حيدر ٽالپر
ڪانگ جو قصو
ساراهيان سبحان کي جو صاحب رب ستار
جوڙون جوڙي مون ڌڻي خاوند خلقڻھار
خلقيئين محمد مصطفى جو امت جو آڌار
پنجتن پاڪ پيارا تنھنجا چڱا چارئي يار
سچو صديق عمر عثمان حيدر شہ هسوار
حسن مير حسين امام هوت هيئين جا ٺار
پلئي لڳي تن پاڪن جي ڪل مومن ٿيئڙا باغ بھار
هاڻي قصو ڪريان ٿو ڪانگ جو سڻ گوش ڏيئي گفتار
مدائتا مينھن وٺا هئي پاڻي جي پوڪار
ماڻھن مرڪون موڪلايون ٻيا چاڙهيئون هرلا نار
هڪڙو هرلو حيدر چئي وڃي ڌرئون چاڙهيم ڌار
تنھن ۾ چانڊي چڱي ڪانہ ڪئي جو ڀڄي ويو ڀائيوار
دوڌو درخت ديھہ ۾ هئي ڪڙي جي ڪنار
پکي لڳو پوک کي جين رکي رکڻھار
چَتون چيها چنڊوليون ٻيا ليلھا لک هزار
لکين ليکو ناھہ ڪو ٻي سنھي جهرڪي جهار
وريا ولر وهين جا ڪري ڪٽڪ ڪارونڀار
تنھن ۾ ڪانگ ڪِنو ڪردار اچي هِريو حيدر خان وٽ
اچي هريو حيدر خان وٽ ڪانگ ڪميني ذات
چارئي پھر چُڳڻ کان ويري جهلي نہ وات
ويٺي تنھنکي وانھري تي ڪين وهامي رات
صبح جو چڙهيو پيھي تي اڃان پرھہ ڦٽي پرڀات
تہ سامھون ويٺو سنگ تي هو لڪيو ڪري لات
پوءِ بانڪي ڪئي بات تہ اڄ اڏامندس ڪين ڪي
چئي اڄ اڏامندين ڪين ڪي جو آهي تنھنجي اختيار
جيئن ٻرڙي ڪئي هئي ٻارن سان تيئن ڪانگ ڪندو سئين ڪار
سھي ڪريان ٿو سرائي چئي اهي پکي تنھنجا پار
توکي آهي موت کنيو ٿيندين مون هٿان مردار
ڳوڙهي سندي ڳاٽي ۾ ڪا لڳي ويئي لغار
تہ ڌڙيو هوندين ڌوڙ ۾ تون ڌڙ سسي کان ڌار
ڀڃي تنھنجو ڀڪو ڪريان ڪرنگهو ڪنڌ ڪپار
پوءِ اٿم ڪانگ قرار جي جيئرو ڇڏيان هن جهان ۾
چئي جيئرو آهيان جهان ۾ جي اٿم سسي ساڻ
توسين ٻول ٻروچ، منھنجا آهن پرھہ جا پرياڻ
مڙس پنھنجا هئا پيھن تي سي جکي ويا هن جوان
کڙي ۽ کانڀاڻي جي ڪانھي مونکي ڪاڻ
پوءِ وچين سندو وڏاڻ آئون وري ايندس وانھري تي
چئي وري ايندين وانھري تي تہ وڃج ات مري
هجئي حياتي حيدر چئي تبہ اچج ڪين وري
ڪاهي وڃج ڪلھوڙن ڏي ٽڪر لاءِ ٽري
درياني ديوان جي اٿئي خوب کري
چو پلاندي چانورن سان ڀرپور ڀري
پوءِ اتان چوڻو پاڻي چري تون وري اچج وانھري تي
چئي هينئر آئون وڃان ٿو وريو ٻچن وٽ
صبح جو سرائي اٿئي منھنجي سنگن مٿي سٽ
ٻين ساڻ ٻروچ ڪيا اٿئي نئون نخرا نٽ
آئون اچي وهندس اوڏڙو ويجهو پيھي وٽ
سنگ ڇڏيندس ڪين ڪي سڀ چوپي ڪندس چٽ
پوءِ واري ڳوڙها وٽ متان ڪانگ چتايئي ڪين ڪي
چئي ڪانگ چتائيندس ڪڄاڙو تون پکي سندو پٽ
هتي حيدر خان چئي منھنجي ڏاڍي اٿئي پٺ
ميت پوٽا مغيري ٽيان جوکيا ڪندئي جٺ
صبح جو سڻي جي وٺان مکڻ ڪنان مٺ
وجهان پوڇڙ کانڀاڻي ۾ سنھو ڪتي سٽ
اڄ اڄوڪي ڏينهڙي تنھنجو ٺھريو ڀڃان ٺٺ
پوءِ ڪين گهوڙو آهين اٺ جو دز ٿو دڙڪا ڏئين
چئي دز چئجي چور کي تون سالڪ پاڻ سنڀار
حوصلو ڪر حيدر خان آهين ٻاروچڪو ٻار
سمجهہ ڪر سرائي چئي جنگ جو منڍ آه گار
مڙس پنھنجا هئا پيھن تي ٻيا هاري هئا هزار
پر تو جھڙو تڪرار مون سان ڪنھين هاري ڪونہ ڪيو
چئي ڪنھين هاري ڪونہ ڪيو اها پکي تنھنجي پر
لوئر لچائي تنھنجي آهي ملڪن ۾ مشھر
گرا غريبن سان اٿئي چارئي پھر چڪر
ڪڏهين ناهين چڙهيو تون واسينگن جي ور
اڄ ڪڙيي سندي ڪپ تي آئون ڪندس ڪانگ قبر
نتہ ٽري وڃ تون ٽڪر تي وٺ ڀرڳڙين جي ڀر
پڪي بيٺي اٿئي پوٺي تي اها ٻيلا ڪيو ٻاجهر
پرس لھيو پيھن تان پاڻ گهمڻ وڃن گهر
سڃي پئي ٿئي سارو ڏينھن اها ڪنڊياري جي ڪر
پوءِ ڏسي سنگ سکر تون چڳج چڱي چت سان
چئي چڳان چڱي چت سان ڪيئن جت ناهم گهاٽو جهنگ
مونکي پڻ مقاطي ۾ آ ديوان جو دنگ
هڪ وانھري کي ويجهڙي ٻيو سالم تنھنجا سنگ
ٻاجهر تو ٻروچ جي سان منھنجو ٻالاپڻ جو ٻنگ
جو ٿوري گهڻي ڳالھہ تان تون تاڻيو پوين ٿو تنگ
آئون مڙيو وڃان ماٺ ڪيو پنھنجو نيم سڃاڻيو ننگ
نتہ وجهندس ڪوڪ ڪانگن ۾ او ايندئي جي اڙٻنگ
پوءِ عاقل پنھنجي عقل سان تون ويٺو ڏسندين رنگ
پوءِ سالم تنھنجا سنگ سي ڪانگ ڇڏيندا ڪين ڪي
چئي ڪانگ ڇڏيندا ڪين ڪي جو آهي ڦُر جو مال
لڳي پڳي ڪيم هٽائج ويندي توکي حال
پاڻان تنھنجو پڇ پٽايئي اڃان ڪالھوڻي ڪالهه
ائين ڪانگ ڪڙمي پاڻ ۾ په ڪئي قيل مقال
تاسين لغڙ مٿان لوه ڏنس تنھن سڀ وڃايس تال
وڌائين مردود کي تنھن چنبا چڱي چال
دستگير دفع ڪيو سو دعوى گير دجال
دشمن هن ديوس تنھن ويري ڪيو وصال
نتہ ماڻھو ڇا مجال جو پورو پوي پکي سان
پکي پنھنجي پورت ڪري ويو جاء بجاء
هاڻي هن حقيقت جو تون قصو ڪر ڪوتاهه
لائق پير لواري وارو سخي شاهنشاه
کيرين پٽين خير گهران ٿو داتا تو درگاهه
مئي پڄاڻا مسڪين جي جنت ڪجو جاء
ويندا سي ايمان سين جي ڪلمون چون مھا
ڍڳي جو قصو
سارهيان سچو ڌڻي جنھنجي وڏي وڏائي
هاري حيدر خان ٿيو وڃي ڀرڳڙين سان ڀائي
پر هرلي جي هلڻ جي تو ڪئي ڍڳا ڍرائي
ڪوڙ تنھنجي ڪچن ۾ ڪئي ٻانڀڻ ٻاڏائي
ماري ڪٽي مون توکي ڪيا وس بہ وڏائي
پر هرلي جي هلڻ جي تو وک نہ وڌائي
ورچي وڪڻندا توکي اهي سڀان سرائي
جي ملھہ تنھنجو مھانگو تبہ پسيو ۽ پائي
پوءِ کڻي ڪاتيون ڪاسائي ڪندا ڪرڳل تنھنجي ڪنڌ تي
جڏهن ڪرڳل سڻائين ڪنڌ تہ تڏهن ڏاند کي رسيو ڏک
پيوند منھنجي پيٽ ۾ آهن بيحد وڌا بک
واحد وسايو ڪين ڪي ۽ ساوڻ ٻڌي سُڪ
آئون سارو ڏينھن ٿو سٽون ڏيان مونکي هٿ نہ اچي ڪک
هاري ٻڌيو هُرلي ۾ ۽ پاڻ سمهن ٿا سک
پوءِ آئون ڏسيو رتي جو رخ اُڀو آهيان اتهين
چئي اڀ اتاهين ڪين ڪي تون اٿي ڪڪڙا ڪاهه
سائين سهنجايون ڪندو ۽ وسندا مينھن وڏا
ڪندو قادر پير تہ ٿيندا ساوڻ سنجهہ سڀا
هيڪر حيدر خان چئي ٿيندئي گسن مٿي گاهه
پوءِ هرلو اين هلاء جين پاڙڇو پاڻي نہ جهلي
چئي پاڙڇو پاڻي نہ جهلي توڙي لوٽا لهريون ڏين
انھان مٿي هرلي ۾ آئون ڪڏهن هلندس ڪين
هاري جي هتي جا سي آڻيو اوڀارا ڏين
سالڪ مڙس سھراب کي چڱو مور نہ چئين
تہ ڏي تون گاھہ غريب کي جو مري ٿو مسڪين
ٻيا جي ڏاند ٻروچ جا سي کونٽي ٻڌيو کين
مونکي بي ڏوھہ سارو ڏينھن سوٽن ساڻ سٽين
پوءِ ائين ڪين چوئين تہ ڪو هي خلقيو آهي خدا جو
چئي خلقيو آهين خدا جو تون ڪنھن ۾ ڪين ڪٿا
پورهيي خاطر پانھنجي ٿو سڀڪو ڏي مٿا
سائين سهنجايون ڪندو ۽ ٿيندا سنگ سٿا
تون جشن ڪندين جوء ۾ جڏهن لابارا لٿا
تاسين حيدر جي هٿا سڙيا سٺائين ڇو ٿو
چئي سٺ سرائي ڪيم ڪين ڪر بيتن کان ئي بس
مون واهو کائي وهڻ سين وڏا ڪيا اٿم وس
ناحق مون غريب سان اچي پيا آهيو عڪس
ماڻھو وڃن مال ڪاهيو لڏا کنيو لس
آئون بہ گڏجي ڪنھنجي گوهر سان ويندو رهندس وس
ويندس ان ولايت کي جو ڏيندؤ ڪونہ ڪو ڏس
پوءِ ڀوڻا پڇائجو گس تہ ڪو ڏاند ڏٺؤ هن ڏيھہ ۾
چئي ولايت جي وڃڻ جي تون وائي مور نہ ڪر
هيڪر حيدر خان چئي تون سڻ منھنجي خبر
نڪي وهين هرلي ۾ ۽ نڪي وهين هر
هي جا پوک ٻروچ جي سا پچندي ڪھڙي پر
ڪري پيا هن ڪنڌ تي اهي قرضن جا قهر
سُڪي ٿي سرائين جا اها ٻوري ۾ ٻاجهر
پوءِ سياڻا ساڃھہ ڪر تون اٿي هل هُرلي ۾
چئي هرلي جي هلڻ جي اڄ مونتي ناھہ ميار
وڏپڻ حال وڃائيو ۽ سگهہ ڇڏي وئي سار
ڏمريو آهي ڏيھہ ڌڻي سو قادر رب قهار
ڪکن بھاني منھنجي ڪنھن لڌي ڪانہ سنڀار
هاڻي هل تہ پڇون آچار تہ ميار مونتي يا حرف هارين تي ٿيئي
چئي نڪي حرف هارين تي تون بنھہ آهين بيڪارو
ڏهاڙي ٻروچن کي تون ڏئين ڏوجهارو
سنجهي جو ٻڌل مٿان اڀري ويو تارو
هڏ نہ ڀريئي هڪڙو ڪو ٻني مان ٻارو
پوءِ صبح سوارو ڪندا ڪڙمي ڪاوڙ تو مٿي
چئي ڪاوڙ جا ڪڙمين جي سا ڪهمڪ سهندو ڪير
سرائي ايندا ڏينھن جو ۽ آئون ٿو وڃان هير
سالڪ مڙس سھراب خان آ دانھہ مڙس دلير
سو سيڌي ثمر لاءِ اڃان دم تائين ڪندو دير
تاسين آئون ڊُڪي لنگهندس راضي شاھہ جو ڍير
پوءِ ڪڙم وٺي پانھنجو آئين پرھہ کڻجا پير
پر اوري ترسندس ڪين ڪي آئون ويندس جيسلمير
پوءِ آبو ۽ اجمير ڀيٽيان تہ ڀيڻي ٿئيم
چئي ڀيٽي ڀيڻي نہ ٿيئي توڙي رُلي ٿيندين رول
ڪُهي کيندئي نتہ پٽيندئي گدڙ بول
پوءِ اٿم ٻاروچڪو ٻول تہ واريندو سئين ونگي کان
چئي واريندين ونگي کان تہ وريو منھنجو وارو
ٻہ پاٽيون ٻاجهر جون اڄ ڏياريم ڏارو
تہ تِکو وهان تڪڙو ۽ ڀلو ڀٽارو
نتہ ڪِري پوندس پڙ تي ۽ هڻندس هانڀارو
مُٽي ڀريندس ملڪ کي جيئن ڦاٽل ساندارو
ڪنڊ پاسو ڪانگيڻي جو تر سامارو
پوءِ لٿو لابارو تہ وري ڊوٽي اٿم ڊينگاڻ تي.