذاتي ڪوششن ۽ استادن جي محنتن جو نتيجو آهي. مسٽر نور محمد جي ھاءِ اسڪول جي باري ۾ پاليسي بابت اعتراض ٿيندا رھندا آهن، پر اھا پاليسي نھايت مفيد ۽ ڪارائتي رهي آهي. اميد آهي تہ اڳتي ڪوبہ نور محمد جي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ کان سواءِ نہ رهي سگهندو.”(روزنامہ الوحيد 9 جون 1936ع)
نور محمد وڪيل جو صرف اهو ئي ڪردار ڪونھي تہ هن مسلمانن جي تعليمي سڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو، پر مرحوم 1919ع ۾ “سنڌ مسلم” جي نالي سان حيدرآباد منجهان انگريزي ۾ هڪ هفتيوار رسالو جاري ڪيو، جنھن جو مقصد اهو هو تہ انھيءَ رسالي جي ذريعي خلافت جي مخالفن جي حرڪتن ۽ رٿابندين کي ناڪام ڪيو وڃي ۽ تعليم يافتہ مسلمانن جي آڏو خلافت جي مسئلي جي حقيقت واضح ڪئي وڃي. اهو رسالو اٽڪل هڪ سال تائين جاري رهيو. انھيءَ رسالي جو سمورو ڪم پڻ نور محمد پاڻ ئي ڪندو هو. وري جڏهن 1919ع ۾ ئي ھندستان منجهہ، سڀ کان پھرين خلافت ڪميٽي سنڌ ۾ ٺھي ۽ انھيءَ ڪميٽيءَ جي پاران خلافت جي حفاظت ۽ بقاء جي لاءِ روزانہ “الوحيد” جي ڪڍڻ جي تجويز سامھون آئي تہ ”الوحيد“ جي جاري ڪرائڻ ۾ پڻ نور محمد بہ ڀرپور حصو ورتو. انھيءَ ڏس ۾ هفتيوار “الڪمال” جي 12 سيپٽمبر 1937ع واري ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو مضمون چڱيرڙي معلومات ڏئي ٿو:“مسٽر نور محمد جي ذھانت ۽ هن جي مقبوليت جو اندازو پير غلام مجدد سرھندي جي هن بيان مان لڳائي سگهجي ٿو، جڏهن ميرٺ ۾ خلافت ڪانفرنس ڪوٺائي وئي تہ سنڌ مان مون کي انھيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻو پيو. انھيءَ ڪانفرنس ۾ مولانا محمد علي جوهر، مولانا شوڪت علي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مرحوم ڊاڪٽر انصاري ۽ ٻيا بزرگ موجود هئا. انھيءَ وقت هڪ نشست ۾ عليڳڙھہ ڪاليج جي اخبار جي ايڊيٽنگ جي متعلق بحث ڇڙيو. مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد وغيره بہ حصو ورتو. مون کي چڱي ريت ياد آهي تہ اتي گڏيل راءِ سان اھا ڳالھہ سامھون آئي تہ اخبار جي ايڊيٽنگ لاءِ مسٽر نور محمد سنڌي ئي موزون ثابت ٿيندو، پر شرط اهو آهي تہ هو پنھنجون خدمتون عليڳڙھہ جي حوالي ڪري ڇڏي. مون انھيءَ وقت پنھنجي دل ۾ محسوس ڪيو تہ: “حال نڪوست از بھارش پيداست”
غائبانہ طور تي انھن مدبرن جي مجلس ۾ نور محمد جي ساراھہ ٻڌي مون کي محسوس ٿيو تہ هيءُ (نور محمد) بہ ڪامل هستي آهي.”
(مٿين رسالي جو حوالو)
مسٽر نور محمد وڪيل جي وفات تي “الوحيد” هيٺيون ايڊيٽوريل لکيو: “سنڌ جو ناميارو وڪيل، مسلمانن جي تعليم جو سچو عاشق ۽ شيدائي نور محمد وڪيل اوچتو اسان کان هميشہ لاءِ ڌار ٿي ويو. انا لله و انا اليہ راجعون. مرحوم عليڳڙھہ ڪاليج جي پراڻن شاگردن مان هو ۽ عليڳڙھہ جي روايتي قوم پروري ۽ قوم نوازي جو مجسمو هو. هن جي دل ۾ هميشہ مسلم قوم جي تعليمي ترقي ۽ مجبوري جو درد رھندو هو. خلافت تحريڪ جي مھڙ ۾ 1920ع ۾ هن خاموشيءَ سان وڏي جاکوڙ ڪئي. سالن تائين هو رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو ساڄو هٿ رهيو. آخري دور ۾ هن وڪالت جو ڌنڌو ڇڏي، پاڻ کي مسلمانن جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنس کان وٺي اسڪول جي حاصل ڪرڻ تائين هن جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نہ آهن. هو اسڪول جي ڪمن ۾ ڏينھن رات اهڙي طرح جنبيل رهيو جو هن جي صحت جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ نيٺ تعليمي خدمت جي مصروفيت ئي هن جي موت جو ڪارڻ بڻي.
مرحوم نور محمد نہ صرف مدرسي ھاءِ اسڪول جي خدمت ۾ پنھنجي جان جي قرباني ڏني، پر ھاءِ اسڪول جي عمارت جي تعمير لاءِ هن پنھنجي بنگلي کي گروي پڻ رکيو ۽ هزارين روپيا قرض کڻي مسلم قوم جي تعليم لاءِ پاڻ کي ڏکي آزمائش ۾ وڌو. سنڌ جي مسلمانن ۾ قومي ڪم ڪرڻ وارن جي کوٽ آهي. خاص ڪري اهڙن نوجوانن جي کوٽ آهي جيڪي اعليٰ تعليم يافتہ هجن ۽ پنھنجون صلاحيتون قوم جي خدمت لاءِ کپائين. حقيقت هيءَ آهي تہ سنڌ جي پڙهيل ڪڙهيل نوجوانن جي تاريخ ۾ اهو مسٽر نور محمد ئي هو جنھن پاڻ کي قوم جي تعليمي شعبي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ھاڻي هو اسان کان ڌار ٿي ويو.” (روزنامہ “الوحيد” 24 آگسٽ 1937ع)

(پرين جي پچار، سنڌ نيشنل اڪيڊمي حيدرآباد، 1982ع تان ورتل)