ڏاڏا آدم جو پاڙو
رامڻ
آدم ولي محمد
محمد خان رامڻ درويش موسى
غلام شاھہ حاجي محمد علي يار محمد نانا الھبخش خدا بخش ماستر
(جوڳي)
حاجي فتح علي
حافظ اسماعيل حاجي علي بخش آدم شيرل حاجي محمود حاجي علي محمد
وفات 1974 (لااولاد) (ڌيئرون) (لاولاد) (هڪ نياڻي)
لطف عــــــلي محمد بخش محمد بچل
(وفات 1973)
نواز علي علي اصغر علي اڪبر حاجي اسماعيل حاجي علي محمد
(استاد) (فوج)
ڏاڏي آدم جي پاڙي ۾ ڄاڻايل ڪل ڇھہ (6) ڀائر هئا ڏاڏو آدم ۽ اڪثر ڀائر ڳوٺ فضل محمد ڦٽو تہ لڏي اچي مير جانڻن وٽ، واه جي ڪپ تي گهر ٺاهي ويٺا. اها ٻني پير حاجي حسن بخش جي هئي. ڏاڏي آدم جو گهر ۾ هڪ ننڍو دڪان هوندو هو آئون آچار ۽ ٻيو گهر جو سامان 1950ع ڌاري سندس گهرو دڪان تان وٺڻ ويندو هئس. ڏاڏو آدم لواري شريف جو پڪو معتقد هوندو هو جيڪو ڏهاڙي يا چوٿي پاڪ تي لواري شريف ڳوٺ انڊهلي جي عورتن جو قافلو پيدل وٺي ويندو هو سندس ڀاءَ علي بخش 1953ع ڌاري حج ڪري آيو هو. آئون بابا سان گڏ کيس مبارڪ ڏيڻ ويا هئاسون حاجي علي بخش وٽ ڪجهہ مينھون هونديون هيون. جيڪي ڌنار چاريندا هئا. مون جڏهين ڏٺو تمام پوڙهو هوندو هو ڳوٺ جي وچين مسجد جو پيش امام هوندو هو. حافظ اسماعيل جو پٽ لطف علي منھنجي ڀاءَ غلام محمد جو دوست هوندو هو. انڊهلي ۾ هڪ ريزڪي دڪان بہ کوليو هئائون. لطف علي ڄام شورو جي LMCH ويجهو هڪ ماني جي هوٽل بہ کولي هئي. لطف علي ڪنھن بيماري سبب جواني ۾ 1973ع ۾ وفات ڪري ويو. محمد بخش آرمي شگر ملز ۾ نوڪري ڪندو رهيو هاڻ رٽائرڊ آهي، علم نجوم ۽ علم جعفر ڄاڻندو آهي. ان بنياد تي ماڻھن جي گم ٿيل شين جو پتو ٻڌائڻ تعويز لکڻ جھڙا ڪم ڪندو رهندو آهي.
حاجي علي محمد منھنجي جنم کان اڳ گذاري ويو هو. هن جو هڪ پٽ محمد بچل ڳوٺ انڊهلو ۾ مزدوري ڪندو ۽ هارپ ڪندو رهيو. کيس هڪ ئي پٽ هو جنھن جو نالو پنھنجي والد جي نالي مطابق يعني حاجي علي محمد رکيو هئائين. حاجي علي بہ پرائمري تائين پڙهيو سال 1995 ۾ وفات ڪري ويو کيس پنج پٽ آهن. آدم، شيرل، آصف، عبدالباري، باسط.
آدم ۽ شيرل (شير محمد) حاجي علي کي سندس پھرين گهر واري مان پيدا ٿيا آهن ۽ اها مائي جڏهين وفات ڪري وئي تہ ٻي شادي، غلام محمد پٽ محمد اسماعيل جي نياڻي سان ڪئي هئائين. جنھن مان آصف، عبدالباري ۽ باسط پيدا ٿيا.