آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

گھراماڻي پاڙو

هاڻ ڳالھہ آهي گھراماڻين جي پاڙي جي ڳوٺ انڊهلو ۾ اڪثريت بھاراڻي ٽالپرن جي آهي. ٻين پاڙن جا ماڻھو بہ آهن. گهراماڻي پاڙي جو وڏو ولي محمد 1943ع ڌاري ڳوٺ بلوچ خان ٽالپر کان لڏي انڊهلي آيو. ولي محمد کي ان وقت مون کان سواءِ باقي پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي جو اولاد هو. نياڻي سمورن پٽن کان وڏي هئي. ان جي شادي ڳوٺ گل محمد ٽالپر لڳ بخشو ديرو جي محمد خان ٽالپر سان ٿيل هئي. ياد رهي تہ محمد خان ۽ اميد علي پاڻ ۾ ڀائر ۽ لطف علي جا پٽ هئا. اميد علي جا ٽي پٽ هئا. سائين لطف علي، امام بخش ۽ سھراب خان هنن همراهن جو ذڪر اچي چڪو آهي.
ولي محمد کي سندس ڀيڻوئي ۽ حاجي ڏتل صلاح ڪئي تہ توهان ڳوٺ بلوچ خان ٽالپر مان لڏي اچي انڊهلي ويهو. پنھنجي ڀر ۾ پيل هڪ خالي پڊ جنھن تي اڳ رامڻ خان ويٺل هو. جنھن جي وفات کان پوءِ پڊ خالي ٿي ويو هو. سو ولي محمد گهراماڻي لڏو کڻي اچي هن خالي پيل پڊ کي آباد ڪيو.
ولي محمد ڪچھري جو ڪوڏيو، سانوڻ فقير، مل محمود پلي، شاھہ لطيف ۽ ٻين شاعرن جا شعر کيس ياد هوندا هئا. هُو چوندو هو تہ هڪ دفعو اگر ڪو شعر ٻڌي ورتم تہ اهو ڀلي ڪيڏو ڊگھو شعر هجي پر جلد ياد ٿي ويندو. ولي محمد ٻڌائيندو هو تہ جڏهن 1895ع ۾ حيدرآباد کان بدين ريل جي پٽڙي وڇائي پئي وئي تہ پاڻ مزدورن جو جمعدار هوندو هو ۽ پاڻ ٻني پوکيندو هو. انڊهلي ۾1945ع ۾ کيس آئون پيدا ٿيس منھنجو نالو محمد هاشم رکيائين جو سندس دوست محمد هاشم کوسو مولچند تي هوندو هو. ولي محمد يعني بابا کي شروع ۾ هارپ تي مير جانڻ جي انڊهلي واري ٻني ڊهي جي ملي برساتن سبب هن ٻني ۾ 8 9 فوٽ پاڻي بيھندو هو ساريون رتڙيا ۽ موتيا پوکبا هئا جيڪي جنسون وڏي پاڻي ۾ وڌنديون هيون لابارو طرهين تي ڪبو هو. جڏهن 1950ع ڌاري ڳوٺ جي اڀرندي پاسي کان لڏي ڳوٺ جي الھندي واٽر جي ڪپ تي مير فضل محمد جي اجازت سان سندس غيرآباد زمين ۾ اچي ويٺاسون (جتي اڃان تائين گھر آهن). بابا مير فضل محمد جي جيڪا ٻني آباد ڪندو هو اها عام زمين کان مٿي هئي انھيءَ ڪري ان تي موڪ پاڻي نہ لڳندو هو. بابا هڪ هرلو وٺي آيو هرلو/ نار هلائڻ لاءِ اُٺ يا ڍڳو ٻڌبو هو. آئون اڃان 5 6 سالن جو هئس تہ لڏي اچڻ، نئين زمين آباد ڪرڻ نار هلائڻ وغيرہ جا منظر سڀ ياد آهن. بابا ولي محمد ۽ سائين لطف علي گڏجي ڳوٺ ۾ 1953ع ۾ پرائمري اسڪول کوليو. ڳوٺ جا جيڪي ڇوڪرا لواري شريف يا اشرف آباد پڙهڻ ويندا هئا اهي پنھنجا سرٽيفڪيٽ ڪڍائي انڊهلي ۾ پڙهڻ ويٺا. ڪجه مھينن لاءِ پير بخش جروار استاد ٿي آيو هو. ان بعد سائين خدا بخش اسان جو استاد ٿيو. آهستي آهستي اسڪول ضلعي جي سُٺن اسڪولن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

ولي محمد جا پٽ:
ولي محمد جو وڏو پٽ غلام حسين هو جيڪو اندازن 1923ع ڌاري پيدا ٿيو. تڏهن بابا وارا مولچند واھہ تي ڳوٺ بلوچ خان ٽالپر ۾ ويٺل هئا. ڀاء غلام حسين انب جي ٽار تان ڪري پيو تہ سندس ٽنگ ڀڄي پئي هئي. تڏهن سرجن صرف سول اسپتال حيدرآباد ۾ هوندا هئا. بابا وٽ پئسا ڪونہ هجن جو ڀاء جي علاج لاءِ ڊاڪٽر تائين پھچي مھيني ڏيڍ بعد پئسا هٿ ڪيائين تہ کيس سول اسپتال حيدرآباد وٺي آيو. جتي ٽنگ جو علاج هڪ مھيني کان وڌيڪ عرصو هليو. ڀاء غلام حسين ٺيڪ ٿيو تہ ڳوٺ آيا پر اها ٽنگ ٻي ٽنگ کان ڇوٽي ٿي وئي انھيءَ ڪري سڄي ڄمار جسماني پورهيو گھٽ ڪري سگھندو هو. تڏهن ڪنھن واڻيئي بابا کي صلاح ڏني تہ هن همراه کي جست ۽ پتل جا نوان ٿانو وٺي ڏيو جيڪي ڪنھن جانور گڏھہ يا گھوڙي تي کڻي وڃي ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري ان مان سندس روزگار بھتر ٿيندس. بابا ان واڻيئي جي صلاح مڃيندي ائين ڪيو ڀاء غلام حسين ٿانو وڪڻي ڏاڍو خوشحال زندگي گذارڻ لڳو. سندس اهو ڪاروبار ڏسي پوءِ انڊهلي جي الاهي ماڻھن اهو ٿانو وڪڻڻ جو ڌنڌو شروع ڪيو، تقريبن سڄو ڳوٺ انھي طريقي سان صحيح گذر سفر ڪندو هو. ادا غلام حسين کي پنج پٽ ٿيا وڏو پٽ محمد بخش ذهني ۽ جسماني طور ڪجه نارمل نہ آهي انڪري سندس شادي ڪانہ ٿي، ٻيو نمبر پٽ شير محمد پرائمري تائين پڙهيو ٽريڪٽر ڊرائيور ٿيڻ زمينون آباد ڪرائڻ جا ڪم ڪندو رهيو 1990ع ۾ مزدوري لاءِ ايران ويو هو. اتي ڪنھن دوست سان گڏجي لانچ تي ماڻھو ۽ مال هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ پھچائيندا هئا جيڪو ڪم غير قانوني هو انھيءَ ڪري ايران جي حڪومت کيس جيل ۾ وجهي ڇڏيو هو. 8-9 سال ايران ۾ جيل اندر هو پٺيان ڳوٺ ۾ ڪا خبر نہ هئي تہ شير محمد ڪيڏانھن گم ٿي ويو آخر ايران حڪومت 1999ع ڌاري کيس آزاد ڪري پاڪستان سرحد مٽائي روانو ڪيو تہ ڳوٺ آيو.
غلام حسين جو ٽيو نمبر پٽ نور احمد آهي جيڪو PST رهيو ۽ هاڻ ريٽائر ڪيو اٿس. نور احمد کانپوءِ اميد علي آهي جيڪو ڪاليجن ۾ ليب اسسٽنٽ جي ڊيوٽي ڪندو رهيو آهي. سڀني کان ننڍو خير محمد آهي جيڪو بہ سرڪاري ملازم آهي ياري باشي سنگت ۾ اٿڻ ويھڻ وارو ماڻھو آهي AJP ۾ سرگرم آهي. غلام حسين 2016ع ۾ وفات ڪئي. منھنجو ٻيو نمبر ڀاء جان محمد هو جيڪو اول هارپ ڪندو هو پوءِ درزڪو هنر سکيو تہ درزي طور 10 15 سال ڪم ڪيائين، ٿانو بہ وڪڻندو هو آخر ۾ بدين ۾ هڪ جنرل اسٽور کوليائين. جان محمد جواني ۾ ڳوٺ ۾ ڳائڻ ڪرائڻ ونجهہ وٽي رانديون ٻڌڻ جا شوق ڪندو هو. جان محمد 2010ع ۾ وفات ڪري ويو آهي، جان محمد کي ٻہ پٽ آهن. وڏو پٽ مير لکي آهي جيڪو سول اسپتال ۾ ڊسپينسر آهي پر ڪافي وقت ڊسپينسر جي لاءِ داخلا وٺندڙ شاگردن کي ٽريننگ ڪرائيندو ماسٽر ٽرينر رهيو آهي. مير لکي بہ گھمڻ ڦرڻ تفريح ڪرڻ جو شوقين رهيو آهي. جان محمد جو ٻيون نمبر پٽ محمد رفيق آهي جنھن کي اسلام آباد ۾ استاد جي نوڪري آهي. منھنجو ٽيون نمبر ڀاء الھہ بچايو هو جيڪو گھٽ پڙهيل هو پر شاعري جو شوق هوندو هئس. الھہ بچائي جا ٻہ پٽ آهن وڏي پٽ جو نالو ولي محمد آهي جيڪو آرمي شگر ملز ۾ ملازم آهي پاڻ ذوالفقار مرزا جي گروپ پينل ۾ ضلع بدين جي لوڪل باڊي جي اليڪشن ۾ وائيس چيئرمين آهي ڳوٺ ۽ آس پاس جي ماڻھن کي صاف پاڻي جي سھولت ڏي ٿو. ڳوٺ جي فلٽر پلانٽ جو انچارج آهي الھہ بچائي جو ٻيو نمبر پٽ محمد حنيف آهي جيڪو بدين جي ڪورٽ ۾ سينيئر ڪلرڪ آهي.
منھنجو چوٿون نمبر ڀاء غلام محمد هو جيڪو سنگت ساٿ ۾ اٿڻ ويھڻ وارو ماڻھو هو، ربو تي مير الھہ بچايو مير ڏتل ۽ حاجي ڪلوئي سندس گھرا دوست هئا غلام محمد بہ گھڻو عرصو ٻني پوکي، ٿانو وڪرو ڪيا، آخر ۾ بدين ۾هڪ جنرل اسٽور کوليو غلام محمد کي ٽي پٽ ٿيا وڏو پٽ محمد رحيم سائيڪل تي ڳوٺن ۾ واپار ڪندو آهي. ٻيو نمبر پٽ مير محمد آهي جيڪو پرائمري استاد آهي. ٽيون نمبر پٽ عبدالغفور هو جيڪو برين ٽيومر سبب 2003ع ڌاري وفات ڪري ويو.
منھنجو، مونکان وڏو، ڀائرن ۾ پنجون نمبر ڀاء شفيع محمد هو شفيع محمد بہ بابا جي ٻني ٻاري ۽ ڪم ڪار ۾ گڏ هوندو هو. شفيع محمد ٿانو وڪرو ڪرڻ، دڪان کولڻ جا ڌنڌا ڪيا آخر ۾ کيس ڪاري سائي سبب جيرو سڪڙجي ويو، وفات ڪري ويو. شفيع محمد جا 8 پٽ آهن وڏو پٽ غلام نبي آهي جيڪو شگر مل ۾ ملازم آهي. غلام نبي جي نياڻي سرڪاري استاد آهي ۽ سندس هڪ پٽ شگر مل ۾ ملازم ۽ ٻيو پٽ فوج ۾ آهي. شفيع محمد جو ٻيو پٽ سلطان احمد آهي جيڪو ڪجهہ وقت مرزا شگر ملز ۾ اڪائونٽنٽ هو. هاڻ ڳوٺ انڊهلو ۾ ريزڪي دڪان کوليو اٿس سلطان احمد جو هڪ پٽ اسلام آباد پارليامينٽ ۾ ملازم رهيو آهي جنھن جو نالو شهزاد احمد آهي جيڪو رشيا ۾ I.T ۾ ماسٽرس ڪرڻ ويو آهي سلطان احمد کي چار ڇوڪرا آهن.
سلطان احمد کانپوءِ عبدالحڪيم آهي جيڪو مختلف شگر ملز ۾ ملازم رهيو آهي هن وقت ميرپورخاص جي شوگر مل ۾ نوڪري ڪري ٿو. عبدالحڪيم کانپوءِ عبدالستار آهي جيڪو گاڏين جو ڪشن ميڪر جو ڪم ڪندو آهي. عبدالستار کانپوءِ محمد نواز آهي جيڪو فوج ۾ ويو پر سندس آڱر ڪٽجڻ سبب آرمي مان ان فِٽ ٿي رٽائرڊ ٿي آيو آهي، هن کانپوءِ ممتاز علي آهي جيڪو اليڪٽرڪ جو مستري آهي، T.V ، فرج، اسٽيبلائزر جي مرمت ڪندو آهي، ممتاز علي کي 4 نياڻيون آهن. هن کانپوءِ رفتاج احمد آهي جيڪو ڪنھن شگر مل ۾ ڪم ڪندو آهي هن کان پوءِ محمد ياسين آهي، پرائويٽ ملازم آهي شگر انڊسٽري ۾ ڪم ڪندو رهيو آهي.
ولي محمد جو ڇھون نمبر پٽ محمد هاشم، خادم (بنده) آهي جنھن جو مختصر پروفائيل الڳ لکجي ٿو. مونکي ٽي پٽ محمد حيات، محمد عرفان ۽ عبدالعظيم آهن. وڏو پٽ محمد حيات 1995 کان سرڪاري نوڪري روينيو ۾ تپيدار آهي. هن وقت بدين ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو آهي کيس هڪ پٽ هڪ نياڻي جو اولاد آهي. ٻيو نمبر پٽ محمد عرفان آهي جنھن سنڌ يونيورسٽي مان ڪيمسٽري ۾ B.S ڪئي هن وقت ميرپورخاص شگر ملز ۾ ڊپٽي جنرل مئنيجر آهي. عرفان کي ٻہ ننڍا پٽ آهن. ٽيون نمبر پٽ عبدالعظيم آهي جنھن مھراڻ انجينيئرنگ ۽ اينڊ ٽئڪنالاجي يونيورسٽي مان B.E ٽيڪسٽائل 2017ع ۾ پاس ڪئي آهي. هو نوري آباد انڊسٽريل ايريا ۾ رحيم ٽيڪسٽائل انڊسٽري ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي.

گھراماڻين جو شجرو
بھار -- گھرام

مھراب

بخشو

صفر

حيدر

بخشو

مھراب

مبارڪ اميد علي


عبدالله ڪرم علي لطف علي محراب غلام حسين


ولي محمد محمد


غلام حسين جان محمد الھبچايو شفيع محمد محمد هاشم


لکاڏنو محمد رفيق ولي محمد محمد حنيف

محمد بخش
شير محمد
نور امحمد غلام محمد
اميد علي
خير محمد محمد رحيم مير محمد عبدالغفور


غلام نبي سلطان علي عبدالحڪيم عبدالستار نواز علي ممتاز رفتاج ياسين


محمد حيات عرفان عبدالعظيم