ڊاڪٽر مير اعجاز ٽالپر
لاوارث ٻار
فٽ پاٿ تي رئندل ٻار ڏٺم هو ٻار تہ ڏاڍو پيارو هو،
هُو ڪنھن گل جيان هي بہ چمن جو نازڪ هڪ ستارو هو،
هن جي ٽڙيل چھري کي تقديرکڻي مرجهايو هو،
افسوس هيڏي جڳ هوندي ڀي هو لاوارث ويچارو هو.
پيءَ نڪو ڀاءَ ڀيڻ هئا نہ جيئري ماءَ ويچاري هئي،
ننڍڙي دلڙي ممتا جي جذبن کان بلڪل عاري هئي،
هو ڇا ڄاڻي کل خوشي جنھن گڏ غمن سان گهاريو هو،
افسوس هيڏي جڳ هوندي ڀي هو لاوارث ويچارو هو.
جڏهن ڇڏي ويا پنھنجا پرايا سورن سان هن ياري ڪئي،
ڦاٽل ڪپڙا پير اگهاڙا ڪاڙهي چمڙي ڪاري ڪئي،
ڪنھنکي دل جا درد ٻڌائي هن جو ڪھڙو سھارو هو،
افسوس هيڏي جڳ هوندي ڀي هو لاوارث ويچارو هو.
معصوم هي چھرو هر ڪنھن اڳيان نازڪ هٿڙو واري ٿو،
چند ٽڪن جي عيوض جهڻڪون سھي بہ پيٽ هو پاري پيو،
معمول جيان اڄ رات بہ ساڳيو کاڌو هن ابارو هو،
افسوس هيڏي جڳ هوندي ڀي هو لاوارث ويچارو هو.
گرمي گهائي لُڪ لنگهائي آڙنگ ڪاٽي آيو هو،
ڇا ڇا ٿيو ڪيئن ڪيئن ڪاٽيو هن ڪنھنکي ڪين ٻڌايو هو،
جرئت مند جلوي تي ڏس ڪيئن قسمت قهر ڪيرايو هو،
افسوس هيڏي جڳ هوندي ڀي هو لاوارث ويچارو هو.
سوچان ٿو هي ٻالڪ ننڍڙو رات وڏي آ سياري جي،
مينھن وسي ٿو برف ڪري ٿي هوا اتر جي ماري ٿي،
رات الاجي ڪيئن هن ڪاٽي رات بہ ڄميو پارو هو،
افسوس هيڏي جڳ هوندي ڀي هو لاوارث ويچارو هو.
اعجاز انھي کي اپنائي ڪو هي بہ چوڏهين چنڊ آهي،
هي ڪو گلشن مهڪائي ڇو دنيا هن کان تنگ آهي،
انسانن جي بستي ۾ ڇو هن لاءِ هرڪو ڌاريو هو،
افسوس هيڏي جڳ هوندي ڀي هو لاوارث ويچارو هو.
سمنڊ جي ڪناري
سمنڊ جي ڪناري تي پيرين اگهاڙا پانچا پسائي اسان ٿي گهمياسين،
بھارن ۾ گلشن جا گلڙا پٽيندي ڇٻر کي لتاڙي اسان ٿي گهمياسين،
هوائن جي جهوٽن تي نچندڙ فصل جي هر هڪ تال سان گڏ اسان ٿي نچياسين،
خوشين تي کلي ٽهڪڙا ڀي ڏناسين ۽ هڪٻئي جا ڳوڙها ڏکن تي اگهياسين،
بلبل ۽ ڪوئل جي ٻولن کان وڌو هو مٺو پنھنجي انمول الفت جو گانو،
رهيس مان نہ ساڳيون نہ تون تون ئي آهين پنھنجي بہ محبت جو هو ڪو زمانو.
لکي ريت تي نانء پنھنجا ملا ئي گلڙن سان ڪيڏو سجايو نہ هوسين،
رنگين وادين جي دلڪش نظارن ۾ محبت کي ڪيڏو مچايو نہ هوسين،
وجهي ٻانھون هڪٻئي جون پنھنجي گلن ۾ جواني کي ڪيڏو ملھايو نہ هوسين،
کڻي ٻڪ روئي سدا ساٿ لاءِ قلندر کي ڪيڏو ٻاڏايو نہ هوسين،
دنيا جي نظر کان لڪي ٿي ملياسين بنائي نئين سج نئون ڪو بھانو،
رهيس مان نہ ساڳيون نہ تون تون ئي آهين پنھنجي بہ محبت جو هو ڪو زمانو.
برساتي بوندن ۾ ڪپڙا ڀڄائي مڌر گيت مستي ۾ ڳاياسين ڏاڍا،
پراڻن پڊن تان پڪل ٻير پٽيندي لکن مٽ ڪيئن لمحا گذارياسين ڏاڍا،
چمن ۾ تہ گلڙن تان پوپٽ جهلي ڪيئن هوائن جي رخ تي اڏارياسين ڏاڍا،
هڪٻئي جي زلفن ۾ موتيو چنبيلي پٽي گل گلابي سجاياسين ڏاڍا،
ڪچا ريت جا گهر اڏيندي اڏيندي ڪو جوڙيوسين سپنن سندو آشيانو،
رهيس مان نہ ساڳيون نہ تون تون ئي آهين پنھنجي بہ محبت جو هو ڪو زمانو.
معمولي ڳالھين تان تنھنجي ۽ منھنجي رسڻ روز پرچڻ ۾ ڏاڍو مزو هو،
ٻانھون پکيڙي ۽ ڀاڪر ۾ ڀريندي ٿڌي ساھہ آڻڻ ۾ ڏاڍو مزو هو،
سنڌو جي ڪپر تي جهڪيل نم هيٺيان ڪچھري مچائڻ ۾ ڏاڍو مزو هو،
مڌر چانڊوڪي ۾ محبت جي مٺڙي تہ نغمي آلاپڻ ۾ ڏاڍو مزو هو،
ڪندي رقص سورج مکي جي حسين کيت ڇيڙيو هو سنگيت جو پڻ ترانو،
رهيس مان نہ ساڳيون نہ تون تون ئي آهين پنھنجي بہ محبت جو هو ڪو زمانو.
دڙن تي دکايل دلين کي ڳنڍڻ جا اڃا تائين ڪافي لڪل راز هوندا،
فضا ۾ محبت جي خوشبو سان گڏ پنھنجي معصوم ٽهڪن جا آواز هوندا،
جتي پيچ پائي محبت ڪئي سين نظارا اهي اڄ تہ ناراض هوندا،
اسان چنگ چاهت جا “اعجاز” چوريا بي سُر اُهي اڄ سڀئي ساز هوندا،
هائي ڙي قسمن عجب رنگ تنھنجا ڪٿي دل جي ڌڙڪن ڪٿي آشيانو،
رهيس مان نہ ساڳيون نہ تون تون ئي آهين پنھنجي بہ محبت جو هو ڪو زمانو.
*
هي سَمَا ڪهڪشان هي چمن هي گگن،
نانء تنھنجو وٺن گيت تنھنجو چون.
هلڪڙي سرمئي چانڊوڪي ۾ ڪٿي،
پُرڪشش ڍنڍ جي ڪنھن ڪپر جي مٿي،
پاڇو پاڻي جي لهرن تي چنڊ جي تڪي،
پيار جي راڳ تي دل جو ديپڪ جلي،
ڏس نظارا پيار پيا ياد ڪن.
دور آڪاش تي موتين جون لڙيون،
رات جي سانت ۾ پيار جون ڳالهڙيون،
دل جي ساگر اندر ڪي تہ ويرون چڙهيون،
اڄ تہ گڏجي اڻيون نينھن واريون ڪڙيون،
هي ڪتيون چنڊ تارا ڀلي رشڪ ڪن.
جي جهوميو جهڙالو ڪڪرڙا گُڙي پيا،
اترڙو وريو زرد گلڙا ٽڙي پيا.
دُعا ڳوٺ انڊهلو لاءِ
اي خدا هٿ ٻڌي ٿو ڪريان التجا، ديس منھنجي مٿي خاص رحمت رهي،
محبتون شل هجن رونقون شل رهن منھنجا مالڪ انڊهلي جي پارت هجي.
جتي بيد مشڪن جي چوٽي مٿان ٿيون ڪوئل جون اڪثر صدائون اچن،
۽ برکا جي موسم ۾ انڊلٺ جا منظر وٺي جون هوائون دليون رقص ڪن،
جتي اڄ بہ سياري جي راتين ۾ هر هنڌ مچن تي وڏيون محفلون ٿيون مچن،
جتي سونھن سوڀيا وسي سادگي ۾ انھي ديس جون سڀ ادائون وڻن،
جنھن جي مٽي مان محبت جي خوشبوءَ اچي ان ڌڌڙ ۾ ڏاڍي ئي راحت رهي.
نھر جا ڪنارا ۽ ٻٻرن جون ڇاؤن ۽ اولھہ کان ايندڙ هي ٿڌڙيون هوائون،
ڌنارن جي سينڍن تي سرمد جا نغما نما شام جون پرڪشش سرخ شامون،
نھر جا ڪپر ۽ ڇٻر تي ڪچھريون دلين جا سودا محبت جون رسمون،
سنگت سان گهاريا حسين پل مون جيڪي ڀلا يار تن کي وساريان ڪيئن،
آهي منھنجي دعا ديس منھنجو سدا قرب ۽ پيار جي هڪ علامت رهي.
جتي باک ويلي اٿي ڪال ڪڻڇي مڌر گيت ٻولي نچي ۽ ٽپي،
جتي ماڪ مکڙين کي رونق ٿي بخشي جتي سبز کيتن ۾ سورج لڪي،
جتي اڄ بہ ڪانگل اڱڻ تي لنوي ٿو اڃا ڀي ڍنڍن ۾ ڪنول ٿو ٽڙي،
اڃا ڀي ڀٽارين جا ڪڏڪار ٿين ٿا اڃان ڀي وٿاڻن تي دونھي دکي،
شال سرهن جا گل پيلا ٽڙندا رهن شال فطرت سندي سونھن سلامت رهي.
جتي اڄ ڀي سگهڙن جي سٿ ۾ او سھڻا گهڙن تي گهڙولي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي،
ڪسيو ڪانپ هڪ ٻئي کي ڏورون ڏيڻ ۽ وڏي سڏ پرولي ڀڃڻ لئہ اچي ٿي،
اڄ ڀي ٿلھي تي ڀڳل رانديڪن سان مٺي ٻاتي ٻولي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي،
هندوري ۾ اڄ ڀي ويٺي لال لوڏي تنھن ممتا جي لولي ٻڌڻ ۾ اچي تي،
مونکي پنھنجي ئي تقدير تي ناز آ ٿي جيئري ئي جنت جي زيارت ٿئي.
اڄ ڀي ڪلرتي پلي پيار ڪيڏو هي واهڻ هي وستي ٻڌائيندا آهن،
جتي اڄ بہ پنڇي ٿا آزاد اڏرن ۽ نغما محبت جا ڳائيندا آهن،
جتي اڄ بہ جوڌا وڏي چاه سان ٿا سحر تائين محفل مچائيندا آهن،
چانڊوڪي راتين ۾ اڄ ڀي پٽن تي درين راند دلبر مچائيندا آهن.
اڄ ڀي اوطاقون وطن ۾ وسن ٿيون اڄ ڀي ئي آيل کي عزت ملي.
کليي آسمان ۾ پڌر تي آ ڪيڏو ستارن جي هيٺان سمهڻ ۾ مزو،
ستي رات آڌي پري کان اچي تنھن ٽيٽيهر جي ٽين ٽين ٻڌڻ ۾ مزو،
انڌرين جي سيني کي چپ چاپ چيري سا جگنو جي جهرمر ڏسڻ ۾ مزو،
اونھاري ۾ بستر تي چندا کي اڀ تي تڪيندي تڪيندي سمهڻ ۾ مزو،
جيڪي قدرت عطا ڪيا هي انمول منظر خدا شال ان جي حفاظت ڪري.
سنڌ سھڻي سڄي پر منھنجو ڳوٺ ائين چنڊ پڌرو جيئن آ تارن اندر،
انب ٽالھين نہ ليمن جي هت آ ڪشش سونھن ڪيڏي نہ آ جنھنجي ڄارين اندر،
آهي “اعجاز” جي در ڌڻي التجا موج مستي رهي منھنجي مارن اندر،
جيءَ ۾ جايون ڏين پريت ڏيئي پنھنجو ڪن پيار ملندو رهي تن پنھوارن اندر،
شل حياتي جا ڏينهڙا ائين ئي لنگهن هي بھارون رهن شال قسمت ڪري.