هڪ استاد جون علمي ميدان ۾ ڪيل ڪاوشون
سائين خادم ٽالپر 10 جولاءِ 1945ع تي ڳوٺ انڊهلو ۾ ولي محمد ٽالپر جي گهر اک کولي. سندن والد هڪ نفيس دل ۽ محنت ڪندڙ انسان هو جيڪو واندڪائي جي وقت ۾ ڳوٺاڻن کي ساوڻ فقير جا ڳيت ڳائي ٻڌائيندو هو ۽ سڄي ڳوٺ ۾ ساوڻ فقير جي بيتن جي ڪري مشھور هو. سائين جي تاريخ پڙهندي ائين محسوس ٿو ٿئي تہ سائين کي گيتن ۽ شاعري طرف شوق سندن والد کان ورثي ۾ مليو آهي.
سال 1953ع ۾ سائين لطف علي ٽالپر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪري تعليم جو بنياد وڌو. جنھن کي اڳتي هلي سائين خادم انھي بنياد کي مضبوط ڪيو. سائين لطف علي جي تعليمي نظريي کي سائين خادم بلڪل صاف دل ۽ ايمانداري سان اڳتي وڌايو. سائين شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي صاحب جي اڳواڻي ۾ سياست ۾ بہ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ ڳوٺ انڊهلي ۾ سياست جو بنياد وڌو. جنھن ۾ ڳوٺ جي نوجوانن ڀرپور شرڪت ڪئي. پر فاضل جي وفات کان پوءِ سائين عوامي تحريڪ کان هٽي ڪري پنھنجي ٻين مصروفيات ۾ مصروف ٿي ويا. اڄ ڪلھہ عوامي جمھوري پارٽي ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن. سنڌ ۾ ڪٿي ادبي ميلو هجي، تعليمي ڪانفرنس هجي، مشاعري جو پروگرام هجي سائين خادم هر جڳھہ سرگرم نظر ايندا آهن ۽ سائين جن پاڻ بہ مختلف تعليمي ورڪشاپ پڻ آرگنائيز ڪرائيندا رهن ٿا. گهٽ وسائل، هڪ غريب جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ جي باوجود سائين همت نہ هاري، محنت ڪندا رهيا ۽ اڄ اسان جي اڳيان هڪ ڏاها، دانشور ۽ ليکڪ بڻجي اُڀريا آهن. سائين جھڙا ماڻھو اڻ لڀ هوندا آهن جيڪي بغير ڪنھن لالچ ۽ غرض جي پنھنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙا ماڻھو اسان جو ڪُل سرمايو آهن، اسان جو اثاثو آهن. سائين جو ڪيل اِهو علمي پورهيو سڄي ڳوٺ بلڪہ سڄي سنڌ لاءِ بحيثيت فخر جي ڳالھہ آهي.
سائين کي جيڪڏهن موجودہ دور جي علمي ۽ ادبي دنيا جو (Encyclopedia) چيو وڃي تہ غلط نہ ٿيندو ڇاڪاڻ تہ سندن دنيا جي مختلف موضوعن جي باري ۾ ڄاڻ وسيع ۽ تسلي بخش آهي. چاهي اها سياست تي بحث هجي، ادب جي گفتگو هجي، فلسفو هجي، شاعري هجي، سائين هر جڳھہ نمايان ۽ اثرانداز ثابت ٿين ٿا. جنھن تہ هڪ شعر موجب:
یہ اعزاز ہے حسن آوارگی کا،
جہاں بھی گئے داستان چھوڑ آئے۔
بلڪل مٿين سِٽن موجب سائين جتي بہ وڃن ٿا پنھنجي هڪ داستان پويان ڇڏيو اچن ۽ پنھنجي علم جي خوشبو سان هُن علائقي يا جڳھہ کي سرهاڻ بخشيو اچن. اها علم و فڪر جي خوشبو ۽ سرهاڻ وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. انھي جو سبب اهو آهي تہ سائين جو ڪافي وقت کان سياست، اديبن ۽ ڪتابن سان گهرو واسطو رهيو آهي. سائين جا دنيا جي مختلف موضوعن جي باري ۾ وافر مقدار ۾ ڪتاب پڻ زير مطالعو رهيا آهن. اڃان تائين سائين جو گهڻو وقت ڪتاب پڙهندي ئي گذري ٿو. انھن ڪتابن مان نہ صرف سائين پاڻ سکندا آهن پر مختلف تعليمي ڪانفرنس ۽ تقريرون ذريعي پنھنجو علم ٻين تائين ڦھلائيندا آهن. سائين جو اهو ادبي پورهيو قابل تعريف آهي. سندن 5 ڪتاب ڇپجي چڪا آهن ۽ ڇھون ڪتاب زير ڇپائي آهي. ڪتاب “تاريخ منھنجي وقت جي” جي ذريعي سائين ڳوٺ جي تاريخي واقعن کي نوجوان نسلن تائين منتقل ڪيو آهي، اڳئي ۽ هن زماني جي ڀيٽ جو هُنر بس سائين خادم کان سکجي. سائين هن ڪتاب ذريعي پنھنجي زندگي جا مثال ڏيئي اسان کي زندگي کي بھترين نموني گذارڻ جا ڪيترائي گس ڏيئي ڇڏيا آهن. ڪتاب ”تاريخ منھنجي وقت جي“ پڙهي ائين محسوس ٿئي ٿو تہ سائين هڪ دور جي تاريخ کي روح ڦوڪي وري زنده ڪري ڇڏيو آهي.
ڪتاب ”پرھہ باکون ڪڍيون“ جي اهميت سندس نالي مان ئي ظاهر ٿئي ٿي. جيڪو هڪ مختصر پر صدين تائين اثر رکندڙ ڪتاب آهي. ان جو فقط سبب اهو آهي تہ هي ننڍڙو ڪتاب مختلف موضوعن جو مجسمو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي اهو محسوس ٿيو تہ سائين حقيقي معنى ۾ علم و ادب جو (Encyclopedia) آهن. سائين جا اهي ڪتاب ڀٽڪيل، ٿڙيل نوجوانن لاءِ هڪ اتساهہ، اميد جي ڪرڻ ۽ مشعل راھہ آهن. هن مصروف دنيا ۾ بہ سائين جي ڪتاب کي زنده رکڻ جي جذبي کي اسان سلام ٿا پيش ڪريون.
خدا تعالى سائين کي همت ڏي تہ هو پُٺ تي پيل ماڻھن جي ساڳئي جذبي سان مدد ڪندا رهن، انھن کي تعليم جي زيور سان سدائين روشناس ڪندا رهن. سائين مون جھڙي شاگردن لاءِ هڪ اتساھہ آهي. آئون پنھنجي پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان تہ سائين پنھنجي ڪتاب لاءِ مون کي ڪجهہ لفظ لکڻ جي دعوت ڏني. جھڙي طرح ترتيب ڏيئي ڪتاب لکڻ جو هنر سائين وٽ آهي اسان ان جي اڌ برابر بہ نہ آهيون. پر اها سائين جي محبت آهي جو انھن مون کي سندن قلمي پورهيئي جو حصو بڻايو. خدا کان اها دعا آهي تہ سائين تعليم جي جيڪا چڙنگ ٻاري آهي اها ايندڙ وقت ۾ شعلو ٿي اُڀري.
ڪاشف ٽالپر
شاگرد
ايل ايل بي ڪراچي