پروفيسر ڊاڪٽر عبدالڪريم ٽالپر
ڊاڪٽر عبدالڪريم ڳوٺ انڊهلو جو پھريون ماڻھو اهي جنھن P.HD جي ڊگري 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ورتي آهي. ڊاڪٽر صاحب ٻاروتڻ کان پرائمري اسڪول کان دوست آهي. صاف سٿرو جسم ۽ پاڪ صاف ذهن رکندڙ ڊاڪٽر صاحب سائنس جي جنرل موضوعن تي تمام گهونا گون معلومات رکي ٿو. هو سماج، سياست ۽ روزه مره جي معاملن کي بہ سائنسي اک سان ڏسي پروڙي ٿو. زندگي جي سمورن وهنوارن کي ٺوس منطقي بنيادن تي ڳولڻ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
محفل ۾ گهٽ ڳالھائو، سمجهدار، سچ ۽ حق جي ڳالھہ کي بي باڪي سان ان جو طرفدار ٿي بيھي ٿو ڳوٺ جي سمورن ڀلائي جي ڪمن، اسڪول، روڊ، رستا، بجلي، گئس، واٽر سپلاءِ جي ڪمن لاءِ مثبت سوچ رکي ٿو وس پڄندي سڀني ڪمن ۾ حصو وٺي ٿو. عام ڏيکاءَ ۽ شوبازي کان پاسو ڪندڙ هوندو آهي. سماجي طور تي پنھنجي طرفان ڪجهہ ضرورتمند جي بنا گهرڻ جي مدد ڪندو آهي.
ڊاڪٽر عبدالڪريم جي هڪ نياڻي ڪيمسٽري ۾ BS ڪئي آهي جيڪا ڪنھن اسڪول ۾ جاب ڪري ٿي. سندس ٻہ ڇوڪرا سائنس گريجوئٽ آهن. جليل الرحمٰن ڪيمسٽري ۾ ۽ عبدالجميل ڪمپيوٽر سائنس ۾ BS آهن جڏهن تہ ڊاڪٽر عبدالڪريم جو وڏو فرزند خليل جبران گريجوئٽ آهي جنھن کي هڪ پٽ مير فيضان آهي جيڪو ٽي ڪلاس ۾ پڙهي ٿو. هي سڄو خاندان ترقي پسند سوچ، انساني فلاح ۽ بهبود لاءِ پاڻ کي وقف سمجهي ٿو.