آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مير غلام محمد ’ڪونڌر‘

بابا ڪونڌر هڪ باڪمال ڪردار

اسان جا وڏا بلوچستان مان هجرت ڪري سنڌ ۾ سوڀو ديرو لڳ اچي ويٺا جتي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو آستانو هو انھي وقت مخدوم عبدالرحيم اڃان لواري شريف واري بزرگ خواجہ محمد زمانرح اڄ جو مريد ڪونہ ٿيو هو. بھرحال سندس انھي علائقي ۾ هاڪ هئي اسان جا وڏا بہ سندس معتقد ٿي سندس حلقي ۾ شامل ٿي ويا ۽ ائين پوءِ جڏهن مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي لواري شريف بزرگ جو مريد ٿيو تہ انھي بساط سان اسان جا بزرگ بہ لواري شريف ڏانھن آيا جتان پوءِ آهستي آهستي ٿي اچي لواري شريف جي ڀر وسايائون عقيدتمندي وارو اهو سلسلو ٽن صدين کان مسلسل هلندو اچي. انھن ٽن صدين ۾ ڇھہ ست پيڙهيون مسلسل مذهبي عقيدي ۾ رهڻ سبب ۽ تعليم، شعور ۽ سائنسي علم جي اڻاٺ سبب ذهني اوسر ۾ روشن خيالي وارو فقدان هڪ زميني حقيقت آهي اهائي جهلڪ اسان جي ستن ئي پيڙهين ۾ نمايان هئي. ٿوري گهڻي پوءِ مڙسي چئجي يا بغاوت جو نالو ڏجي اها منھنجي ڏاڏي مير غلام شاھہ ۾ نظر اچي ٿي جنھن ڪجهہ وقت لاءِ ئي سھي، ڪاميابي نہ پر ناڪامي ئي سھي، پر ماٺ ڪري سرخم ڪرڻ بجاءِ سينو ساهي بيٺو پوءِ اڳتي هلي انھي جا نتيجا ڪي سٺا ڪونہ نڪتا بھرحال هڪ چيخ هئي جيڪا بلند ٿئي. منھنجو والد صاحب انھي ماحول ۾ سال 1943ع ۾ جنم ورتو. اهو سال جڏهن دنيا ۾ مھاڀاري جنگ پنھنجي اختتام تي پھتي، برطانيه راڄ جو خاتمو ٿيو، اسان جي علائقن تي امريڪي سامراج جا نوان نوان پير ڄمندڙ هئا. ملڪ ۾ خلافت اسلامي وارن جا هل هنگاما تہ برصغير جي ورهاست ۾ نئون جنم وٺندڙ ملڪ سيڪيولر هئڻ بجاءِ اسلامي شريعت جو تابع هجي. اسان جا وڏڙا انھن سمورن ڳالھين کان پاسيرا ٿيا پنھنجي ڌن ۾ لڪير جا فقير ٿيا “نہ ڪنھن جي هنئي ۾ نہ ڪنھن جي کنئي ۾” واري فارمولا تي روان دوان هئا. اسانجي خاندان ۾ بابا سائين ۽ سندس ٻہ وڏا ڀائر اهي پھريان ماڻھو هئا جن باقائده اسڪول ۾ وڃي نصابي تعليم حاصل ڪئي ورنہ اڳ تعليم فقط قرآن شريف پڙهڻ تائين محدود هئي. بابا سائين کان وڏن ٻن ڀائرن ڪا اعلى تعليم حاصل ڪونہ ڪري سگهيا رڳو ميٽرڪ انٽر ڪري روزگار سانگي ٿي ويا انھي جو سبب شايد سندن وڏن جي غربت واري زندگي هجي. اهائي ۽ انھي ئي جيتري تعليم يعني مئٽرڪ تائين بابا کي پڻ نصيب ٿي ۽ پوءِ بابا سائين بہ ٻين ڀائرن وانگر سال 1960ع ڌاري چپ چاپ پرائمري ماستري وٺي ويھي رهيو پر ڪجهہ مھينا گذرڻ بعد هڪ چڻنگ جيڪا سندس ذهن ۾ ٻري ٿي اها هئي بغاوت جي جنھن ۾ سندس ذهن ۾ اهي خيال پيدا ٿين ٿا تہ ڇا آئون بہ سڄي زندگي ماستري تي گذارو ڪري زندگي جا ڏينھن پورا ڪندس. انھي بغاوت سندس ذهن ۾ اتساھہ پيدا ڪيو همت پيدا ڪئي ۽ بابا سائين بنا وسيلن جي بنا ڪنھن سپورٽ جي وڃي ٽنڊو ڄام زرعي ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) پھتو. اها بہ روايت آهي تہ جڏهن ڪافي ڏينھن گذرڻ بعد بابا سائين گهر نہ موٽيو تہ منھنجي ڏاڏي سندس ٻئي پٽ منھنجي چاچي شير محمد کي چيو تہ وڃي پڇا ڪري تہ غلام محمد گهر ڇو ڪونہ پيو اچي جيڪو پڇا ڪندو پراڻي دمبالي واري شاخ کان هڪ ڪلو ميٽر اتر طرف بابا سائين واري ڊيوٽي واري پرائمري اسڪول پھتو جتي هڪ ٻيو ماستر موجود هو جنھن حقيقت ڪئي تہ اوهان وارو همراه ڪافي مھينن کان اسڪول ڊيوٽي تي ڪونہ پيو اچي. وڌيڪ حال احوال بہ ٻڌايائين تہ اوهان وارو همراه زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام جون ڳالھيون ڪندو هو. انھي شڪ ۾ چاچا سائين زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام پھتو جتي نئين داخلا وٺندڙ شاگردن جي پڇا ڪيائين تہ سڀ پول پڌرا ٿي پيا جڏهن چاچا سائين جي نظر بابا تي پئي تہ ڏٺائين تہ بافتي وارو ڦاٽل وڳو ۽ پير ۾ هوائي چپل پر چھري تي خوشنما مرڪ ۽ اتساھہ جو حوصلو نظر آيو. چاچا سائين انھي حالت ۾ بابا کي ٽنڊو ڄام شھر ڏانھن وٺي آيو ۽ کيس نوان ڪپڙا، جتيون ۽ ٻيو سامان وٺي ڏنو. اتان کان هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو. ڪاليج ۾ کيس پنھنجا من پسند دوست مليا جنھن ۾ بشير احمد چانڊيو، محمد هاشم لغاري، سائين اسماعيل خاصخيلي جنھن مان بشير احمد چانڊيو جيڪو بعد ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو وائس چانسلر بہ ٿيو اهو حال حيات نہ آهي باقي ٻين سان سندس قربت جو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آهي. شروع واري سال ۾ اڌ اسڪالرشپ تي ۽ بعد ۾ فل اسڪالرشپ تي تعليم حاصل ڪئي پاڻ ڳالھہ ڪندو آهي تہ اسان شاگردن کي ڪم ڏنو ويو تہ هر هڪ شاگرد هڪ ٻاري ڪنھن نہ ڪنھن سبزي جي پوکي. چيائين تہ مون گوبي لڳائي پر منھنجو فصل اهڙو ٿيو جو سڄي ڪاليج انتظاميہ حيرت ۾ پئجي وئي جنھن بعد کيس فل اسڪالرشپ نصيب ملي وئي. بابا سائين 1966ع ۾ زرعي ڪاليج مان آخري سال جو امتحان پاس ڪري واپس ڳوٺ آيو. کيس پاسڪو ۾ نوڪري سال 1975ع ۾ ملي وچ وارا 9 سال بابا سائين ڪھڙين حالتن ۾ گذاريا اهو هڪ وڏو درد ناڪ داستان آهي جيڪو شايد آئون هتي بيان نہ ڪري سگهان ڇاڪاڻ تہ 1967ع ۾ سندس شادي ٿي ۽ 1975ع تائين کيس چار ٻارڙا بہ ڄمن ٿا. انھن جو خرچ هڪ بيروزگار ماڻھو ڪيئن ڪيو هوندو سا کيس ئي خبر هوندي آئون سمجهان ٿو تہ سندس طبيعت ۾ پھاڙ جيڏي برداشت وارو مادو انھن ڏينھن جو ئي تخليق ٿيل آهي. سندس ڪنھن دوست کي لکيل پراڻو خط مليو آهي جنھن ۾ لکي پيو تہ “اڄ صبح جو ننڊ مان اٿيو آهيان ننڍڙي نجمان (منھنجي وڏي ڀيڻ) مسلسل روئي ويٺي ۽ سندس ماءُ کيس پرچائڻ ۾ پوري آهي ۽ مونکي چوي پئي تہ ڳڙ وٺي اچ تہ چانھہ ٺاهيون ڪالھہ بہ ڳڙ امان جي گهران کڻي آئي هئس پوءِ وري آئون پنھنجي کيسي ڏانھن نھاريان ٿو جيڪو تيز هوا ۾ سڄو لڏي پيو......”
مطلب تہ اهي حقيقتون جيڪي بيان نہ ٿي سگهڻ جھڙيون هجن سندس زندگي تي گذريون. انھي وچ ۾ خانگي نوڪريون ڪيائين. پاڻ ڳالھہ ڪري ٿو تہ لواري شريف اسٽيٽ تي منشي طور ڪم ڪيائين. 1975ع ۾ پاسڪو ۾ انٽرويو دوران کائنس سوال پڇيو ويو تہ هِن کان اڳ ۾ جتي تون ڪم ڪندو هئين اتي گهڻي پگهار ملندي هئي ورندي ۾ چيائين تہ مونکي ٽي سئو روپيہ ماهوار ملندا هئا. وري چيائون تہ پوءِ اسان جيڪڏهن توکي ڇھہ سؤ روپيہ ماهوار تي ڪم ڪندين مون چيو تہ ها آئون ڇھہ سؤ روپيا ماهوار تي ڪم ڪندس پوءِ جڏهن پاسڪو ۾ ڪامياب ٿيندڙ ماڻھن جي لسٽ جاري ڪئي وئي تہ بابا سائين جو نالو ويٽنگ لسٽ ۾ هو مطلب تہ جيڪڏهن ڪو اميدوار نہ آيو تہ پوءِ بابا کي نوڪري ملندي. وري ٻڌايائين تہ جهڏي ۾ رهندا هئاسون جو رات جو خاڪي لفافي ۾ بند پاسڪو ۾ نوڪري جو آرڊر مليو ڪپڙن جو وڳو هوئي هڪڙو جيڪو جسم تي پاتل هو تنھنڪري رات جو گوڏ ٻڌي سمھي پيس ۽ گهر واري انھي وڳي کي ڌوتو جو صبح جو پائي وڃي ڊيوٽي جوائن ڪئي وري جڏهن پگهار آيا تہ مون سان گڏ ڀرتي ٿيندڙ سمورن ملازمن جو پگهار ٻارنھن سؤ روپيہ ۾ منھنجو ڇھہ سؤ روپيا آيو جيڪو مون کي تہ قبول هو پر ٻين سمورن اعتراض ڪيو ۽ زور ڀريو تہ اهو پگهار واپس ڪر جيڪو پوءِ مون گهڻن جي صلاح تي واپس ڪيو جنھن سبب منھنجو پگهار ايندڙ تقريبن 9 مھينن تائين مسلسل بند ڪيو ويو جنھن بعد آخرڪار ٻارنھن سؤ روپيہ جي حساب سان جاري ڪيو ويو انھي کان پوءِ بہ بابا سائين کي پاسڪو ۾ تمام گهڻو پريشان ڪيو ويو ڇاڪاڻ تہ هڪ شريف انسان کي ڪنھن بہ کاتي ۾ برداشت ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي بھرحال اها سندس مجبوري هئي جنھن ڪري کيس نہ چاهيندي بہ انيڪ جڳهين تي ڪمپرومائيز ڪرڻو پيو آئون سمجهان ٿو تہ انھي سڄي پيڙاء مان گذرڻ سبب سندس طبيعت ۾ هڪ عجيب قسم جي ڪيفيت جنم ورتو جنھن کيس پنھنجي وطن جي غريب ۽ مسڪين ماڻھن ۽ هاري ۽ پورهيو ڪندڙ ماڻھن جي محبت ۾ مبتلا رکيو جنھن سبب سندس ذهن ۾ مزاحمتي ادب تخليق ٿيو ۽ انھي ادبي کيتر ۾ کيس عبدالرحمان نقاش ميمڻ، آڪاش انصاري، ابرهيم منشي ۽ ٻين اهڙن ادبي ذوق رکندڙ ماڻھن جي قريب آندو. بابا سائين جي شاعري جي هر سٽ ۾ مونکي انھن ئي جهانگين، هارين ۽ مزدورن جو درد سمايل محسوس ٿئي ٿو.
آڌي کان هو پاڻ ٻني ۾، مڙس ٻني ۾ ٻار ٻني ۾،
ڏانٽي سان گڏ ڏوٿياڻي جي، صدين کان هي ڪار ٻني ۾،
پوءِ بہ لوئي ليڙون ليڙون، پوءِ بہ انگ اگهاڙا ٻار،
هئہ ڪھڙا ڪھڙا سور سليان، هت وانگيئڙن تي ويل هزار.
يا
ڏسين جت ڪوماڻيل ڪنڌيون ۽ ڪنارا،
اهو ديس منھنجو او پرديس وارا.

سندس هڪ ٻيو نظم جنھن مان سندس اندر جي ڪيفيت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

تڏهن مان لکان ٿو، جڏهن مان ٿو سوچان،
صدين کان ستايل، هي مظلوم هاري،
اسر ڏيئي اٿن ٿا، ۽ آڌي سمهن ٿا.
اها ساڳي ڪوڏر، اهي ساڳيا ڏانٽا،
مگر پوءِ بہ آهن بکيا ۽ ڏکيا
انگ جن جا اگهاڙا، ۽ ويران واڙا،
تڏهن منھنجون سوچون، بہ سڏڪي پون ٿيون،
پنھوارن جي پٽڙن جيئن، روئي ڏين ٿيون،
۽ منھنجو قلم پوءِ، اٿي ٿو وڌي ٿو
تڏهن مان لکان ٿو، تڏهن مان لکان ٿو

بابا سائين جي زندگي تي ٻيو وڏو اثر ان وقت پيو جڏهن 1979ع ۽ ان کان پوءِ ڳوٺ انڊهلو جي سڄاڻ ماڻھن جنھن ۾ سائين خادم ٽالپر، سائين فيض محمد ٽالپر ۽ ٻين جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان هڪ نئين سياسي سجاڳي جو دور شروع ٿيو جنھن ۾ اڳتي هلي ايم آر ڊي تحريڪ دوران بابا سائين جي مزاحمتي شاعري “ڪونڌر” جي تخلص سان منظر عام تي آئي جنھن ۾ ملڪ تي جاري مارشلا جي وحشي ڪارواين ۽ ايذائن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. ذوالفقار ڀٽي جي ڦاسي جا منظر سندس هن نظم پڙهڻ مان محسوس ڪري سگهجن ٿا.
“او نيڪ نماڻي نور ڀري ڇو پنھنجا نيڻ نمايان تو،
مقبري ۾ ماڻھن وچ ڇو رئندي پلئہ پسايا تو،
وس پڄي ها ڇا تي لائي توکي چوان ها پياري ڀيڻ،
ائين اکين مان ڳوڙها ڳاڙي تو ڇو دلڙي هاري ڀيڻ.”

دنيا جي تاريخ اها ٻڌائي ٿي تہ هِن دنيا ۾ تبديلي انھن ماڻھن آندي آهي جن ڏکين حالتن ۽ مشڪلاتن کي منھن ڏيئي مستقل مزاجي سان پنھنجي سفر کي جاري رکيو آهي. بابا سائين زندگي جي انھن پيڙائن کي محسوس ڪيو ۽ پوءِ پنھنجي سمورن ٻارن کي اعلى تعليم ۽ تربيت ڏني. هي اڄ جيڪو ڪجهہ اسين ڳالھائڻ يا لکڻ جي اهل ٿيا آهيون انھي ۾ اسان جو پنھنجو ڪو ڪمال ڪونھي پر اها بابا سائين جي اسان مٿان شفقت واري نظر هئي جنھن ان قابل بڻايو. مون ذاتي طور بابا کي ڪڏهن بہ ڪنھن بہ گهڙي رنج و ڏک واري حالت ۾ محسوس ڪونہ ڪيو. اڄ بہ سندس طبيعت ۾ اهائي ويجهڙائپ ۽ قرب آهي جيڪو اسان کي پھرين ڏينھن کان محسوس ٿيو هو. سندس شاعري کي گڏ ڪبو تہ هڪ مڪمل ڪتاب ٿي ويندو ان کان علاوہ نثر ۾ ڪافي مواد جنھن ۾ ڪھاڻيون ۽ ٻيو مواد آهي اهو محفوظ آهي انھي کان علاوہ سنڌي پھاڪن کي مختلف ڪتابن مان سھيڙي گڏ ڪري رکيو اٿس جنھن ۾ هُن ڪافي محنت ڪئي آهي انھي کان علاوہ ٽالپر ذات جا ڪيترائي شجرا وٽس محفوظ آهن. انھي سڄي پورهيي کي سھيڙي ڪتابن جي شڪل ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪو انشاء الله هڪ ڏينھن ضرور ٿيندو.

ائڊوڪيٽ مير بشير ٽالپر
ڪڍڻ روڊ بدين
3281930-0300