ڳوٺ انڊهلي ۾ انقلابي تبديليون
(1) تاريخ جي ڊگهي عرصي کان پوءِ روزگار جا وسيلا بدلجڻ ۽ معاشي رشتا تبديل ٿيڻ سان سماج تبديل ٿيڻ شروع ٿين ٿا.
(2) اهو ڳوٺ ڪو بندرگاھہ يا ڪو پورٽ هجي. جتي دنيا جي ڪاروباري ماڻھن جا قافلا گذرندا هجن ۽ جن جو اثر ان ڳوٺ تي پوي ۽ ماڻھن جا معاشي رشتا جلدي تبديل ٿين ۽ پوءِ بہ عالمي حالتون هن ڳوٺ لاءِ بھتر هجن تہ پوءِ اهو ڳوٺ جلد ترقي ڪري ٿو.
(3) ڳوٺ ۾ ويٺل ماڻھو پنھنجي گذر سفر جا طور طريقا تبديل ڪري ڪو نئون رستو اختيار ڪن جيئن ٿوري عرصي ۾ پنھنجي پراڻي سماجي ۽ معاشي رشتي کان جان ڇڏائي نئون ڌنڌو شروع ڪن. مثلن سرڙي هاري مان، خود ڪفيل هاري ۽ پوءِ ننڍو آبادگار بنجڻ، يا مزدور مان ننڍو ڪاروباري يا واپاري بنجڻ وغيرہ ۽ پوءِ خود صنعت ڪار ٿيڻ وغيرہ. تڏهين بہ ڳوٺ ترقي ڪري ٿو.
(4) رياست ڪنھن سبب ڪري ان ڳوٺ تي پنھنجو خصوصي توجھہ ڏي. معاشي سيڙهپ ڪري. روڊ رستا ٺهرائي صنعتي مرڪز کولي. سماجي ترقي جا پروجيڪٽ شروع ڪري وغيرہ ان ڳوٺ / واهڻ يا وستي کي نئين شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏي، تہ ڳوٺ جلدي ترقي ڪري وٺندو.
(5) ڳوٺ جا ڳوٺاڻا تعليم يافتہ ٿين دنيا جي تبديل ٿيندڙ حالتن تي ڌيان ڏين ۽ پنھنجي ڳوٺ جي نوجوانن ۾ نوان رجحان ۽ لاڙا پيدا ڪن جيڪي نوجوان ئي ڳوٺ جي تبديلي جا ڪارڻ بنجن. هن ڳوٺ انڊهلي سان بہ سماجي ترقي جو ساڳيو قلم لاڳو هو. مون ۽ منھنجي ڄمار جي ماڻھن 50-1945ع ۾ جڏهن اک کولي تہ هتي، مٽي جي گنب جا گهر، عوام جو عام طرح ٻني ٻاري ۽ مال مويشي تي گذران هوندو هو. سڄي ڳوٺ ۾ هڪ ٻن خاندانن وٽ ڪجهہ موروثي زمين هئي. جنھن تي ٻيا ڳوٺاڻا هارپ تي ٻني ٻارو ڪندا هئا نوڪريون يا مزدوري نہ هونديون هيون. هن ڳوٺ ۾ 1953ع ۾ بوائز پرائمري اسڪول کليو. هن ڳوٺ مان ڪجهہ ڇوڪرا جيڪي ڀرپاسي جي ڳوٺن جھڙوڪ لواري شريف 5 ڪلو ميٽر، اشرف آباد 7 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري پڙهڻ ويندا هئا. اهي اوڏانھن وڃڻ بجاءِ هن ڳوٺ ۾ ئي پڙهڻ لڳا. اسان جھڙا ٻيا کوڙ نوان ڇوڪرا. جيڪي اڳ ۾ ٻاهر ڪٿي بہ پڙهڻ نہ ويندا هئا اهي بہ هتي پڙهڻ لڳا. ڪجهہ وقت کان پوءِ نياڻيون بہ هن اسڪول ۾ پڙهڻ لڳيون تہ ڪجهہ وقت کان پوءِ انھن لاءِ ڳوٺ ۾ ئي ٻي پاسي هڪ الڳ ڪمرو ٺاهي. هن ئي اسڪول جو الڳ ڪلاس هلائڻ شروع ڪيو ويو. انھي طريقي سان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنھي ۾ تعليم جو الڳ الڳ سلسلو شروع ٿي ويو. اهو سڀ ڪم ڳوٺ جي نيڪ مرد سائين لطف علي ٽالپر شروع ڪيو سائين جنھن ٽنڊو باگو مان مئٽرڪ، سنڌ مدرست السلام مان انٽر ۽ بمبئي يونيورسٽي مان بي اي پاس ڪئي هئي. ان کي پنھنجي ڳوٺاڻن کي سڌارڻ جو تمام گهڻو اونو هوندو هو. هوئي ڳوٺ جي شاگردن کي هاءِ اسڪول ٽنڊو باگو وٺي ويندو هو. جيڪو مئٽرڪ پاس ڪندو هو ان کي ماستري جي يا ڪا ٻي نوڪري وٺرائي ڏيندو هو. 1970 تائين اسان جي ڳوٺ جا ڪافي نوجوان روزگار سان لڳي ويا. مونکي شاعري ۽ ادب سان دلچسپي هئڻ سبب بدين ۾ محمد سومار شيخ سان گڏ مشاعرا پيا ڪرائيندا هئاسون انھن ڏينھن 71-1970ع ۾ هڪ طرف ڀٽي صاحب پاران سياسي جاڳرتا جو طوفان اٿيو. ٻي طرف قومي تحريڪ زور ورتو. سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف سنڌ جي اديبن ۽ شاگردن تحريڪ هلائڻ شروع ڪئي هئي. تڏهين ابراهيم منشي سان منھنجي دوستي ٿي هئي. هو انڊهلي ۾ اسان جي اوطاق تي اچي پنھنجي شاعري ترنم ۾ ٻڌائيندو هو تہ نوجوان توڙي پوڙها ڳوٺاڻا ڏاڍا متاثر ٿيندا هئا اهي محفلون بدين ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ مشاعري جون ڪچھريون پيا ڪندا هئاسون. آهستي آهستي ٻيا اديب ۽ شاعر بہ اسان جي اوطاق تي اچڻ شروع ٿيا. جن ۾ عبدالرحمان نقاش، عبدالمبين پنائي، حاجي محمد حاڪم، جمن ترڪ، جمن نوحاڻي ٻيا مون وٽ پيا ايندا هئا. آخرڪار مون 1976ع ۾ عوامي تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي انھن ڏينھن ۾ عوامي تحريڪ پاران مختلف برادر تنظيمن جو بنياد وڌو ويو. انڊهلي ۾ مختلف موضوعن تي ليڪچر پروگرام ٿيڻ لڳا ڳوٺ جا نوجوان، مير انور، مير ستار، سائين نور احمد، سائين مشتاق، خير محمد، اميد علي، عبدالرزاق، مير مصطفى ۽ ٻيا دوست عوامي تحريڪ جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳا. ڳوٺاڻن جو شعور عام رواجي ڳوٺاڻن کان اڳتي وڌي. ترقي پسند سوچ وارا نوجوان ٿي پيا، هن ڳوٺ ۾ عوامي تحريڪ جا مرڪزي ليڊر رسول بخش پليجو، شهيد فاضل راهو ۽ ٻيا اچڻ لڳا. نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جي ليڊرن جو بہ هن ڳوٺ ڏانھن ڌيان ويو. بدين ۾ PPP جي هڪ ليڊر تقرير ڪندي چيو هو تہ اسان انڊهلو يونيورسٽي جو مقابلو ڪري. ان کي ختم ڪري وينداسون. سندس ان بيان سان انڊهلو هڪ سياسي يونيورسٽي طور مشھور ٿي ويو.
ڳوٺ ۾ آيل هڪ طرف تعليم جو چاھہ ۽ تعليم جو سيلاب، تعليم سان نوڪريون ۽ روزگار، ٻي طرف سياسي سجاڳي ۽ عام فهم ۾ باشعور بنجڻ جا عمل اهو ڳوٺ جيڪو 1964ع واري طوفان ۾ مليا ميٽ ٿي ويو هو اهو ڳوٺ هاڻ ضلع بدين جو پھريون نمبر وڏو، ترقي ڪيل، تعليم يافتہ ۽ سکيو ستابو ڳوٺ بنجي ٻين ڳوٺ لاءِ مثالي ڳوٺ بنجي ويو.
ڳوٺ جي ترقيءَ ۾ عورتن جو ڪردار
1953ع ۾ عورتن ۽ نياڻين جي تعليم جو سلسلو شروع ٿيو هن ڳوٺ جون سڀ نياڻيون پرائمري تعليم پڙهڻ لڳيون. جڏهن تعليم مڪمل ڪري ويون تہ اڳتي پڙهڻ لاءِ في الحال ڳوٺ ۾ ڪو بندوبست نہ هو. پوءِ هو لواري شريف گرلس مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ وڃڻ لڳيون. جيئن تہ انڊهلو کان لواري شريف 5 ڪلو ميٽر آهي. مناسب سواريون بہ ڪڏهين ملن. ڪڏهن نہ ملن. پر ڇوڪريون وڏي چاھہ سان پنڌ وڃڻ، پنڌ اچڻ لڳيون اهڙي طرح ڪيتريون ڇوڪريون بہ مئٽرڪ پاس ڪري گرلس ڪاليج بدين ۾ پڙهڻ لڳيون. هٿ جي هنر سکڻ لاءِ ووڪيشنل سينٽرن تي داخلا وٺڻ لڳيون. ليڊيز هيلٿ وزيٽر يا ليڊيز هيلٿ ورڪر ٿيڻ لڳيون ڪجهہ ڇوڪريون محنت ڪري استاد بہ ٿي ويون هن وقت ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ ۾ بہ ڪافي ڇوڪريون پڙهن پيون. سڄي ڳوٺ ۾ اڪثر گهرن ۾ سڀ زالون پڙهيل آهن. جن مان ڪافي روزگار سان آهن جيڪي روزگار لاءِ پنھنجي گهر ڀاتين جي مدد ڪن ٿيون.
ڳوٺ جا گهر جڏهن صرف مٽي جا ٺھيل هئا. اهي گهڻو ڪري گهر جو مرد ۽ عورت گڏجي ٺاهيندا هئا. ٻاهران مٽي مرد آڻيندو هو. عورت ڀت ڏيندي هئي. يا گهر ٺھي ويو تہ ان کي راڳو پوچي عورتون ئي ڪنديون هيون.
جنھن سماج ۾ مرد ۽ عورت برابري جي بنياد تي زندگي جا سمورا ڪم گڏجي ڪن ٿا. اهي معاشرا ۽ سماج ترقي ڪن ٿا ۽ جلدي ترقي يافتہ ٿي وڃن ٿا. هن ئي ڳوٺ جي هڪ عورت عابدہ ٽالپر پنھنجي گهر واري مصطفى جي سھڪار سان اسلام آباد ۾ هڪ کاڌي پيتي جي هوٽل کولي آهي، جيڪا سنڌ جي پھرين عورت آهي جنھن ملڪ جي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ ڪاروباري لحاظ کان ئي سھي هڪ ماني جي هوٽل کولي. سنڌي عورتن لاءِ هڪ اُتساھہ جو پيغام ڏنو آهي.
عوامي تحريڪ جي سمورين جدوجھدن، جلسن، پروگرامن ۽ لانگ مارچن ۾ هن ڳوٺ جي عورتن جي ڀرپور شرڪت رهندي آئي آهي. گڏيل سياسي جدوجھدون کان علاوہ هونئن بہ ڳوٺ جي مقامي مسئلن لاءِ بہ هن ڳوٺ جون عورتون سجاڳ آهن ۽ ڀرپور حصو وٺن ٿيون. جلسن، جلوسن، روڊ بلاڪ ڪرڻ تائين مردن سان گڏ آهن. عورتن ۾ سجاڳيءَ جي لحاظ کان بہ هي ڳوٺ سڄي ضلع ۾ اڳتي آهي.
سنڌياڻي تحريڪ جي عورتن هن ڳوٺ ۾ اچي عورتن جا يونٽ کوليا. ڪجهہ ڇوڪريون جيڪي اسڪول وڃڻ کي اهميت نہ ڏينديون هيون. انھن کي سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن همتايو خاص ڪري سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نجمہ جوڻيجو، مريم راهو، حورالنساءَ پليجو، صالحان گوپانگ، مريم گوپانگ اسان جي ڳوٺ بار بار اينديون رهيون.
ٻي طرف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن ۾ سجاڳي، سرگرمي ۽ نظرياتي تربيت لاءِ سليمان ڏاهري، قادر بخش ڏاهري، نور نبي راهوجو، خليل قاضي. وڏن ۾ سياسي ۽ تنظيمي چاھہ پيدا ڪرڻ لاءِ محمد علي پلھہ، ڪرم حسين وساڻ، منظور حسن ڇڄڙو، محبت ٻرڙو، سراج سيال، محمد جمن ترڪ، محمد جمن نوحاڻي، نور محمد پنھور ۽ ٻيا بار بار ايندا رهيا. هن عمل سان مردن ۽ عورتن ۾ انقلابي سوچ جي ڌارا تيز ٿيڻ لڳي.