آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

حق ۽ واسطا محفوظ

ڪتاب جو نالو : ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون
موضوع : تاريخ/يادگيريون
ليکڪ : خادم ٽالپر
ايڊيشن پھريون، : ڊسمبر 2020ع
ڊزائين/ لي آئوٽ : مور ساگر
ڪمپوزنگ : مقبول احمد چانگ، مقبول ڪپوزنگ سينٽر بدين
ڇپائيندڙ : شمشيرالحيدري اڪيڊمي - بدين
ڇپيندڙ : ساحل پرنٽرز حيدرآباد. 2634650-0333

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
www.sindhsalamat.com
2024ع

قيمت: 400 روپيا