آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ڳالھيون پنھنجي ڳوٺن جون

پسمنظر
انساني تمدن جي تاريخ ۾ ڳوٺن کي اوليت حاصل آهي. انساني تھذيب جي ارتقا ۽ شروعات خانہ بدوش زندگي کان پوءِ وانڊ کان ٿي (وانڊ معنى ٺڪاڻو جتان ٻي ڏينھن يا ڪجهہ وقت کان پوءِ لڏي وڃي ڪنھن ٻي وستي / وسندي ۾ رهڻو هجي کي وانڊ چئجي ٿو) وانڊ کان لڏي وڃي مستقل ٺڪاڻو اختيار ڪيو ويو. انھي ٽڪاڻي کي ڳوٺ سڏجي ٿو. قبيلائي سماج ۾ ماڻھن جي لڏپلاڻ زندگي جو معمول هوندي هئي قبائلي سماج دوران ڪجهہ خاندانن يا صرف هڪ خاندان ڪٿي وڃي پنھنجي عارضي رهائش اختيار ڪئي. ان کي واهڻ، وستي يا ڳوٺ سڏيو ويو ڳوٺ ترقي ڪري شھر ۾ تبديل ٿي ويا. دنيا ۾ هن وقت جيڪي بہ ننڍا يا وڏا شھر موجود آهن. جھڙوڪ: ڪراچي، لاهور، بمبئي، نيويارڪ يا حيدرآباد اهي سڀ ڪو وقت اڳ ڳوٺ هئا.
ڳوٺن ۽ شھرن ۾ بنيادي فرق، روزمره جي زندگي جي سھولتن جي گهڻائي يا ٿورائي تي هوندو آهي. اهو عمل ان وقت جي عوام يا رياست جي سماجي معاشي ۽ معاشرتي حالتن تي بہ هوندو آهي.
ڳوٺ ڇڙوڇڙ عوام يا مسلسل رلندڙ ماڻھن قبيلن يا مختلف خاندان جي هڪ جاءِ تي ويھڻ سان ٻڌجن ٿا. جن جو اڳواڻ قبيلي جو وڏو خوشحال سڌريل فرد هوندو آهي، جيڪو ڳوٺاڻن کي زندگي جي روزمره جي بنيادي ضرورتن جھڙوڪ پاڻي، روزگار جا وسيلا کاڌي پيتي جي سھوليت ۽ ٻاهرين حملي آورن يا چور چڪار کان محفوظ رهڻ لاءِ انتظام ڪري ڏيندو آهي، جڏهن تہ شھرن ۾ عوام پاڻ ۾ گڏجي پنچائت جوڙيندا آهن. جھڙوڪ ٽائون ڪميٽي ميونسپل ڪميٽي يا ڪارپوريشن وغيرہ ٺاهي ان مطابق مسئلا حل ڪندا آهن تاريخ ۾ انساني آبادي اهڙين جائين تي ٺڪاڻا ٺاهيا آهن جتي زندگي جون ضرورتون آساني سان پوريون ٿينديون هجن. خاص ڪري ڌريائن، سمنڊن، واهن يا ڍنڍن جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ کي اهميت ڏني وئي.
تھذيبن جي ارتقائي عمل دوران، هر علائقي جي عوام پنھنجي جيئڻ رهڻ بچاءُ ڪرڻ ۽ وڌڻ لاءِ پنھنجي ضرورتن مطابق قانون ۽ اصول ٺاهيا آهن. وقت بہ وقت حالتن جي تبديلي سان رهائشي علائقن جا جُدا جُدا قانون ۽ ضابطا ٺاهيا ويا آهن.
سنڌ ۾ روزگار سانگي هلندڙ گُهمندڙ قبيلن پنھنجي بچاءَ ۽ تحفظ کي نظر ۾ رکندي ۽ گذر سفر جو خاص خيال رکندي. پنھنجا ڳوٺ آباد ڪيا، پر جيئن تہ سنڌ ڌرتي قدرتي طور طبعي لحاظ کان تمام گهڻو خوش نصيب رهي آهي. سنڌ ڌرتي کي سنڌو ڌرياه جھڙو سدا حيات امرت آب حيات اوتيندڙ مٺي پاڻي جو ڌرياءَ صدين کان سيراب ڪندو رهيو آهي. سنڌ جي سوين ميلن تائين سامونڊي ڪناري، سمنڊ جي آب و هوا سمنڊ مان ملندڙ قيمتي مخلوقات جي حاصلات، سمنڊ وسيلي سڄي دنيا سان آبي شاهراه وسيلي رابطو رهي ٿو. سنڌ جا جبل پنھنجي قدرتي معدنيات سان مالا مال آهن سنڌ جو ميداني علائقو زراعت، باغات ساوڪ وڻڪاري ۽ معدنيات سان ڀرپور رهيو آهي ۽ پڻ سنڌ جو صحرائي علائقو بہ پنھنجي سونھن ۽ ساوڪ جي دولت سان مالا مال آهي.
انھن خوش نصيب حالتن سبب سنڌ جا رهواسي روزگار سانگي نقل مڪاني ڪرڻ يا ٻاهرين ملڪن تي ڪاهون ڪرڻ سکيا ئي ڪونہ آهين البت سنڌ جي سونھن ۽ دولت جي فراواني دنيا جي توجھہ جو مرڪز رهي آهي. انھيءَ ڪري ٻاهريان حملہ آور، آريہ، عرب، مغل، ارغون، ترخان ۽ انگريز ڊچ منگول ۽ ٻيون قومون سنڌ تي ڪاهينديون رهيون آهن. انھن قومن جي ڪاهن سان سنڌ جي قديم قبيلن کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو ۽ لڏپلاڻ ڪرڻي پئي آهي ان هوندي بہ سنڌ جي وڏي آباد وري بہ خانہ بدوش زندگي ۾ نه، پر تمدني رهائش واري زندگي اختيار ڪندي رهي آهي. انھيءَ ڪري سنڌ ۾ اڪثر ڳوٺ پراڻا آهن، پر جيئن تہ سنڌ ۾ لکڻ پڙهڻ جو علم ۽ فن ڏاڍو دير سان داخل ٿيو آهي. انھيءَ ڪري سنڌ جي ڳوٺن جي تمدني تاريخ لکت ۾ موجود نہ آهي. موهن جي دڙي تي آباد ماڻھو جيتوڻيڪ لکي پڙهي ڄاڻندا هئا. پر اها لکڻي اڃان تائين باقاعدي پڙهڻ ۾ نہ اچي سگهي آهي. انھيءَ ڪري سنڌ جي ڳوٺن جي تاريخ گم آهي، تاريخ گم ٿيڻ سان قومون ۽ ماڻھو پنھنجي ماضي کان ڪٽجي ٿا وڃن. ماضي جي مطالع سان ئي ماضي جي تجربن، مشاهدن ۽ ڪيل سمورن ڪمن تي نظر پوي ٿي. حال ۽ آئنده لاءِ ماضي جي تجربن جي روشني ۾ بھتر فيصلا ڪري سگهبا آهن.
ڳوٺ انڊهلو جي تاريخ هن وقت لکڻ جو مقصد بہ اهو ئي آهي تہ هن وقت جن ڪردارن جو ذڪر ڪيو ويندو انھن جي اڪثريت زنده آهي جن جي لڇڻن جي هاڪاري ۽ ناڪاري پاسن بابت ڳوٺاڻا بخوبي واقف آهن، جڏهن هي تاريخ ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ اڄ کان پوءِ ڪجهہ سال يا هڪ ٻہ صدي بعد ۾ پڙهي ويندي تڏهن دنيا الائي ڪٿي هوندي. اسان جي سنڌ ۽ هي ملڪ ڪھڙن حالتن ۾ هوندو. ترقي ڪرڻ جا ڪھڙا ڪھڙا نوان طريقا ۽ اوزار ايجاد ٿي چڪا هوندا. تڏهين بہ هن ايڪوهين صدي جي شروعات ۽ ويھين صدي جي پڇاڙ ڪن ڏينھن جو احوال ڪجهہ تعجب خير لڳندو پر وري بہ ڪافي ڪارآمد رهندو.