وفات حسرت آيات ميان نور محمد وڪيل: مولوي دين محمد اديب فيروز شاهي
تون قوم جو خادم ۽ فدا نور محمد |
درويش صفت، مرد خدا نور محمد |
منظور نظر شاھہ و گدا نور محمد |
هن حال ۾ ٿئين ڪينءَ جدا نور محمد |
ٿي گرم محبت ۾ ٿئين سرد وري ڇو؟ بي وجہ بڻئين قوم کان بيزار، بري ڇو؟ |
|
ڇورا تون ڪري ڇو وئين هي قوم جا فرزند |
جي تنھن جا هوا جان و جگر، دلبر و دلبند |
ٿي زار روئي تو لئي هي قوم سندي سند |
هر عاقل و هر فاضل و هر زاهد وهر رند |
ماتام سندءِ موت ۽ اندوه وڌو، درد ٿيا خاڪ فشان برسر هر عورت و هر مرد |
|
هو روز ازل کان تنھنجو پيمان محبت |
ميثاق صداقت جو ۽ ميعاد مودت |
هر رمز، ادا هئي تنھنجي محبوب نھايت |
من موهڻي گفتار ۽ رفتار و ظرافت |
نباض هئين قوم جو مرهم نہ جراح خوش تنھنجي دوا کان ٿيا اجسام ۽ ارواح |
|
اسڪول ۽ ھاسٽل جي عمارت ۾ ٿي ظلمات |
جو مرگ مفاجات جي آندي آ مٿن رات |
غمگين جي تسڪين جي توکي هئي طلب، تات |
واکاڻ ڪري ورد سندءِ خصم وڏي وات |
شاگرد ٿيا ششدر و استاد الم ناڪ سڪتہ ۾ زمين آئي ۽ زلزلن ۾ افلاڪ |
|
لئي قوم ٿي اڪسير تنھنجي طرز سياست |
تون بطل حريت جو هئين، شير شجاعت |
جادو تنھنجي تحرير ۽ تقرير قيامت |
سحار طلاقت سچ سخار بلاغت |
ايثار مجسم هئين اخلاق معظم تعليم جي شيرازہ جو استاد منظم |
|
تقدير عطا ڪئي توکي هئي جرائت ايمان |
توحيد، توڪل ۽ گهڻي قوت ايمان |
دولت کي ڪيئي ترڪ رني طاقت ايمان |
هر مال جي سرتاج اھا دولت ايمان |
تو ترڪ وڪالت جو ڪيو يڪسر ڌنڌو تسليم رضا وارو بڻئين بھتر بندو |
|
يورپ سندي تقليد کي دائم تو ڌڪاريو |
جدت سندي چمڪار ڏي تو ڪين نھاريو |
هن مھر ملمع کي حذاقت سان پگهاريو |
جيد کان رديءَ کي ڪري ممتاز ڏيکاريو |
نت سوٽ کي ۽ هئٽ کي نفرت سان نھاريئي ٿي اچڪن، طر بوش ۾ شھزادہ گذاريئي |
|
دل صاف رکيئي يار ۽ اغيار سان دلدار! |
هشيار ٿي لڙندو رهئين سرڪار سان دلدار! |
جرار ٿي لڙندو رهئين ڪفار سان دلدار! |
بدڪار ۽ اشرار ۽ فجار سان دلدار!
|
ٿيو نانءُ سندءِ دفتر احرار ۾ داخل اختيار ۽ انوار ۽ ابرار ۾ داخل |
|
ڪنھن سان نہ رکيئي ويرڪي ڪينو ۽ ڪدورت |
غصي ۾ کڻي گرچہ وتيئي باه جي صورت |
جي طيش ۾ آئين تہ ٿئين شينھن جو صولت |
پر دل ۾ رکيئي ماءُ سندي مھر، مروت |
تون جامع اضداد هئين ڪامل انسان خور شيد فلڪ شفقت ۽ مظھر احسان |
|
هر وقت دعاگو آ سندءِ امت مرحوم |
تون يار، مدد گار سندو بيڪس مظلوم |
منشور گهر علم ڪيا تو سدا منظوم |
نڪات دقائق بہ ڪيا غور سان معلوم |
الله ڪري توکي سدا مره سان مغفور مسرور ۽ منصور ۽ منظور ۽ ماجور |
|
بي روئي دل افروز ترشد ببتم بي نور |
بي شمع جمال توچو شب روز م ديجور |
از داغ فراق تو دلم دائم ناصور |
مسموم من حيف کو ترياق زمن دور |
صد آه زجور ر ستم اي دور جفا ڪار فرياد زبيداد تو اي چرخ بلا بار! |
|
سچ
زيست سندءِ زنده د لي جي ئي ٿي تعمير |
بخشڻ هو سندءِ مقصد بي نور کي تنوير |
نڪري نہ سگهي مونکان ٿي غم تنھنجي جي تصوير |
ڪئن ڪلڪ، زبان وڌ ڪري تحرير ۽ تقرير |
مقبول خدا! ڪر تون دعائون ۽ ثنائون محتاج کي ڏي گنج مان تون نيڪ جزائون |
|
تنھنجي موت کان افسردگي گلزار، چمن ۾ |
اشجار ۽ گلنار ۽ از ھار سمن ۾ |
هر گلشن و هر گلبن و هر لعل لبن ۾ |
گلفام، گل اندام ۽ هر غنچہ دهن ۾ |
شد نظم بہ يمن تو همين نالا همين رنج هر چند “اديب” ست سخند ان نہ سخن سنج |
|
منجهہ ماو جماد آخر تاريخ دو هفتہ (14) |
آچر تي ڪيئي خستہ، جگر، قلب کي سفتہ |
تيرهن سو ڇاونجاھہ ۾ هو مو تن نھفتہ |
ڪلھہ بستر گل برگ تي اڄ خاڪ ۾ خنتہ |
مغرور نہ هل يار! مٿي ڪنڌ ڪر تون هن خاڪ جي تودي کان نہ ڏس پاڻ پري تون |
|
“مغفور و دوري” تنھنجي تاريخ عجيب آھہ 1356 |
هر شام و سحر تنھنجو دعا گوئي “اديب” آھہ |
هر رنج جو هر درد جو الله طبيب آھہ |
شافع ٿيو محبوب خدا خاص حبيب آھہ |
ڪر هردو جھان ۾ مون کي مسعود خدا يا! مرزوق ۽ مقبول ۽ محمود خدا يا! |
|
امين يا رب العالمين بحق نبيک الامين صلي اللو عليہ وسلم اليٰ يوم الدين |
مادو تاريخ وفات در فارسي ايضا منہ رفت چون نور محمد زين جھان گفتا اديب بھريا دش سال رحلت “مھربان خوش نصيب” |
(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)