آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ھن ڪِتاب ۾ بظاهر تہ خادم ٽالپر سندس ڳوٺ انڊهلي جي ڪھاڻي لِکي آهي، پر درحقيقت هيءَ ڪھاڻي ٿوري گهڻي فرق سان سنڌ جي سمورن ڳوٺن جي ڪھاڻي آهي. هِن ڪِتاب پڙهڻ سان پڙهندڙ جي ذهن جي اسڪرين تي ڳوٺاڻي زندگيءَ جي دِل پذير تصوير اهڙي سڀاويڪ نموني اُڀري اچي ٿي، جنھن ۾ فطرت جا سمورا دِلڪش رُوپ سروپ موجود آهن. ڳوٺ انڊهلو سنڌ جو مثالي ڳوٺ اُن ڪري بڻيو آهي، جو اُن ۾ رهندڙ ماڻھو ۽ سندن ڪِردار بہ مثالي آهن، جن کي سائين خادم هِن ڪِتاب ۾ سموئي نہ رڳو انڊهلي ۽ اُن جي واسين جي تواريخ رقم ڪئي آهي، پر اُن سان گڏ سنڌ جي هِڪ سٻاجهي دؤر کي بہ محفوظ ڪيو آهي

Title Cover of book ڳالھيون منھنجي ڳوٺ جون

ڳالھيون نراليون

سرائيڪي ٻولي
هن ڳوٺ ۾ رهندڙ سمورا ماڻھو، ٽالپر، خاصخيلي، شيدي، ميگهواڙ ۽ ڪولھي سڀ سرائيڪي ٻولي ڳالھائين ٿا. ڇو تہ اڪثريت ٽالپرن جي آهي. اهي پاڻ ۾ سرائيڪي ٻولي ۾ ڳالھائين تہ ڳوٺ ۾ ويٺل باقي ذاتين وارا ماڻھو. جن جي جيتوڻيڪ مادري ٻولي سرائيڪي نہ هئي. پر هتي ننڍي هوندي کان، سرائيڪي زبان جي عام استعمال سبب، ٻارڙا، عورتون، مرد سڀ سرائيڪي ڳالھائين ٿا تہ ٻين ذاتين جي ماڻھن جي بہ هاڻ گهرو استعمال جي ٻولي سرائيڪي ٿي وئي آهي.

شطرنج راند
ضلع بدين ڇا پوري سنڌ ۾ ڳوٺ انڊهلي جا جوان شطرنج راند ۾ مشھور آهن. ننڍا ٻار، جوان، ٻڍا سڀ هن راند جا ماهر آهن. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان هن ڳوٺ جي جن بہ ٻارڙن، نوجوان گرفتاريون ڏنيون هيون اهي حيدرآباد ۽ ڪراچي جي سينٽرل جيلن ۾، موجود ٻين پارٽين جي ڪارڪنن سان شطرنج راند ۾ مشغول رهي. انھن جي پريشاني ختم ڪندا هئا. انھن ۾ مير مصطفى ٽالپر پيش پيش هو.

ٻاهرين ملڪن ۾ انڊهلو
هن ڳوٺ جا ڪافي شاگرد ۽ اڳتي پڙهي نڪتل ماڻھو هن وقت آمريڪا، يورپ، فلپين، جاپان ۽ دنيا جي اڀرندي ملڪن ۾ رهن ٿا. اتي ڪي پڙهن پيا ڪي نوڪريون ڪن ٿا. اهو سڀ سندن تعليم جو ڪمال آهي.

شاعرن جو ڳوٺ
هن ڳوٺ ۾ گذريل ٻن صدين کان ڪافي سُٺا سُٺا شاعر پيدا ٿيا آهن. جيڪي عوامي شاعري ڪندا رهيا آهن. جن ۾ حيدر ٽالپر، ولي محمد ٽالپر هئا ۽ هاڻي خادم ٽالپر (بندو)، غلام محمد ڪونڌر ۽ ڊاڪٽر اعجاز ٽالپر ۽ ٻيا شاعري ڪري رهيا آهن.

اوطاقون ۽ مسجدون
هن ڳوٺ ۾ اڄ بہ چار وڏيون اوطاقون (گهراماڻين جي اوطاق، مير نور محمد جي اوطاق، مير يار محمد جي اوطاق ۽ سائين عبدالڪريم جي اوطاق) موجود آهن جن تي روزانہ ڪيترائي مھمان اچن ٿا. علمي، قومي جاڳرتا جون ڳالھيون ٿين ٿيون ۽ ٽي وڏيون مسجدون آهن جن ۾ انتھاپسندي بلڪل منع آهي.

گريجوئٽ واڍا
جڏهن شاگرد تعليم مڪمل ڪري وٺن ٿا تہ کين روزگار جي تلاش رهي ٿي. سنڌ ۾ حڪومت تعليم يافتہ بي روزگارن لاءِ ڪوبہ انتظام نہ ٿي ڪري. انھيءَ ڪري هو مجبور ٿي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ نوان رستا ۽ راهون ڳولي ٿو. ساڳي طرح هن ڳوٺ جي پڙهيل نوجوانن بہ واڍڪو ڌنڌو سکي روزگار حاصل ڪرڻ شروع ڪيو. هن وقت 30 کان وڌيڪ گريجوئٽ، پوسٽ گريجوئٽ نوجوان واڍڪو هُنر سکي ڪم هلائي رهيا آهن. سندن ڪيترا نوان شاگرد بنجي رهيا آهن. هو نہ صرف روزگار حاصل ڪن پيا. پر هڪ ادارو بنجي خدمت بہ ڪن ٿا. تعليم يافتہ هئڻ سبب سندن ڪم ۾ تمام گهڻي خوبصورتي ۽ خوبي هوندي آهي.