آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

مير بھادر جو پاڙو

حسين ۽ اسماعيل ٻئي مير محمد جا پٽ هئا، مير محمد شاھہ گهريه لڳ ڳوٺ خدا بخش کان 19 صدي جي وچ ڌاري لڏي آيو هو تہ حسين ۽ اسماعيل ٻئي محنتي ۽ اڻ ورچ ماڻھو هئا. حسين ٿانو وڪڻندو هو. ٻنيون پوکيندو هو محنت سندس رڳن ۾ سمايل هئي. حسين کي هڪ پٽ مير محمد نالي ٿيو. جنھن کي هن ايگريڪلچر ڪاليج، سڪرنڊ ۾ ايگريڪلچر فيلڊ مين جو ڪورس پڙهايو. جنھن فيلڊ اسسٽنٽ طور ايگريڪلچر ۾ 30 سال سروس ڪئي. مير محمد وڏي شوق سان شطرنج راند ڪندو رهيو آهي، مير محمد جو وڏو پٽ غلام نبي، پرائمري استاد ٿي رهيو ۽ رٽائرڊ ڪيائين ۽ مير محمد جو ٻيو نمبر پٽ اصغر علي آهي جيڪو ڳوٺ انڊهلي ۾ هڪ سبزي جو دڪان هلائي ٿو. پنھنجو بھتر ڪاروبار بنائي ويو آهي. اصغر ڪافي سال ضلع ٽيڪس ۾ ڪلرڪ طور بہ رهيو. اصغر پنھنجا ڇوڪرا يونيورسٽي ۾ پڙهائيا آهن مير محمد جو ٽيو نمبر پٽ محمد اسلم آهي جنھن بہ ڳوٺ ۾ ننڍو دڪان کوليو آهي، رڪشه ٽيڪسي طور بہ هلائي ٿو. اسماعيل مالوند ماڻھو هو. اسماعيل جا ٻہ پٽ ٿيا وڏو پٽ علي بخش، ٺٽہ شگر مل ۾ ڪافي سال ملازم رهيو. ۽ ٺٽہ شگر مل ۾ ورڪر يونين ۾ سرگرم ۽ ليڊر هو. هن وقت ڳوٺ ۾ ريزڪي دڪان هلائي ٿو علي بخش عوامي تحريڪ جي سمورين ذميوارين ۾ سرگرم رهيو آهي.
اسماعيل جو ٻيو نمبر پٽ بھادر آهي، جيڪو پرائمري استاد آهي پرائمري استادن جي تنظيم پ ٽ الف ۾ سرگرم اڳواڻ رهيو آهي. ضلع بدين جو صدر بہ رهيو آهي. عوامي تحريڪ جي سرگرمين ۾ اڃان تائين حصو وٺندو آهي. بھادر ڳوٺ جي ڪمن ۽ مسئلن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو آهي. ڳوٺ جي ڪيترن ئي سماج ڀلائي جي ڪمن ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي گرلس پرائمري اسڪول بوائز مڊل اسڪول، ڳوٺ جو رنگ روڊ ۽ ڳوٺ جا ننڍا وڏا مسئلا حل ڪرڻ ۾ اڳواڻي جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
بھادر پنھنجي اولاد کي ڀرپور تعليم ڏياري آهي، سندس نياڻي استاد آهي ۽ ڇوڪرو بہ پرائيويٽ نوڪري ۾ آهي. مير محمد جو شجرو هيٺ لکجي ٿو.
مير محمد


حسين بخش محمد اسماعيل


مير محمد علي بخش بھادر




غلام نبي اصغر علي محمد اسلم



اسماعيل وسيم آفتاب