پيش لفظ
دور آيو ڪو اهڙو سائين، ماڻھو ٿي حيوان ويا،
صورت ساڳي، سيرت بدلي، قلبن مان ايمان ويا،
مولا ساڳيو، مذهب ساڳيو، پر مسلم ٿي شيطان ويا،
چين ويو آخر کسجي، هر هنڌ ٿي ارمان ويا،
ڪرم ڪريو هن “خادم” تي اي شاھہ شہ خوبان سخي.
موٽ وطن تي سگهو او سنڌڙيءَ جا سلطان سخي.
اهڙيءَ طرح لواري شريف جي تذڪرن ۾ آيل عالمن ۽ شاعرن جا نالا منھنجي ذاتي شوق سبب ذهن تي رهندا هئا. سائين خادم جو غائبانہ تعارف تڏهن وڌيڪ چٽو ٿيو هو جڏهن معلوم ٿيو تہ سندس خانداني تعلق اسان جي ابائي ڳوٺ بلوچ خان ٽالپر لڳ غلام شاھہ موري ۽ راڄو خاناڻيءَ سان آهي. هن جو ڏاڏو گهراماڻي ٽالپر هو پر ڏاڏي لانگهاڻي بھاراڻي ٽالپر، اسان جي ڳوٺ مان هئي ۽ حسڻ ولد سليمان جي نياڻي هئي. هن مختصر تعارف کان علاوه منھنجي سائين خادم سان ٻي ڪابہ ڏيٺ ويٺ ۽ ميل ملاقات نہ هئي. آئون انٽر پاس ڪري 1992ع ۾ پرائمري استاد تعلقہ گولاڙچيءَ ۾ مقرر ٿيو هئس تڏهن سائين خادم تعلقہ بدين ۾ سپروائيزر هو. 1994ع ۾ آئون بدلي ٿي تعلقہ بدين يونين ڪائونسل ڪڍڻ ۾ آيو هئس ۽ سائين يونين ڪائونسل لواري شريف جو سپروائيزر هو. 1995ع ۾ سائين خادم سائنس جرنل (رسالو) جاري ڪندو هو يا نہ بلڪ رسالي جي آفيس نئين واھہ جي موريءَ کان ٿورو پريان قائد اعظم روڊ بدين ۾ قائم هئي، جنھن تي رسالي جي مونو گرام سان هڪ ننڍڙو بورڊ بہ لڳل هو. آئون ڪنھن استاد سان گڏجي ان آفيس ۾ ويو هئس ۽ سائين خادم سان پھريون ڀيرو ملاقات ٿي هئي. سائين سان ملڻ ڪري مون کي گهڻي خوشي محسوس بہ ٿي هئي. 1995ع ۾ آئون 21 سالن جو نوجوان هئس. سائين خادم جي شروع کان وٺي اها خوبي رهي آهي تہ هو نوجوانن کي ڀائيندو ۽ همت ڏياريندو رهندو آهي مون کان بہ حال احوال ورتائين، منھنجي خاندان کان اڳ ئي واقف هو. ان ڏينھن مون کي صلاح ڏنائين تہ توهان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪريو، نقاش علواڻي سيڪريٽري آهي، منھنجي نالي ان کي ٻڌايو. اڳيان جيڪو پھريون جمع جي ڏينھن آيو هو مون ان ڏينھن کان سائين خادم جي معرفت ادبي سنگت ۾ شموليت ڪئي هئي. اهڙيءَ طرح سائين خادم سان جيڪو پھرين ڏينھن کان دوستيءَ جو سلسلو قائم ٿيو هو سو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ گھرو ۽ گهاٽو ٿيندو ويو ۽ اڄ سوڌو قائم آهي. P.hd جي سفر ۾ جن ماڻھن مون کي گهڻو همتايو ۽ صلاحون ڏنيون هيون، انھن ۾ سائين خادم سرفھرست آهي.
سائين خادم ذهني طور آزاد خيال ۽ سياسي، سماجي ۽ سائنسي سوچ رکندڙ فرد آهي. مختلف سياسي ۽ سماجي ادارن ۾ اڳواڻ جي حيثيت ۾ رهيو آهي بلڪہ اهو سلسلو اڄ بہ قائم اٿس، پر پنھنجي دوستن سان هن تعلق صرف ذاتي ئي رکيو آهي. مطلب تہ هن ذاتي دوستن کي ڪڏهن بہ مجبور نہ ڪيو آهي تہ توهان مون سان گڏ منھنجي پارٽي ۾ هجو يا ان ۾ شموليت ڪريو يا منھنجي خيال سان لازمي سھمت ٿيو. زوربار تہ پري رهيو مگر هن ڪڏهن اهڙو اشارو بہ ڏنو آهي. ذاتي دوستن جي ڪچھرين ۾ هن ڪڏهن بہ پنھنجي پارٽيءَ جي پرچار بہ نہ ڪئي آهي. اگر ڪڏهن ڪنھن دوست کي پنھنجي پارٽي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ چوندو بہ آهي تہ اهو صرف ان مد ۾ توهان تعليم تي يا سماجي تبديلي يا سائنس جي فائدن تي يا ٻي ڪنھن شعوري موضوع وغيره تي اگر سٺو ليچڪر ڏئي سگهو ٿا تہ اهو اسان جي پارٽي ميمبرن کي ڏيو. اها شرڪت صرف مھمان جي حيثيت ۾ ئي هوندي آهي. دوستن کي مجبور نہ ڪرڻ واري اهڙي عمل کي آئون سندس ڪمال جي خوبي سمجهان ٿو. اهوئي سبب آهي تہ سندس دوستيءَ جي دائري ۾ هر مڪتبہء فڪر جو ماڻھو موجود آهي ۽ پاڻ انھن جي مزاج موجب هلي ٿو. پنھنجي دوستن کي هر وقت سندن ئي مزاج مطابق ڪنھن نہ ڪنھن موضوع تي ڪم ڪرڻ لاءِ همتائيندو رهندو آهي.
هن وقت سندس عمر 75 سالن کان ٽپي چڪي آهي. انسان جي زندگي مختلف واقعن ۽ حادثن سان بہ ڀريل آهي، جيڪو فطرتي عمل آهي. فطرتي لاها چاڙها انسان جي زندگيءَ جو حصو آهن. خوشيون ۽ غميون، ڏک ۽ سک سڀئي انسان کي زندگي ۾ پلئہ پون ٿا. اهڙا اچانڪ ۽ جيءَ جهوريندڙ واقعا سائين خادم کي بہ پيش آيا آهن. پر هن شخص انھن کي مڙسي سان منھن ڏئي مقابلو ڪيو آهي ۽ ڪڏهن بہ مايوس ٿي ويھي نہ رهيو آهي. بھرحال هي شخص هر دور ۾ جدت پسند رهيو آهي. دور تبديل ٿئي، حالتون بدلجن تہ انسان جو ماحول ۽ مزاج بہ تبديل ٿيڻ گهرجي. مطلب تہ هي انسان ۽ فطرتي ماحول سان وابستہ هر شيءَ کي جديد رنگ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو. فلسفي ۽ شاعريءَ جو موضوع هجي چاهي مذهب، آرٽ يا فنون لطيف جو موضوع، مگر جاچڻ، ڏسڻ ۽ پرکڻ جو انداز جديد ۽ سائنسي هجڻ گهرجي. هن ڪڏهن ڪنھن بہ سماجي گروھہ جي ريتن، رسمن، عقيدن يا رهڻي ڪهڻي جي انداز کي نقطہ چينيءَ جي نشانو نہ بنايو آهي. هن جي سوچ جو محور صرف هڪڙو آهي تہ سماج کي تبديل ڪيئن ڪجي ۽ شعور کي ڪيئن اُڀارجي. دنيا هر دور ۾ تبديل ٿيندڙ ۽ ترقي ڪندڙ آهي. هو پنھنجي ذهن مطابق اهڙا مشاهدا ڪندو رهي ٿو. دنيا جي سياسي ماحول، سماجي تبديلي ۽ سائنسي ترقيءَ واري مواد جو مطالعو ڪري ان کي ئي پنھنجي گفتگو جو مرڪز ۽ محور بنائيندو رهندو آهي.
زندگيءَ جي هڪ ڊگهي ۽ وسيع مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي ويجهڙ ۾ ٻہ ڪتاب لکي ڇپائي چڪو آهي ۽ هي ٽيون ڪتاب آهي. سائين خادم جي تحريرن جو موضوع بظاهر ڪھڙو بہ هجي مگر انھن جو پس منظر اڪثر طور ذاتي مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي تي مبني هوندو آهي. هڪ ڪتاب “تاريخ منھنجي وقت جي” سڌو سنئون تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي يعني آتم ڪٿا. ٻيو ڪتاب “پرھہ باکون ڪڍيون” اٿس جنھن ۾ زندگيءَ جي ارتقائي پس منظر ۽ مذهب، فلسفي، سياست ۽ سائنس وسيلي سماجي تبديلي جا موضوع شامل آهن. ڪتاب جو آخري حصو جنھن ۾ تحرير جو نچوڙ ۽ نتيجو شامل آهي، اهو وري بہ سندس ذاتي تجربي ۽ مشاهدي جي نشاندهي ڪري ٿو. مطلب تہ هن جي سوچ جو محور سائنس ۽ سياست وسيلي سماجي تبديلي آهي، جيڪا حقيقت بہ آهي اُن ڏانھن ئي راغب ٿئي ٿو. هن ڪتاب ”ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون“ ۾ پڻ ڳوٺ جي پس منظر سان گڏ تعليمي ترقي ۽ سياسي شعور جا موضوع شامل ڪيا آهن، جن جو دائرو سندس ڳوٺ آهي. ڳوٺ جي اها ترقي ۽ تبديلي هن جي جدوجھد سان سندس اکين آڏو ئي ٿي آهي. تنھن ڪري ائين چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نہ آهي تہ هي ڪتاب بہ سندس تجربا، مشاهدا ۽ جدوجھد ظاهر ڪري ٿو.
سائين خادم جي هن ڪتاب ۾ سندس ڳوٺ جو تاريخي پس منظر موجود آهي. ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو، ڪنھن آباد ڪيو، ڪھڙا پاڙا رهن ٿا، جديد دور ۾ ڪھڙي ترقي ٿي آهي. ماڻھن جا ذهن ڪيئن بدليا آهن ۽ اڃا وڌيڪ ڳوٺ جي ترقيءَ جي راهن کي ڪيئن هموار بنائي سگهجي ان ڪري هن ڳوٺ جي انھن ماڻھن جو جدا جدا ذڪر بہ ڪيو آهي جن تعليم وسيلي ترقي ڪئي آهي، جيئن اهي ٻين لاءِ مثال بنجي سگهن.
هونئن بہ ٽالپر ذات جو تذڪرو تاريخي طور دلچسپيءَ کان خالي نہ آهي. هن وقت سنڌ ۾ جيڪي بہ ذاتيون موجود آهن تن مڙنيءَ مان ٽالپرن جو سربستو ۽ تفصيلي ذڪر تاريخن ۾ قلمبند آهي. بنياد ۽ بيٺڪن سميت شجرن ۽ اوڙڪن جو احوال ٻين ذاتين جي ڀيٽ ۾ هنن جو وڌيڪ ملي ٿو. سڄي سنڌ ۾ هن ذات جي ماڻھن جي نالي پٺيان وڏا وڏا شھر آباد آهن ۽ اهي بہ هڪ وڏو تاريخي پس منظر پڻ رکن ٿا. مثال طور خيرپور ميرس، ميرپورخاص، ٽنڊو الھيار، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو جان محمد، ٽنڊو باگو، ٽنڊو غلام علي وغيره. انھن شھرن کان سواءِ ڪيترائي وڏا وڏا تاريخي ڳوٺ هنن ماڻھن ٻڌايا آهن. هن ذات جي ماڻھن جي خاص ڳالھہ اها بہ آهي تہ هو خانہ بدوش نہ آهن. جتي ويٺا اتي صديون گذريون ويون. پنھنجي شھرن ۽ ڳوٺن کي وقت جي ضرورتن مطابق ترقي وٺائيندا رهيا آهن. تنھن ڪري ئي هي پنھنجي زندگي شايان نموني سان گذاريندا رهيا آهن. اهڙو عمل هڪ مھذب ۽ ترقي يافتہ قوم جي ذمري ۾ اچي ٿو. هر قوم جي پنھنجي تھذيب ۽ تمدن آهي ۽ وري ان قوم ۾ موجود جدا جدا ذاتين جي پڻ الڳ سڃاڻپ ۽ تھذيب هوندي آهي ائين هي ذات پڻ هڪ جدا سڃاڻپ ۽ تمدن جي مالڪ آهي. هي ذات سنڌ جي اندر بنيادي طور جاگيردار رهي آهي ۽ سندس اها سڃاڻپ اڄ بہ قائم آهي. جديد تعليم، ترقي ۽ سياست ۾ پڻ هي قوم هر دور ۾ اڳتي رهي آهي. هن وقت بہ سياسي لحاظ کان اگر ڏسبو تہ سڄي سنڌ ۾ ٻہ ذاتيون نمايان نظر اينديون، هڪ هي ٽالپر ۽ ٻي سيد. جيئن ذڪر ٿيو تہ مختلف ذاتين جي جدا سڃاڻپ آهي مثال واڻيا، ميمڻ، خواجہ گهڻو ڪري واپاري آهن، واپار انھن جي سڃاڻپ آهي. ائين جاگيرداري ۽ سياست هن ٽالپر ذات جي خاص سڃاڻپ آهي.
ٽالپرن جو بنيادي ۽ تفصيلي تذڪرو ڪيترن ئي ڪتابن ۾ قلمبند ٿي چڪو آهي. انھن ۾ “جنت السنڌ”، “ٽالپرن جي مختصر تاريخ”، “نئين مصر جا پراڻا ورق”، “خيرپور جي ميرن جو علم ۽ ادب ۾ حصو” P.hd) ٿيسسز)، “حيدرآباد جي ٽالپرن جو علم ۽ ادب ۾ حصو” P.hd) ٿيسسز)، “سنڌ جي درٻار”، “تمدن سنڌ”، ميرن جي صاحبي” وغيره. هي ڪتاب ٽالپر حڪمران طبقي جو تفصيلي ۽ ٻين خاندانن ۽ مختلف پاڙن جو مختصر احوال مھيا ڪن ٿا. هنن ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جي هن ذات تي ٻين ذاتين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ تفصيلي طور لکيو ويو آهي.
سائين خادم ٽالپر پھريون ليکڪ آهي جنھن هن ذات جي عام طبقي تي هي ڪتاب لکيو آهي ۽ دائرو بہ محدود يعني هڪ ڳوٺ تائين رکيو اٿس. پر هي ڪتاب نہ رڳو هڪ ڳوٺ جي پس منظر تي مشتمل آهي مگر ٽالپرن جي عام طبقي جي پاڙن، اوڙڪن ۽ بيٺڪن جي وڏي ڄاڻ مھيا ڪري ٿو. سائين خادم 70 ۽ 80 وارن ڏهاڪن ۾ جنھن سياسي، سماجي ۽ شعوري جدوجھد جي شروعات ڪئي هئي تہ هي ڳوٺ سندس جدوجھد سان ئي ان سياسي شعور جو مرڪز بنجي ويو هو. ان جدوجھد جو ثمر اهو مليو تہ اڄ سندس ڳوٺ هن دور جديد ۾ 100 سيڪڙو تعليم جي زيور سان سينگاريل آهي. ان سياسي ۽ شعوري جدوجھد سان آراستہ ٿيل ماڻھن جو ذڪر بہ هن ڪتاب ۾ موجود آهي. ان لحاظ کان ائين چئي سگهجي ٿو تہ هي ڪتاب نہ رڳو هڪ ڳوٺ، ذات يا ان جي پاڙن جي ڄاڻ ڏيندو پر عام پڙهندڙن لاءِ پڻ مثالي ۽ لاڀائتو ثابت ٿيندو. ڇو تہ هن ۾ هڪ ميوو ڏيندڙ جدوجھد جو احوال قلمبند ٿيل آهي. منھنجي خيال موجب سنڌ ۾ هي پھريون دستاويز قلمبند ٿيو آهي جيڪو ڳوٺ ۽ ذات جي عام ماڻھن جي احوال سان گڏ هڪ ڊگهي ۽ منظم سياسي جدوجھد جي معلومات ڏيندڙ آهي. هن دور ۾ سنڌ جي اندر اهڙا ٻيا بہ ڪيترائي مثالي ڳوٺ هوندا جيڪي تعليمي ترقي ۽ سياسي شعور سبب نمايان حيثيت رکندا هوندا، اگر انھن ڳوٺن ۽ علائقن جو احوال بہ هن ڪتاب وانگر قلمبند ڪري منظر تي آندو وڃي تہ هڪ ڪار آمد معلومات ميسر ٿي سگهندي ۽ ٻين ڳوٺن جا ماڻھو پڻ ان مان حظ حاصل ڪري پاڻ کي ۽ پنھنجي ڳوٺ جي ماڻھن کي تعليم طرف راغب ڪري سگهندا.
بھرحال هي ڪتاب نھايت ئي ڪارائتو آهي ۽ سنڌ جي هڪ جاکوڙي ۽ درد رکندڙ ليکڪ لکيو آهي. ليکڪ خود مھربان ۽ سدا بھار طبيعت جو مالڪ آهي ۽ فطرتي حسن سان بي حد پيار ڪندڙ آهي. پيار اهڙو عمل آهي جيڪو هر ڪنھن کي موهي، سھڻو ۽ صحتمند بنائي ڇڏيندو آهي. سائين خادم جي خوش مزاجي ۽ صحتمنديءَ جو راز بہ اهو ئي پيار آهي، جنھن جو اظھار هو پاڻ بہ اڪثر ڪري ڪندو رهندو آهي.
ڊاڪٽر شرف الدين ٽالپر
(لواري شريف)
03330392955