آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

غلام محمد ”ڪونڌر“

(نوٽ: غلام محمد ڪونڌر جي زندگي جو احوال سندس پٽ ائڊوڪيٽ مير بشير لکيو آهي. جيڪو اڳ ۾ اچي چڪو آهي، ڪونڌر اول سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي عوامي شاعري ڪئي. ان کان پوءِ هن نثر ۾ بہ ڪجهہ ڪتاب لکيا آهن سندس شاعري جا ڪجهہ نمونا هت ڏجن ٿا)

ٻہ سٽا

هڪڙي پاسي سٺ سالن جو گهوٽ ڇني ۾ ڀت،
۽ ٻي پاسي سورهن سالي روئي نسورو رت.

هڪڙي پاسي بک کان تڙپي تڙپي نڪتو ساه،
۽ ٻي پاسي ڇير جي ڇم ڇم واه ڙي ڇوري واه.

هڪڙي پاسي سيءَ سيارو گوڏ گنجي ۾ هاري،
۽ ٻي پاسي سينٽ عطر سان ٿئي ڪلب جي تياري.

هڪڙي پاسي تانا تُنڪا، عقل مت شرم،
۽ ٻي پاسي سھڻي گهڙو، ڌريا، دم.

غزل

اڃان ياد دل تي دُلارن جو ڳالھيون،
سڄڻ جون سڄڻ جي سيپارن جون ڳالھيون.

ڪڏهن منھن مٺي جون ڪڏهن رنگ و بُو جون،
ڪڏهن تنھنجي پيارن پسارن جون ڳالھيون.

ڪڏهن سونھن صورت ڪڏهن بيرخي جون،
ڪڏهن محب تنھنجي ميارن جون ڳالھيون.

سھيلين جي سٿ ۾ کلڻ، مسڪرائڻ،
نہ دل تان لھن تن نظارن جون ڳالھيون.

نہ آهن وسرڻيون حقيقت ۾ هينئڙي،
اکين جون اکين جي اشارن جون ڳالھيون.

ڪيون سين جي ويھي لڪي لوڪ کان ڪٿ،
ڪي باغن جون ڳالھيون، بھارن جون ڳالھيون.

ڪڏهن هن زمين جون زماني جون ڳالھيون،
ڪڏهن چنڊ جون ۽ ستارن جون ڳالھيون.

مان چاهيان ٿو توکي وساري ڇڏيان پر،
پرين ڪيئن سي وسرن پيارن جون ڳالھيون.

جتي ڀي هجين پر ڪجان ياد “ڪونڌر”،
چيو تو وسارج نہ يارن جون ڳالھيون.


لوئيءَ جي لڄ

ڪري زوري زبردستي اچي بيوس ڪيئي بند ۾،
اهي رهندئي نہ ارڏايون نہ ايڏو ره عمر انڌ ۾،
ڏسي مسڪين ماروئڙا تو ڦاسايو اچي ڦند ۾،
ڪري سائين ڪڏهن ڪڙڪي پوئي ڪا آه من ڪنڌ ۾،
آئون وينديس ويڙه ڏي واپس اهائي وات وائي آ،
نہ ڪڏهن لالچي لوڀي اسان لوئي لڄائي آ.

چڙهي کٽ تي کلي خوش ٿي وڳا ۽ ويس ڪيئن پايان،
تنھنجا هي زر ۽ زيور بلائن جي مثل ڀائيان،
اڪيلي هت سوا سرتين ججهين گڏ جهوپڙين ناهيان،
هجي وس ۾ تہ جيڪر هي قهر جو ڪوٽ ڪيرايان،
نماڻين ننگ وارين دل نہ ناڻي تي نمائي آ،
نہ ڪڏهن لالچي لوڀي اسان لوئي لڄائي آ.

اسان جا ڀٽن تي ڀونگا حويلين دل نہ هيرايان،
پليس پيرن مٿي اڄ ڪيئن پلائن سان پلئہ پايان،
ڇڏي هُت کير کيرين جو هتي ڪيئن کيرڻيون کايان،
هُتي جهوري اندر جهانگي هتي جهومڪ نہ جهولايان،
ٽڪن تي جا ٽڪو لائي سا مارُن منجهہ نہ مائي آ،
نہ ڪڏهن لالچي لوڀي اسان لوئي لڄائي آ.

حويلين ۾ حشر لائي هنجون هر ويل هارينديس،
صبح سانجهي ڪري سڏڙا سنگهارن کي سنڀارينديس،
لُڇي کامي، پچي تب پت پنھوارن ساڻ پارينديس،
مرڻ لاءِ مري وينديس نہ ويڙهيچا وسارينديس،
ڀلايان ڪيئن ڀلا ماڻھو جنين جي ڀل ڀلائي آ،
نہ ڪڏهن لالچي لوڀي اسان لوئي لڄائي آ.

مٺيون ٻوليون ٻلھارن جون ۽ جت ٻهڪن ٻنيون ٻارا،
ولر وڙڪن ولھارن ۾ ولھين ۾ واس وسڪارا،
هُتي ڳالھيون ڳنوارن جون هِتي ڳڻتين سندا ڳارا،
اباڻن جي اُڪنڊ ۾ اڄ عمر اکڙين ٻڌا آرا،
اسان محلن ۽ ماڙين سان نہ ڪڏهن لنئون لڳائي آ،
نہ ڪڏهن لالچي لوڀي اسان لوئي لڄائي آ.

چڀڙ چونرا کٽونبا ۽ کٽا لوڻڪ للر لاڻي،
مريڙو مرڪ مارن جو منگها ۽ مرٽ مانڌاڻي،
نہ پھرينديس پٽيهر پٽ پريان پيتم پلر پاڻي،
کڻي تون کوه تان آئين تہ ٿيندي راڄ جي راڻي،
اهو ڀي ڪين سوچيئي ڪا پرائي ڄام ڄائي آ،
نہ ڪڏهن لالچي لوڀي اسان لوئي لڄائي آ.

مٺا ٿم ملڪ جا ماڻھو مٺي ٻولي آ مارن جي،
رکج لڄ لال لوئي جي سُتي پيتم سگهارن جي،
ڪرين ڪوه قيد ۾ قابو نہ ڇڏبي پر پنھوارن جي،
نہ وڪرو ٿي نہ ٿي سگهندي هي ڌڻڪي ڌيءَ ڌنارن جي،
سِسِي ڪونڌر ڪپائي پر اسان عزت بچائي آ،
نہ ڪڏهن لالچي لوڀي اسان لوئي لڄائي آ.


تڏهن مان لکان ٿو

تڏهن مان لکان ٿو، جڏهن آئون ٿو سوچيان،
صدين جا ستايل هي مظلوم هاري،
اسر ڏيئي اٿن ٿا ۽ آڌي سمهن ٿا،
اها ساڳي ڪوڏر اهي ساڳيا ڏانٽا،
اهي ڏاند ساڳيان اهي هر ساڳيا،
هو ڪوڏر هڻن ٿا، سڄو ڏينھن لڇن ٿا،
سين ۾ سُڪن ٿا ۽ ڪاڙهي ڪڙهن ٿا.

مگر پوءِ بہ آهن بکيا ۽ ڏکيا،
انگ جن جا اگهاڙا ۽ ويران واڙا.
تڏهن منھنجون سوچون بہ سڏڪي پون ٿيون،
پنھنوارن جي پٽڙن جيئن روئي ڏين ٿيون،
۽ منھنجو قلم پوءِ اٿي ٿو وڌي ٿو،
تڏهن مان لکان ٿو تڏهن آئون لکان ٿو.

گل گلابي ٻار

تو لئيه گيت لکان ٿو گلڙا شال جواني ماڻين،
منھنجي دعا ٿئي وڌي وڏو ٿي ويڙهن سان دل واڻين،
جرڪي جرڪي جوت جڳائين جهوپين جا جونجهار،
او ننڍڙا ننڍڙا پيارا پيارا گل گلابي ٻار.

مرڪي مرڪي اکڙيون کولين ٻولين ٻاتا ٻول،
کلندي ڪُڏندي وقت گذارين ۽ ڍوليا جاني ڍول،
ڪيڏو ڏين ٿو مان مٽي کي ڪيڏو ماءُ سان پيار،
او ننڍڙا ننڍڙا پيارا پيارا گل گلابي ٻار.

تو ۾ جڳ جون اکڙيون اٽڪيل تون ئي ڀاڳ سڀاڳ،
جاڳي اي پٽ جانيئڙا ڪج ساري قوم سجاڳ،
سچ تي ثابت رهجان ۽ سورهيہ سچ ئي سونھن سينگار،
او ننڍڙا ننڍڙا پيارا پيارا گل گلابي ٻار.

همت سان هر مشڪل کي تون منھن ڏيئي مٺڙا مات ڪجانءِ،
چنڊ جيئن چمڪي چمڪي چوڏس گم تون ڪاري رات ڪجانءِ،
پنھنجي ديس جي ڌرتي تي ڪج هرجاءِ هٻڪار،
او ننڍڙا ننڍڙا پيارا پيارا گل گلابي ٻار.

تنھنجي جوت جڳائڻ سان ئي ٿينديون روشن راهون،
محنت سان ڪج ملڪ مٺي جو مٺڙا مان مٿاهون،
اُوچو ڪنڌ ڪري ٿج “ڪونڌر” مانجهي مڻيادار،
او ننڍڙا ننڍڙا پيارا پيارا گل گلابي ٻار.

ڇا! ڇا! نہ وڪامي سنڌ اندر

جهانگي جهاتي پائي ڏسو ڪا جيءَ جياري سنڌ اندر،
مارن منھن تي مرڪ نہ ڪائي موذي ماري سنڌ اندر،
هئي هئي هيڏا هاڃا هنجون هارن هاري سنڌ اندر،
ڌڪا، ٿاٻا، ٺيلھا، ٺوڪر، سور سونھاري سنڌ اندر،
ڪنھنجا هر پاڃاري، ڪنھنجو ڦار وڪامي سنڌ اندر،
پلپل پيارن پنھنوارن جو پيار وڪامي سنڌ اندر.

ٻار پسون پيا ٻاڪارن جت لاهيارن وٽ لوڻ نہ لولو،
آڻيو چاڙهن ڏٿ ڏهاڻي، سيءَ سياري سنهڙو چولو،
ڀونء ڀلاري سيج جنين جي اڀ ري جن جو ناهي اولو،
سڀڪو پنھنجي تاڻي ترهو تن جو ڪنھنکي ترس نہ تولو،
ٻاتيون ٻاتيون ٻولي جو، سو ٻار وڪامي سنڌ اندر،
پلپل پيارن پنھنوارن جو پيار وڪامي سنڌ اندر.

نينھن ندي جيئن ڇوليون ماري تن جا نخرا ناٽ وڪامن،
ڪي ٿيون ويھي وهي وڃائن ڪي ٿيون ويندي واٽ وڪامن،
ڪي تہ ڄمڻ کان پوءِ وڪامن ڪي تہ اديون اڳواٽ وڪامن.
جهيڙيون جھڙي ريت وڪامن پوءِ بہ اوچي ڳاٽ وڪامن،
ننڍڙي، نهٽي، نيڪ، نماڻي، نار وڪامي سنڌ اندر،
پلپل پيارن پنھنوارن جو پيار وڪامي سنڌ اندر.

ڪنھنجا ٽهڪ تہ ڪنھنجي مُرڪ تہ ڪنھنجي لڙڪن لار وڪامي،
ڪنھنجي ڇير تہ ڪنھنجا جهومڪ ڪنھنجو ڇلو وار وڪامي،
ڪنھنجي سينڌ تہ ڪنھنجو سرمو ڪنھنجو سونھن سينگار وڪامي،
ڪنھنجون چوڙيون، ڪنھنجا چوڙا ڪنھنجو چندن هار وڪامي
جي، جُسو، جِند، جان، سندن جنسار وڪامي سنڌ اندر.
پلپل پيارن پنھنوارن جو پيار وڪامي سنڌ اندر.

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڌرتي تي انڌ ڪار اُهي ئي،
ارغون ۽ ترخان اهي ئي غاصب ۽ غدار اُهي ئي،
ليڙون ليڙون ويس اهوئي اڻڀا اڻڀا وار اُهي ئي،
ڏٿ اهو ئي ڏيھہ اهو ئي انگ اگهاڙا ٻار اُهي ئي،
موتيو ساڳيون موتيو پر مهڪار وڪامي سنڌ اندر،
پلپل پيارن پنھنوارن جو پيار وڪامي سنڌ اندر.

پوءِ ڀي توکي ننڊ نهڙيو پوءِ ڀي دل کان کائين ڌوڪو،
پوءِ ڀي مٺڙا ماٺ رهين ڇو، ڪو تنھن تي ڪڏهن سوچيو توڪو،
اُٿ! اُٿ! ڪيڏو رهجي ويو آ، پيارل سائين پنڌ پروڪو،
هو ٻُڌ گهر گهر گهنڊ وڄي پيو، هو ٻُڌ هر هنڌ آهي هوڪو،
زر زمين ۽ در دريون وڪامي سنڌ اندر،
پلپل پيارن پنھنوارن جو پيار وڪامي سنڌ اندر.

سھڻا سانگي سوچي ڏس هِت ساڻا ساڻا سنڌ وڪامن،
ڪنھنجا مارڳ ماڳ وڪامن ڪنھنجون راهون رند وڪامن،
برکا رت جي باکي ڦٽي ۾ بينسر بازو بند وڪامن،
ڪاڪ ڪنڌي تي ڪھڙا ڪھڙا ڪونڌر ڪونڌر ڪنڌ وڪامن،
تانَ، طبل ۽ تند، تنبورو، تار وڪامي سنڌ اندر،
پلپل پيارن پنھنوارن جو پيار وڪامي سنڌ اندر.