مير غلام حيدر جو پاڙو
مير غلام حيدر جيئن تہ سمورن ڀائرن ۾ وڏو هو. ان ڪري سڄي گهر کي صحيح هلائڻ جي ذميواري بہ مٿس هئي. پاڻ مئٽرڪ پاس ڪري انگريزي اسڪول ۾ استاد چونڊجي ويو. سندس محدود آمدني مان گهر بہ هلائيندو ۽ ڀائرن کي بہ پڙهائيندو هو ڇو تہ مير غلام شاھہ نئين زمين آباد ڪرڻ، پنھنجي وڃائيل سماجي حالت بھتر ڪرڻ ۽ ٻين مسئلن سبب پنھنجي اولاد تي ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو. جيئن تہ غلام حيدر وڏو هو ان ڪري گهر جي سموري ذميواري مٿس اچي وئي ۽ سندس ڀائر دل وَ جان سان پڙهڻ لڳا. غلام حيدر کان پوءِ شير محمد سمجهو ٿيو مئٽرڪ پاس ڪري ٽيليفون کاتي ۾ ملازم چونڊجي ويو. فقير شير محمد انڊهلي مان مير فضل محمد (سندس چاچي) جي گهران شادي ڪئي جنھن مان ڊاڪٽر علي نواز، ڊاڪٽر اعجاز، محمد اسلم پيدا ٿيا. فقير شير محمد انڊهلي ۾ گهر ٺھرايا. سندس ڇوڪرا بہ انڊهلي پوءِ لواري شريف ۾ مئٽرڪ تائين پڙهيا اڳتي هلي فقير شير محمد جا ٻہ پٽ ڊاڪٽر ٿي ويا ۽ هڪ پٽ اسلم تيل ۽ گئس ڪمپني ۾ انجنيئر طور چونڊجي ويو. ٽئي همراه پنھنجي پنھنجي کاتي ۾ ذميوار آهن.
غلام حيدر جو وڏو پٽ محمد بخش لاهور يونيورسٽي مان DVM جو امتحان پاس ڪري وٽرنري جو ڊاڪٽر ٿي سرڪاري ملازم طور چونڊجي ويو. جنھن هاڻ مقرر وقت کان ٻہ ٽي سال اڳ رٽائرمنٽ ورتي آهي. ڊاڪٽر محمد بخش بدين ۾ ڪو پلاٽ وٺي، جاءِ ٺھرائي اتي اچي ويٺو آهي. غلام حيدر جو چوٿو نمبر پٽ ظفر علي D.T استاد آهي گورنمنٽ هاءِ اسڪول انڊهلو ۾ پڙهائي ٿو. ڳوٺ ۾ سال ۾ هڪ دفعو پير حسن قادر جي سالگره ملھائي ويندي آهي. ظفر علي سالگره جي پروگرام لاءِ سڄي ڳوٺ مان چندو گڏ ڪندو آهي. ڳوٺ ۾ اگر ڪا خيرات جي ڪُني ڪبي آهي تہ سائين ظفر انھي ڪم ۾ سرگرمي ڪندو آهي. ظفر علي جو آهي ئي هڪ ڇوڪرو اظهر علي جنھن کي تازو مھراڻ يونيورسٽي مان BE ٽيڪسٽائل ۾ پاس ڪرائي اٿس. ظفر جي گهر واريءَ بہ گورنمينٽ گرلس اسڪول انڊهلو ۾ استاد آهي.
غلام حيدر جو شجرو
غلام شاهہ
غلام حيدر شير محمد غلام محمد ڪونڌر
ڊاڪٽر محمد بخش غلام رسول عبدالحڪيم ظفرعلي سليم اختر
Vit Dr. PST PST D.T