شخصيتون ۽ خاڪا

نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

ھن ڪتاب جي سھيڙ ۽ ترتيب ۾ سنڌ جي ھڪ اھم سياسي ۽ سماجي شخصيت نور محمد لاکير کي نروار ڪيو ويو آھي. نور محمد لاکير جي سڀ کان اھم خدمت تہ حيدرآباد ۾ قائم ڪيل نور محمد ھاءِ اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل آھي پر ساڳي وقت سندس ڪيل ڪيترن ئي ڪمن کي جيڪي اسان کان اوجهل ھيا انھن کي پڻ اڳيان آندو ويو آھي. ڪتاب جي پھرين حصي ۾ نور محمد لاکير جي شخصيت ۽ ڪيل ڪمن بابت لکيل مختلف مضمون، ٻئي حصي ۾ نور محمد اسڪول ۽ مسلم ھاسٽل جي تاريخ، ٽئين حصي ۾ مختلف تقريرون ۽ مضمون، چوٿين حصي ۾ مختلف خط، پنجين حصي ۾ منظوم ڀيٽا ۽ ڇھين حصي ۾ اردو مضمون شامل ڪيا ويا آھن.

Title Cover of book نور محمد لاکير جون سياسي، سماجي ۽ تعليمي خدمتون

مسٽر نور محمد جي خدمتن تي ناقدانہ نظر: ڪمال الدين ميمڻ

مذهب ۽ ملت جي فداين ۽ خادمن جو ادب ۽ احترام، هنن جي حڪم ۽ هدايت جي بلا اعتراض ۽ انڪار تعميل ۽ هنن جي قول ۽ ڪمن جي پابندي ۽ پيروي جيستائين مسلمانن جو دستور العمل رهيو، تيستائين اسلام ۽ اسلامي حڪومت؛ مسلمان ۽ مسلماني روايت ڪنھن بہ تشدد ۽ تيغ زنيءَ کان سواءِ دنيا ۾ پاڻمرادو پکڙندا رهيا. مگر جڏهن کان مسلمانن Hero Worship قومي خدمتگارن جي حڪم برداري ڇڏي، تڏهن کان رفتہ رفتہ هو زوال ۽ ضعيف ۽ تنزل ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿيندا رهيا آهن، تان جو هن وقت اسلامي تھذيب ۽ تمدن فقط ڪتابن ۾ قلمبند آهي. مسلمان، جيستائين نخوت ۽ نفسانيت کي ڇڏي، شيطانيت ۽ شخصيات کان ڀڄي ليڊرن جي آواز تي لبيڪ نہ چوندا ۽ انھن جي عزت ۽ احترام نہ ڪندا، تيستائين ترقيءَ ۽ بلنديءَ جي بحالي ۽ بازيابي محال نہ تہ مشڪل ضرور آهن.
مسلمانن جا جيڪي بہ ليڊر ٿيا آهن، تن تي زمانہ زندگيءَ ۾ خير خواهي ۽ خدمتن ڪندي انعام ۽ آفرين جي بجاءِ الزامن ۽ عتابن جي بي پناھہ بارش ٿيندي رهي آهي، مگر جڏهن اهڙن بزرگن کي موت پنھنجي هم آغوش ڪيو آهي تڏهن ۽ تڏهن فقط قوم هنن جي خدمت ۽ ضرورت محسوس ڪري پنھنجي عدم قدر شناسيءَ، احسان فراموشي ۽ بي قياسيءَ تي تاسف ۽ اشڪباري ڪئي آهي.
مسٽر نور محمد مرحوم سنڌ جي تعليم يافتہ مسلمانن ۾ دل ۽ دماغ جي بھترين خوبين جو خاوند هو ۽ هن جي دل ۾ قوم جي ڪريل حالت جو درد ۽ دماغ ۾ قوم جي بيداري ۽ بحاليءَ جو سوداءُ هو. ھندستاني هجڻ جي باوجود بہ هن ۾ اسلامي حميعت ۽ طبع جي آزادي اهڙيون فطرتي ۽ طبعي خوبيون هيون جن سندس ذهنيت ۾ ڪابہ پست همتي ۽ ارادي ۾ ڪابہ ڪم قوتي ڪانہ آندي، جنھن ڪري هو تڪميل تعليم بعد ستت ئي ميدان عمل ۾ نقل حرڪت ڪندي نظر آيو. حيدرآباد هن جو وطن نہ هو، هو ڪو سرمائيدار نہ هو، پر کيس پاڻ پنھنجي نصيب جو معمار ٿيڻو هو، مٿس عيالداري جون نازڪ جوابداريون هيون ۽ کيس متفرقہ مشغولين ۽ معاملات کان پري رهي صرف وڪالت ۾ پير کوڙڻا هئا، تاهم هن دنيا جي دلفريبن تي ملڪ ۽ ملت جي خدمت ۽ خطرداريءَ کي ترجيح ڏني.
تحريڪ خلافت ۾ رهي هن پاڻ تي تلاشيءَ جي منزل آندي. ڪنھن بہ اجرت ۽ عيوضي کانسواءِ مرحوم “سنڌ مسلم” انگريزي اخبار جي فرائض ادارت جي ادائگيءَ ۾ دماغ سوزي ڪندو رهيو؛ روزنامہ الوحيد جا اڄ سنڌ جي مسلمانن جي خيالات جي ترجمان ۽ حقن جي محافظ آهي، تنھن جي اجراءِ ۽ ابتدا ۾ پڻ مسٽر نور محمد جي مشوره کي گهڻي قدر دخل هو ۽ حيدرآباد ۾ سنڌ جي مسلمانن جي جيڪا زبردست ۽ عدم المثال تعليمي ڪانفرنس زير صدارت صاحبزادہ آفتاب احمد صاحب منعقد ٿي ۽ جنھن جي طفيل سنڌ جي مسلمانن جي تعليم ۽ تعليم کاتي جي عملدارن جي انتخاب ۾ نھايت نمايان انقلاب نمودار ٿيو، ان جي سرانجامي ۽ سرپرستيءَ جو فخر مسٽر نور محمد کي حاصل رهيو. ڪانفرنس جي شاندار ڪاميابيءَ تي خود ھندو حضرات حيران هئا ۽ سڀ ڪنھن کي مسٽر نور محمد جي تعميري تدبر ۽ انتظامي اهليت جو اعتراف ڪرڻو پيو. مسلمان شاگردن لاءِ وڌيڪ اسڪالرشپن جي منظوري، ٽريننگ ڪاليج جي نصاب تعليم ۾ فارسيءَ جو ٻيھر رائج ٿيڻ، مسلم ھاسٽل جو قيام، بھاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙھہ ۾ سنڌي مسلم شاگردن جي داخلا تان بندش جي موقوفي، تعليم کاتي ۾ مسلم آفيسرن جي انداز ۾ اضافو وغيره. بھرحال انھيءَ ڪانفرنس جو ئي نتيجو آهي ۽ واقعي اهو گران ۽ مبارڪ نتيجو آهي جنھن جي فقط ڪجهہ حصي جي سرانجاميءَ جي تمنا رئيس ڀرڳڙي جھڙا مخير سرمايہ دار ۽ مخلص مسلم مدبر هڪ نہ ٻئي سبب پوري ڪري نہ سگهيو.
حيدرآباد گورنمينٽ ھاءِ اسڪول کي تعليم کاتي جي گرفت، عاملن جھڙي منتظم ۽ سرڪار جي سياه سفيد تي قابض قوم جي مخالفت ۽ ھندو پريس جي پروپئگنڊا، مان مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جي سھاري ۽ سنڀال هيٺ آڻڻ ۾ مسٽر نور محمد گويا شينھن جي وات ۾ ويل شڪار کي واپس ورتو. هو دولتمند نہ هو، هن کي سياسي رقيبن جو وجود بہ وسريل ڪونہ هو، هن کي مسلم قوم جي تلخ نڪتہ چيني بہ سجهندي هئي. مسلمان سرمايہ دارن جي قومي ڪمن کان مالي ۽ اخلاقي ڪنارہ ڪشي بہ کانئس ڳجهي ڪانہ هئي تاهم هن نا اميدي ڪفر سمجهي شيرين علم جو عاشق فرھاد بڻجي مصيبت جي پھاڙ کي ٽاڪڻ ڏکيو نہ تصور ڪيو. سرديءَ ۽ سخت گرميءَ ۾ بيماريءَ ۽ بيقراريءَ ۾ هو گداگر بڻيو، سهمون سدائين ۽ جڏهن عين وقت آيو، تڏهن پنھنجي رھائش جو بنگلو گروي رکي بہ اسڪول جي عمارت جو ڪم تيار ڪيائين.
ڪائونسل جي ميمبريءَ جي زماني ۾ مسٽر نور محمد جون تقريرون ۽ سوال ايوان حڪومت ۾ لرزش پيدا ڪري ڇڏينديون هيون ۽ سندس هستي خود سرڪاري مرڪز بہ تسليم ڪري چڪا. هن نڪاحن جي تڪرارن کان متاثر ٿي شادين جي داخلا جو بل پيش ڪيو. سندس قابليت ۽ لياقت کيس ڪائونسل اندر ڪافي شھرت ڏني، هن کي آئيندہ جي لاءِ هڪ مقرر پروگرام هو. سندس وزير ٿيڻ جا گرم افواه هئا، مگر هو نظر بد جو شڪار ٿي خاطري ۽ يقين هوندي بہ بي گمان، اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي پيو، جنھن ڪري سندس اهي ارادا برصواب ٿي نہ سگهيا.
مسٽر نور محمد هوشيار ۽ ڪارآمد بزرگ هو. تحرير ۽ تقرير تي کيس ڪافي دسترس هئي. خيرپور ۾ ولگنڊن اسپتال جي رسم افتتاح جي موقع تي سندس مرتب ڪيل تقرير ۽ ھارٽاگ ڪميٽي کي پيش ڪيل مسلمانن جي تعليمي تاريخ تي سندس رپورٽ جي عجيب ادبي شاهڪار آهن سي سندس عالمانہ ۽ فاضلانہ فضيلت جو دائمي يادگار رھندا.
آخر الذڪر رپورٽ تي مرحوم نور محمد ڏانھن سر راس مسعود ۽ سر شفاعت احمد جا لکيل تعريفي ۽ اعترافي خط اڃا موجود آهن. مسٽر نور محمد کي بجا طور پنھنجي خدمتن تي ناز هو. باوجود ناڪاميابيءَ جي هو قومي ڪمن ۾ اڳي کان بہ زياده دلچسپي وٺندو رهيو. غريبن جا اهنج حڪومت جي ڌيان تي آڻي سندن داد رسي ڪرائيندو هو ۽ ڪڏهن بہ هنن کي اجايا سجايا دلبا دلاسا ڏيئي آمد رفت ڪا نہ ڪرايائين. هو سنئون سڌو راست باز انسان هو ۽ غريبن سان خاص محبت هيس. البتہ هو ڊپلوميسي ڪانہ ڄاڻندو هو جنھن ڪري وقتي سندس صاف گوئي ۽ نيڪ نيتي ڪشيدگيءَ ۽ رنجيدگي جو باعث بڻجي پوندي هئي. خود مرحوم کي بہ هن حقيقت جو احساس هو مگر مصلحت خاطر بہ مصالحہ ۽ مبالغہ کي پنھنجي فطرت ۾ جذب ڪرڻ قبول نہ ڪيائين.
محترم نور محمد پنھنجي پيشي کي قوم جي قدمن تي قربان ڪيو؛ پنھنجي جائداد کي قوم جي قرضن ۾ گروي رکيو. پنھنجي تندرستيءَ کي قوم جي تنظيم ۽ تعليم ۾ تباھہ ڪيو مگر قوم ڇا ڪيو؟ بي قدري! بي شناسي!! ۽ بي قياسي!!. قوم جي بي وفائيءَ هن عاشق قوم جي دل باش پاش ڪري وڌي. هن جي جوش ۽ شوق کي سرد ڪري وڌو ۽ هن جي صحت سالم نہ رهي سگهي ۽ آخر ۾ قدرت هن شھيد کي ايزدي اعزاز ۽ الفت ۾ قابو ڪري ورتو.
هڪ فاتح فوجي ڪپتان وانگي مسٽر نور محمد جي لاش جو سرگس هزارھا انسانن جي هجوم ۾ گلن جي بارش سان سندس ميدان جدوجھد ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هو پنھنجي پروردہ ٻچن تي روحاني نظر ڪري رهيو آهي ۽ سندس مرقد مان زنده دل لاءِ هر وقت اھا صدا اچي رهي آهي تہ:
ٻچن جون ڪيم خدمتون خوب تر
يتيمن غريبن جو غمخوار هوس
بعد مرگ منھنجي نعش بہ رهي
ٻچن ۾ جنھين جو نگھدار هوس
گدائي ڪيم ۽ مڪان گروي ۾
رکيم ٻچن خاطر قرضدار هوس
قدر قوم منھنجو ڪيو يا نہ ڪيو
مگر مان تہ هردم وفادار هوس.

(رسالو الڪمال، ايڊيٽر ڪمال الدين ميمڻ، 12 سيپٽمبر 1937ع، حيدرآباد تان ورتل)