آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

عبدالله واڍي جو پاڙو

عبدالله واڍو، اسان جي ڳوٺ جو پھريون ماڻھو واڍڪو ڌنڌو ڪندڙ ماڻھو هو. مون ننڍي هوندي، جڏهين اڃان ڪاٺ چيرڻ جون مشينون عام نہ ٿيون هيون. يا بدين ۾ ڪاٺ چيرڻ جو ڪوبہ ڪارخانو نہ هو. تڏهين عبدالله ۽ سندس گهر واري کي “ڪرٽ” سان ٿلھا ٿلھا ڪاٺ چيريندي ڏٺو هوئم هون بہ ڳوٺ جا اڪثر ماڻھو سڀ پورهيت رهيا آهن. عبدالله جو شجرو ڪجهہ هن طرح مليو آهي.
(حاجي رامڻ جو اولاد)

حاجي جعفر خان

عبدالله قادر بخش


الھہ بخش محمد قاسم محمد صديق

فتح محمد نور محمد محمد رحيم جاويد
(لااولاد هو ۽ جواني ۾ 1972
۾ وفات ڪري ويو) منظور احمد
2016ع ۾ والد علاج لاءِ ڪراچي وٺي ويو
جتي وفات ڪري ويومنظور جا ٽي پٽ آهن


تيمور حسنين فراز عزير احمد
الھہ بخش اسلاميہ ڪاليج ۾ پٽيوالو هو رٽائرڊ آهي سندس پٽ فوج ۾ آهي. محمد قاسم استاد هو رٽائرڊ آهي. محمد صديق HST هو جنھن بہ رٽائرمنٽ ورتي آهي نور محمد NRSP ۾ بورچي هو رٽائرڊ آهي محمد رحيم جا ڇوڪرا ذاتي ڪاروبار ۾ آهن معاشي طرح خوش آهن. جاويد هاري آهي.
خليفو خير محمد هن پاڙي جو رهواسي هو. هي حسين جو پٽ هو ننڍي هوندي کيس والدين پير صاحب حوالي ڪيو هو. ان ڪري خليفو سڏبو هو کيس ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. پاڻ وفات ڪري ويو آهي.